سنڌيڪار: امام بخش جکراڻي
قائداعظم محمد علي جناح جي صحيح پيدا ٿيڻ جو هنڌ، ڪراچي آهي يا جهرڪ، هي تڪرار ڪيترن ئي سالن کان هلي رهيو آهي. اسان کي آخرڪار شايد پڪو جواب ملي ويو آهي.
هي وڏي پيماني تي يقين ڪيو ويندو آهي تہ قائداعظم محمد علي جناح ڪراچي ۾ پيدا ٿيو هو. پر ڪجھ مقامي زباني روايتون ٻڌائن ٿيون تہ هو سنڌ جي موجوده ٺٽي ضلعي جي هڪ شهر جهرڪ ۾ پيدا ٿيو هو. هي خيال پيش ڪندڙ، سنڌ ۾ 1950ع ڌاري شايع ٿيل هڪ درسي ڪتاب کي جواز بڻائي پنهنجي ڳالھ کي دليل مهيا ڪن ٿا، جنهن ۾ لکيل هو تہ قائداعظم بلڪل جهرڪن ۾ پيدا ٿيو هو.
هي تڪرار وڏي عرصي کان هلي رهيو آهي. ماضي ۾ مختلف اختيار ڌڻين ڪيتريون ئي ڪوششون ورتيون، انهن ۾ سيد عبدالله شاھ ، جڏهن هو صوبائي وزير هو ۽ ان سان گڏوگڏ ٺٽي جي ضلعي حڪومت بہ شامل آهي، انهن هن دعويٰ جي حقيقتن کي ڳولڻ لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي، پر ان جي باوجود بہ نتيجا حاصل ٿي نہ سگهيا.
جناح جي سوانح عمري کي ترتيب ڏيندي مون پڻ انهي ساڳئي مشڪلات کي منهن ڏنو ۽ انهي مسئلي کي ٽن مختلف رخن ۾ ڏسڻ جو فيصلو ڪيو. مثال جي طور دستاويزي شاهدين، انهي موضوع تي جناح جي ذاتي بيانن ۽ هن جي خانداني ماڻهن جي لکڻين کي سامهون رکيو. هتي انهي حاصل نتيجن جو ذڪر ڪجي ٿو. پر اڳتي وڌڻ کان پهريان، اچو تہ مختصر طور تي هن جي خانداني پسمنظر سان گڏ هن مسئلي سان لاڳاپو رکندڙ ٻن جيوگرافي جڳهن جهرڪ ۽ ڪراچي جو ذڪرڪجي، جئين تہ هي ڏسجي تہ اُهي هن جي پيدا ٿيڻ وقت ڪهڙي حالت ۾ موجود هئا.
خانداني پسمنظر
قائداعظم جا وڏا ڪاٺياواڙ جي علائقي ۾ گونڊل جي شاهي رياست جي ھڪ ڳوٺ پانيلي سان تعلق رکندا هئا. هن جو ڏاڏو پونجاڀائي ڳوٺ ۾ ٿلهي ڪپڙي جو واپار ڪندو هو. هن کي چار ٻار هئا. هڪ ڌي منٻائي ۽ ٽي پٽ ولا ڀائي، نٿو ڀائي ۽ جناح ڀائي هئا. سڀ کان ننڍو پٽ جناح ڀائي 1850ع تي پيدا ٿيو هو، جنهن پانيلي کي ڇڏي پنهنجي ڪاروبار کي گونڊل شهر ۾ شروع ڪيو. سندس والدين هن جي شادي 1874ع ۾ پنهنجي برادري جي هڪ ڇوڪري مٺي ٻائي سان ڪرائي ڇڏي. پنهنجي خواهشن جي پورائي لاءِ گونڊل کي هڪ تمام ننڍي شهر طور ڏسندي، جناح ڀائي اولھ طرف سنڌ ڏانهن وڃڻ جو فيصلو ڪيو، جيڪا 1869ع ڌاري سوئز ڪئنال کلڻ کان پوءِ هڪ نئين واپاري ۽ ڪاروباري مرڪز طور اڀري رهي هئي.
