ضلعي لسٻيلي جا قديم آثار-7

گل حسن ڪلمتي

بلوچستان ۾ واقع بالاڪوٽ، جنهن جو تعلق سنڌو تهذيب جي شروعاتي دؤر سان آهي

”بالاڪوٽ جو ذڪر سڀ کان اڳ ۾ 1903ع جي ‘بلوچستان گزيٽيئر’ ۾ ملي ٿو. 1960ع ۾ رابرٽ ايڇ رائڪس بالاڪوٽ جو دورو ڪيو، ان جو مشاهدو ڪيو هئو. رائڪس موجب، ”هي سنڌو تهذيب سان ڳنڍيل آهي.“ هي ڪوٽ ۽ علائقو وادي مڪران ۽ وادي سنڌ جي وچ تي هڪ اهم خشڪي وارو ۽ سامونڊي گذر گاهه هو. ڪنهن دور ۾ سمنڊ هن جي ويجهو هوندو هو. سنڌ جي بندرن کان مڪران ۽ فارس ڏانهن ويندڙ واپاري رستو هتان ويندو هو.“

بالاڪوٽ وندر شهر کان پوءِ ”راڻو ڀٽ“ واري جاءِ کان 4 ڪلوميٽر اوڀر پاسي آهي. ان جي آثارن جي چوڌاري زراعت ۽ باغ آهن. بالاڪوٽ وڃڻ لاءِ ڪو باقاعده رستو ناهي. ”راڻي ڀٽ“ کان بہ ٻنين مان وچان رستو وڃي ٿو. ڌڌر، وندر روڊ کان بہ ٻنين مان ڪچو رستو وڃي ٿو. سسئيءَ جي واٽ جي ڳولا جي سلسلي ۾ مان، ڊاڪٽر رخمان گل پالاري ۽ غلام قادر ”راڻي ڀٽ“ کان بالاڪوٽ پهتا هئاسين، جتي پهچڻ سان، مقامي زميندار پاران آثارن جي جيڪا ڀينگ ٿيل نظر آئي، ان تي افسوس ڪرڻ کان سواءِ ڪجهہ بہ نہ ڪري سگهياسين. ڪجهہ سال اڳ جڏهن مون انهن آثارن جو دورو ڪيو هو، تہ اهي هڪ وڏي ايراضيءَ تي پکڙيل هئا، پر هن وقت، ڪوٽ جي مُکيہ دڙي کي ڇڏي، باقي ان جي چئني پاسن کان زرعي آبادي ٿي رهي هئي. ٻن پاسن کان دڙي کوٽي رستو ٺاهيو ويو هئو. دڙي سان لڳ پاڻي حاصل ڪرڻ لاءِ بورنگ مشين بہ لڳل هئي. ان سان گڏ دڙي تي سولر پليٽون لڳل هيون. ڳالھ اِتي ختم نہ ٿي، پر پوري دڙي جي هڪ پاسي کان زميندار، پنهنجي هارين کي جهوپڙين وارا گهر ٺاهي ويھاريو هئو، ۽ دڙي جي بچيل حصي تي ٻڪرين، رڍن ۽ اُٺن ٻڌڻ لاءِ واڙا ٺاهيا ويا هئا.

دڙي جي هڪ حصي تي ٻَڌل اٺ ۽ ٻڪرين جي واڙ

 

دڙي تي ٺھيل جهوپڙيون

 

بالاڪوٽ، جنهن تي ملڪي ۽ غيرملڪي محققن تحقيق ڪئي آهي ۽ جيڪا تحقيق اڃا هلندڙ آهي، ان جي اهڙي حالت ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيو. بلوچستان ۾ قديم آثارن جي حالت سنڌ کان بہ وڌيڪ بدتر آهي. بالاڪوٽ جا آثار تعلقي ’وندر‘ ۾ آهن، جن جي هڪ پاسي 4 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ’وندر نئن‘ آهي ۽ جتان سمنڊ 8 ڪلوميٽر اولھ پاسي آهي.

بالاڪوٽ جو ذڪر سڀ کان اڳ ۾ 1903ع جي ”بلوچستان گزيٽيئر“ ۾ ملي ٿو. 1960ع ۾ رابرٽ ايڇ رائڪس (Robert H. Raikes) بالاڪوٽ جو دورو ڪري ان جو مشاهدو ڪيو هئو. رائڪس موجب، ”هي سنڌو تهذيب سان ڳنڍيل آهي.“

هي ڪوٽ ۽ علائقو واديءِ مڪران ۽ واديءِ سنڌ جي وچ تي هڪ اهم خشڪي وارو ۽ سامونڊي گذر گاھ هو. ڪنهن دور ۾ سمنڊ هن جي ويجهو هوندو هو. سنڌ جي بندرن کان مڪران ۽ فارس ڏانهن ويندڙ واپاري رستو هتان ويندو هو.

