ضلعي لسٻيلي جا قديم آثار – 5

گل حسن ڪلمتي

ڀٽائيءَ کانپوءِ ليکڪن مان شايد اسان سسئيءَ واري واٽ سان وياسين!

سسئيءَ جي واٽَ: اُٺن جي پيرن ۽ سسئيءَ جي هٿن، پيرن ۽ رت جهڙا پنڊپهڻ ٿيل نشان!

پٻوڻي نئن جي ڪناري وڏن پٿرن تي انساني قدمن ۽ اُٺن جي پيرن جا نشان:

مون ۽ سائين رخمان گل پالاريءَ جڏهن ڀنڀور کان ڪيچ مڪران تائين ’سسئيءَ جي واٽ‘ جي سلسلي ۾ پراڻي ڪيچ مڪران ڏانهن ويندڙ رستي سان سفر ڪيو هئو، تہ انهيءَ واٽ سان اسان کي اڻ ڳڻيا آثار مليا هئا، جن مان ڪجهہ آثارن جو مختصر ذڪر ڪتاب ”سسئيءَ جي واٽ“ ۾ ڪيل آهي (اهو ڪتاب، شاھ لطيف چيئر، ڪراچي يونيورسٽيءَ پاران ڇپائي هيٺ آهي)، هتي اهڙن آثارن جو تفصيل سان ذڪر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس. انهن آثارن مان گهڻن جو ذڪر ڪٿي بہ موجود نہ آهي.

سسئي پنهونءَ جي درگاھ ڏانهن ويندَي، ڪيچ واري پراڻي رستي، جنهن کي ”اُٺن واري واٽ“ بہ چون ٿا، عباس هوٽل کان پوءِ اهو رستو پٻ جابلو سلسلي اندران وڃي ٿو. هتي پٻوڻي ڍورو به آهي، جيڪو انهن جبلن مان ”ٿڙي“ واري چوٽيءَ تان وهي ايندو آهي، جيڪو موضع مسافريءَ کان ٿيندو حب نديءَ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. پٻ جابلو سلسلي مان رستو ”ٿڙي واري لڪ“ تائين، انهيءَ ڍوري مان ويندو آهي ۽ اها ئي ”سسئي واري واٽ“ آهي. سسئي ڀنڀور مان نڪرڻ کان پوءِ انهيءَ رستي سان ’وندر‘ ۽ اڳتي وئي هئي، ۽ ’وڻڪار‘ کان واپس ٿي اچي سنگهر پٽ پهتي هئي، جتي هن کي ٻڪرار مليو هو. ’پٻ‘ يا ’پٻوڻي‘ جو پنڌ اڄ به ڏکيو ۽ اڙانگو آهي. شاھ لطيف به اهو ئي رستو اختيار ڪري ’وندر‘ ڏانهن ۽ اڳتي ويو هئو. انهن جبلن کي ڏسي لطيف سرڪار چيو هو: ”اوچا پهڻ پٻ جا ڇپر ڪونهي ڇيھہ.“
عباس هوٽل کان سنگهر ڏانهن ويندي، پٻوڻي ڍوري ۾ اڌ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي کاٻي پاسي، ڍوري سان لڳ وڏن لسن پٿرن تي انساني پيرن جا، جُتيءَ پاتل نشان ۽ اُٺن جي پيرن جا نشان آهن.