جهرڪ – هڪ معاشي مرڪز
جهرڪ بنيادي طور تي سنڌو ڪناري ڪراچي کان لڳ ڀڳ هڪ سو ڪلوميٽر پري واقع هڪ دريائي بندرگاھ هو. هن علائقي ۾ ريل ۽ روڊ جي سهولت نہ هجڻ ڪري انگريز سرڪار آبي سسٽم کي متعارف ڪرايو. انهي ”انڊس فلوٽيلا“ جو هيڊڪوارٽر جهرڪ ۾ قائم ڪيو ويو. هي جڳھ واپار ۽ ڪاروبار سان لاڳاپيل سهولتون ججهي مقدار ۾ فراهم ڪري رهيو هو ۽ پري پري کان وڏي تعداد ۾ ڪارباري ماڻهن کي پاڻ طرف ڇڪي رهيو هو.
جهرڪن جي اهميت جو اندازو هن حقيقت مان لڳائي سگهجي ٿو تہ شهزادو حسن علي آغا خان l پنهنجو گهرهتي 1843ع ۾ تعمير ڪيو هو، جيڪو اڄ بہ موجود آهي. انگريزن هتي سر سيد احمد خان جي علي ڳڙھ ڪاليج قائم ڪرڻ جي پنج سال اڳ 1870ع ۾ هڪ اسڪول قائم ڪيو هو. سنڌ ڊاريڪٽري ۾ جارج بيز 1861ع ۾ جهرڪ بابت لکي ٿو تہ: ”چارلس نيپيئر افسوس ڪندي چيو تہ هن حيدرآباد جي جڳھ يورپين بيرڪن جي لاءِ جهرڪ کي نہ چونڊيو هو.“
ڪراچي جي موسم انگريزن لاءِ سازگار هئي.
جيتوڻيڪ ڪراچي هڪ ننڍڙي ڳوٺ جي صورت ۾ هڪ وڏي عرصي کان موجود هو، پر انگريز راڄ دوران ڪراچي هڪ جديد شهر ۽ هڪ وڏي بندرگاھ ۾ تبديل ٿي ويو. انگريزن پنهنجي رهڻ لاءِ هن شهر کي مناسب سمجهيو. بيز جي لفظن ۾ تہ: ”موسم انگريز لاءِ بلڪل قابل قبول هو، ڏکڻ اولھ صوبن جي ڪنهن بہ مرڪز جي ڀيٽ ۾ هتي موت جي شرح تمام گهٽ هئي.
سوئيز ڪئنال جي کلڻ سان ڪراچي جي اهميت اڃا وڌي وئي، جئين تہ هي برٽش انڊيا جو يورپ کي ويجهي ۾ ويجهو بندرگاھ ٿي ويو. ان سان گڏوگڏ سنڌ جو رستو پنجاپ، اتر انڊيا ۽ افغانستان تائين پهچ لاءِ تمام سولو هو.
گهڻن سهولتن جي پيدا ٿيڻ کي نظر ۾ رکندي جناح ڀائي 1870ع ڌاري ڪراچي وڃي پنهنجي ڪاروبار کي قائم ڪيو. بهرحال، هتي ٻہ رايا ملن ٿا. هڪڙا چون ٿا تہ جناح ڀائي سڌو گونڊل کان ڪراچي آيو. ٻيا چون ٿا تہ هو ۽ هن جو خاندان ڪجھ سال جهرڪن ۾ رهيا، ڪراچي اچڻ کان اڳ، اتي قائداعظم پيدا ٿيو ۽ اتي ئي پنهنجي شروعاتي تعليم حاصل ڪيائين.
دستاويزي شاهديون
هڪ ماڻهو جي پيدا ٿيڻ جي جڳھ بابت اسڪول جي رڪارڊ کي تمام صحيح دستاويزي شاهدي سمجهيو ويندو آهي. قائداعظم جي مسئلي ۾ اسان وٽ چار اسڪولي رڪارڊ موجود آهن. جن مان ٽن جو واسطو سنڌ مدرست الااسلام يونيورسٽي ۽ هڪ جو چرچ مشن اسڪول سان آهي. انهن رڪارڊن جي مطابق تہ جناح جي پهرين داخلا 4 جولائي 1887ع ڌاري سنڌ مدرست الااسلام ۾ ٿي. جيڪا جنرل رجسٽر جي صفحي نمبر 7، سيريل نمبر 114 تي رڪارڊ ٿيل آهي. هتي هن جي پيدا ٿيڻ جو هنڌ هن جي نالي اڳيان صاف ”ڪراچي“ لکيل آهي.
