ضلعي لسٻيلي جا قديم آثار-12 (سسئيءَ جو سفر)

گل حسن ڪلمتي

سسئيءَ کي ستون سج سنگهر پٽَ ۾ اڀريو!

”سسئيءَ کي ستون سج سنگهر پٽَ ۾ اڀريو هوندو، تنهنڪري سسئي کي ڇهين رات کرپلاڻ لڳ، جنهن قديم وسنديءَ جا آثار آهن، اُتي پئي هوندي. هتي هوءَ ڪنهن مسافرخاني، قافلا سراءِ يا ڪنهن ڳوٺ ۾ رات گذاري اڳتي وئي هوندي. عباس هوٽل واري پراڻي وسنديءَ کان کرپلاڻ تائين مفاصلو 10 ڪلوميٽر آهي. ڏاکڻي ۽ اڙانگي جابلو پنڌ جي ڪري سسئيءَ فقط 10 ڪلوميٽرن جو مفاصلو طئي ڪيو هوندو.“

لٽ کان اڳتي انهيءَ رستي سان لياري ندي ۽ مهيو جبل وارو علائقو اچي ٿو. مهيو لڪ کانپوءِ حاجي الله ڏنو بروهي ڳوٺ لڳ مٺان ڍوري جي ڪناري پنڊ پهڻ ٿيل ٿالهه ۾ ڳوهيل اَٽو ۽ انساني ۽ اٺن جي پيرن جا نشان ۽ نيگون (Cupmarks) آهن. انهيءَ پنڊپهڻ ٿيل ٿالهه ۽ ان ۾ ڳوهيل اَٽي لاءِ مقامي ماڻهن ۾ اها روايت مشهور آهي ته، ’سسئيءَ هتي رات گذاري ۽ صبح جو سوير ميزبانن کان اَٽو ۽ ٿالهه کڻي ڍوري جي ڪپ تي، پاڻيءَ جي ڪن لڳ اَٽو ڳوهڻ لاءِ ويٺي، ته گس تان اُٺن جون قطارون ويندي ڏسي ڳوهيل اَٽو ۽ ٿالهه اُتي ڇڏي، اوڏانهن ويئي، پر اهو پنهونءَ جي ڀائرن جو نه، پر ڪو ٻيو قافلو هو. ان کانپوءِ سسئي واپس نه ٿي ۽ اڳتي لاءِ رواني ٿي…. هتان جي ماڻهن اهو ٿالهه ۽ ان ۾ ڳوهيل اَٽو سنڀالي رکيو ۽ صديون گذرڻ کانپوءِ اهو پنڊ پهڻ ٿي ويو.‘

 

مٺان ڍورَي جي ڪنارَي پنڊپھڻ ٿيل انساني قدم

ان ڏند ڪٿا يا روايت مان اها ڳالهه ملي ٿي ته، سسئي ڀنڀور کان انهيءَ واٽ تان اڳتي وئي هئي. سفر ۾ سسئيءَ کي مٺان ڍوري جي ڪپ تي، اسان جي تحقيق موجب، چوٿين رات پئي هئي. امڪان آهي ته هوءَ هتي ڪنهن ڳوٺ يا قافلا سراءِ ۾ ترسي هوندي. هتي ڪنهن قديم وسنديءَ جا به آثار آهن، جن تي تفصيل سان ٻئي ڀيري لکبو. حب ندي هتان هڪ ڪلوميٽر اولهه پاسي آهي. مهيو، مٺان ۽ ڊاسول وارو هي پراڻو گذرگاهه آهي. حب نديءَ ۾ ٻارهوئي پاڻي وهڻ ڪري ان جي ٻنهي پاسن کان اهڙن گذرگاهن تي قافلا سراءِ ٺهيل هوندا هئا.

جڏهن گوگل تي موجود نقشي ۾ به ڏسبو ته، سڪندر مقدونيءَ جون فوجون به هتان، حب ندي پار ڪندي ڏيکاريل آهن. حب ندي پار ڪرڻ جو هيءُ پراڻو لنگهه هو. هن کان اتر پاسي مشهور گذرگاهه ”لنگو لوهار“ به آهي، جتان به قافلا حب ندي پار ڪندا هئا. منگهوپير کانپوءِ بند مراد خان، مائي ڳاڙهي درگاهه لڳ ۽ موچڪو، حب چوڪي به پراڻا گذرگاهه آهن.

