قدرتي وسيلن سان مالامال ضلعي ٺٽي جي حقن تي لڳل ڌاڙا!

جوکيو جسارت الياس سنڌي

سنڌ جو اڳوڻو تخت گاھ رھندڙ، ماضيءَ جو بغداد ثاني ۽ علم جو گھوارو سڏجندڙ، ٺٽو ضلعو جھڙيءَ ريت، علم ۽ ادب، فن، حڪمت ۽ ڏاھپ جو مرڪز رھيو آھي، بلڪل اھڙيءَ ريت، ان جي قدرتي وسيلن جي ھاڪ پڻ ڏيھ توڙي پرڏيھ ۾ مشھور آھي. دنيا جي عظيم تھذيبن مان ھڪ سنڌو سڀيتا جي ڇوڙ ۽ پوڇڙ وارن علائقن ۾، سنڌي سمنڊ جي ڪپن تي قائم ٿيل ٺٽو ضلعو، قدرتي، فطرتي ۽ افرادي وسيلن سان مالامال آھي، پر گذريل ڪيترن ئي سالن کان وٺي ٺٽي ضلعي جي رھواسين سان ھر سرڪار، ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ پئي ڪري، جنھن جي ڪري ھتي جو ھر نظام تقريبن تباھيءَ جي ڪناري پھچي چڪو آھي. اچو ته ٺٽي جي قدرتي وسيلن سان گڏوگڏ ان جي حقن تي لڳل ڌاڙن ۽ مقامي ماڻھن جي فائدي جي ڳالھ ڪريون.

قدرتي وسيلن جي ڳولا ھجي يا ان لاءِ پھتل جٿا ھجن؛ ابتدائي طور ڪيل ڪم ھجي يا ان اداري جي اڏاوت ۽ نئين سري سان وري ڪيل ڪا تعمير ھجي؛ ٺٽي ضلعي جي ماڻھن کي، ھر وقت اھڙن ادارن کان تمام گھڻو پري رکيو ويو آھي. اھڙن ادارن ۾ ويٺل واڳون به اھو ھرگز ناھن چاھيندا، ته ڪو مقامي شخص اڳيان اچي اڳواڻي ڪري. ھي ضلعو، سنڌ جي سامونڊي پٽيءَ ۾ آھي، جنھن جي ڪري ھتي ھُلندڙ ھوائن جو ڪاٿو نه ٿو لڳائي سگھجي. چين، ماضيءَ ۾ تحقيق بعد ھن ضلعي مان، ھوا ذريعي ٺھندڙ بجليءَ، يعني پَنُ بجلي جي "ونڊ پاور ٽئڪنالاجي” لڳائي، ھتان کان لکين واٽ بجلي پئدا ڪري وڪڻي رھيو آھي. ڪوھستاني شھر جھمپير ۾ لڳل ونڊ پاور مان لکين واٽ بجلي ٺاھي وڃي ٿي، پر ڀر ۾ موجود ڳوٺن ۾ گُھپ اونداھي ئي اونداھي آھي. قانون موجب، انھن ڪمپنين کي، مقامي ڳوٺن جي ڀلائيءَ لاءِ ڪجھ رقم خرچ ڪرڻي آھي، پر اتي جي مَقامي ماڻھن کي ڪابه سھولت ناھي. ڪيترن ئي غريبن جون زمينون، لڪ لڪوٽيءَ ۾ وڪجي چڪيون آھن. غريبن جي ڳوٺن ۾ سندن ڪير واھر لھڻ لاءِ تيار ناھي.

ڪينجھر ڍنڍ جيڪا پاڻيءَ جو وشال ذريعو آھي. ڪينجھر کان جنگشاھي روڊ وٽان ٿيندي، نيشنل ھاءِ وي سان لڳ ٺھيل ڪي ڊي اي جي نالي، ذري گھٽ 80 ڪلوميٽرن تائين آھي، جنھن جي وچ ۾ سوين ڳوٺ اچن ٿا، پر ان مان، ھتي جي ڳوٺاڻن تي سختيءَ سان منع آھي، ته ڪو به پاڻي کڻي استعمال نه ڪري. ڪينجھر جو پاڻي 90% ڪراچيءَ کي موڪليو ٿو وڃي، جنھن جي ڪري مقامي ماڻھن سان ٻه اکيائي ڪئي پئي وڃي.

