شاھ لطيف جي شاعريءَ جي روشنيءَ ۾ سسئيءَ جي واٽَ سان ڪيل سفر
چون ٿا ’ايل پنهوار ذات جو باکڙو هو!- سسئيءَ مُنهن کوليو ته جبل ٻه اڌ ٿي پيو!‘
ٻه اڌ ٿيل جبل بابت مقامي ماڻهن ۾ روايت آهي ته، ”جڏهن سسئي هاڙهي ۽ وڻڪار کان واپس ٿي ان هنڌ پهتي هئي ته جبل کيس رستو نه ڏنو هئو (اصل رستو گهڻو پويان شورداڻ جبل مان ٿي سنگهر پٽ ڏانهن هو). ان بعد جڏهن سسئيءَ پنهنجي چهري تان نقاب لاٿو ته ان جي حسن جو تجلو جبل برداشت نه ڪري سگهيو، ۽ ٻه اڌ ٿي پيو. ائين سسئيءَ کي رستو ڏنائين. سسئيءَ هتي نقاب لاهي ’منهن ٻاهر‘ ڪيو هو، تنهن ڪري ان جبل ۽ نئن جو نالو ’منهن ٻاهر‘ پيو، جيڪو پوءِ بگڙي ”مُنهٻار“ ۽ ”مانباڻ“ ٿيو آهي.“
گهڻا ليکڪ ۽ محقق لکن ٿا ته، سسئي ڀنڀور کان جڏهن سَنگهر پَٽَ پهتي ته، هتي هن کي اڇو ڌنار (ايل پنهوار) مليو، زمين ڦاٽڻ جو واقعو ٿيو ۽ سسئي هميشه لاءِ هتي دفن ٿي وئي. پوءِ پنهون هتي آيو. دعا گهرڻ کانپوءِ وري زمين ڦاٽي ۽ پنهون به سئسيءَ سان گڏ دفن ٿي ويو، پر جڏهن اسان شاهه لطيف کي پڙهون ٿا ته، لطيف مطابق، سسئي سَنگهر کان گهڻو اڳتي؛ ”وندر، بر، هاڙهو، ڪهه گهڻي پَٽُ، وڻڪار، لمون (لوڻو) ۽ جائو جبل؛ تائين وئي هئي – ۽ ’وڻڪار‘ کان واپس سَنگهر پَٽَ آئي ۽ هتي هن سان ڌنار وارو حادثو پيش آيو.
انهيءَ رستي سان، سسئي سان ڪجهه ماڳ به منسوب آهن، تنهنڪري اسان سَنگهر پَٽ کان اڳتي پنهنجو سفر شاهه لطيف جي شاعريءَ جي روشنيءَ ۾ ڪيو، ۽ انهن ماڳن مڪانن جو مشاهدو ڪيو، جيڪي شاهه سائينءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ بيان ڪيا آهن. ان دوران اسان ڳوٺاڻن سان ڪچهريون به ڪيون.
اهو رستو به اُهو ئي آهي، جنهن کي لسٻلي ۾ ”وڏي واٽ،“ ”اُٺن وارو گس“ يا ”ڪيچ مڪران وارو گس“ چون ٿا. لطيف سائينءَ جي شاعري پڙهڻ کانپوءِ اها ڳالهه چِٽي ٿئي ٿي ته، ’سسئي سَنگهر پَٽَ کان اڳتي به وئي هئي ۽ واپس سَنگهر پٽَ آئي هئي.‘
”وندر جي وڃن، سي مَرُ ٻَڌَن سَندِرا“
يا
”لمون ڏوري لس، ستي سنگهر پٽ“
يا
”وڌائين وڻڪار ۾ سسئيءَ پاڻ سڪاڻ“
يا
”هاڙهو هيڻيءَ کي ، لنگهائيج لطيف چئي“
وندر، لمون (لوڻو)، لس، وڻڪار ۽ هاڙهو؛ سنگهر پَٽ کان گهڻو اڳتي آهن. لطيف سائينءَ سنگهر پٽ جو ذڪر؛ سسئي پنهونءَ واري قصي جي پنجن سُرن ۾، ست ڀيرا ڪيو آهي.
