”زندگي جا خوبصورت لمحا“ دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط 2)

ليکڪ: اودياترانائر

سنڌيڪار: عبدالستار لغاري

3- مھمجو ننڍپڻ

آئون پڙھاڪو ٻار نہ ھئس، ھا اھو آھي تہ مون ۾ مشاھدي جي قوت ڪجهہ وڌيڪ ھوندي ھئي، منھنجي سؤٽن سان گهڻي نہ لڳندي هئي، آئون انھن سان ڪچھري بہ تمام گهٽ ڪندو ھئس. مون کي ياد آهي تہ آئون ڏاڏي کان مختلف سوال ڪندو ھئس، گھر جي ويجهو چشمو مسلسل ڇو وھندو رھندو آھي؟ ان ۾ پاڻي ڪٿان ايندو آهي؟ ۽ ڪيڏانھن ويندو آهي؟ منھنجا سوال ٻڌي ڏاڏو اڪثر کلي پوندو هو، ھو مون کي ڪلھي تي ويھاري چشمي تي کڻي ويندو هو، اسان ڏاڏو پوٽو ڪيتري ئي دير تائين چشمي مان وھندڙ پاڻيءَ کي غور سان ڏسندا رھندا ھئاسين، آئون ڏاڏي جي جواب جو منتظر ھوندو ھئس، پر مون کي ان وٽان جواب نہ مليا. ھڪ دفعي مون ٻڌو ڏاڏو آغا جيءَ کي چئي رهيو هو، تہ يوسف خاندان جي ٻين ٻارن کان مختلف آهي، ٻيا ٻار مختلف منظر ڏسي حيران ناھن ٿيندا ۽ اھي يوسف وانگر سوال بہ ناھن ڪندا. سخت گرمين ۾ ٻنپھرن کان پوءِ مون کي کليل ميدان تي ھلڻ ۾ مزو ايندو هو، ماني کائڻ بعد ڏاڏي پنھنجي ڪمري ۾ آرام ڪندي ھئي، انھن ڏينھن ۾ بجلي جا پنکا نہ ھوندا ھئا، گتي ۽ ٿلھي ڪپڙي سان ٺھيل پنکا گهرن ۾ لڳل ھوندا ھئا، جن کي ھٿن سان ڇڪي ھلايو ويندو هو، حالانڪہ اھو ڏکيو ڪم ھوندو ھو پر ھلائڻ وارا بخوبي ڄاڻندا ھئا. خاندان جي سڀني ٻارن کي انھن پنکن جي ھوا ۾ سمھاريو ويندو هو، جڏھن سڀ سمھي رھندا ھئا تڏھن آئون گهر کان ٻاهر نڪري ويندو ھئس، ٻيرن جا وڻ ھوندا ھئا پر ان مان ڪير بہ ٻير نہ پٽيندو هو، اسان کي اھو ٻڌايو ويندو هو تہ ٻير انسانن لاءِ نہ پر ڪيڙن ۽ جيتن لاءِ آھن. آئون ھڪ وڻ تي چڙهي ويس، کيسا مس ڀريم تہ گوڙ ٻڌڻ ۾ آيو، اسان جي خانداني باغن جي سنڀال ڪندڙ غني ھڪ شخص کي پڪڙي ورتو، جيڪو گودام مان خشڪ ميون جي چوري ڪرڻ لاءِ آيو ھو، معافي گهرڻ تي غني ان شخص کي ڇڏي ڏنو ۽ پوءِ ٻئي ھليا ويا. اھڙي طرح آئون بہ وڻ تان لهي گهر ھليو ويس. خاندان جا سڀ ٻار غني کان ڊڄندا ھئا، ڏاڏي بہ غني جو احترام ڪندي ھئي، ھوءَ کيس پئسا ۽ کائڻ پيئڻ جون شيون ڏيندي رھندي ھئي. غني ھڪ طاقتور شخص ھو، ھن جي شخصيت جو ھڪ پھلو اھو بہ ھو تہ چانڊوڪي راتين ۾ ھن کي دؤرو پوندو هو، ان ڪيفيت ۾ جڏھن باغ جي سنڀال تي ھوندو ھو تہ ان وقت ھو بگهڙن جو آواز ڪڍندو هو. جڏھن ھن کي دؤرو پوندو هو تہ کيس ڪير بہ چپ نہ ڪرائي سگهندو ھو، ان حالت ۾ ھن کي زنجيرن ۾ جڪڙي ڪمري ۾ بند ڪيو ويندو هو، ڪجهہ وقت ان حالت ۾ رھڻ کان پوءِ ٺيڪ ٿي ويندو هو، جھڙو ھن کي ڪجهہ ٿيو ئي نہ ھجي. ڪڏهن ڪڏهن تہ دؤرو پوڻ کان پوءِ ڪيترن ئي ڏينهن تائين ھن جي طبيعت ۾ سڌارو نہ ايندو هو، ان حالت ۾ زنجيرن ۾ ٻَڌل ھوندو ھو، سڪتي جي عالم ۾ ھُو بنھہ مارا ماريءَ تي لھي پرتشدد بڻجي ويندو هو، ان حالت ۾ ڪير بہ ھن جي ويجهو نہ ويندو هو، سڀ ڊڄندا ھئا. سچي ڳالھ اھا آھي تہ غنيءَ سان سڀ ھمدردي ڪندا هئا، ڪجهہ ماڻھو چوندا ھئا تہ چانڊوڪين راتين ۾ ڪو جن ھن تي اچي واسو ڪندو آهي، ڪجهہ ماڻھن جو خيال ھو تہ غنيءَ کي چريائپ جو دورو پوندو آهي، ھن جو علاج ڪرائڻ گهرجي. ھڪ دفعي غنيءَ کي شديد دورو پيو ھو ۽ ھن کي کٽ سان ٻڌو ويو هو ۽ ان ئي حالت ۾ ھو گذاري ويو هو. غنيءَ متعلق ڳالھيون تہ سڀ ڪندا هئا، ساڻس ھمدردي بہ ڪندا هئا، پر غني جي علاج لاءِ ڪنھن بہ عملي ڪم نہ ڪيو. باغن جي آسپاس رھندڙ ماڻھن جو چوڻ ھو تہ غنيءَ جي وفات کان پوءِ چانڊوڪين راتين ۾ بہ ھنن کيس باغن ۾ گهمندي ڏٺو ھو. غنيءَ متعلق خوفناڪ ڪھاڻيون ٻڌڻ کان پوءِ بہ مون تي ڪو بہ فرق نہ پيو ۽ منھنجيون سرگرميون جاري رهيون. معمول موجب ھڪ دفعي ٻنپهرن جو گهر کان ٻاهر نڪري گودام ڏي ويس، بادامين ۽ پستن سان کيسا مس ڀريم تہ ھڪ گاڏي گودام طرف ايندي نظر آئي. انگريز سپاهي بہ ھيا، جيڪي قبائلي پٺاڻن جي پويان ھئا، مون يڪدم گودام جو شٽر ھيٺ ڪري ڇڏيو ۽ پيٽ ڀر ليٽي ٻاھر ٿيندڙ فائرنگ جو منظر ڏسڻ لڳس، ان وقت مون ڪيترن ئي قبائلين کي گولين جو کاڄ ٿيندي ڏٺو ھو. آئون تمام گهڻو ڊڄي ويو ھئس، ڇاڪاڻ تہ انگريزن جي بندوقن جو رخ گودام طرف ھو، انھن جو شايد اھو خيال ھو تہ قبائلي پٺاڻ گودام طرف لڪل آھن. ڪافي دير گذرڻ کان پوءِ انگريز سپاهي توپ گاڏي سميت واپس ھليا ويا، پر مون کي قبائلي پٺاڻن جي ممڪنہ موجودگيءَ جو ڊپ ورائي ويو. اھي قبائلي پٺاڻ پيشاور خطرناڪ قسم جا ماڻهو ھئا، جن جو ڪم ئي لٽمار ڪرڻ ھو. مون ھمت ڪئي ۽ تيزيءَ سان شٽر مٿي ڪري تيز رفتاريءَ سان ڀڄي نڪتس. گهر پھتس تہ جسم ۾ ست ئي نہ رھيو ھو، سڌو وڃي امان کي ڀاڪر پاتم. فائرنگ جو آواز منھنجي گهر وارن ٻڌو ھو، انھن کي اھا بہ خبر ھئي تہ آئون ٻاھر آھيان، امان ۽ ڏاڏي منھنجي خيريت لاءِ دعائون ڪري رھيون ھيون ۽ ڪجهہ ماڻھن کي مون کي ڳولڻ لاءِ موڪليو ويو هو. جڏھن مون اکين ڏٺو واقعو ٻڌايو ھو تہ سڀ ڊڄي ويا ۽ مون کي دڙڪا ڏنائون، پر انھن کي اھو اطمينان ٿيو تہ آئون سلامتي سان واپس گهر پھچي ويو آھيان.

