اسان اڄ ”فرمثوٽ“ بابت بيان ٿيل هڪ آکاڻيءَ ذريعي اوهان کي سک ۽ ڏک بابت ٻڌائينداسين، جنھن ۾ اهو ٻڌايل آهي، تہ ڏک ۽ تڪليف ۾ همت ۽ صبر ڪيئن سک جو هڪ نئون جھان جوڙين ٿا..
هڪڙي ڏاهي لکيو آهي تہ ”سک ۾ جيڪي چڱا ڪم ٿين ٿا، تن جي لاءِ سڀ ڪنهن کي خواهش ٿئي ٿي، پر ڏک ۾ جيڪي چڱا ڪم ٿين ٿا، تن جي سڀ ڪو تعريف ڪري ٿو“
انهي ۾ شڪ ناهي تہ جيڪڏهن نفس کي قابو ڪرڻ ۽ سڀاوتي حڪم هلائڻ هڪڙي قسم جو معجزو آهي، تہ اهڙا معجزا اڪثر ڏک جي حالت ۾ ڏسجن ٿا.
ساڳئي ڏاهي ٻئي هنڌ لکيو آهي تہ ”هڪڙي ئي شخص ۾ انساني ضُعف ۽ ڪمزوريءَ، خدائي امن ۽ بچاءُ جو گڏ ٿيڻ، سچي وڏائي ۽ عاليٰ همتي آهي.“
اڳوڻن يوناني شاعرن بہ هڪ ڏندڪٿا ۾ بيان ڪيو آهي، تہ ”فرمثوث“ (جنهن جي مجازي معنيٰ آهي، انساني سڀاءُ) تمام گهڻا ڏوھ ڪيا، انهي ڪري مٿس تهمت رکي وئي، ”فيطر“، جيڪو يونانين جي ديوتائن جو بادشاھ هو، تنهن هن کي سزا ڏيڻ لاءِ حڪم ڏنو تہ ڪوھہ قاف ۾ وڃي هڪڙي ٿنڀَي سان اهڙو مضبوط ٻڌي ڇڏيوس، جو چُرِي بہ نہ سگهي. اتي ”فيطر“ جي حڪم سان ڏهاڙي هڪڙي ڳِجهہ اچي سندس ماس پٽيندي هئي، پر وري رات جو سندس ڦٽ ميٽجي ويندو هو. انهيءَ طرح ويچارو ”فرمثوث“ ڏهاڙي عذاب پيو کائيندو هو. نيٺ ”هرقل“ بھادر کي سورج ديو هڪڙو مٽيءَ جو ٽڀو ڏنو، تنهن ۾ ويهي سمنڊ تري، هو ڪوھ قاف ۾ آيو ۽ تير سان ڳِجهہ کي ماري، ”فرمثوث“ کي هن عذاب ۽ بند مان ڇڏايائين. هن ڏند ڪٿا مان صاف سمجهبو تہ ڀروسو، توڪل ۽ پڪو ارادو، انسان جھڙي ماس جي ٻيڙي کي دنيا جي لھرن مان پار لنگهائي ڇڏي ٿو. سُک ۾ پرهيز ڪرڻ هڪڙي وڏي نيڪي آهي، ۽ ڏک ۾ همت جهلڻ ۽ صبر ڪرڻ ٻي نيڪي آهي. انهن ٻنهي مان پوئينءَ ۾ وڌيڪ بهادري ٿئي ٿي، تنهن ڪري اها وڌيڪ تعريف جوڳي آهي.
دنياوي سُک فقط هن جھان جي لاءِ آهن، يعني جيڪو چڱا ڪم ڪندو، اهو هتي سک پائيندو، پر هتي جي ڏکن مان هن جھان جو ابدي سک حاصل ٿيندو، يعني جيڪو هن جھان جا ڏک همت سان سهي ويندو، اهو هن جھان ۾ ھميشہ جو سک ماڻيندو، ”زبور“ ۾ جي حضرت دائود عليه السلام جون مناجاتون پڙهي ڏسبون، تہ سڄيون ڏک ۽ سوز سان ڀريل آهن، اهڙي طرح، حضرت ايوب عليه السلام ڪيئن صبر ڪري ڏک ڪاٽيا، سو بہ سڀ ڪنهن کي معلوم آهي. ديني ڪتابن ۾ جيترو هن جي ڏکن جو ذڪر لکيل آهي، اوترو حضرت سليمان عليه السلام جي سکن جو نہ لکيل آهي.
جيئن سک اڪثر ڊپن ۽ خرابين کان آزاد ناهن، تيئن ڏک بہ اڪثر سرهائين ۽ اميدن کان خالي ناهن، ٻئي گڏ رکيل آهن. قرآن ۾ آهي تہ ”ان مع العسر يسرا“، يا جيئن فارسي واري چيو آهي ته ”گنج و مار و گل و خار و غم و شادي بهم اند.“ ڀرت ۽ زردوزيءَ جي ڪم ۾ ڏسبو آهي ته ڪاري ترواري ڪپڙي تي کليل ۽ رنگ آميزي ڪم ڏاڍو سهڻو ڏسڻ ۾ ايندو آهي، اهڙي طرح جن شين ڪري اکين کي خوشي پهچي ٿي، ساڳين انهن شين ڪري دل کي بہ پهچي ٿي. يقين آهي تہ نيڪي گويا هڪڙي قسم جي سرهاڻ آهي، جھڙو عود، لوبان وغيره، جيڪي جيئن ٻرن يا باھ ۾ سڙن، تيئن وڌيڪ خوشبو ڪن.. ڇاڪاڻ جو سک جي حالت ۾ اندر جي بدي يڪدم معلوم ٿئي ٿي، پر ڏک جي حالت ۾ اندر جي نيڪي سا يڪدم ظاهر ٿئي ٿي.