ڊاڪٽر حميد بلوچ، جارج ايف ڊيلس (George F. Dales) جي 1979ع ۾ ڇپيل ڪتاب ”دي بالاڪوٽ: سمري آف فور ييئرس ايڪسڪئويشن اِن پاڪستان (The Balakot Project: Summary of Four Years Excavation in Pakistan) جي حوالي سان لکي ٿو تہ: ”1973ع ۾ يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا ۽ پاڪستان سرڪار جي وچ ۾ ٿيل معاهدي بعد جارج ڊئلس ۽ سندس ٽيم بالاڪوٽ جي سروي ڪئي، جنهن مان هِنن نتيجو ڪڍيو تہ بالاڪوٽ جو تعلق سنڌو تهذيب جي شروعاتي دور سان آهي. ان سروي کان پوءِ بالاڪوٽ جي آثارن کي ٽن دورن ۾ ورهايو ويو آهي: (1) هڙپا دور کان اڳ، (2) هڙپا دور، (3) ٻڌ ۽ اسلامي دور. انهن ٽنهي دورن جا آثار بالاڪوٽ مان مليا آهن. پهرئين دور جو تعلق ٽي هزار سال قبل مسيح (ق.م) تائين آهي. ان دور جو ڪنڀارڪو ڪم ۽ چڪيءَ تي ٺاهيل ٿانوَ مليا آهن، جن تي چٽسالي بہ آهي. مٽيءَ جا اهي ٿانو ”نال ڪلچر“ سان مشابھت رکن ٿا. اهڙا ڪيترا ٿانوَ ڏکڻ بلوچستان جي آثارن مان بہ مليا آهن.“

سنڌ جي آمريءَ واري علائقي مان مليل ٿانون ۽ بالاڪوٽ مان مليل ٿانوَن هڪجهڙائي آهي.

ڊاڪٽر حميد بلوچ پنهنجي ڪتاب، ”مڪران: عهدِ قديم سي عهدِ جديد تڪ“ ۾ جارج ڊئلس جي رپورٽ جي حوالي سان لکي ٿو تہ ”مٽيءَ جي ٿانوَن کان سواءِ بالاڪوٽ مان کوهن وارن ڍڳن جا مجسما بہ مليا آهن. سنڌو ماٿريءَ مان مليل کوهن وارن ڍڳن جي مجسمن کان اهي مختلف آهن. سنڌو ماٿريءَ مان مليل مجسمن جي ڍڳن جا کوها ويڪرا ۽ وڏا آهن، جڏهن تہ بالاڪوٽ جي مجسمن جا ننڍا آهن ۽ سادا آهن، ۽ سنڌو ماٿريءَ مان مليل مجسما رنگدار آهن.“

ڊاڪٽر حميد بلوچ، مٿئين رپورٽ جي حوالي سان وڌيڪ لکي ٿو تہ: ”بالاڪوٽ ۾ ڳورهارين عورتن جا مجسما نه ملي سگهيا آهن. اهڙا مجسما تاريخ کان اڳ واري دور ۾ زمين جي زرخيزي لاءِ پوڄا طور استعمال ٿيندا هئا، جنهن جي ڪري ”بالاڪوٽ ڪلچر“ کي ”ڪلي ڪلچر“ سان جوڙيو وڃي ٿو. ڪلي ڪلچر ۾ بہ ڳورهاري عورت جا مجسما نہ مليا آهن. ان جي برعڪس ”مھر ڳڙھ“ مان اهڙا اڻ ڳڻيا مجسما مليا آهن.“

ڳورهارين عورتن جي مجسمن جو تعلق زرعي سماج سان هوندو هو، جڏهن تہ بالاڪوٽ ماضيءَ ۾ خشڪي سان لڳ هڪ ساموندي شهر هو. ان وقت هتي زراعت نہ ٿيندي هئي. ڊورنٽ سيلويو (Durante Silvio) 1979ع ۾ پنهنجي هڪ ڇپيل رپورٽ Marine Shells from Balala Kote ۾ بالاڪوٽ جي پهرئين دور (جيڪو تاريخ کان اڳ جو دور آهي) ۾ هتان جي ماڻهن جي خوراڪ بابت لکي ٿو تہ ، ”سامونڊي وسيلن کي هي ماڻهو ٻن مقصدن لاءِ استعمال ڪندا هئا: هڪ کاڌي لاءِ ۽ ٻيو سامونڊي سِپن (Shelfish) کي سينگار جي سامان ۽ گهر جي سينگار جي سامان ٺاهڻ لاءِ استعمال ڪندا هئا.“

هتان وڏي تعداد ۾ سِپن ۽ گونگن جا سينگاريل کوپا مليا آهن. ڏھ سال اڳ جڏهن مون بالاڪوٽ جو دورو ڪيو هئو، تہ مون کي بہ هتان ڪجهہ اهڙيون سِپون ۽ گونگا مليا هئا.

