سنڌيڪار: عبدالستار لغاري
۱- منھنجو جنم
ڏکڻ ايشيا جو وچ ۽ پاڪستان جي گيٽ وي جي حيثيت رکندڙ پشاور منھنجو جنم ڀوميءَ آھي، آئون پنھنجي والدين محمد سرور خان ۽ عائشہ بيبي جو چوٿون نمبر اولاد آھيان. انھي زماني ۾ منھنجي شھر پشاور کي باغن ۽ گلن جو شهر سڏيو ويندو هو.قلب شھر يعني قصہ خواني بازار ۾ منھنجو گھر ھو. ھن بازار تي قصہ خواني نالو ڪيئن پيو؟ قديم روايتن مطابق پري کان ايندڙ تاجر جڏھن ھتي اچي رھندا ھئا تہ پنھنجون سفري ڪھاڻيون ھڪٻئي کي ٻڌائيندا هئا، تاجر مقامي ماڻھن کان بہ ڪھاڻيون ٻڌندا هئا، چون ٿا تہ ھڪٻئي کي ڪھاڻيون ٻڌائڻ جي ڪري ھن جڳھ تي "قصہ خواني” نالو مشهور ٿي ويو. منھنجو ننڍپڻ ھن بازار ۾ کيڏندي گذريو، مسجد مھابت ھر وقت اسان جي اکين اڳيان ھوندي ھئي. ننڍپڻ ۾ انگريزن کي گلن جا مختلف قسم خريد ڪندي ڏسي وڏو سڪون ملندو ھو. اسان جا بزرگ ٻڌائيندا هئا تہ انگريز گل خريد ڪري پنھنجن ماين کي پيش ڪندا آهن. ھتي جون سرديون ۽ گرميون تمام گھڻيون سخت ۽ ناقابل برداشت ھونديون ھيون، موسم جي سختي ھتان جي ماڻھن کي سخت جان بڻائي ڇڏيو هو.
ننڍپڻ ۾ فجر جي نماز پڙهڻ لاءِ جڏھن مسجد ۾ ويندا ھئاسين، وضو خاني ۾ پاڻي تمام گهڻو ٿڌو ھوندو ھو، برف جھڙي ٿڌي پاڻي ۾ وضو ڪرڻ مونکي اڄ بہ ياد آهي. ٻئي طرف گرم ڏينھن جون لڪون ۽ جھولا ۽ لڱ ساڙيندڙ گرمي وساري نہ سگھيو آھيان. اسان سڀ پنھنجي پيءُ کي” آغا جي” چوندا ھئاسين، آغا جي جو ھڪ سؤٽ چاچو عمر اسان جي گھر جي ويجهو رھندو ھو، بلڪه ان جو گھڻو وقت اسان جي گھر ۾ گذرندو هو. اسان جي گھر جا ڪم ۽ آغا جي جي باغن جي سنڀال چاچي عمر جي ذمي ھوندي ھئي. چاچو عمر ھڪ خوفناڪ قصو اڪثر دھرائيندو رھندو ھو، جيڪو منھنجي ڄمڻ کان اڳ جو هو. قصہ خواني بازار جي ھڪ حصي ۾ سونارن جا ڪيترائي دڪان ۽ بٺيون ھيون، ۱۷ ڊسمبر ۱۹۲۲ جي ھڪ سرد رات ۾ صرافہ بازار جي ھڪ دڪان ۾ باھ لڳي، ڏسندي ئي ڏسندي باھ سڄي بازار کي وڪوڙي وئي، ھر طرف ڀڄ ڀڄان ٿي وئي، اسان جي گھر جا سڀ مرد باھ وسائڻ ۾ مصروف ھئا، فقط چاچو عمر گھر ۾ ھيو، ان دوران منھنجي امان کي تڪليف ٿي، چاچا عمر دائي کي وٺي آيو، چاچو ٻڌائيندو ھو تہ "ڪجھ ئي منٽ گذريا هئا تہ تنھنجي روئڻ جو آواز منھنجي ڪنن تي پيو ھو. ان رات بازار ۾ لڳل باھ سڀني کي پريشان ڪري ڇڏيو هو، پر تنھنجي ڄمڻ جي جڏهن خبر پين تہ پريشاني خوشي ۾ بدلجي وئي”. صرافہ بازار ۾ لڳل باھ ۽ منھنجي ڄمڻ وارو قصو مون پنھنجي ڏاڏي کان بہ ٻڌو ھو. ھڪ رات ڏاڏي منھنجو ڄمڻ وارو قصو مخصوص انداز سان ٻڌائي رھي ھئي، ڏاڏي جا خاص لفظ ھي ھيا تہ "ايتري دير ۾ منھنجو يوسف پيدا ٿيو.” ڏاڏي اڪثر چوندي ھئي تہ باھ لڳڻ واري ان خوفناڪ واقعي دوران، يوسف جو ڄمڻ خاص ۽ ھڪ غير معمولي واقعو ھو، مگر ڏاڏي جي انھي ڳالھ تي منھنجي والدين ڪڏھن ڪا خاص توجھ ڪونہ ڏني ھئي.