مون ۽ سائين رخمان گل پالاري جڏهن سسئيءَ جي واٽ تي سفر شروع ڪيو هئو تہ حب نديءَ کان پوءِ ”سسئي پنهونءَ جي درگاھ“ جو خليفو عبدالرحمٰن ٻُرو اسان سان گڏ هو، ۽ ان ئي اسان کي اهي قدمن جا نشان ڏيکاريا هئا، جن لاءِ هتي مشهور آهي ته، ”اهي پنهونءَ جي ڀائرن ۽ انهن جي اُٺن جي پيرن جا نشان آهن، جيڪي هاڻي پنڊپهڻ ٿيل آهن.“ انساني قدمن جا نشان اندازاََ هڪ فٽ جا آهن ۽ جيڪي ڪل پنجن پيرن جا نشان آهن، جڏهن ته اُٺن جي پيرن جا ويهارو کن نشان آهن.
پاڪستان جي ٻين صوبن توڙي ٻين ملڪن ۾ مليل قدمن جا نشان گهڻو ڪري اگهاڙا آهن، پر هتي اهي جُتي پاتل نشان آهن- ۽ جُتي به ڦَڙن جي، جنهن کي ’فيش‘ چون ٿا، ان مان ٺهيل لڳي ٿي. بلوچيءَ ۾ ان کي ’سواس‘ چون.

پٻوڻي ڍوري جي ڪناري تي پٿرن تي جُتي پاتل انساني پيرن جا نشان

 

پٻوڻي ڍوري جي ڪناري تي پٿرن تي جُتي پاتل انساني پيرن جا نشان

 

پٻوڻي ڍوري جي ڪناري تي پٿر تي اٺن جي پيرن جا نشان

لسٻيلي جي علائقي ’پٻ واري جابلو سلسلي‘ ۾ شاھہ نوراني درگاھ لڳ به قدم جو هڪ پنڊپهڻ ٿيل نشان آهي، جنهن کي حضرت علي رضي الله عنه سان منسوب ڪيو ويو آهي. سنڌ ۾ جيڪي به قدمن جا اهڙا اگهاڙا نشان مليا آهن، انهن کي حضرت علي رضي الله عنه سان منسوب ڪيو ويو آهي. راهيجن (ڄامشورو ضلعو) واري علائقي ۾ اهڙا ٻه قدم مليا هئا. ٽالپر دور ۾، ٽالپر حڪمرانن اهي چڪين جي صورت ۾ ڪڍي حيدرآباد ۾ رکايا هئا. ساڪري جي علائقي راڄ ملڪ ۾”قدمن وارو قبرستان“ مشهور آهي. مڪليءَ ۾ به اهڙو قدم رکيل آهن. انهن قدمن تي درگاهون ٺهيل آهن. بدر ابڙو پنهنجي ڪتاب ”ڪوهستان جو سفر“ ۾ اهڙن ٽن قدمن جو ذڪر ڪري ٿو، جيڪي به چڪين جي صورت ڪڍي ماڻهن ٻئي هنڌ نصب ڪري ڇڏيا آهن. انهن لاءِ به ماڻهو چون ٿا ته، اهي حضرت علي رضي الله عنه جي قدمن جا نشان آهن. پوري دنيا ۾ اهڙا انساني قدم مليا آهن، پر اهي اگهاڙا پير آهن. هي قدم، جيڪي پٻوڻي ڍوري سان لڳ آهن ۽ جن کي چپل پاتل آهي، انهن بابت چئي سگهجي ٿو ته، ’اها ارضياتي لحاظ کان بنھہ تازي جوڙجڪ آهي.‘ گهڻا اهڙا قدم 20 لکن سالن کان پراڻا آهن. ملير ۾ به هڪ جاءِ تي جُتي پاتل انساني قدمن جا نشان مون کي مليا آهن، جن جو ذڪر لسٻيلي واري سلسلي کانپوءِ جڏهن ملير جي آثارن جو ذڪر ڪندس ته، ان ۾ ڪندس.

مٿي ڄاڻايل قدمن جي نشانن کان پوءِ ٻڌو لڪ ايندو. سسئي جي کونئري کان اڳ ۾ ”ٿڙي لڪ“ آهي. پراڻو رستو انهيءَ چوٽيءَ تان گذري اڳتي سنگهر ڏانهن ويندو هو، پر 1950ع ۾ انهيءَ کي ڪٽي پاسي کان رستو ٺاهيو ويو آهي.