سنگهر، جتي سسئي پنهون جي درگاهه آهي، مُنهٻار/ مانباڻ نئن آهي. مُنهٻار نئن پٻ جابلو سلسلي جي، ڪراڙو لڪ مان نڪري، وندر شهر جي ڏکڻ اوڀر پاسي کان وهي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي آهي. اها وندر کان اڳ ڍول ۽ ڪاٺوڙ جي پٽن ۾ به ڦهلجي ويندي آهي. درگاهه لڳ مُنهٻار نئن جي ڪناري تي باکڙا ۽ موندرا رهن ٿا. ’اڇي ڌنار‘ لاءِ هتي مشهور آهي ته هو ذات جو باکڙو هو.
سسئي جو وٽو:
درگاهه کان اڳتي منهٻار نئن جي پيٽ ۾ هڪ بُٺيءَ تي وندر ڏانهن ويندي، وڏن، پٿرن جو ڍير آهي. ان جاءِ کي ”سسئيءَ جو ڪٽورو“ ۽ ”سسئي جو وٽو“ چيو وڃي ٿو. اتي هڪ پٿر، ڌڪ لڳڻ سان ڪَانجيءَ وانگر وڄندو آهي. روايت آهي ته، جڏهن سسئي وڻڪار کان واپس منهٻار نئن وٽ آئي هئي ته، ڌنارُ کيس هتي مليو هو، جنهن کان اڃايل سسئيءَ ٻڪرين جي کير پيئڻ جي گهُر ڪئي. ڌنار جي نيت کي سمجهي، سسئيءَ وٽو پٿر جي ڪنڊ ۾ هڻي، وٽي ۾ ٽنگ ڪري کيس کير آڻن لاءِ ڏنو. پوءِ جيسين هُن وٽو ڀرجي (جيڪو ڀرجڻو نه هو)، تيسين سسئي سَنگهر پٽَ ڏانهن ڀڳي. ڌنار اهو وٽو پٿر تي رکي، سسئي پويان ڊوڙڻ لڳو. پوءِ سسئيءَ سان حادثو پيش آيو.
تنهن ڪري اهو وٽو پٿر تي گهڻي عرصي تائين رهڻ ڪري پنڊ پهڻ ٿي ويو. اهو پٿر هاڻي هتي ناهي. درگاهه جي خليفي جو چوڻ آهي ته، ”اهو 1998ع ۾ هڪ همراهه پاڻ سان گڏ کڻي ويو. پٿر کڄي وڃڻ کانپوءِ، جيڪو آواز اُتان آيو پئي، سو اُتان اچڻ ته بند ٿي ويو، پر اهو ٻئي پٿر ۾ منتقل ٿي ويو. اهو ٻيو پٿر منهٻار جي تيز وهڪري ۾ جڏهن لڙهي ويو ته، ڪَانجي وانگر وڄندڙ آواز نئين پٿر ڏانهن منقل ٿيو آهي.“
ارضيات جي ماهرن کي انهيءَ بُٺيءَ ۽ ماڳ جو معائنو ڪرڻ گهرجي. عام روايت آهي ته، اهي سسئيءَ جون آهون ۽ دانهون آهن.
ايم عثمان حسن پنهنجي ڪتاب ”بلوچستان اضلاع اور تاريخ“ ۾ ضلعي لسٻيلي واري باب ۾ ’سسئي وٽو‘ (پٿر جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته، ”سڪندر اعظم جڏهن ٺٽي کان هليو ته هو پٻوڻي ناڪي کان سونمياڻي پهتو. هن اهو ئي رستو اختيار ڪيو، جيڪو بعد ۾ عربن استعمال ڪيو. هتي هن کاڌ خوراڪ گڏ ڪيو ۽ کوهه کوٽايا. هڪ نئون شهر به آباد ڪيو. پر باوجود ڳولا ۽ ڪوششن جي انهيءَ شهر جو اڃا تائين ڪو ڏس نه ملي سگهيو آهي. اسان کي خاطري آهي ته اهو شهر ضلعي لسٻيلي جي ويجهو هو. پٻوڻي ناڪي کان ٿورو اڳتي هڪ مقام ’سسئي وٽو‘ آهي.“
ايم عثمان حسن پنهنجي ڪتاب ۾ انهيءَ پٿر جي تصوير به ڏني آهي، پر جيئن ته اها اخباري ڪاغذ تي شايع آهي، تنهن ڪري اها صاف نه آهي. تصوير جي هيٺيان ڏنل ڪيپشن ۾ هو لکي ٿو ته، ”سسئي وٽو (پٿر) تي سڪندر اعطم جي زماني جي يوناني لکڻي.“
اسان ان پٿر جي ڳولا ڪئي، پر اهو نه مليو. تنهن هوندي به اسان جي ڳولا اڃا جاري آهي. جڏهن ”ڪاوش دنيا“ ۾ لسٻيلي جي قديم آثارن تي لکڻ جو سلسلو هليو ته، پياري دوست ۽ ليکڪ علي حسن ملاح به فون ڪري ان پٿر بابت ڳالهه ڪئي. هن چيو ته، ”گهڻو وقت اڳ ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي هڪ پروفيسر پنهنجي هڪ مضمون ۾ پٻوڻي وٽ هڪ پٿر جو ذڪر ڪيو هئو. ان جي تصوير به ڏني هئائين.“ اهو مضمون ته ملي نه سگهيو، پر علي حسن ملاح اها تصوير پنهنجي فيس بڪ پيج تي رکي آهي، جيڪا ان ئي پٿر جي تصوير آهي، جنهن جي ايم عثمان حسن پنهنجي ڪتاب ۾ ڏني آهي. ايم عثمان حسن جو ڪتاب 1980ع واري ڏهاڪي جي شروع ۾ ڇپيو هو. بهرحال اسان ان پٿر جي ڳولا ڪري رهيا آهيون، جنهن جي ملڻ ۽ ان تي لکيل اکرن مان گهڻيون شيون واضح ٿي وينديون.