جڏھن آئون پنجن سالن جو ھيس تہ ھڪ ڏينھن اسان جي دروازي تي ھڪ فقير آيو، فقير تہ ھونئن گھڻا ئي ايندا ھئا پر ھو ھڪ خاص فقير ھو، جيڪو گھڻي وقت کانپوءِ آيو ۽ ھو خيرات لاءِ خاص صدا ھڻندو ھو، ان وقت اسان سڀ ٻار اتي موجود ھئاسين پر فقير مون ڏي غور سان ڏٺو ۽ وڏي آواز ۾ ڏاڏي کي چيائين، انھي ٻار کي منھنجي ويجھو وٺي اچ. ڏاڏي ٿوري پريشان ٿي پر فقير جي چوڻ تي مونکي ان جي ويجھو وٺي آئي. فقير ڏاڏي کي چيو منھنجي ڳالھ غور سان ٻڌ، ھي معمولي ٻار ناھي، ھن کي مستقبل ۾ تمام گھڻي شهرت ملڻي آھي ۽ ھي بيمثال ڪارناما سرانجام ڏيندو. دنيا جي بدنظر کان بچائڻ لاءِ ھن تي توھان کي وڌيڪ ڌيان ڏيئڻو پوندو. ھن کي بدنظر کان بچائڻ لاءِ نرڙ تي ڪارو ٽڪو لڳائي ڇڏيو. مالڪ سائين جو نور ھن جي چھري کي ھميشہ روشن رکندو ۽ ھي پيرسني ۾ بہ تمام خوبصورت ھوندو. فقير جي پيشنگوئي ۽ نصيحت ٻڌڻ کانپوءِ ڏاڏي مونکي گنجو ڪري ڇڏيو ۽ ٻي ڏينھن تي آغا جي ۽ امان جي منع ڪرڻ باوجود پيشاني تي ڪارو ٽڪو بہ لڳائي ڇڏيو. اسڪول ويس تہ ٻار مون تي کلڻ لڳا، ڏاڍي ڪاوڙ آئي، گھر پھچي امان کي ٻڌايم، ھو مونکي ڏاڏي وٽ وٺي آئي ۽ چيائينس تہ امان توھان ھاڻ يوسف سان ايئن نہ ڪنديون، ڏسو يوسف ڪيڏو خراب ٿو لڳي، ٻار بہ ھن تي کلن ٿا. اھو ٻڌي ڏاڏي گوڙ ڪيو، فقير جي سامھون ٻيا ٻار بہ بيٺا هئا، ھن صرف يوسف کي ڏسي ان جي حفاظت لاءِ خاص تاڪيد ڪئي، عائشہ اھو تو بہ ٻڌو ھو. ڏاڏي پيار ڪرڻ لاءِ مونکي پاڻ ڏي ڇڪيو پر مون ان کي ڌڪو ڏنو ۽ امان کي ڀاڪر پاتم.
