ڪجهہ هفتا اڳ اسان جڏهن ڪوهستان جي پراڻي واپاري مرڪز ۽ هندن جي وڏي مندر واري شهر ”مول“ ۾ هڪ سگهڙ ڪچهريءَ ۾ شريڪ ٿياسين، تہ اتي رخمان گل پالاريءَ جي واقفڪار ۽ سگهڙ؛ فقير پيرل خاصخيلي ٻُڌايو تہ ”ڪُپو جبل تي ’ڪُپو لڪ‘ وٽ پٿرن جا عجيب منارا موجود آهن، جن کي هو ’مايون‘ چون ٿا.“
اسان؛ ڊاڪٽر رخمان گل پالاري، مير نواب بلوچ، افضل لغاري، نواز علي خاصخيلي، محمد زمان حملاڻي، امين حَسناڻي ۽ امر جليل حَسناڻي مول شهر ڇڏي، مول ندي پار ڪري، ڪُپو جبل واري ميدان تي پهتاسين. ان جي پاسي کان آباد ٻنيون هيون.
فقير پيرل خاصخيلي ۽ سندس پٽ ميون خاصخيلي؛ ڪُپو لڪ کان ايندڙ پراڻي واٽ تي موجود پراڻي قبرستان وٽ اسان سان شامل ٿيا. اسان هڪ ڪلوميٽر پنڌ ڪري اِتي پهتا هئاسين، ڇاڪاڻ جو جيپ جو رستو نہ هئو. فقير پيرل خاصخيلي، ڪُپو جبل لڳ ڳوٺ اسماعيل خاصخيلي (پراڻو نالو هوت خاصخيلي) جو رهندڙ آهي.
ڪُپو لڪ کان ايندڙ اها پراڻي واٽ ڄاڻايل مقام جي وچان لنگهي مول شهر ڏانهن وڃي ٿي. هن مقام ۾ ويهارو کن عام، وڏن پٿرن جون مستطيل قبرون آهن. ٽي گهاڙي قبرون بہ آهن. گهاڙي قبرن جي اها شروع واري اڏاوت آهي. اڏاوت ۾ وڏا گهڙيل پٿر استعمال ڪيل آهن. اهي بنا چٽساليءَ واريون قبرون آهن. هڪ گهاڙي قبر جي سيرانديءَ ۾ ٽن فوٽن جي روهي بہ کُتل آهي. مقام لڳ پٿر جو ڪوٽڙو بہ آهي، جنهن جي دروازي لڳ بہ ٽن فوٽن جي روهي کُتل آهي. اُنهيءَ مقام جي اوڀر ۾ ننڍي ٽڪريءَ تي پراڻو مقام آهي، جتي ٻارهن کن عام پٿرن جون قبرون آهن. ان جي ويجهو ”چاپ پڙ“ آهن، جن جو ذڪر اڳتي ايندو.
اسان اسي سالن جي عمر جي جهوني فقير پيرل خاصخيليءَ جي اڳواڻيءَ ۾ پراڻي مقام کان قديمي واٽ تان، جبلن جي وچان پنهنجو سفر ”ڪُپو لڪ“ ڏانهن شروع ڪيو. ڪُپو جبل، ديھ مول ۾، مول شهر جي اولھ پاسي هڪ زنجير وانگر آهي. ڪُپو لڪ، اسماعيل خاصخيلي ۽ اوڀائي خاصخيلي ڳوٺن جي اولھ پاسي چئن ڪلوميٽرن تي آهي. ڪُپو جابلو سلسلي جي مختلف چوٽين جا مختلف نالا آهن. اهو ضلعي ڄامشوري ۾، ضلعي ملير ۽ ڄامشوري جي دنگ تي آهي. لڪ ڏانهن ويندڙ پيچرو جبلن جي وچان گهاٽيءَ مان گذري مٿي تائين وڃي ٿو.