ڪيچ ۽ فارس کان ايندڙ قافلا ٻيلي کانپوءِ يا لياري، ڪانيارو ڪوٽ کانپوءِ سونمياڻي بندر يا ڪراچي بندر (دڙٻو) نه ويندا هئا، ته اهي قافلا ۽ مسافر بالاڪوٽ، وندر، سنگهر ۽ پٻ واري رستي سان اچي لنگو لوهار يا ڊاسول مهيو لنگو کان حب ندي پار ڪري سنڌ جي بندرن ۽ شهرن ڏانهن ويندا هئا. اسان به ڀنڀور کان انهيءَ واٽ تان سفر ڪري انهيءَ پراڻي لنگهه تائين پهتاسين. سسئي به هتان حب پار ڪري پٻ ڏانهن وئي هئي.

پراڻي رستي سان مھيو جبل ۾ پردي سرڪل

مهيو ڍوري، ڳوٺ الله ڏني بروهيءَ کانپوءِ انهيءَ رستي سان حب نديءَ جي ڪناري ٺهيل هڪ قافلا سراءِ جا نشان اڃا به موجود آهن، جتي ڄار جو هڪ پراڻو وڻ پوئين پساهن ۾ آهي. حسن پير، جيڪو حب نديءَ جي ٻئي پاسي، ڊاسول ۾ آهي، ۽ جنهن جا خليفا گڏاپ جي سهراب فقير ڳوٺ جا جوکيا آهن، اُهي به اڄ کان 20 سال اڳ جڏهن پنڌِ، درگاهه تي قافلن جي صورت ۾ ويندا هئا ته، انهيءَ ڄار جي وڻ هيٺان آرام ڪري حب ندي پار ڪندا هئا. مون به 25 سال اڳ اهڙي هڪ قافلي سان گڏ سفر ڪيو هو. رات لياري نديءَ ڪناري گذاري صبح جو انهيءَ قافلا سراءِ جي ڄار جي هيٺان آرام ڪري حب پار ڪري حسن پير درگاهه تائين ويا هئاسين.

پراڻي واٽ تي حب ندي ڪناري قافلا سراءِ

پير ڳوٺ جي ڊاڳرن جو بزرگ روشن شاهه به حسن پير لڳ آهي. اُهي به انهيءَ رستي سان هتان حب ندي پار ڪري، فقيرن سان گڏ پنهنجي بزرگ جي درگاهه تي ايندا هئا.
حب ندي سنڌ ۽ بلوچستان جي دنگ تي آهي. حسن پير درگاهه لسٻيلي ۾ آهي. حسن پير درگاهه لڳ چوڪنڊي طرز جون ڪيتريون ئي قبرون آهن، جن تي خوبصورت چٽسالي ٿيل آهي. حسن پير، حب چوڪي، ساڪران ڌريجي روڊ سان آهي. مٺان ۽ مهيو، حب نديءَ واري لنگهه کان پوءِ ڌريجي ڏانهن ويندي، پراڻو رستو اڌ ڪلوميٽر کان، پٻ کان ايندڙ ”حاجي لڪڙو ڍورو“ (مسافري ڍورو) کان پٻ ڏانهن ويندو هو، جتان روضي بزنجو ڳوٺ ۽ پير بخش ڳوٺ کان عباس هوٽل اسٽاپ، ليويز چوڪيءَ لڳ عيسيٰ هوٽل کان ايندڙ نئين رستي سان ملندو آهي.

انهيءَ رستي سان 25 فٽ اوچو کُتل ميٽوسنگ، ٻين پٿرن ۽ ڪوٽيرن جو ذڪر اڳ ۾ ڪري چڪو آهيان. سسئي به انهيءَ رستي سان سفر ڪري پٻ جي ڀڪ ۾، جتي هاڻي عباس هوٽل اسٽاپ ۽ ليوز چوڪي آهي، پهتي هئي. اسان جي تحقيق ۽ ڪنهن شاعر جي شاعريءَ موجب، ”سسئي کي پنجين رات هتي پئي هئي.
”پنجين پٻان اوري، پنڌ ۾ لڪين سج لٿوم.“
گهڻا هن کي شاهه سائينءَ جي شاعري ڄاڻائين ٿا، معنيٰ سسئيءَ کي ”پنجون سج پٻ جي اوري، پٻ کان اڳ اُلهي ويو هو.“ هي پراڻو ماڳ آهي. هتي ڪوٽيرا ۽ پراڻيون قبرون آهن. سسئي، خيال آهي ته هتي ڪنهن مسافرخاني ۽ قافلا سراءِ ۾ ترسي هوندي. هي ماڳ ڀنڀور کان 107 ڪلوميٽر پري آهي. مٺان ڍورو، جتي سسئي چوٿين رات گذاري هئي، اهو هتان 14 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي. حب جي پاڻي مان گذرڻ دوران ڌُڌڙ، مٽي ۽ واريءَ جي ڪري اهو سفر ڏکيو آهي، تنهنڪري لڳي ٿو ته سسئي گهٽ مفاصلو طئي ڪري سگهي هوندي.

