اُهي ماڳَ، جتي سسئي؛ پنهونءَ پويان ويندي ٽي راتيون رهي هئي – 11

گل حسن ڪلمتي

سسئيءَ جي واٽ تي مون ۽ ڊاڪٽر رخمان گل پالاريءَ جنوري 2013ع ۾ سفر ڪرڻ شروع ڪيو هو. ڀنڀور کان ضلعي لسٻيلي ۽ ڪيچ مڪران تائين انهيءَ سفر جو وڏو حصو ضلعي لسٻيلي ۾ آهي، جتي سسئي جي حوالي سان ڪيترائي ماڳ مڪان موجود آهن.

ان ڳالھ ۾ گهڻا مونجهارا آهن، تہ سسئي ڪهڙي گس تان ڪيچ ڏانهن وئي هئي؟ پر جڏهن اسان شاھ جي رسالي ۾ سسئي پنهونءَ واري قصي سان لاڳاپيل پنجن سُرن کي پڙهنداسين، تہ اهو رستو واضح ٿي سامهون اچي ٿو، جيڪو ’اُٺن وارو گس،‘ ’وڏي واٽ‘ ۽ ’ڪيچ مڪران وارو گس‘ طور مشهور آهي. انهيءَ رستي سان شاھ لطيف جن ماڳن، جبلن ۽ مڪانن جو ذڪر ڪيو آهي، اُهي اڃا بہ ساڳين نالن سان مشهور آهن. الميو اهو آهي، تہ اسان جي عالمن، لطيف وانگر سفر نہ ڪيو آهي، پر هنن ڪمرن ۾ ويهي رسالي ۾ آيل لفظن جون معنائون، پنهنجي سمجهہ موجب لکيون آهن، جنهن ڪري بہ ڀٽائيءَ جي شاعريءَ کي سمجهڻ ۾ مونجهارا پيدا ٿيا آهن.

اسان جڏهن ڀنڀور کان اهو سفر شروع ڪيو، تہ حيرت جي ڳالھ اها سامھون آئي، تہ اهو قصو ۽ ان سان لاڳاپيل ماڳ اڃا تائين ماڻهن کي ياد آهن – ۽ هو انهن جي حفاظت به ڪندا اچن پيا. اسان کي پوري رستي سان شاھ لطيف جي ذڪر ڪيل ماڳن کان سواءِ سسئيءَ بابت ڳالهيون ۽ ماڳ بہ مليا.

هن مضمون لاءِ گهڻي مدد ”سسئيءَ جي واٽ“ ڪتاب تان ورتل آهي، جيڪو اسان جو ڪتاب شاھ لطيف جي شاعريءَ جي پسمنظر ۾، شاھ عبداللطيف چيئر پاران پروفيسر محمد سليم ميمڻ جي نگرانيءَ ۾ ڇپيو آهي. هن مضمون ۾ لسٻيلي ۾ شاھ جي شاعريءَ ۾ بيان ٿيل ماڳن ۽ سسئيءَ سان منسوب ماڳن جو ذڪر ڪندس. ان سان گڏ ٺٽي ۽ ملير ضلعن ۾ آيل ماڳن جو بہ مختصر ذڪر ڪندس.

ڀنڀور مان نڪرڻ کان پوءِ سسئيءَ جي واٽ سان جيڪي پهريون نشانيون ملن ٿيون، اهي ”سسئيءَ جي روهي“ ۽ ”سسئيءَ جي ڍوري“ آهن. اهي نبي بخش ڪلمتي ڳوٺ، ڌاٻيجي لڳ، پراڻي واٽ سان آهن. ڳوٺاڻا انهن جي حفاظت ڪندا اچن پيا.

سسئيءَ جي روهي

اڳتي وٽيجي باغ آهي، جيڪو ”سسئيءَ جي باغ“ طور مشهور آهي. هن خوبصورت باغ کي هٿ وٺي تباھ ڪيو ويو آهي.

باغ کان پوءِ ضلعي ملير جون حدون شروع ٿين ٿيون. ان ۾ جيڪو پهريون ماڳ ملي ٿو، اهو ”ويڙھ“ آهي. ”ويڙھ وارو جهنگ“ مشهور هو، جيڪو هاڻي ديھ پپري ۾ آهي ۽ پورٽ قاسم انڊسٽريئل زون ۾ شامل آهي. شاھ سائينءَ ان ”ويڙھ“ جو ذڪر هن طرح ڪيو آهي: ”سَسئي سجُ وئو، ڏج وراڪو ويڙھ ۾.“
اسان جي عالمن ”ويڙھ“ کي عام جهنگ ۽ ويران علائقو لکيو آهي، جڏهن تہ هي ماڳ موجود آهي. هتان ڪراچي بندر، ريڙهي مياڻ، ميمڻ ڳوٺ ۽ ڪوٽيرڙي درساڻي لاءِ رستا نڪرن ٿا. ڪيچ وارو رستو ڪوٽيرڙي درساڻي ڇني کان ملير ندي ڪراس ڪري بازار واري پراڻي ماڳ ڏانهن وڃي ٿو. شاھ لطيف ملير جو بہ هن طرح ذڪر ڪيو آهي:
اديون! ڪا ايندي؟ ڇپر مون سڱ ٿيو،
لائينديس لڱن مليران ميندي،
وندر آئون ويندي، آري ڄام اجهو ڪري.