ڊاڪٽر حميد بلوچ جو خيال آهي، تہ اهڙا گونگا ڪاٺياواڙ کان وٺي ڏکڻ سنڌ تائين مختلف آثارن مان مليا آهن. بالاڪوٽ ۾ انهن جي موجودگيءَ جو مطلب اهو آهي تہ اهي نج واپاري مقصدن لاءِ گهرايا ويندا هئا. بالاڪوٽ ۾ انهن جي کوپن مان مختلف شيون ٺاهيون وينديون هيون، جيڪي ٻين ملڪن ۽ علائقن ڏانهن موڪليون وينديون هيون.

بالاڪوٽ جي آثارن مان ٽامي ۽ ڪانجهيءَ جا اوزار ۽ پٿر جا تيز ڌار وارا چاڪو گهڻي مقدار ۾ مليا آهن.

مقامي ماڻهن وٽ بالاڪوٽ بابت اها ڳالھ مشهور آهي، تہ ”هي شهر زلزلي جي ڪري تباھ ٿيو هئو.“ پر هتي ٿيل کوٽائيءَ مان ڪو انساني ڍانچو نہ ملي سگهيو آهي، پر هتان انساني مشابهت رکندڙ ٻہ مجسما جارج ايف ڊئلس کي مليا هئا، جن مان هڪ مرد ۽ هڪ عورت جو هئو. هتان گهڻو ڪري جانورن جا مجسما مليا آهن. هو هتان ملندڙ پٿر جي اوزارن ۽ انهن جي بناوٽ کي سنڌو تهذيب سان جوڙي ٿو، ڇاڪاڻ تہ ان لاءِ جيڪي بنيادي شيون استعمال ڪيون ويون آهن، اُهي ساڳيون آهن، جيڪي قديم سنڌو تهذيب ۾ استعمال ڪيل آهن.

ڊورنٽ سيلويو جي مٿئين رپورٽ جي حوالي سان ڊاڪٽر حميد بلوچ پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو تہ ، ”هڙپا دور ۾ بالاڪوٽ ثقافت گهڻي ترقي ڪئي. مٽيءَ جي ڪچين سِرن سان گهر ٺاهيا ويندا هئا. گهرن جي ٻاهران پاڻيءَ جي نيڪال واريون ناليون بہ پڪيون مليون آهن، جڏهن تہ گهر فرش وارا مليا آهن. ٽائلن وارو هڪ غسلخانو بہ مليو آهي، جيڪو هڙپا دور سان تعلق رکي ٿو. اهڙي طرح جون پڪيون ۽ چئوڪور سرن، جيڪي سينگاري ۽ حاشيقي سان مليون آهن، انهن کي ملائي گهٽيون ٺاهيون ويون آهن.“

آمريڪا جي قديم آثارن جي ماهر جارج ايف ڊئلس موجب، اهڙيون گهڻيون شيون هندستان ۾ ”ڪالي ڀنگن“ (راجسٿان) جي آثارن مان بہ مليون آهن، جيڪو بالاڪوٽ کان پنج سئو ميلن جي مفاصلي تي آهي.

اهي رپورٽون پڙهڻ کان پوءِ اها ڳالھ واضح ٿئي ٿي، تہ مڪران کان بالاڪوٽ، سنڌو ماٿري ۽ اڳتي هندستان تائين واپاري واسطا هوندا هئا. بالاڪوٽ سنڌ، مڪران ۽ عراق وچ ۾ هڪ اهم واپاري مرڪز هوندو هو، جيڪو خشڪي ۽ سامونڊيءَ رستي ڳنڍيل هو. سنڌ جي بندرگاهن کان جيڪو واپاري رستو ڪيچ، عراق ۽ فارس ڏانهن ويندو هئو، اهو هتان گذرندو هو. گوگل تي جيڪو سڪندر اعظم جو رستو ڏيکاريل آهي، اهو بہ بالاڪوٽ جي اوڀر- اتر پاسي آهي.

محققن جي وڌيڪ کوجنا لاءِ انهن آثارن تان قبضا ختم ڪرائڻ ۽ ان جي پوري ايراضيءَ کي اصل حالت ۾ بحال ڪرڻ انتهائي ضروري آهي. بلوچستان حڪومت کي هن پاسي فوري ڌيان ڏيڻ گهرجي.

(ڪاوش دنيا ميگزين ۽ ليکڪ جي ٿورن سان)



Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close