سسئي جي کنئوري (کُھي)

ٿڙي چوٽيءَ تي عورتاڻن قدمن جا نشان:

’ٿڙي لڪ‘ تي جڏهن اسان کي اها خبر پئي ته، ’سسئيءَ جي پيرن جا پنڊپهڻ ٿيل نشان آهن،‘ ته اسان اوڏانهن وڃڻ جو فيصلو ڪيو. ڪنهن عورت جي قدم جو اهو نشان صاف ۽ چٽو آهي. هڪ ٻه اڻ چٽا قدمن جا نشان آهن. هتي پهچڻ تي ”سسئي پنهونءَ جي درگاھ“ جي خليفي عبدالرحمٰن ٻُرو ٻڌايو ته، ”چٽو قدم وارو نشان سندس دوست منظور خاصخيلي ۽ اڻ چٽو قدم وارو نشان ٻگهاڻ جو رهواسي نبي بخش پٺاڻ، ڪَورَي ڪڍي ويا آهن. اهي حاصل ڪرڻ لاءِ اسان شهدادپور ۽ ٻگهاڻ، ڪيٽي بندر وڃي همراهن سان ملياسين. هڪ ڊگهي جدوجهد کان پوءِ شهدادپور ۾ رکيل چٽو زنانو قدم واپس مليو، جيڪو اڄڪلھ سسئي پنهونءَ جي درگاھ تي اسان وٽ پيل آهي. اهو اگهاڙو چٽو قدمن وارو نشان آهي.

”ٿڙي“ تي هٿن ۽ ڪجهہ قدمن جا اڻ چٽا نشان (جيڪي رتاڻا قدم آهن) موجود آهن، انهن مان لڳي ائين ٿو ته، رت ٽمي پٿرن تي پکڙجي ويو آهي. ”ٿڙي“ جو هڪ حصو ڪٽي رستو ٺاهڻ سبب گهڻا اهڙا نشان ختم ٿي ويا آهن، باقي جيڪي بچيا آهن، انهن کي بچائڻ جي ضرورت آهي. ”ٿڙي لڪ“ تي انهن پيرن، هٿن ۽ ٽميل رت وانگر پنڊپهڻ ٿيل اهڃاڻن لاءِ چيو وڃي ٿو ته، اهي سسئيءَ جي قدمن، هٿن ۽ رت جا نشان آهن، ڇاڪاڻ ته هي جبل سسئيءَ واري واٽ (ڪيچ مڪران واري) تي واقع آهي. انهن سڀني جي ليبارٽري ٽيسٽ کان پوءِ ڪو حتمي جواب ملندو ته، اهي ڪيترا پراڻا آهن. ”ٿڙي لڪ“ وارن آثارن تي وڌيڪ تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آهي.