ٻين ۽ ٽين داخلا جو رڪارڊ پڻ هن جي ٻيهر سنڌ مدرسۃ الااسلام ۾ داخل ٿيڻ بابت آهي، جئين تہ هو 1887ع کان 1892ع تائين جي ساڍن چئن سالن جي وقفي کان پوءِ وري ٻيهر داخل ٿيو هو. هن جي وري ٻيهر داخل ٿيڻ جو سبب هن جو ببمئي وڃي پنهنجي پياري ڦڦي سان ملڻ هو.
انهن سمورن رڪاڊن ۾ سيريل نمبر 187 ۽ 430 تي لکيل آهي تہ ڪراچي هن جي پيدا ٿيڻ جو جڳھ آهي. هن جي چوٿين داخلا جي رڪارڊ مارچ 1892ع ۾ ڪرسچن مشن اسڪول سان واسطو رکي ٿو، جيڪا سنڌ مدرست الااسلام ڇڏڻ کان پوءِ اتي داخل ٿيڻ بابت آهي. هو آڪٽوبر تائين تقربناً ست مهينا اتي پڙهيو، ان کان اڳ جو انگلينڊ لاءِ روانو ٿي ويو. اتي پڻ هن جي پيدا ٿيڻ جو هنڌ ڪراچي لکيل آهي.
اسڪول رڪارڊ ۾ هن جي پيدا ٿيڻ جي هنڌ طور ڪراچي جي صاف ذڪر هجڻ ڪري تڪرار کي اتي ختم ٿيڻ کپي. پر هتي هڪ ڌيان ڇڪائيندڙ ڳالھ هي بہ آهي تہ جهرڪ پاڻ انهن ڏينهن ۾ ڪراچي ضلعي جو حصو هو. ڪيترائي ماڻهو انهن ڏينهن ۾ ۽ اڄ بہ پنهنجي سرڪاري دستاويزن ۾ پنهنجي ڳوٺ يا ننڍي شهر جي نالي ڏيڻ بجاءِ وڏن شهرن يا ضلعي هيڊڪوارٽرن جي نالن ڏيڻ کي پسند ڪن ٿا!
جناح جي سنڌ مدرسۃ الااسلام جي پهرين داخلا جي لکيل نالي جي صفحي جي ويجهي کان جائزو وٺجي، تہ واضح ٿي وڃي ٿو تہ هن جي نالي مٿان هڪ ٻي شاگرد جي داخلا جي سيريل نمبر 113، جيڪو پڻ 4 جولائي 1887ع جي ساڳي ڏينهن تي داخل ٿيو هو، هن جي پيدا ٿيڻ جو هنڌ جهرڪ لکيل آهي، جڏهن تہ جناح جي داخلا ۾ ڪراچي هن جي پيدا ٿيڻ جي هنڌ طور لکيل آهي. جيڪڏھن قائداعظم سچ پچ جهرڪن ۾ پيدا ٿيو هو، تہ پوءِ هي غير ضروري آهي تہ ڪراچي کي هن جي پيدا ٿيڻ جي هنڌ طور لکجي، ساڳئي طرح جڏهن تہ هن جي نالي مٿان ٻئي شاگرد جي پيدا ٿيڻ جو هنڌ جهرڪ لکيل آهي.