پراڻي مقام کان پوءِ جيئن جابلو سلسلو شروع ٿيو, تہ لڪ ڏانهن ويندي رستي تي ننڍن پٿرن جو هڪ ڍير نظر آيو. فقير پيرل خاصخيليءَ اسان سڀني کي هدايت ڪندي چيو تہ ، ’اها زمانن کان روايت آهي تہ مول کان لڪ ڏانهن ويندَي هر مسافر هڪ پٿر کڻي هن ڍير تي ضرور اڇلائيندو آهي.“ اسان سڀني اها روايت پوري ڪئي. اُن کان ٿورو پرڀرو پٿرن جو هڪ ٻيو اهڙوئي ڍير هو، جنهن تي مول ڏانهن ويندڙ مسافر هڪ هڪ پٿر اڇلائيندا آهن. اسان واپسيءَ تي ان ڍير تي پٿر اڇلايا. فقير پيرل خاصخيلي ٻُڌايو تہ ”زمانن کان قائم ان روايت بابت چيو وڃي ٿو، تہ ائين ڪرڻ سان لڪ جو سفر آسان ٿئي ٿو.“ اسان جي خيال ۾ ان پويان اهو بہ مقصد ٿي سگهي ٿو، تہ رستي ۾ ايندڙ پٿرن کي ڪيئن هٽائجي. ان سان ئي اها روايت شروع ٿي هوندي، بهرحال اِها هڪ دلچسپ روايت آهي. جيڪڏهن پٿرن جي ڍير وارن پٿرن جي ڳڻپ ڪجي، تہ معلوم ٿي ويندو تہ انهيءَ لڪ تان ڪيترا مسافر آيا ۽ ڪيترا ويا هوندا!
اسان جيئن مٿي ڪُپو لڪ ڏانهن وڌياسين، تہ سامهون ڪُپو جبل جي ”ڪُپو لڪ“ تي بلڪ ان جي چوٽيءَ تي پٿرن جا پنج منارا نظر آيا. ٻنهي پاسي جابلو چوٽيون هيون ۽ انهن منارن وچان سامهون نظر ايندڙ مهير جبل هئو. اسان هن علائقي جي منظرن ۾ گم ٿي وياسين: پٿرن جا منارا، ٻن پاسن کان جابلو چوٽيون ۽ سامهون ڪَنڊ ديھ جو وشال ميدان، جنهن ۾ نظر ايندڙ ڳوٺ ۽ سامهون مهير جابلو سلسلو هئو. اسان ڪنڊ واري پاسي کان هزار فوٽ مٿي لڪ تي هئاسين. اُنهن پٿرن جي مناري جي ڀرسان، لڪ کان هڪ رستو هيٺ لهي ٿو، جيڪو خطرناڪ پيچرو هو.
پٿرن جي انهن پنجن منارن جي اڏاوت ۾ عام پٿر استعمال ٿيل هئو. انهن کي هتان جا ماڻهو ”ماهيون“ چون ٿا. ماهيون ڪنهن واقعي جي يادگار طور ٺاهيون وينديون آهن، پر هِنن منارن لاءِ اهڙي ڪابہ روايت هتي موجود نہ آهي. انهن منارن جي اوچائي 10 فوٽ ۽ ويڪر اندازاََ 15 فوٽ آهي. انهن جو بنياد گهڻو ويڪرو آهي. مٿي اهو گهٽ ٿيندو وڃي ٿو. منارا لڪ جي بلڪل ڪناري سان آهن. هيٺ وڏي کاهي آهي. منارن جي ٻنهي پاسن کان لڪ تان لهڻ جو رستو آهي. اُنهن مان هڪ منارو چند شرپسندن ٽي سال اڳ ڊاهي ڇڏيو هو. فقير پيرل خاصخيليءَ ٻُڌايو تہ ”ڏکڻ پاسي وارو منارو هڪ همراھ پنهنجي قبيلي جي ماڻهن سان اچي، اهو چئي ڊاهي ڇڏيو هئو تہ ’هي شرڪ آهي.‘ هنن قديم آثارن ۾ ڪهڙو شرڪ؟ اها ڳالھ سمجهہ کان مٿي آهي. اهڙن ماڻهن کي سزا ضرور ملڻ گهرجي، جيڪي تاريخ سان هٿ چراند ڪن ٿا.