ٻي ڏينھن منھنجي پيشاني تي لڳل ڪارو ٽڪو ڪجھ ڊھي چڪو هو پر مٿو ڪوڙڻ ۽ ڪارو ٽڪو لڳائڻ روز جو معمول بڻجي چڪو هو. پنھنجي نئين ھليئي سان آئون اسڪول ۾ اڪثر اڪيلو ۽ خاموش رھڻ لڳو ھئس، ڪلاس وارن سان کيڏڻ بجاءِ اسڪول جي لئبريري ۾ تصويرن وارا ڪتاب کڻي ڏسندو رھندو ھئس. منهنجي خوبصورتي جي ڪري منھنجون پڦيون، چاچيون ۽ چاچا مونسان تمام گھڻي محبت ڪندا هئا، امان کي تنگ بلڪل بہ نہ ڪندو ھئس، جڏھن امان گھر جي ڪم ڪار ۾ مصروف ھوندي ھئي تہ آئون ڪنھن چاچي يا پڦي وٽ وڃي ويھندو ھئس. گھڻي وقت کان پوءِ مون کي اھا ڳالھ سمجھ ۾ آئي تہ ڏاڍي ڪاوڙ آئي، ڏاڏي گھر جو سڄو ڪم ڪار امان کان ڪرائيندي آھي ۽ ان تي حڪم بہ ھلائيندي آھي، جڏھن تہ ان جون ڌيئرون سڄو ڏينھن وانديون ويٺيون آهن. مونکي ياد آهي ھڪ ڏينھن آغا جي امان کي چئي رهيو هو تہ گھر ۾ ٻيون بہ تہ مايون آھن، تون اڪيلي سڄو ڏينهن گھر جو ڪم ڪار ڇو ٿي ڪرين؟ امان تمام نرم لھجي ۾ جواب ڏنو ھو تہ گھر جو ڪم ڪار ڪرڻ منھنجي لاءِ وڏو اعزاز آھي، گھر جي ڪابہ عورت منھنجو مقابلو نٿي ڪري سگهي. پڦي بيبي جان جڏھن بہ امان جي اھا ڳالھ ٻڌندي ھئي تہ ڪاوڙ ۾ ڳاڙھي ٿي ويندي ھئي.
۲-خاندان جي سربراھ عورت
منھنجي ڏاڏي کي خاندان جي دلير عورت چيو ويندو هو، ان جو وڏو رعب ۽ دٻدٻو ھوندو ھو، ڏاڏي جو قد وڏو ۽ ڪلھا ويڪرا ھيس، ھو پٺاڻن واري شلوار ۽ وڏي قميص پھريندي ھئي، قدبت جي حساب سان عورت کان وڌيڪ مرد لڳندي هئي، ھو مٿي تي پوتي پائيندي ھئي ۽ سڄي جسم کي ھڪ وڏي شال سان ڍڪيندي ھئي. جڏھن ڪا شرارت ڪرڻ کان پوءِ لڪڻو ھوندو ھو تہ ڏاڏي جي شال ۾ لڪندو ھئس. ڏاڏي جي شال مون لاءِ پناھ گاھ ھئي، گھر وارا پيا ڳوليندا ھئا ۽ آئون ڏاڏي جي شال ۾ لڪي پيو گدگد ٿيندو ھئس، اھو مرحلو دلچسپ ھوندو ھو، جڏھن امان ۽ پڦي بيبي جان مونکي مسلسل ڳولينديون رھنديون ھيون. ڏاڏي اھو سڄو لقاءُ اکيون بند ڪري خاموشي سان ويٺي ڏسندي ھئي، ڄڻ تہ ھن کي ڪا خبر ئي ناھي. ڏاڏي ڪيترن ئي حوالن کان مونسان پيار ڪندي ھئي، ھڪ حوالو فقير جي پيشنگوئي وارو ھو، ٻيو اھم حوالو اھو ھو تہ آئون پنھنجي وڏي ڀاءُ نور صاحب کان بنھ مختلف ھئس، نور ڀاءُ جھيڙاڪ ھو، پاڙي جي ٻارن سان اڪثر جھيڙو ڪندو رھندو ھو، ڏاڏي وٽ ڀاءُ جون شڪايتون اينديون هيون، شڪايتون ٻڌي ڏاڏي کي تمام گهڻي ڪاوڙ ايندي هئي. منهنجي وڏي ڀيڻ سڪينہ امان کان بنھ مختلف ھئي، خوبصورت ۽ پرڪشش ھئڻ باوجود امان جھڙي حسين نہ ھئي، ھو وڏي ضدي ھئي، امان سان ڪڏھن بہ نہ ٺھي. آغا جي ماءُ ڌيءُ جي جھيڙي ۾ دلچسپي نہ وٺندو ھو، آغا جي جو شايد اھو خيال ھوندو ھو تہ ٻہ عورتون وڙھي پاڻھي سرچي پونديون. سڪينہ ڏاڏي سان گھڻي مشابھت رکندي ھئي، ادي ۽ گھر جي ٻين عورتن ۾ ڪو بحث مباحثو ٿي پوندو ھو تہ ڏاڏي وچ ۾ نہ پوندي هئي، ڇاڪاڻ تہ کيس خبر هئي تہ سڪينہ ضد ۾ ان تي وئي آھي.
