حيدرآباد ۾ منهنجا ناناڻا آهن جن سان تعلق رکندڙ سوٽ، ماسات، ڀائيٽا، ڀاڻيجا…. هڪ وڏو خاندان آهي. انهن مائٽن مان هڪ جي گهر ۾ منهنجو ٽي چار ڏينهن رهڻ ٿيو. هنن جي هڪ ڇوڪري انٽر جو امتحان ڏنو هو …. بلڪہ امتحان جي رزلٽ بہ نڪري چڪي هئي ۽ هن جي مائٽن کي قوي اميد هئي، تہ هن کي مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ۾ داخلا ضرور ملي ويندي. هن جي مائٽن يعني والدين پهرين ڏينهن ئي مون سان ڇوڪرَي جي ڏاڍي تعريف ڪئي، جيڪا ٻڌي مون کي بہ خوشي ٿِي تہ اسان وٽ اهڙا ئي ڇوڪرا هجڻ کپن…. پر ٽي ڏينهن رهڻ دوران مون کي هن ڇوڪر جي هڪ ڳالھ بنهہ نه وڻي. رات جو جنهن وقت بہ اک کلي تہ هي همراھ ڪمپيوٽر تي فيسبڪ کوليو ويٺو آهي يا ان تي پَتَي راند پيو کيڏي. رڌڻي مان ڪڏهن ڪا شيءِ کڻيو ويٺو کائي، تہ ڪڏهن چپس يا چونئرن جي ٿيلهي کولي ويٺو چَرَي… ٻي، اڍائي ٽي بجي ڌاري ٿَي سُتو. صبح جو ظاهر آهي اٿڻ جو نالو ئي نٿي کنيائين. آئون روز صبح جو نيرن ڪري حيدرآباد ۾ رهندڙ ڪجهہ سڃاڻن سان ملي ٻارهين هڪ بجي اچان، تہ بہ ستو پيو آهي. پوءِ ٻي بجي ڌاري اٿي پهرين چانھ ۽ پوءِ هيوي لنچ کائي رموٽ هٿ ۾ کڻي ٽي وي جي سامهون هڪ صوفا تي اڌ گابرو ليٽي گانا ۽ فلمون ڏسڻ جو سلسلو شروع ٿَي ڪيائين، ته رات ٿَي ٿِي وئي ۽ پوءِ وري ڪمپيوٽر جو سلسلو ـــ مون کي لڳو ٿَي تہ سگريٽ جو به شوق ڪيائين ٿَي. ماءُ ۽ ننڍا ڀاءُ ڀيڻ سندس اڳيان اهڙا خذمتگار ٿيو پي هليا، ڄڻ هن انٽر جي امتحان ۾ سٺيون مارڪون کڻي اهڙا ڪي ڦاڙها ماريا آهن، جو هن جو رتبو پير مرشد کان بہ اتاهون ٿي ويو آهي.
سندس ماءُ، جيڪا منهنجي اولاد برابر ٿئي، ان کي نيٺ آخري ڏينهن تي چيم تہ ”پٽ هي آهي ڇا!؟“
”انڪل ڇا ڪريون، يونيورسٽي ۾ داخلا ۽ سيمسٽر شروع ٿيڻ ۾ تہ اڃان ٻہ مهينا پيا آهن“ ، هن جي ماءُ وراڻيو، ”هن ملڪ ۾ تہ ڪجهہ آهي بہ ڪو نہ، جو هو وڃي دل وندرائي.“
مون کان ٽهڪ نڪري ويو. “ڳالھ ٻڌو.. هڪ تہ هن ملڪ ۾ گهڻو ڪي ڪجهہ آهي ۽ ٻيو تہ هيءَ عُمر ڪا هن جي دل وندرائڻ جي ناهي. پنهنجي مستقبل جي زندگيءَ کي بهتر بنائڻ لاءِ هن کي وقت وڃائڻ بدران ڪو هنر سکڻ کپي…. جيڪو ٿي سگهي ٿو کيس اڳتي جي زندگيءَ ۾ ڪم اچي.“
”توهان ئي کڻي ٻڌايو تہ هن کي سمجھايان تہ ائين ڪري.“ هن پڇيو.
”آئون ڪجهہ چوندس تہ توهان دل ۾ ڪندائو، پر سچ اهو آهي تہ جسماني طرح توهان جي سُست پٽ کي کپي تہ ٻيو ڪجهہ نہ، تہ حجامڪو ڪم کڻي سکي….. ان ۾ ڀڄ ڊُڪ ۽ محنت بہ گهٽ آهي. مون کي ڏاڍو افسوس ٿيندو آهي تہ ڪاش جي زندگي موٽي اچي ۽ پوءِ ڀلي اها ئي زندگي ري پلي ٿئي، پر انٽر بعد وارن ٻن ٽن مهينن جي موڪلن ۾ آئون جيڪر حجامڪو ڪم بہ سکي وٺان ها.“
هوءَ اهو ٻڌي وائڙي ٿي وئي، پر ٻي گهڙيءَ ان کي چرچو سمجھي کلڻ لڳي.