ڪُپو لڪ خضدار، سارونا، ڪيچ، فارس، لسٻيلي ۽ شاھ نورانيءَ کان مول شهر ڏانهن ايندڙ پراڻي واپاري رستي سان آهي. اهو رستو مول کان اڳتي؛ سَرِي، مالماڙي ۽ جنگشاهيءَ کان ٿيندو ٺٽي ۽ سنڌوءَ جي بندرگاهن ڏانهن ويندو هئو. شاھ نوراني جا فقير به اهو رستو اختيار ڪندا هئا. اهو رستو اڳتي ديھ ڪَنڊ کان پوءِ ڌُريجي واري رستي سان ملي ٿو.
فقير پيرل ٻُڌايو تہ ”1960ع واري ڏهاڪي تائين بلوچستان کان اُٺن ۽ گڏهن تي قافلا ڦَڙا (فيش)، ڇِتر(فيش مان ٺھيل تڏا) ۽ ٻيو وکر کڻي مول شهر ايندا هئا – ۽ هتي اهو کپائي، هتان ضرورت جون شيون خريد ڪري واپس ويندا هئا. اڄ به اهو لڪ پنڌ ايندڙ مسافر استعمال ڪن ٿا.“
مون جڏهن گوگل تي دنيا جي ٻين ملڪن ۾ اهڙن پٿري منارن بابت سرچ ڪئي، تہ هالينڊ جي محقق عورت ايلس سلوٽس (Els Slote) پنهنجي هڪ مضمون ۾ سلطنت اومان جي شهر ”تزوا“ ويجهو جبل الشمس ۾ الخطوم ۽ ال عين (Al-Ayn) وادين ۾ ٻن سائٽس ۾ اهڙن پٿري منارن جو ذڪر ڪيو آهي. هڪ سائيٽ ۾ 21 آهن، جن کي هوءَ قبرستان (Necropolis) لکي ٿي، ۽ ٻي سائيٽ ۾ اهڙن پنجن منارن جو ذڪر ڪري ٿي. اُنهن منارن کي هوءَ ”مقبرا“ (Tombs) لکي ٿي. هڪ ننڍو، اندر وڃڻ جو گس بہ آهي، پر اندر اهي خالي آهن. هوءَ لکي ٿي، تہ ”اهي ٽي ملينيم بي سي (3rd Millennium BC) جا آهن، جيڪي سميري تهذيب جي دور جا آهن.“
انهن پنجن ٽومبس لاءِ هوءَ لکي ٿي تہ ”اهي Beehive Tombs معنيٰ ماکيءَ جي ماناري وانگر آهن، جيڪي پٿرن جا ٺهيل آهن.“ انهن منارن/ٽومبس جي اڏاوت هوبهو ”ڪُپو لڪ“ وارن پٿري منارن جھڙي آهي، سواءِ ٽڪنڊي، اندر وڃڻ واري سوراخ جي، باقي پٿرن، اڏاوت ۽ انهن جي ڊيزائن ۾ ڪو فرق نہ آهي.
پراڻو واپاري رستو، جيڪو عراق کان فارس، ڪيچ مڪران ۽ لسٻيلي کان ٿيندو هن پاسي؛ شاھ نوراني، سارونا ۽ ڌريجي کان مهير ۽ مول کان اڳتي سنڌ جي بندرن ڏانهن وڃي ٿو، ان کي ڏسي سوال پيدا ٿئي ٿو، تہ ”ڇا اهو فن سنڌ مان اوڏانهن ويو؟ يا هُتان اهو اڏاوتي فن سنڌ جي ڪوهستان ڏانهن آيو؟“ محققن کي گهرجي ته هو انهن منارن جي اڏاوت کي ان نقطه نظر سان به ڏسن. بهرحال اُنهن منفرد پٿري منارن تي تحقيق جي ضرورت آهي، پر جيستائين تحقيق ٿئي، تيستائين سرڪار کي گهرجي ته هوءَ انهن جي حفاطت جو بندوبست ڪري.
فقير پيرل خاصخيلي جو چوڻ تہ ”هو ستن پيڙهين کان هتي رهندڙ آهن. اهي پٿري منارا ان کان بہ اڳ جا آهن.“
پٿر ائين رکيل آهن، جو اُنهن ۾ چن يا ڪا ٻي شئي استعمال ٿيل نه آهي. پٿرن کي اهڙي ترتيب سان رکيو ويو آهي جو صديون گذرڻ جي باوجود طوفانن ۽ برساتن ۾ بہ اهي جيئن جو تيئن بيٺل آهن. اهو اڏاوتي انجنيئرنگ جو ڪمال آهي.