ويڙھ

ملير جي ميندي مشهور هئي. اڄ بہ ملير ۾ اها ميندي موجود آهي. ملير نئن کان پوءِ ٻہ رستا نڪرن ٿا: جن مان هڪ بازار ۽ اڳتي گڏاپ ڏانهن وڃي ٿو. اهو ”اٺن وارو گس“ طور مشهور آهي، ۽ ٻيو پانواري جبل کان ٿڌو نئن، مول ۽ ٻئي پاسي مهير جبل، موئيدان ڏانهن وڃي ٿو. سسئي انهيءَ ٻئي رستي سان، پانوارو جبل تائين وئي هئي، جتي رات گذاري پوءِ للو پڙھ کان واپس ٿي، ٻيهر اصلي گس تي آئي هوندي. شاھ لطيف پانواري جبل ۽ للو پڙھ جو ذڪر هن طرح ڪيو آهي:
وڃڻ مون واجب ٿيو صبح سوارو،
پٻ وجهنديس پُٺ تي ڀڇنڊي پانوارو،
پڙ ۾ پير پنهونءَ جو لڳي لادارو،
ڌوٻڻ جو داڙو، جيڪس جت هڻي ويا.

”پڙ“ للو پڙھ آهي. اهي ٻئي ماڳ هاڻي بحريا ٽائون ۾ اچي ويا آهن ۽ ختم ٿي چُڪا آهن.

پانوارو جبل، جيڪو هاڻي بحريہ ٽائون ۾ اچي ويو آهي

هتان سسئي واپس ٿي ۽ هاڻوڪي عبدالحڪيم گبول ڳوٺ لڳ ٻيهر اصل واٽ تي آئي، جتي هڪ بُٺيءَ جو نالو ”گرو/گريو بُٺي“ آهي. ”گرو“ ڪنگڻ کي چيو ويندو آهي. مشهور روايت آهي، تہ ’هتي سسئيءَ جو ڪنگڻ (گرو) گم ٿي ويو هئو، جنهن ڪري انهيءَ بُٺيءَ جو نالو ”گرو/گريو بُٺي“ پيو. شاھ لطيف گريو جو ذڪر هينئن ڪيو آهي:
”گِرَيي جي گُفتار، ٻيءَ ڀتِ ٻَاروچَنِ ۾.“
اها بُٺي؛ ”اٺن واري گس“ سان آهي.

ڀنڀور مان نڪرڻ کان پوءِ سسئيءَ کي، اسان جي، تحقيق موجب، پهرئين رات ”ويڙھ“ ۾ ۽ ٻي رات ”پانوارو/پاهوارو جبل“ پيل لڳي ٿي. هتي ڪنهن ڳوٺ ۾ رات گذاري، هوءَ صبح جو سوير اڳتي لاءِ رواني ٿي هوندي.

گريو بُٺي

گِريو کان پوءِ ٿڌو نئن اچي ٿي. رستو نئن وچان اڳتي چنبيلي چوٽيءَ کي پار ڪري وڃي ٿو. نئن جي هڪ ڪپ تي ڪاپٽ بُٺي ۽ ٻئي ڪپ تي چنبيلي بُٺي آهي. شاھ سائين چنبيليءَ جو هن طرح ذڪر ڪيو آهي:
”چوٽي چنبيلي، جيئن تيئن جهاڳي اُکتي.“

اسان جي ڪجهہ عالمن ”چنبيلي“ بابت لکيو آهي، تہ ”ٻانهي، گولي.“ جڏهن تہ هي ماڳ انهيءَ واٽ سان موجود آهي. شاھ لطيف بہ چنبيليءَ جي چوٽي ۽ هتان پار ٿيڻ جي ڳالھ ڪري ٿو، ڇاڪاڻ تہ لطيف سائين پاڻ انهيءَ واٽ سان سفر ڪيو ۽ ماڳن جو مشاهدو ڪيو هو.

چنبيلي چوٽي

اڳتي انهيءَ رستي سان ناراٿر جبل آهي، جتي موکيءَ جي مئخاني جا آثار ۽ جبل جي مٿئين چوٽيءَ تي متارن جون قبرون يا قبر موجود آهي. ناراٿر، جتي پاڻيءَ جو چشمو هو ۽ اصل ۾ اهو ”ناراسر“ هو، جيڪو پوءِ بگڙجي ”ناراٿر“ ٿيو آهي. هيءُ ماڳ مختلف گسن جي چوواٽي تي آهي. هتي پراڻيون قبرون ۽ قديم ماڳ جا آثار آهن. اسان جي تحقيق موجب، ”سسئي کي ٽين رات ناراٿر ۾ پئي هوندي. هتي ڪنهن مسافرخاني يا قافلا سراءِ ۾ رات گذارَي، هوءَ اڳتي وئي هوندي. شاهه لطيف ناراٿر جو بہ ذڪر ڪيو آهي:
پڙ ڏييو پيرَ، ٿي ڪري، نِڪُون ناراسر ۾،
هيءَ ٿي نهاري هيرَ، هُو ڪري سُڃ سنجهي وئا.

ناراٿر جبل کان پوءِ انهيءَ گس سان لٽ نئن ۽ لٽ وارو علائقو اچي ٿو. لٽ؛ ديھ به آهي. هتي اڄ بہ واري اڏامندي رهندي آهي. شاھ لطيف؛ سسئي پنهون جي قصي وارن پنجن سُرن ۾ لٽ جو ذڪر ڪيو آهي:
اکُيون لٽ اَورَاٽيون، ڪنهن پَر ڪڙيَان پيرُ،
لٽِ لائيندو ڪير، مون جيهيءَ معذور کي.



Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close