جھمپير جيڪا نه صرف علمي ۽ ادبي لحاظ کان مالامال آھي، پر ان جي ڪپن تي ساھي پٽيندڙ ڪينجھر جي ڪري، انجي خوبصورتي به ڏسڻ وٽان آھي. جھمپير ۾ نه صرف پن بجلي جا وسيلا موجود آھن، پر اتي موجود ڪوئلن جون کاڻيون، ڪوھستاني ڏٿ جا مزا، مڇي، پلو، بيھ سميت ھتي جي جابلو علائقن ۾ موجود، انيڪ قدرتي وسيلن جي تباھ ڪاري ۽ ڦرلٽ به عروج تي ھلي رھي آھي.

ٺٽي ضلعي ۾ سونڊا لڳ موئن جي دڙي کان به آڳاٽي زماني جي پٿرن واري دور جا آثار موجود آھن. گذريل ڳچ مھينن کان اھو ميڊيا ۾ ٻڌندا پيا اچون، ته ڪي ماڻھو ان مان نڪرندڙ معدنيات کي ڪراچي سپلائي ڪري، وڪڻن پيا، جيڪا نه صرف سنڌ پر عالمي اوائلي تاريخ جي آثارن سان ھٿ چراند ٿي، جنھن بابت صوبائي حڪومت کي اک پٽڻ کپي. اھڙين ٻين ڪيترين ئي جڳھين تي قبضا مافيا پنھنجا ديرا ڄمائي ڇڏيا آھن، جن ۾، ڀنڀور، دابيجي، ڪي ٽي بندر، ڳاڙھو، جنگشاھي، گجو، مالماڙي، مڪلي، ٺٽو، جھرڪ، اونگر، ڪلو کوھر پاسي کان ڪارو جبل ۽ مختلف جڳھين وٽان ملندڙ قدرتي نعمتن کي تباھ ڪري، ناڻي عيوض وڪيو پيو وڃي. جيڪڏھن اھا صورتحال رھي ته، ٺٽي ضلعي جي تاريخ به ھڪ ڏينھن ختم ٿي ويندي ۽ ھر جڳھ قبضا مافيا، ڌرتي ڌڻين جو جيئن جنجال ڪري ڇڏيندي.

ٺٽي ضلعي ۾ سنڌو دريا بادشاھ ڇوڙ ڪري ٿو. مھراڻ جون ٻئي ڪپون ڪنھن زماني ۾ گھاٽن جھنگن، ٻيلن ۽ وڻن سان ساوڪ ۾ سرس ھيون، پر اڄ افسوس سان اتي اڏامندڙ ھاڻي ڪا واري به ناھي رھي. وڻن جي واڍي ڪري، ڪروڙين جڙي ٻوٽين جون حياتيون ناپيد ڪندڙ ماڻھن کي سرڪاري پٺڀرائي آھي، جنھن جي ڪري، انھن کي جيئن وڻي تيئن پيا ڪن. نتيجي ۾ حياتيءَ جي سرشتن سان گڏوگڏ ڌرتيءَ تي وڏو بگاڙ ايندو رھندو. ڇاڪاڻ ته تھذيبن جي خالق ان دريا بادشاھ سان اھڙي ڪڏھن، ڪنھن نه ڪئي، جھڙي ساڻس ايڪيھين صديءَ ۾ جُٺ ٿي رھي آھي.

جنگشاھيءَ جي پٿر کي ڏيھ توڙي پرڏيھ ۾ مشھوري مليل آھي. ان پٿر مان انگريزن، سنڌ توڙي ھند ۾ مختلف عمارتون ۽ جڳھيون ٺھرايون، جھڙوڪ؛ ڪوٽڙي پل، ڪراچيءَ ۾ عالمي جنگين ۾ مري ويل ماڻھن جو قبرستان، سنڌ اسيمبلي جي پراڻي بلڊنگ، فريئر ھال، اين جي وي اسڪول، ڪراچي کان لاھور تائين وڇايل ريلوي جي پٽڙي ۽ پلون وغيرہ شامل آھن. اڄ ان پٿر کي ٽوڙي، غيرقانوني وڪرو ڪيو پيو وڃي. جنگشاھي لڳ عيدگاھ کان ريلوي اسٽيشن ۽ شھر جون اھم ٽڪريون يا ته قبضي ھيٺ اچي چڪيون اھن، يا وري، قدرت جي شاھڪار آثارن سان غيرقانوني ۽ غيراخلاقي ھٿ چراند ڪري، انھن کي ٽوڙي تباھ پيو ڪيو وڃي. يقينن اھو فطرت سان ھٿ چراند ڪرڻ سان گڏوگڏ سوين سالن جي تاريخ رکندڙ جنگشاھيءَ جي آثارن سان ھٿ چراند آھي، جيڪا شھر جي وجود لاءِ مستقبل ۾ خطرا پئدا ڪندي.