“انڪل توهان ڪھڙيون تہ ڳالهيون ڪريو ٿا.“
”پٽ! آئون بلڪل سيريس آهيان. ڪو چرچو نٿو ڪريان. جيتوڻيڪ منهنجي والد منهنجو اهو موڪلن وارو وقت پنهنجي پَر ۾ ڪارائتو ڪرڻ لاءِ مون کي هڪ موٽر مڪينڪ وٽ ڪم تي لڳايو ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي تہ ان جو فائدو مون کي جھازن جي انجنيئرنگ جي تعليم دوران رسيو، جو مون کي گئريج ۾ ڪم ڪرڻ ڪري انجڻ جي مختلف پارٽس جي اڳواٽ آئيڊيا ٿي وئي هئي ۽ مون کي ڪلاس روم ۾ ليڪچر سمجهہ ۾ اچي ويندا هئا.“
”پر انڪل توهان حجامڪو ڪم سکڻ جي ڇو ٿا خواهش ڪريو؟“ ڇوڪري جي ماءُ پڇيو.
“بابا حجامڪي ڪم جي تہ ڳالهه ئي نہ پڇو! اسان وٽ ان کي عيب سمجھيو وڃي ٿو پر ولايت ۾ تہ حجام جي وڏي لئہ آهي.“ مون ٻڌايومانس.
جپان يا آمريڪا جھڙي ملڪ ۾ جِتي جھاز جي ترسڻ ڪري گهڻي خوشي ٿيندي هئي، اتي وار وڏا ٿيڻ تي باربر شاپ ڏي رخ ڪرڻ کان گهٻرائبو هو. هينئر به سَستي سَستي هيئر ڪٽ، تہ بہ آمريڪا ۾ ڏيڍ هزار رپين کان گهٽ ناهي ۽ ساڳيو ريٽ جپان ۾ آهي. ڪوشش تہ اها ئي ڪندا هئاسين تہ ڪنهن سوڊان يا موزمبق جھڙي آفريڪي ملڪ ۾ جھاز پهچي، تہ اتي هيئر ڪٽ ڪرائجي يا پنهنجي ملڪ موٽي اچِي.
بهرحال جهاز جي نوڪري دوران تہ وري بہ پگهار سٺو هجڻ ڪري ايڏي ٽينشن نٿَي ٿِي، پر سئيڊن ۾ ٻہ اڍائي سالَ تعليم دوران هيئر ڪٽ پٺيان ايترو پئسو وڃائڻ تي ڪڏهن بہ دل نہ چاهيو. سئيڊن ۾ هيئر ڪٽ جو اگهہ آمريڪا ۽ جپان کان بہ مٿي آهي، پر اهو ضرور آهي تہ اتي ڪي اهڙا بہ دڪان آهن، جتي سيکڙاٽ ڇوڪريون فقط ڏيڍ هزار رپين ۾ جھڙي تھڙي هيئر ڪٽ ڪري وٺنديون هيون، اتي اسان جي يونيورسٽي جا ڪيترا ويٽنامي، چيني ۽ سنگاپوري شاگرد جن کي هيئرڪٽ ڪرڻ آئِي ٿَي، اُهي بہ انهن سان ملي هفتي جا موڪل وارا ٻہ ڏينهن گراهڪن جا وار لاهيندا هئا ۽ ٻن ڏينهن ۾ ويھہ هزار رپين کن جا ڪرونا (سئيڊن جا پئسا) ڪمائي وٺندا هئا. نہ رڳو آئون پر منهنجا ٻئي پاڪستاني ڪلاس ميٽ اهوئي چوندا هئاسين، تہ ڪاش سئيڊن اچڻ کان اڳ اسان بہ هيئر ڪٽ سکي اچون ها. مٿين چيني شاگردن مان هڪ تہ پنهنجي سال جي حجامڪي ڪمائيءَ مان سيڪنڊ هئنڊ ڪار بہ ورتي…. ۽ اسان ڏٺو تہ هن جي زندگي اسان کان بهتر گذرِي ٿَي.
دراصل ڳالھ اها آهي تہ ڪو بہ هنر سکڻ عيب ناهي. اهو اسان جھڙن پٺتي پيل ماڻهن جي دماغَ ۾ ويهي ويو آهي، تہ پورهيو ڪري حق حلال جو نہ کائجي، باقي گهٽ پگهار تي روينيو جھڙي کاتي ۾ ڪلارڪ ٿي ڪم ڪجي، جو اتي رشوت جو پئسو آهي…. اتي عوام جي زندگيءَ سان راڱا ڪري پنهنجو کيسو ڀري سگهجي ٿو…. آئون سنڌ جي هڪ ٻن شهرن جي ڪجهہ اهڙن ماڻهن کي بہ سڃاڻان، جن ڊاڪٽري يا انجنيري ڇڏي ڪسٽم، ايڪسائيز ۽ روينيو جھڙن کاتن ۾ ڪلارڪي ڪرڻ قبول ڪئي ۽ هاڻ پئسن سان کيسا ڀري خوش نظر اچن ٿا.