بازار کان ايندي آغا جي مغرب کان پوءِ سڌو پنھنجي ماءُ جي ڪمري ۾ ويندو هو، ھو بہ سندس انتظار ۾ ھوندي ھئي.ان وقت ڏاڏي پنھنجي مخصوص ڪرسي تي ويٺي تسبيح پڙھندي ھئي. ادا نور مونکان پنج سال وڏو هو، مونکان اھا توقع ڪئي ويندي ھئي تہ کيس نور صاحب چوان. نور صاحب ھڪ رنگين ڪردار ھو، ھو پنھنجي حرڪتن جي ڪري آغا جي کان اڪثر مار کائيندو هو، پر ھن تي ڪوبہ اثر نہ ٿيندو ھو، ڪجھ وقت کانپوءِ ھن جون شرارتون وڌي وينديون هيون، ادا نور امان کي بہ تنگ ڪندو ھو، وڏو ھجڻ ڪري ھو پنھنجي پاڻ کي ڀائرن ۽ ڀينرن جو باس سمجھندو ھو ۽ سڀني تي حڪم ھلائيندو ھو. منھنجو ڀاءُ ايوب مونکان ڏيڍ سال وڏو هو، منھنجي ساڻس گھڻي لڳندي هئي، ھو خاموش طبيعت جو مالڪ هو، ھن جي موجودگي جو احساس ان وقت ٿيندو ھو، جڏھن اسان کيڏندا ھئاسين. ھو اسڪول نہ ويندو ھو، بلڪه گھر ۾ ئي ٽيوشن وٺندو هو، ڇاڪاڻ تہ ھو صحتمند نہ ھو پر قدرت کيس اعلي ذھن ۽ تمام گھڻي سمجھ ڏني ھئي. ايوب منھنجو ھمراز بہ ھيو، ھن منھنجي ھڪ راز کي گھڻي وقت تائين لڪائي رکيو. اھو راز ھي ھيو تہ ننڍپڻ ۾ ھڪ دفعي منھنجي ڏاڏا مونکي چيو تہ گھر جي ڏاڪڻين جي ھيٺيان جيڪو سوراخ آھي ان ۾ جنن جو سايو آھي، ان سوراخ ۾ جيڪڏھن پئسا رکجن تہ اھي جادوئي قوت سان ٻيڻا چوڻا ٿيندا وڌندا ويندا، پر شرط اھو آھي تہ پئسا رکڻ وارو اھو راز ظاھر نہ ڪري ۽ سوراخ کي بار بار بہ نہ ڏسي. مون ۽ ايوب ان سوراخ ۾ ڪجھ سڪا لڪايا، ڪجھ وقت کان پوءِ اسان بمبئي ھليا وياسين. ڪافي وقت کانپوءِ اسان جو پشاور وڃڻ ٿيو تہ ايوب مونکي سڪن واري ڳالھ ياد ڏياري پر ان وقت تائين اسان جي گھر جو نقشو ئي بدلجي چڪو هو، اسان جتي سڪا لڪايا ھئا اتي ڪاٺ جو انبار لڳل ھو. وڏي جدوجهد ۽ مشڪلات کانپوءِ اسان ٻنهي جڳھ ڳولي ورتي پر اتي ڪجھ نہ ھو پر افسوس ان ڳالھ جو ٿيو تہ ڏاڏا وفات ڪري چڪو هو، جي حياتي ھجي ھا تہ اسان جي بي عقلي تي ڏاڍو کلي ھا.
