ارڙھين صديءَ ۾ آمريڪا ۽ اٽليءَ جي سائنسدانن؛ بينجيمن فرينڪلِن، ٽبيريئس ڪيوالو ۽ سندن ساٿين پاران بجليءَ جي ڪرنٽ کي توانائيءَ طور، اک جي نظر جي بحاليءَ ۾ استعمال ڪرڻ جي خيال ڏيڻ کان پوءِ، ويھين صديءَ جي آخر تائين، ان تي دنيا جي انيڪ سائنسدانن ناڪام ڪوششون ڪيون.
نيٺ ايڪيھين صديءَ جي شروعات ۾ يونيورسٽي آف سائوٿ ڪئليفورنيا آمريڪا جي اکين جي ماھرن، مصنوعي ذھانت جي نظرئي جي آڌار، "ارگس ٽو” نالي سان ھڪ مھانگي، ھٿرادو اک يعني "بايونڪ اک” جي ويزيوئل پراسٿيسز ٽيڪنالاجي ٺاھي ڏيکاري.
آمريڪا ھن ٽيڪنالاجيءَ مان، ساليانو لکين ڊالر ڪمائي رھيو آھي. جڏھن تہ ان کي اڃا صرف 40 کان 50 ملڪن ۾ قانوني اجازت ملي آھي. ھن ٽيڪنالاجيءَ کي استعمال ڪندڙن جي وڌندڙ تعداد کي ڏسي، دنيا جي وڏين ڪمپنين ان کي، مختلف نالن سان تيار ڪري، مارڪيٽ ۾ آندو آھي.
ھتي ھڪ دلچسپ ڳالھ بہ لکندو ھلان تہ آمريڪا جي "ارگس ٽو” ٺاھيندڙ ماھرن ۾، ھڪ پاڪستان ڄائو آمريڪي پروفيسر ڊاڪٽر مارڪ ھمايون بہ شامل آھي، جنھن کي آمريڪا جي اڳوڻي صدر بارڪ اوباما، 2016ع ۾ آمريڪا جو سڀني کان وڏي ۾ وڏو ٽيڪنالاجي جو اعليٰ ايوارڊ "نيشنل ميڊل آف ٽيڪنالاجي” بہ ڏنو هو.
ڊاڪٽر مارڪ ھمايون مطابق، سائنس ۾ "بي نور” اکين کي "نور” ڏيڻ ڪابہ حيرت جي ڳالھ ناھي، ڇو تہ سائنسي انقلاب ۽ تحقيق جي ذريعي، اڳواٽ ئي انسان جي ٻين جسماني عضون کي بہ ڪم ڪرڻ جي قابل بنايو ويو آھي. جھڙيءَ ريت ڪَنَ جي مشين جي مدد سان لکين ٻوڙا ماڻھو ٻُڌڻ جي قابل بڻيا، بلڪل اھڙيءَ ريت، ترقي ڪيل ملڪن جا نابين ماڻھو، آھستي آھستي ھن جديد ٽيڪنالاجيءَ جي، مختلف شڪلين ۾ موجود بايونڪ اک کي، سالن کان ناڪاره بڻيل اکين مٿان لڳرائي، ڏسڻ قابل ٿي رھيا آھن.
اکين جي نور کان محروم ٿيڻ جي ڪجهہ سببن ۾، عمر جو وڌڻ، موروثي طور نابين ھجڻ (Retinitis Pigmentosa) يا حادثاتي طور اکين جو نظر وڃائڻ شامل آھن. ان دوران ڪجهہ ماڻھن جي اک جي پڙدي جا فوٽو رسيپٽر جيوگھرڙا (راڊز ۽ ڪونز)، ڪنھن سبب جي ڪري، ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندا آھن. پئدائشي يا حادثاتي طور نظر کان محروم، نابين يا ڪمزور نظر وارن ماڻھن جي نظر بحال ڪرڻ واري مصنوعي اک جي ٽيڪنالاجيءَ جي حصن جھڙوڪ؛ مڪمل ڪاري رنگ جو چشمو، ھڪ ننڍڙي ڪئمرا مائيڪرو چِپ (جنھن کي ARS چِپ بہ چون ٿا، جيڪا 0.08 ڊائياميٽر جي شمسي سيلن جي، قدرتي فوٽو رسيپٽر سيل نما ٺھيل ھوندي آھي) سان، ننڍڙو ڪمپيوٽر پاڻ ۾ ڳنڍي ھڪ نظام ٺاھي، دماغ جي ڏسڻ واري حصي يعني اوڪسيپٽل لوب Occipital Lobe يا ويزيوئل ڪارٽيڪس Visual Cortex سان جوڙيو ويندو آھي. ھي نظام انساني اک جو نقل ڪري، ان وانگر ئي سامھون نظر ايندڙ منظرن کي ڪيمرا ۾ جَهٽي، ڪمپيوٽر ۾ پراسيس ڪري، دماغ ڏانھن موڪليندو آھي، تہ نابين ماڻھوءَ جو دماغ انھن منظرن کي سمجهي وٺندو آھي، جنھن جي نتيجي ۾ ماڻھو ڏسڻ قابل ٿيو وڃي.
ھن ٽيڪنالاجيءَ کي تجرباتي طور، دنيا جي مختلف ملڪن ۾ متعارف ڪرايو ويو آھي. جنھن جي شروعاتي نتيجن مان اھا پروڙ پئي آھي، تہ ان ذريعي، ڪيترائي نابين شخص روڊن، رستن تي ھلندڙ گاڏين وچ مان گذري روڊ ٽپڻ، سيڙھين تي ھيٺ مٿي لھڻ چڙھڻ، ڊوڙڻ ۽ ڊُڪڻ کان علاوه زندگيءَ جي مختلف ڪمن (جھڙوڪ؛ آفيس ۾ ڪمپيوٽر ھلائڻ ۽ اسڪول ۾ پڙھڻ وغيره) کي بھتر نموني ڪرڻ جي قابل بڻيا آھن.
اھڙيءَ ريت، ڪو نابين شخص، ھي ھٿرادو اک لڳرائي ٿو، تہ اھو عام انسانن وانگر اکر پڙھڻ سان گڏوگڏ گھڻ رنگي ۽ اوچي قسم جي تصويرن ۾ فرق بہ ڏسي سگهندو آھي. وڌيڪ ان ٽيڪنالاجيءَ جي نتيجن کي بھتر ڪرڻ لاءِ، ترقي يافتہ ملڪن ۾ تحقيق ۽ عملي ڪم جو سلسلو جاري آھي.