دليپ ڪمار جي ننڍپڻ جي هڪ يادگار تصوير

آغا جي وڏي قد ڪاٺ وارو شخص هو، هن جون مڇيون خوبصورت ھونديون ھيون، مٿي جا وار گهاٽا ھوندا ھئس، ڏاڏي جا بہ مٿي جا وار گھاٽا ھوندا ھئا، اھڙي طرح منھنجي مٿي جا گھاٽا وار بہ موروثي آھن. آغا جي اڪثر ڪري پاجامو ۽ ڪڙتو پھريندو ھو، جيڪو ھڪ ماھر درزيءَ کان سبرائيندو ھو. آغا جي منھنجي والده سان تمام گهڻي محبت ڪندو ھو، ھو امان کي خوشبو دار پائوڊر ۽ ٻيون شيون آڻي ڏيندو هو، امان اھي شيون الماڙي ۾ لڪائي رکندي هئي، جيئن ڏاڏي کي خبر نہ پوي. امان قدبت جي سنھي ھڪ ننڍي قد جي عورت ھئي. مون کان پوءِ منھنجو ڀاءُ ناصر پيدا ٿيو، ھر ڀاءُ ڀيڻ جي ڄمڻ کان پوءِ آئون انھن کي حسد وارين نظرن سان ڏسندو ھئس، نئين ڄاول ٻار کي امان سان گڏ ستل ڏسندو ھئس تہ مون کي ڏاڍي ڪاوڙ ايندي هئي، امان سان رات جو گڏ سمھڻ پنھنجو بنيادي حق سمجهندو ھئس. گرميون ھجن يا سرديون امان سڄو ڏينهن گهر جو ڪم ڪار ڪرڻ کان پوءِ جڏھن بستري تي آرامي ٿيندي ھئي تہ جلدي گھاٽي ننڊ اچي ويندي ھئس. ٻي طرف گهر جي ڪم ڪار کان آزاد منھنجون غير شادي شده پڦيون پاڻ سان گڏ ايراني ٻليون سمھارينديون ھيون، جيئن سياري ۾ بسترا گرم رھن. گرمين ۾ سڀ گهر ڀاتي مٿي چبوتري تي سمھندا ھئاسين، چانڊوڪين راتين ۾ جڏهن امان جي منھن تي نظر پوندي هئي، تہ امان جي خوبصورتي تي حيران رھجي ويندو ھئس. سردين ۾ اسان ٻارن لاءِ مزا ھوندا ھئا، ويڪري ۽ موڪري چبوتري تي باھ جو مچ ٻاريو ويندو هو، جتي لوئيون ۽ شالون ويڙهي خاندان جا سڀ ڀاتي گڏ ٿيندا هئا. مچ تي ھٿ سيڪيندي ڏاڍو مزو ايندو هو. گهر جي ھر فرد لاءِ ڪا ڪھاڻي، شاعري يا ڪو لطيفو ٻڌائڻ لازمي ھوندو ھو، ڪھاڻي ٻڌائڻ سان گڏوگڏ ان جو اخلاقي پھلو ٻڌائڻ بہ لازمي ھوندو ھو. ٻارن جي موجودگيءَ جي ڪري مواد جي چونڊ ۽ معيار جو خاص خيال رکيو ويندو هو. غير معياري ۽ اخلاق کان وانجهيل ڪھاڻيءَ تي ڏاڏي فورن مداخلت ڪندي ھئي. اسان جي ھڪ ماسڙ کي ڪھاڻيون ٻڌائڻ جو وڏو شوق ھوندو ھو، پر ان