عباس هوٽل واري پراڻي وسنديءَ کانپوءِ رستو پٻ جبل مان گذرندو آهي. گهڻو رستو پٻوڻي ڍوري مان گذرندو آهي. انهيءَ رستي سان ٻه وڏا لڪ آهن. هاڻي انهن کي ڪٽي گاڏيءَ جي اچڻ وڃڻ جو رستو ٺاهيو ويو آهي. عباس هوٽل کان اڌ ڪلوميٽر جي فاصلي تي، رستي جي کاٻي پاسي پٿر تي سواس پاتل؛ انساني پيرن ۽ اُٺن جي پيرن جا نشان آهن اڳتي تُرڙي لڪ لڳ جبل ۾ زناني پيرن ۽ ٽِميل رت جا نشان آهن. اهي به سسئي سان منسوب ٿيل آهن. (انهن جو به اسان اڳ ۾ تفصيلي ذڪر ڪري چڪا آهيون). سواس پاتل پيرن ۽ اُٺن جي پيرن جي نشان بابت اها ڳالهه مشهور آهي ته، اهي پنهونءَ جي ڀائرن ۽ انهن جي اُٺن جي پيرن جا نشان آهن. ان تي تحقيق جي ضرورت آهي.
ڏٺائين ڏونگر ۾ پنهل جا پيرا،
جتن لاءِ جيرا، جلايائين جوش ۾.

پٻ جبل ۾ پراڻو پٻوڻي لَڪ

شاهه لطيف ”حب“ جو ذڪر اَٺ ڀيرا ۽ پٻ جو ذڪر 34 ڀيرا ڪيو آهي. ٿُڙي لڪ تي زنانن قدمن ۽ اڳتي پٻ جو سلسلو ختم ٿئي ٿو. ان بعد ”سسئي جي کونئري“ (کُهي) يا ”سسئي جو ٽوڀو“ آهي، جنهن لاءِ مشهور آهي ته، سسئيءَ جي دعا سان اها کونئري جاري ٿي، جتان هتان پاڻي پي هوءَ اڳتي رواني ٿي. کونئريءَ جي سامهون اولهه پاسي ڪوٽيرو به آهي. اڳتي ننڍي سنگهر، پٻوڻي ناڪو آهي، جيڪو پراڻن وقتن کان هتي موجود آهي. پٻوڻي ناڪي کان کرپلاڻ لڪ تائين ڪيترائي قديم آثار، پٿر جون گهاڙي قبرون ۽ قديم وسنديءَ جا اهڃاڻ آهن، جن جو به ذڪر اڳ ۾ ڪري آيو آهيان.

ننڍي سنگهر ۾ چار کن ڳوٺ آهن. اهو پَٽُ چئني پاسن کان پٻ جابلو سلسلي ۾ گهيريل آهي. هي چراهه گاهه به آهي. هتان ڪيترائي برساتي ڍورا وهي چيچائي ڍوري ۾ ڪِرن ٿا. چيچائي، ڀواني لڳ، باگڙ ڍوري جو حصو ٿي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو آهي.

کرپلاڻ لڪ کان پوءِ وڏي سنگهر جو علائقو (جنهن کي ”سنگهر پٽ“ چيو ويندو آهي) آهي، جتي سسئي ۽ پنهونءَ جي درگاهه آهي.
”اچي اڄ اڀريوم ستون سج سنگهر پٽين.“
انهيءَ شاعريءَ موجب سسئيءَ کي ستون سج سنگهر پٽَ ۾ اڀريو هوندو، تنهنڪري سسئي کي ڇهين رات کرپلاڻ لڳ، جنهن قديم وسنديءَ جا آثار آهن، اُتي پئي هوندي. هتي هوءَ ڪنهن مسافرخاني، قافلا سراءِ يا ڪنهن ڳوٺ ۾ رات گذاري اڳتي وئي هوندي. عباس هوٽل واري پراڻي وسنديءَ کان کرپلاڻ تائين مفاصلو 10 ڪلوميٽر آهي. ڏاکڻي ۽ اڙانگي جابلو پنڌ جي ڪري سسئيءَ فقط 10 ڪلوميٽرن جو مفاصلو طئي ڪيو هوندو.



Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close