مون سان گڏ هڪ بنگالي ڪلاس ميٽ هو، تنهن فقط ٻہ سال جھاز جي نوڪري ڪئِي، ان بعد نظر نہ آيو…. هن کي سمنڊ تي سي سڪنيس ڏاڍي ٿِي ٿَي. ايتري قدر جو اسان کي بہ ڏک ٿيندو هو، جو هو هڪ غريب جو ٻارُ هو. انٽر تائين هن پورهيا ڪري اسڪولن جي في ۽ ڪِتاب ٿَي ورتا. هو پنهنجي چاچي وٽ سلهٽ ۾ چاٻيون ٺاهڻ ۽ تالا کولڻ جو ڪم ڪندو هو. پر محنتي ۽ هوشيار هجڻ ڪري نہ فقط اسان واري اڪيڊمي لاءِ چونڊجي ويو پر اسڪالرشپ بہ مليس. هن جا ڄڻ ڏک درد ختم ٿي ويا.. پر قسمت جا ليکا بہ عجيب ٿين ٿا. تعليم مڪمل ڪري جھاز تي آيو، تہ هن لاءِ سمنڊ تي هڪ هڪ ڏينهن عذاب ٿي پيو…. ۽ پوءِ اسان هن بابت نہ ٻڌو….. هن جھازن جي نوڪري شايد ڇڏي ڏني.
اٺ نو سالن بعد هڪ دفعي منھنجو جهاز سنگاپور پھتو تہ هي بنگالي ڪلاس ميٽ مون سان ملڻ لاءِ جھاز تي آيو….. بلڪہ مون کي ۽ منھنجي فئملي کي اها شامَ گهمائڻ لاءِ پنهنجي ڪار ۾ وٺي هليو….. ۽ پنهنجي ڪهاڻي ٻڌايائين، تہ اڄ کان 8 سال کن اڳ جڏهن هن سامونڊي نوڪري کان استعيفا ڏني تہ کيس سنگاپور ۾ پاڻي جي جھاز تان لاٿو ويو ۽ کيس ڪمپني طرفان پنهنجي وطن بنگلاديش موٽڻ جي هوائي ٽڪيٽ ڏني وئي. فلائيٽ ۾ ٻن ڏينهن جو گئپ هو، سو ڪمپني طرفان کيس هوٽل ۾ رکيو ويو.
هن ٻڌايو ”اهي ٻہ ڏينهن سنگاپور جي گهٽين جا چڪر هڻندَي، مون کي هڪ چاٻين ٺاهڻ واري جو دڪان نظر آيو، مون هن جي مالڪ سان ڳالھ ڪئي تہ مون کي هي ڪم اچي ٿو، تون مون کي پاڻ وٽ رکندين؟ هن منهنجو ٽيسٽ وٺڻ لاءِ هڪ ٻہ تالا ڏنا تہ هنن کي کولي ڏيکاريان.“
اسان جي جھازي دوست ٻڌايو تہ هو ان ڪم ۾ تہ تمام ماهر هو، سو چيني دڪاندار هن مان ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ هن کي يڪدم نوڪري ڏنائين.
ياد رهي تہ سنگاپور ۾ ڪار جي يا گهر جي چاٻي گم ٿي وڃي، تہ چاٻي ٺاهڻ واري کي فون ڪرڻ سان هو يڪدم پهچيو وڃي، پر هن جي في تمام ڳري ٿئي ٿي. ان جو احوال پنهنجي سنگاپور واري سفرنامي ”سنگاپور ٿو سڏ ڪري“ ۾ بہ لکي چڪو آهيان.
”چيني دڪاندار ٻہ سال کن مون کي پگهار تي رکيو“، اسان جي بنگالي دوست ٻڌايو، ”ان بعد هڪ نئون دڪان وٺي ڀائيواري سسٽم ڪيوسين…. ۽ هاڻ شڪر آهي جو اڄ پنهنجي ڪار اٿم ۽ شهر جي سٺي علائقي ۾ فلئٽ اٿم….. ٻار هتي جي اسڪولن ۾ پڙهي رهيا آهن.“
سو يارو! هنر سکڻ يعني هٿ جي پورهئي ۾ ڪو نقصان نہ آهي ۽ اهو فقط اتي عيب سمجھيو وڃي ٿو، جِتي جا ماڻهو جاهل آهن ۽ احساس ڪمتري جو شڪار آهن….. مون کي هر دفعي انڊيا وڃي ان ڳالھ جو شديد احساس ٿيندو آهي تہ ڇو ڀلا ٻئي ملڪ ساڳي ننڍي کنڊ ۾ هوندي اسان وٽ هنر ۽ پورهئي کي عيب سمجهيو وڃي ٿو، پر انڊيا ۾ هندو توڙي مسلمان نوجوان ٽهي پڙهائيءَ کان علاوه ڪنهن نہ ڪنهن ڪرت ۾ بہ رڌل نظر اچي ٿي!
(الطاف شيخ جي ڪتاب ‘وَسَي وڏ ڦُڙو’ تان ورتل هي مضمون، سنڌ سلامت ۽ ليکڪ جي ٿورن سان شايع ڪيو ويو)