ڏاڏي پنھنجي مخصوص انداز ۽ حاڪماڻا رويي رکڻ باوجود بہ ڪنھن حد تائين خوفزده هئي، ھن ڄاڻي ٻجھي ان ڳالھ کي يقيني بڻايو ھو تہ سندس ڌيئرون گھر جي ڪم ڪار ۾ حصو نہ وٺن. پڦي بيبي جان خاندان ۾ امان جي واحد ھمدرد ھئي، ھو حقيقي طور تي پنھنجي ڀاءُ جي پياري زال کي دل سان پسند ڪندي ھئي. ھو اسان جي گھر جي پٺيان رھندي ھئي، بيبي جان جي امان سان بي انتھا محبت ھئي، ان ڳالھ کان ڏاڏي واقف ھئي، ڪيترائي اھڙا موقعا آيا جو بيبي جان امان جي پاران ڏاڏي سان وڙھي پوندي هئي. اسان جي گھر جي ويجھو چشمو وھندو ھو ان ۾ تمام گھڻو پاڻي ھوندو ھو، چاچي عمر جو گھر بہ چشمي جي پاسي ۾ ھوندو ھو، ان چشمي کي جڏھن پري کان ڏسبو هو تہ ھڪ ڍنڍ وانگر نظر ايندو هو،چاچي عمر ۽ بيبي جان جا گھر ھڪٻئي جي ويجھو ھوندا ھئا پر ھنن جو گھڻو وقت اسان جي گھر ۾ گذرندو هو.
اھا ڳالھ مونکي ٻڌائڻ وسري وئي تہ گنج ۽ ڪاري ٽڪي جي ڪري اسڪول ۾ اڪيلو ٿي ويو ھئس پر ان جي باوجود گھر ۾ منھنجين سرگرمين تي ڪو بہ فرق ڪونہ پيو. ادي سڪينہ ڇوڪرين جي اسڪول ۾ پڙهڻ ويندي ھئي، ھو امان سان گھر جي ڪم ۾ ھٿ ونڊائيندي ھئي. ھن جو گھڻو وقت امان سان يا پڦين سان گذرندو هو، وڏي ھجڻ ڪري ھو بہ نور صاحب وانگر ننڍين ڀينرن ۽ ڀائرن تي حڪم ھلائيندي ھئي. نور ۽ ايوب ادي سڪينہ خلاف شرارتن جا منصوبا ٺاھيندا ھئا. ھي ٻئي ڀائر مڪڙي ، ڪيڙن ۽ ماڪوڙين جنھن کان اڪثر ڇوڪريون ڊڄنديون آھن، ھٿ ۾ جھلي ادي کي ڊيڄارڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندا ھئا پر ادي ٻارنهن سالن جي ڄمار ۾ اھڙين شين کان ڊڄڻ واري نہ ھئي. منھنجا ڀائر ۽ سؤٽ ادي کي ڪڏھن بہ ڪيڙن ۽ ماڪوڙين کان ڊيڄاري نہ سگھيا. جڏھن بہ اھڙين قسمن جي شرارت ڪندا هئا تہ ادي انھن کي پڪڙي ڏاڏي جي حوالي ڪندي ھئي، ھن جو مونسان رويو بهتر ھوندو ھو، ڇاڪاڻ تہ ھڪ تہ آئون گھر وارن جو دادلو ٻار ھئس ٻيو تہ ادي خلاف ڪيل شرارتن ۾ حصو نہ وٺندو ھئس. اسان جي گھر ۾ ٽي پارٽي وارو چانھ جو دور ڏاڍو اھم ۽ خصوصي ھوندو ھو، ڏاڏو، ڏاڏي، بابا، چاچا، چاچيون، پڦيون ۽ سڀ ٻار پارٽي ۾ شامل ٿيندا ھئا. ھن موقعي تي ڏاڏو گھوڙو ٿيندو ھو ۽ ٻارن کي پٺي تي ويھاري سواري ڪرائيندو هو، دادلو ھئڻ ڪري مونکي سواري جو وقت وڌيڪ ملندو هو، ھيڏانھن ھوڏانھن موڙڻ لاءِ ٻيئي ھٿ ڏاڏي جي ڏاڙهي ۾ وجھندو ھئس، انھي عمل تي ڏاڏي ڪڏھن بہ ڪاوڙ نہ ڪئي. ھائي ٽي ۾ پڪوڙا، سموسا ۽ ٻيون شيون ھونديون ھيون.