جون ڪھاڻيون غير سنجيده ۽ غير معياري ھونديون ھيون. ھڪ ڏينھن ڪھاڻي ٻڌائيندي ڏاڏي کيس روڪي ڇڏيو ۽ ڪچھريءَ مان بہ اٿاري ڇڏيائينس، نہ رڳو اھو پر ڪچھريءَ ۾ اچڻ تي بہ تاحيات پابندي ھڻي ڇڏيائينس. ڏاڏي کي بھادري ۽ شرافت واريون ڪھاڻيون تمام گهڻيون پسند ھونديون ھيون. گيتن ۽ غزلن ۾ بہ اخلاقي معيار کي نظر ۾ رکيو ويندو هو، علم ۽ ادب واري اھا ڪچھري رات دير تائين جاري رهندي ھئي. جيڪڏهن ڪھاڻيون دلچسپ ھونديون ھيون، تہ آئون ٻڌندو ھئس، نہ تہ ڪنھن جي ھنج ۾ سمھي پوندو ھئس. ڪچھريءَ دوران ئي ايراني ٻلين کي بسترن ۾ سمھاريو ويندو هو، جيئن ڪچھري ختم ڪرڻ کان پوءِ سمھجي، تہ بسترا گرم ھجن. منھنجي خيال ۾ فلمي دنيا ۾ مون کي جيڪا مڪالمي بازيءَ جي صلاحيت ھئي، اھا مون کي اصل ۾ پشاور جي انھن ڪچھرين ۾ ويھڻ جي ڪري حاصل ٿي ھئي. انھن ڏينھن ۾ قصہ خواني بازار چوڪ تي ڪھاڻيون ۽ قصہ ٻڌائڻ جو سلسلو باقاعدي ھلندو ھو. سج لٿي جي نماز کان پوءِ تاجر ۽ دڪاندار گڏ ٿيندا هئا. آئون بہ آغا جيءَ جي آڱر پڪڙي قصہ خواني چوڪ ويندو ھئس، اتي ڪنھن متقي يا عالم کي ٻڌندو ھئس. قصا بيحد دلچسپ ھوندا ھئا، جيڪي وقفي سان تمام سريلي آواز ۾ ٻڌائيندا هئا. گهر وڃي مان عالمن جي اندازِ بيان جي نقل ڪندو ھئس. تڏهن اھا ڪنھن کي خبر ھئي تہ سالن پڄاڻا مان ايندڙ وقت سينيمائن ۾ قصہ گوئي ۽ ڪھاڻين جي مشق ڪري رھيو ھوندس. ھڪ ٻيو مشغلو جيڪو مون اڪيلائي ۾ اپنايو ھو، اھو ھي ھيو تہ گهر ۾ ايندڙ عورتن جي نقل ڪندو ھئس، ھڪ ڏينھن امان مون کي ماسي مريم جي نقل ڪندي ڏسي ورتو، امان کي اھو نہ ٻڌائي سگهيس تہ آئون ماسي مريم جي نقل نہ، پر ان جھڙو ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان. ڇو تہ اسان جي اها ماسي ھڪ حيرت ۾ وجهندڙ ڪردار جي مالڪ هئي. امان مون کي وڏن جي نقل ڪڍڻ کان سخت منع ڪئي ۽ چيائين تہ اھا تمام خراب ڳالھ آھي. امڪان اھو ھو تہ آئون لاشعوري طور تي اھڙي ڪم لاءِ تيار ٿي رھيو ھئس، جيڪو ايندڙ وقت ۾ مون کي سرانجام ڏيئڻو ھو.