ذاتي بيان
آخر ۾ اسين قائداعظم جي ذاتي بيانن ڏانهن وڌون ٿا، ڇاڪاڻ تہ هن جھڙن مسئلن ۾ هڪ شخص جي پنهنجي سچائي وڏو قدر رکي ٿو. هي رڪارڊ جو حصو آهي تہ قائداعظم گهڻن وقتن ۾ ڪراچي جو پنهنجي پيدا ٿيڻ جي هنڌ طور ذڪر ڪيو آهي. هڪ اهڙو موقعو ڪراچي ۾ آڪٽوبر 1938ع ڌاري ٿيندڙ سنڌ صوبائي مسلم ليگ جو اجلاس هو. صدارتي خطبو ڏيندي هن ڪراچي ۽ ان سان سندس لاڳاپي جو ذڪر ڪندي هن عظيم شهر ۽ سنڌ جي گاديءَ جي هنڌ ڪراچي ۾ ڳالهائيندي چيو تہ هي هڪ شاندار حيثيت رکندڙ شهر دلچسپ سامونڊي بندرگاھ ۽ مسلمانن جي پهرين ڌرتي جنهن مون کي ڪا بہ ننڍي خوشي نہ ڏني تہ مان هن ڪانفرنس جي صدارت ڪيان، جو هن جھڙي ڪانفرنس اڳ ڪڏهن بہ سنڌ ۾ نہ ٿي آهي. توهان چڱي طرح منهنجي ڏک سان ڀريل جذبن کي سمجهي سگهو ٿا، جڏهن آئون توهان کي ٻڌايان ٿو تہ ڪراچي منهنجي پيدا ٿيڻ جو هنڌ آهي، مان صحيح نموني سان هي بيان ڪري نٿو سگهان تہ مان هن شهر جي ڀلائي لاءِ ڪيتري قدر فڪرمند آهيان.“
هڪ ٻئي موقعي تي جڏهن پنهنجي پيدا ٿيڻ جي هنڌ طور ڪراچي جو ذڪر ڪندي 30 اپريل 1946ع تي روزاني انجام جي جوتشي کي مخاطب ٿيندي هن خط لکيو. جنھن جواب ۾ کيس عرض ڪيو تہ هو کيس صحيح وقت، تاريخ، پيدا ٿيڻ جو هنڌ پنهنجي قسمت جي تياري ڪرڻ لاءِ ٻڌائي. ان جي جواب ۾ قائداعظم پنهجي پيدا ٿيڻ جو وقت صبح سوير، تاريخ 25 ڊسمبر 1876ع ۽ هنڌ ڪراچي لکيو هو.
هتي هيءَ ڳالھ پڻ دلچسپ آهي، تہ پنهنجي 72 سالن جي سموري زندگي دوران قائداعظم ڪڏهن بہ جهرڪن جو پنهنجي پيدا ٿيڻ جي هنڌ طور ذڪر نہ ڪيو ۽ نہ وري اوڏاهن گهمڻ ويو.
خانداني لکتون
هن مسئلي بابت ٻيا معلومات جا ذريعا هن جي خاندان جي فردن ۽ همعصرن جون لکڻيون آهن. هن جي خاندان جي فردن ۾ سڀ کان وڌيڪ هن جي قريب رهندڙ ھن جي ڀيڻ فاطمہ جناح ھئي. هن هڪ ڪتاب ”منهنجو ڀاءُ“ جي نالي سان قائداعظم جي سوانح عمري تي لکيو. هوءَ واضح ڪري لکي ٿي تہ اسان جا والدين 1870ع ۾ گونڊل کان ڪراچي منتقل ٿيا ۽ اهڙيءَ نموني قائداعظم ڪراچي ۾ پيدا ٿيو هو.
حاصل نتيجو
درسي ڪتاب جو ٽڪرو هڪ افواھ تي ٻڌل ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي. هڪ ٻيو معلومات جو حصو ان ساڳئي ٽڪري ۾ ڏنل آهي تہ قائداعظم پنهنجي ميٽرڪ جو امتحان سنڌ مدرسۃ الااسلام کان پاس ڪيو هو. حقيقت تہ هي آهي تہ قائداعظم جڏهن پنجين ڪلاس ۾ پڙهي رهيو هو، تہ هن سنڌ مدرسۃ الااسلام کي ڇڏي ڏنو هو، هي عرصو ٻہ سال ميٽرڪ کان گهٽ هو. حقيقت تي ٻڌل هن جهڙيون غلطيون درسي ڪتاب جي ان ٽڪري کي غير اعتبار معلومات جو ذريعوبڻائي ڇڏي ٿو.
ان بنياد تي قائداعظم جي پيدا ٿيڻ جي هنڌ جي مسئلي تي هلندڙ تڪرار کي جيڪو هڪ پراڻي درسي ڪتاب جي ٽڪري تي ٻڌل آهي هميشہ جي لاءِ حل ڪرڻ کپي.