امان جي پوتي جھلي پويان ھلڻ ۾ وڏو سڪون ملندو هو، امان پنھنجن ڪمن جي سلسلي ۾ تيزي سان ھڪ کان ٻي ڪمري ۾ پئي ايندي ويندي ھئي ۽ آئون ان جي پٺيان پٺيان ھوندو ھئس. امان ڪڏھن بہ ڏاڏي جي ڪنھن ڳالھ يا سوال جو پري کان جواب نہ ڏنو، ڏاڏي سان ھميشہ ويجھو وڃي ڳالھائيندي ھئي يا پڇيل سوال جو جواب ڏيندي ھئي. ھڪ دفعي اھي ٻيئي پاڙي ۾ ٿيل ھڪ اھم واقعي تي گفتگو ڪري رھيون ھيون، ھنن کي منھنجي موجودگي جو احساس نہ ٿيو، ڏاڏي امان کي انتھائي رازداري ۾ چئي رھي ھئي تہ جلدي وڃ لاش اڃا موجود آهن، وري پوليس اچي ويندي. ڏاڏي جي اھا ڳالھ مونکي سمجھ ۾ نہ آئي. انھن ڏينھن ۾ گھرن جون ڇتيون ھڪٻئي جي ويجھو ۽ ڳنڍيل ھونديون ھيون. جيڪڏهن پردي دار عورتن کي ڪٿي پاڙي ۾ اچڻ وڃڻ ٿيئي تہ بازار جي رستن بجاءِ ڇتين وارو رستو استعمال ڪيو ويندو هو. آئون بہ امان جي پٺيان ھلندو رھيس، امان ۽ آئون ھڪ گھر ۾ پھتاسين، اتي ڏٺم تہ ھڪ ڪمري ۾ قطار ۾ ٽي لاش پيا آھن. ھڪ عورت روئي رھي ھئي، امان ان کي دلاسو ڏنو. لاشن مان ٿوري ڌپ بہ اچي رھي ھئي، ماڻھو جي تمام گهڻي رش هئي. امان کي اھا خبر نہ ھئي تہ آئون بہ ان سان گڏ آيو آھيان. پوليس وارا گھر جي فردن کان معلومات وٺي رھيا ھئا، انھي دوران مونکي خبر ئي نہ پئي امان گھر ھلي وئي. آئون ھڪ ميز جي پويان ھئس ۽ ڪنھن کي نظر بہ ڪونہ آيس. اچانڪ سڀ ماڻھو ڪمري مان ھليا ويا ۽ دروازو ٻاھريان بند ڪيو ويو. ڪمري ۾ اڪيلو رھجي ويس. خوف جي ھڪ لھر منھنجي جسم ۾ ڊوڙي وئي تہ ھاڻ خبر ناھي دروازو ڪيڏي مھل کلندو؟ دعائون گھرڻ لڳس. ڏٺم تہ ھڪ دري کليل ھئي، جيئن ئي زوردار ھوا لڳي تہ ھڪ لاش جي منھن تان ڪفن ھٽي ويو، مونکي زوردار جھٽڪو لڳو ڇو تہ لاش ان نوجوان جو ھو جنھن کي مان روز بازار ۾ ڏسندو ھئس. لاش کي غور سان ڏٺم محسوس ٿيو تہ ھو مونکي غور سان ڏسي رھيو آھي ۽ ان جون اکيون بہ حرڪت ڪري رھيون آھن. خوف جي ڪري منھنجو ڳلو خشڪ ٿي ويو، مونکي لڳو تہ مون زوردار رڙ ڪئي آھي، ذھن ۾ ڪيترائي خيال اچي رھيا ھئا، ھڪ خيال اھو بہ آيو تہ گھر ۾ سڀ ڀاتي ٽي پارٽي تي گڏ ھوندا، ڏاڏي ۽ ڏاڏي کي منھنجي غير موجودگي جو ضرور احساس ٿيندو ۽ اھي مونکي ڳوليندا، ٿي سگھي ٿو مونکي ڳوليندا ڳوليندا ھتي اچي نڪرن، ھن مصيبت مان ڇوٽڪاري جي ڪا راھ نڪري پوي. ان وقت اھا ڳالھ بہ ذھن ۾ آئي تہ امان تہ رڌ پچاءُ ۾ مصروف ھوندي، ان کي تہ خبر ئي نہ ھوندي مان ڪٿي آھيان. ڪافي وقت گذرڻ کانپوءِ ھڪ انگريز پوليس آفيسر تفشيش جي سلسلي ۾ ڪمري ۾ داخل ٿيو، ھن کي لاش ڏيکاريا ويا، ڪمري ۾ مونکي موجود ڏسي ھن سوال ڪرڻ شروع ڪيا، ڪير آهي ھي ٻار، ھتي ڇا ٿو ڪري؟ آئون وڌيڪ پريشان ٿي ويس، اتي موجود ڪجھ ماڻھن مونکي سڃاتو، انھن آفيسر کي ٻڌايو تہ ھي سرور خان جو پٽ آھي، ايتري ۾ مون ۾ ڪجھ ھمت پيدا ٿي، ٻڌايم تہ امان سان گڏ آيو ھئس پر حادثاتي طور ڪمري ۾ بند ٿي ويس، اتي موجود سڀني ماڻھن منھنجي ڳالھ تي اعتبار ڪيو ۽ آئون لاشن واري گھر مان نڪري پوري رفتار سان ڀڄندو اچي گھر پھتس. گھر ۾ اڃا ھائي ٽي پارٽي شروع نہ ٿي ھئي، ڏاڏي منھنجي منھن ۾ ڏسي سمجھي وئي تہ ڪو غير معمولي واقعو پيش آيو آھي. مون جڏھن سڄي روئداد ٻڌائي تہ ڏاڏي امان کي تمام گهڻو ڳالھايو ۽ چيائينس تہ تون ھن جو خيال ڇو نٿي رکين. خوشقسمتيءَ سان ان وقت آغا جي گھر ۾ داخل ٿيو ۽ گفتگو جو موضوع ٻي طرف ھليو ويو. چانھ پيئڻ دوران گفتگو ھڪ دفعو وري انھن ٽن ڀائرن جي لاشن متعلق ٿيڻ لڳي جيڪي ھڪ قبائلي دشمني ۾ ماريا ويا هئا. ڪنھن بہ پٺاڻ گھر ۾ انھن ۾ عام طور تي ڊزن کن ٻار ضرور ھوندا ھئا، پٽن جو ھجڻ اھم سمجھيو ويندو هو، ڇو تہ پٽ خوني جھيڙن ۾ ڪم ايندا ھئا، قتل ٿيڻ باوجود پٺاڻ مطمئن ھوندا ھئا تہ بدلي وٺڻ لاءِ ٻيا پٽ ويٺا آهن. اھو ئي سبب آهي پٺاڻ خاندانن ۾ ٻارن جي پيدائش دوران وقفو نہ ھجڻ جي برابر هو.
چانھ پيئڻ دوران عورتون ۽ مرد پنھنجن پنھنجن ڳالھين ۾ مصروف ھوندا ھئا، عورتن جي گفتگو اڪثر ڪري بي معني ھوندي ھئي، جڏهن تہ مردن جي گفتگو سنجيده قسم جي ھوندي ھئي، ڏاڏي ان موقعي تي مختلف معاملن متعلق پنھنجا حُڪم صادر ڪندي ھئي، ڪير بہ کانئس سوال نہ ڪري سگھندو ھو. مونکي ان ڳالھ جو شدت سان احساس ٿيندو ھو تہ ٻيا سڀ ڪچھرين ۾ محو ھوندا ھئا، جڏھن تہ امان اڪيلي رڌڻي ۾ کاڌا تيار ۾ مصروف ھوندي ھئي. چلھ تي ڪم ڪرڻ وڏي تڪليف وارو ڪم ھوندو آھي، دونھين تي امان جو ساھ بند ٿيڻ لڳندو هو پر پوءِ بہ ھو ڪم ڪندي رھندي ھئي. امان جي پچايل کاڌن جي سڀ گھر ڀاتي تعريف ڪندا هئا، ڪڏھن ڪڏھن بيبي جان رڌڻي ۾ امان سان ھٿ ونڊائيندي ھئي. گھر جي ڪم ڪار لاءِ نوڪر پڻ ھوندا ھئا پر امان پنھنجا ڪم پاڻ ڪندي هئي، ھو ھر وقت پرسڪون ۽ مطمئن رھندي ھئي، امان جي انھن خوبين آغا جي جي زندگي کي بھتر بنائي ڇڏيو هو، کيس گھر جي ڪنھن ڀاتي ڪڏھن بہ امان جي شڪايت نہ ڪئي، جڏھن تہ گڏيل خاندانن ۾ مسئلن جو ھجڻ اڻٽر ھوندو آھي. امان جو تعلق نجيب الطرفين خاندان