ماسي مريم اسان جي خاندان جي بلبل ھزار داستان ھئي، ھوءَ امان سان تمام گهڻي محبت ڪندي ھئي، ھن جو آواز ڏاڍو سريلو ھوندو ھو، خاندان جا سڀ ٻار سندس لوليون ٻڌي وڏا ٿيا هئا. اها ماسي، ان شخص جي زال ھئي، جنھن تي گھر ۾ ٿيندڙ ڪھاڻيون ٻڌائڻ واري ڪچھري ۾ اچڻ تي تاحيات پابندي مڙهي وئي ھئي. اسان جو اهو ماسڙ خاندان ۾ بنھ منفرد ھو، ڏاڏا سان صرف هو ئي بحث مباحثو ڪندو هو. جڏھن سڀ مرد حقو پيئي رھيا ھوندا ھئا، تڏھن ھي ڪٿان آندل سگار جا ڪش ھڻي رھيو ھوندو ھو. ماسي مريم انتھائي خوبصورت عورت ھئي، ھو سگريٽ پيئندي هئي ۽ مڙس سان ھميشہ اختلاف رکندي ھئي. ھي زال مڙس فقط ان وقت ڳالھائيندا ھئا، جڏھن انھن کي پاڻ ۾ وڙھڻو ھوندو ھو. ماسي پنھنجي مڙس کي اھو طعنو ڏيندي ھئي، تہ تون ناڻي تي نانگ بڻجي ويٺو آھين، مون کي ڪجهہ بہ نٿو ڏين، اھو سڀ ڪجهہ قبر ۾ پاڻ سان گڏ کڻي وڃجان. ماسي مريم تي جنات جو اثر هو، جڏھن کيس دؤرو پوندو هو تہ کيس ڪمري ۾ بند ڪيو ويندو هو، دوري دوران سندس آواز مرداڻو ٿي ويندو هو ۽ پنھنجا وار پٽيندي هئي. ھڪ ڏينھن آئون ھن جي ڪمري ۾ گھڙي ويس، امان ڀڄندي آئي ۽ مون کي کڻي ورتائين. ماسي امان کي چيو تہ عائشہ، ننڍڙي کي اتي ڇڏ تہ کيڏي، پر امان اتان مون کي کڻي ڀڻ ڀڻ ڪندي ٻاھر ھلي آئي. جمعي جي ڏينهن عورتون مارڪيٽ وينديون هيون، ان ڏينھن رش بہ تمام گهڻي ھوندي ھئي، ڇاڪاڻ تہ مرد جمعي جي نماز پڙهڻ کان پوءِ خريداريءَ لاءِ مارڪيٽ ايندا هئا. بازار وڃڻ وقت ماسي تيار ٿيڻ ۾ گهڻو وقت لڳائيندي ھئي، امان جلدي تيار ٿي وٺندي هئي، ھو وڏا ۽ ويڪرا ڪپڙا پھريندي ھئي ۽ ٻاھر وڃڻ لاءِ پردو ڪندي ھئي، ايتري تائين جو آئون امان کي سڃاڻي بہ نہ سگهندو ھئس، وڏين ۽ مردانہ شڪل شبيھ عورتن جي وچ ۾ امان کي ننڍي قد جي ڪري سڃاڻيندو ھئس. بازار ۾ امان سان ويندو ھئس تہ گڏ گڏ ھوندو ھئس تہ ڪٿي گم نہ ٿي وڃان. ماسي مريم ۽ پڦي بيبي جان امان سان تمام گهڻي محبت ڪنديون هيون، پر عجيب ڳالھ اھا آھي تہ اھي ٻيئي ھڪٻئي سان نہ ٺھنديون ھيون. ھي