ان کان علاوه ٺٽي ضلعي جي اڻ ڳڻين ٻين وسيلن تي به قبضا ۽ ڌاڙا لڳڻ روز جو معمول آھي. ڌارين جي لوڌ مان مشھور دھشتگرد پلٽڻ افغاني قوم، جڏھن به سنڌ ۾ سامراجي سازشن بعد، ٿاڦيل آفت ٿي نازل ٿيندي آھي، ته انھن جي نظر، سنڌ جي راڄڌاڻي ڪراچيءَ سميت سڄي ڪوھستاني پٽيءَ تي کُتل ھوندي آھي. ٺٽي ۾ ھن وقت به، افغانين جا ڳچ لٿل ڪٽڪ ٽڙيل پکڙيل آھن. ڳوٺن توڙي شھرن ۾، جتي ڪٿي افغانين جون ھوٽلون ۽ زمينون ملنديون. وڏا ڪاروبار، ٽرانسپورٽ سميت اھي سڀ سھولتون کين مليل ڏسبيون، جن لاءِ ڌرتي ڌڻي، گذريل سوين سالن کان سڪن پيا. اھڙن افغانين کي جتي ڪجھ مذھبي اڳواڻن جي مدد حاصل آھي، اتي کين سنڌ جون زمينون ۽ مال ملڪيت وڪڻندڙ ويڪائو ماڻھن جي به لڪل توڙي ظاھري مدد حاصل آھي. ڪيترائي افغاني ته ٺٽي ۾ موجود پراڻن پختون ڳوٺن ۾ پناھ وٺي رھيل آھن. اھڙو ڪو نظام ڪونھي، جنھن ۾ انھن پناھگيرن جي انگن اکرن جو درست ڪاٿو لڳائي سگھجي. ياد رھي، ته افغانين جي موجودگيءَ جي ڪري، ٺٽي ضلعي ۾ گذريل سالن جي ڀيٽ ۾، ڏوھن جي واقعن ۽ کنڀجڻ جي شرح ۾ به واڌارو ٿيو آھي، جيڪا ھڪ ڳڻتي جوڳي صورتحال آھي. ان جا نتيجا، ايندڙ نسل کان اڳ، موجوده وقت ۾ ئي، سامھون نظر اچن پيا. ڏينھون ڏينھن، سنڌ جي ثقافت، ٻوليءَ، علم، ادب، قومي ورثن، اثاثن، قدرتي ۽ فطري وسيلن سان گڏوگڏ عظيم تاريخ ۽ عالمي اثاثا قرار ڏنل سنڌ جي ماڳن جي تباھي ٿي رھي آھي. انھن قومي اثاثن مان تمام ناياب جڳھيون سنڌ جي اڳوڻي تختگاھ ٺٽي ضلعي ۾ به موجود آھن، جنھن ۾ ڌارين جي لوڌ، يقينن سنڌ جي وجود لاءِ خطري جي ڳاڙھي بتيءَ کان گھٽ ناھي. ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته ٺٽي ضلعي سان گڏوگڏ سموري سنڌ ڌرتيءَ جي مڙني قدرتي وسيلن ۽ نعمتن، معدنيات، وڻ ٽڻ، ٻيلن، جھنگ ۽ جرن، پاڻي سميت پٿر، ريتي، لوڻ ۽ ڪوئلي تي عالمي ۽ قومي قانون مطابق، سڀ کان پھريان ڌرتي ڌڻين ۽ اصلوڪن سنڌي رھاڪن جا حق مڃي، کين سڀ سھولتون ڏيئي، جيئڻ جا بنيادي حق ڏنا وڃن.

نوٽ: هي مضمون روزاني ھلال پاڪستان، ڪراچي ۽ ليکڪ جي ٿورن سان شايع ڪيو ويو.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close