سان هو. منھنجو نانو، ناني يا ماسيون جڏھن بہ اسان جي گھر ايندا هئا تڏھن اھي قيمتي لباس ۾ ملبوس ھوندا ھئا، ھڪ ٻہ نوڪر بہ ساڻ ھوندا ھئن، جيڪي مٺايون ۽ ٻيون شيون کڻي ايندا هئا، حالانڪہ انھن کي پتو ھو تہ اسان وٽ ڪنھن بہ شيءِ جي ڪا بہ ڪمي ناھي، امان وقت ڪڍي نانا وارن سان ڪچھري ڪندي ھئي، منھنجون ماسيون تمام گھڻيون خوبصورت ھيون. مونکي ياد آهي ھڪ دفعي امان کي گھر جي ڪمن کان مڪمل ڇوٽڪارو مليو ھو، اھا ان وقت جي ڳالھ آهي جڏهن اسان ماسي جي شادي جي سلسلي ۾ ناني جي گهر ويا هئاسين، ان وقت منھنجي ڄمار پنج سال ھئي. ڏاڏي آغا جي کي منھنجي متعلق خاص طور تي تاڪيد ڪندي فقير جي ڳالھ ياد ڏياري ھئي ۽ چيو ھئائين تہ يوسف کي اڪيلو نہ ڇڏجو. مونکي پنھنجي گنج ۽ پيشاني تي لڳل ڪاري ٽڪي سخت پريشان ڪيو ھو پر ان موقعي تي منھنجي پڦي بيبي جان مدد ڪئي ھئي امان کي چيائين پنھنجي مائٽن جي گھر ۾ ننڍڙي سان مٿي ڪوڙڻ ۽ ڪاري ٽڪي لڳائڻ واري تعدي نہ ڪجو. منھنجي ناناڻن جي گھر ۾ امان کي خاص توجھ ملي، امان کي اتي خوش ڏسي مونکي تمام گھڻي خوشي ٿي، ڏاڏاڻي ڪھول ۾ امان کي ايترو مان ۽ عزت نہ ملندي هئي. ماسي جي شادي کانپوءِ اسان واپس پنھنجي گھر اچي وياسين، حسب معمول مونسان ٺوڙھ ۽ ڪاري ٽڪي وارو تعدي جاري رھي. گھر ايندئي امان پنھنجن ڪمن ڪارين ۾ مصروف ٿي وئي، منھنجي خواھش ھوندي ھئي تہ امان ڪوبہ ڪم نہ ڪري پر اھا خواھش پوري نہ ٿي سگھي. مٿو ڪوڙائڻ ۽ پيشاني تي ڪارو ٽڪو لڳائڻ کانپوءِ آئون اسڪول تہ ويندو رھيس پر امان ۽ آغا جي سميت ڪنھن بہ ان ڳالھ تي ڌيان نہ ڏنو تہ آئون سوچن ۾ گم رھڻ لڳو آھيان. دراصل مونکي اڪيلائي ۽ ناقدري جو احساس ٿيڻ لڳو ھو. اسڪول مان گھر پھچڻ جي جلدي ھوندي ھئي جيئن امان وٽ پھچي ان جي ھنج ۾ پناھ وٺي سگھان. ھاڻي مان جڏهن سوچان ٿو تہ ڏاڏي فقير جي پيشنگوئي کي مان ڇو ڏنو ۽ ان انڌي تقليد ۾ ڪھڙي حڪمت ھئي؟ ڇا مونکي گنجي ڪرڻ ۽ پيشاني تي ڪاري ٽڪي لڳائڻ جي پٺيان وڏي حڪمت لڪل ھئي؟ بگڙيل صورت جي ڪري اسڪول ۾ ڏاڍو پريشان رھندو ھئس، پر خيال ايندو آهي تہ ننڍپڻ جي انھي پريشاني کانپوءِ زندگي ۾ ڪيترائي حيران ڪن نتيجا مليا. فلمي ڪيريئر جي شروعات ۾، منھنجي تحت الشعور ۾ دٻيل اسڪول ۾ گذاريل احساس محرومي وارو اھو زمانو نروار ٿيو، ننڍپڻ جي انھي درد ۽ ڪرب منھنجي اداڪاري ۾ نوان رنگ پيدا ڪيا. ھاڻ سوچان ٿو تہ ڏاڏي جي ان حڪمت مان مونکي ڪيڏو فائدو مليو.
(هلندڙ)
22 Comments