اڳ وارين قسطن ۾ سنڌ ڪوهستان ۽ بلوچستان جي ضلعي لسٻيلي ۾ جن ’ڪوٽيرن‘ يا ’ڪوٽيرڙن‘ تي بحث ڪري آيو آهيان، انهن کي ڪوهستان ۾’هديرو‘ چيو وڃي ٿو. منهنجي اهڙي ذڪر تي اسان جي سفر جي هڪ ساٿي ۽ ماضيءَ جي شاعر انور بلوچ پڙهڻ کان پوءِ چيو ته ”اوهان ’هڏيرو‘ کي ’هديرو‘ لکيو آهي، جيڪو درست ناهي.“ مون چيو ته، ”’هديرو‘ درست آهي، ڇاڪاڻ جو ڪوهستان جا ماڻهو ان کي ’هديرو‘ چون ٿا.“ انور چيو ته، ”منهنجي سمجهہ مطابق انهن کي ’هڏيرو‘ چون ٿا.“ انور بلوچ جي ان لفظ ”هڏيرو“ مون کي سوچڻ تي مجبور ڪيو ته، ”ٿي سگهي ٿو ته، اهو لفظ ’هڏيرو‘ هجي- معنيٰ ’هڏن واري جاءِ،‘ جتي هڏا پيل يا پوريل هجن، ۽ جنهن کي ماضيءَ ۾ ’هڏيرو‘ چيو ويو هجي. اهو به ممڪن آهي ته انهن ڪوٽيرن يا ڪوٽيرڙن مان ’هڏا‘ مليا هجن، جنهن ڪري مقامي ماڻهن انهن کي ’هڏيرو‘ يا ’هڏيرن وارا ڪوٽيرا‘ چيو هجي، جيڪو بعد ۾ بگڙي ’هديرو‘ ٿي ويو هجي.‘ آئون پنهنجن لکڻين ۾ لکندو آهيان ته، ”اهي ’ڪوٽيرا‘ يا ’هديرا‘ ۽ ’دمب‘ زرتشت دور جا ٿي سگهن ٿا.“ ’دمب‘ وارو سلسلو گهڻو وقت هلندو رهيو آهي، جنهن جا تفصيل اڳتي ڏيندس. ’هڏيرو‘ واري ڳالهه سوچڻ تي مجبور ڪيو ته، ڪٿي اهي زرتشت دور جا ’دخمه‘ (Dakhma) يا ’ٽاور آف سائلينس‘ (Tower of Silence) ته نه هئا؟ پراڻين تصويرن ۾ ڪجهہ پٿر جا ٺهيل ’دخمه‘ بلڪل ڄاڻايل ڪوٽيرن وانگر آهن. مٽيءَ جي ليپي وارا ’دخمه‘ به تصويرن ۾ موجود آهن، جيڪي گهڻو ڪري گول آهن، پر پٿر ۽ مٽيءَ وارا پراڻا ’دخمه‘ چوڪور به آهن. سوال ٿو پيدا ٿئي ته، انهن ۾ هڏا يا انهن جا اهڃاڻ ڇو موجود نه آهن؟ منهنجي خيال ۾ زرتشتين کان پوءِ هتي مختلف مذهبن جو غلبو رهيو. عربن جي حملي تائين ڪوهستان وارو علائقو (خضدار تائين) ٻڌمت جي اثر هيٺ رهيو. پوءِ هتي اسلام آيو. تنهنڪري انهن ڪوٽيرن کي هر مذهب وارن بعد ۾ پنهنجي عقيدي طور استعمال ڪيو ۽ امڪان آهي ته انهن ۾ رکيل هڏن کي صاف ڪيو ويو هوندو. اڄ تائين به عام ماڻهو انهن کي مقدس سمجهن ٿا. رات جو ماڻهو انهن ڪوٽيرن پاسي وڃڻ کان لنوائن ٿا. انهن جي اندر وڻن کي وڍڻ کان ڊڄن ٿا. انهن سان لڳ ڪٿي ڪٿي قبرون به آهن. خيال آهي ته جيئن هي جايون مُردن لاءِ هيون، ته بعد ۾ عقيدو جڏهن تبديل ٿيو ته، ماڻهن انهن سان لڳ مُردن کي دفنايو، ڇاڪاڻ ته جاءِ جو مقصد ته ساڳيو ئي هئو. اڳتي هلي حملي آورن انهن مان گهڻن کي حفاظتي چوڪيءَ طور به استعمال ڪيو هوندو. انهن (ڪوٽيرن) وٽان ٺڪراٺي ملڻ جو مقصد اهو ٿي سگهي ٿو ته، هتي مذهبي سرگرميون ۽ رسمون ادا ڪيون ويون هونديون. وڌيڪ ڳولا ڪرڻ سان ممڪن آهي ته انهن جبلن ۾ ڪجهہ اهڙا ڪوٽيرا به ملي پون، جن ۾ هڏا هجن.

 

 

(ڪاوش دنيا ميگزين ۽ ليکڪ جي ٿورن سان)



Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close