ڄاڻايل وڄندڙ پٿر واري بُٺيءَ کان اڌ فرلانگ اڳتي منهٻار نئن به حصا ٿيل جبل جي وچان وهي اڳتي وندر ڏانهن وڃي ٿي. جبل جي ڦاٽ واري اها اوچائي هڪ هزار ميٽرن کان به مٿي آهي. ٻه اڌ ٿيل جبل بابت مقامي ماڻهن ۾ روايت آهي ته، ”جڏهن سسئي هاڙهي ۽ وڻڪار کان واپس ٿي ان هنڌ پهتي هئي ته جبل کيس رستو نه ڏنو هئو (اصل رستو گهڻو پويان شورداڻ جبل مان ٿي سنگهر پٽ ڏانهن هو). ان بعد جڏهن سسئيءَ پنهنجي چهري تان نقاب لاٿو ته ان جي حسن جو تجلو جبل برداشت نه ڪري سگهيو، ۽ ٻه اڌ ٿي پيو. ائين سسئيءَ کي رستو ڏنائين. سسئيءَ هتي نقاب لاهي ’منهن ٻاهر‘ ڪيو هو، تنهن ڪري ان جبل ۽ نئن جو نالو ’منهن ٻاهر‘ پيو، جيڪو پوءِ بگڙي ”مُنهٻار“ ۽ ”مانباڻ“ ٿيو آهي.“
اسان جي خيال ۾ اهو جبل ڪنهن ڪنهن زلزلي جي نتيجي ۾ ٻه اڌ ٿيو هوندو، جنهن جو سسئيءَ سان ڪو تعلق نه آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي ”سسئي پنهون“ جي قصي تي آڌاريل پنجن سرن ۾ هڪ ڀيرو ”مانباڻ“ جو ذڪر ڪيو آهي: “ليڙُن لنگهي لَسَ مَانبَاڻئا مٿي ٿئا.“
رستو منهٻار نئن جي پيٽ مان گذري وندر ڏانهن وڃي ٿو. وڄندڙ پٿر ۽ ٻه اڌ ٿيل جبل کان پوءِ 10 ڪلوميٽرن بعد رستي ۽ منهٻار نئن جو ساٿ ختم ٿي وڃي ٿو. اڳتي وندر تائين پڪو رستو آهي. وندر کان ”سسئي پنهون“ جي درگاهه 26 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي اوڀر پاسي آهي.
-
ضلعي لسٻيلي جا قديم آثار -1
-
ضلعي لسٻيلي جا قديم آثار -2
-
ضلعي لسٻيلي جا قديم آثار -3
-
ضلعي لسٻيلي جا قديم آثار-4
-
ضلعي لسٻيلي جا قديم آثار-5
-
لسٻيلي ضلعي جا قديم آثار-6
-
ضلعي لسٻيلي جا قديم آثار-7
-
ضلعي لسٻيلي جا قديم آثار-8
-
ضلعي لسٻيلي جا قديم آثار-9
-
ضلعي لسٻيلي جا قديم آثار-10
-
اُهي ماڳَ، جتي سسئي؛ پنهونءَ پويان ويندي ٽي راتيون رهي هئي – 11
-
ضلعي لسٻيلي جا قديم آثار-12 (سسئيءَ جو سفر)