ڀنڀور لڳ پٿر جو اهڙيون ٽي ماهيون آهن، جن کي ”مڙسن جون ماهيون“ چيو وڃي ٿو. اهي گهڙيل پٿر جون آهن، جن جي مضبوطي لاءِ چونو استعمال ڪيو ويو آهي. اهي ڪلهوڙن جي دور ۾ هڪ قبائلي جهيڙي ۾ مري ويندڙ ٽن دوستن؛ مٺو گبول، مُگر ٽيڀر ۽ هاڙو احمداڻي جي ياد ۾ ملڪ مريد ۽ ڪلمتي راڄ ٺهرايون هيون. ”ڪُپو لڪ وارن منارن ۽ هنن ماهيَن جي اڏاوت ۾ گهڻو فرق آهي.
ڪُپو لڪ وارن منارن جي ويجهو جبل جي هڪ ڇپ ۾ غارن وانگر ننڍا سوراخ آهن، جن کي هاڻي جانور رهڻ لاءِ استعمال ڪن ٿا. ڪُپو لڪ کان فقير پيرل خاصخيلي جي ٻنيءَ تائين اڻ ڳڻيا آثار آهن. پٿري منارن لڳ لڪ کان هيٺ ديھ ڪَنڊ ڏانهن لهندي، 6 فوٽن جو هڪ ڊگهو پٿر بہ ڪِريل هو. اهو پٿر؛ منارن جي اتر پاسي لڳل هڪ اهڃاڻ طور لڳل هو، جيڪو ٻڌائي پيو، تہ لڪ تان لهڻ ۽ چڙهڻ جو گس هتان آهي. اهو مسافرن کي پري کان نظر ايندو هو. ديھ ڪنڊ کان ايندڙ واٽ تي مٿي چڙهڻ واري جاءِ تي بہ هڪ اهڙو پٿر کُتل هو. اهو بہ هاڻي هيٺ ڪِريل آهي. ڪَنڊ واري پاسي، روهيءَ جي ٿورو هيٺڀرو، هڪ پٿر جي ڪوٽڙَي وانگر کروت (مسجد) بہ آهي.
مول کان ايندي ڪُپو جبل جي گهاٽيءَ وچان اهي منارا ٻن ڪلوميٽرن کان نظر اچن ٿا. اسان واپس انهيءَ رستي سان هيٺ لٿاسين. پراڻي مقام کان ٿورو اوڀر پاسي ٻہ وڏا، لڳ ڀڳ ويهارو فوٽ جا گول پٿري دائرا ۽ پاسي کان چار ٻيا ننڍا اهڙائي دائرا آهن، جن کي مقامي ماڻهو ”چاپ پڙ“ چون. دائرن جي وچ ۾ هڪ وڏو پٿر يا ننڍي ڍيري آهي. هن علائقي ۾ شاديءَ کان پوءِ جڏهن گهوٽيتا ڪنوار وٺي ايندا آهن، تہ دهلاري هتي وچ تي رکيل پٿر وٽ بيهي دهل وڄائيندو آهي، ۽ ماڻهو پٿر واري دائري اندر، گول دائري ۾ بيهي، تاڙيون وڄائي رقص ڪندا آهن.
”چاپ“ تاڙي وڄائڻ کي چيو ويندو آهي. بلوچ ۽ براهوي قبيلن ۾ ۽ ڪوهستان ۾ ”دو چاپي“ رقص مشهور آهي. ٻنهي دائرن بابت فقير پيرل خاصخيلي ٻُڌايو تہ ”هڪ عثمان ڪانڙي جي شاديءَ جو آهي، جيڪو فقير لاکاڻ ڪانڙي جو ڀاءُ هو ۽ ٻيو ٺارو ڪانڙيءَ جي پٽ حيات جي شادي جو آهي، جيڪو ديھ ڪَنڊ جهنگ مان، احمداڻي قبيلي مان شادي ڪري آيو هو.“
ان بعد اسان فقير پيرل جي ٻنيءَ تي چانھ پي مول ڏانهن روانا ٿياسين.
(هلندڙ)
One Comment