ٻئي ريشمي ڪپڙا پھرينديون ھيون، جڏهن تہ امان سادا ڪپڙا پھريندي ھئي. مارڪيٽ جي ھڪ طرف کائڻ پيئڻ جي شين جا دڪان ھئا، جتي ڪواب، پڪوڙا ۽ سموسا تيار ٿي رھيا ھوندا ھئا ، ڏسڻ سان ئي بک لڳي ويندي ھئي، پاسي کان گذرندڙ ماڻھو کائڻ کان سواءِ رھي نہ سگهندا ھئا. ريشم ڪپھ، پوتين ۽ سڳين جي دڪان تي عورتن جي رش ھوندي ھئي. ھندو عورتن جو بہ وڏو تعداد مارڪيٽ ۾ ايندو هو. آزادي کان اڳ ھندو ۽ مسلمان ھڪٻئي سان فرق رکڻ کان سواءِ محبت ۽ ڀائيچاري سان رھندا ھئا. آغا جيءَ جا ڪيترائي دوست ھندو ھئا. انھن دوستن ۾ ھڪ وڏو آفيسر بشيشور ناٿ بہ ھيو، جيڪو اسان جي گهر ۾ ايندو رھندو ھو. ھڪ دفعي سندس وڏو پٽ ساڻس گڏ آيو، جيڪو بيحد خوبصورت ھيو. اھو نوجوان پرٿوي راج ڪپور ھو، جيڪو پوءِ ھڪ وڏو اداڪار ٿيو. پرٿوي راج ڪپور جي والد بشيشور ناٿ ۽ آغا جيءَ جي پاڻ ۾ گهاٽي دوستي ھوندي ھئي. ان وقت ٻي جنگ عظيم شروع ٿي چڪي هئي، اھي ٻيئي اڪثر جنگ ۽ پشاور جي ڪاروبار متعلق ڪچھري ڪندا هئا، آئون سندن ڪچھري غور سان ٻڌندو ھئس پر مون کي سمجهہ ۾ ڪجهه بہ نہ ايندو هو. ھڪڙي ڏينھن ھو بمبئي ۾ ڪاروبار بابت ڳالھائي رھيا ھئا، ھو چئي رھيا ھئا تہ بمبئيءَ ۾ ھتان کان بھتر ڪاروبار ڪري سگهجي ٿو. ۽ پوءِ ھڪ ڏينھن آغا جي ڏاڏي کي چئي رهيو هو تہ ھو ڪاروبار جي سلسلي ۾ بمبئي ويندو. عالمي جنگ شروع ٿي چڪي هئي، جنگ واري انھي ماحول ۾ ڪاروبار جو متاثر ٿيڻ اڻٽر ھو، ڪاروبار خاطر آغا جي بمبئي ھليو ويو. آغا جيءَ جي بمبئي وڃڻ کان پوءِ مون سان ھڪ عجيب واقعو پيش آيو ، ھڪ ڏينھن ٻنپهرن جو منھنجي ھڪ سؤٽ کي باغ مان انب پٽيندي اک ۾ ڌڪ لڳو، ملازم ان کي گهر کڻي آيا، سڀ چاچيون گڏ ٿي ويون ۽ اھو طئہ ڪيو ويو تہ ھن جو ھو پاڻ ديسي علاج ڪنديون. ان وقت آئون اڪيلو ڪمري ۾ ويٺو هئس، ھڪ چاچي ڪمري ۾ داخل ٿي، سندس ھٿ ۾ مٽيءَ جو ھڪ ٿانو ھو، چاچي مون کي ٻانھن کان وٺي چبوتري تي آئي ۽ مون کي حڪم ڪيائين تہ شلوار لاھ ۽ ھن ۾ پيشاب ڪر، مون فورن ايئن ڪيو. چاچي اھو پيشاب کڻي سؤٽ جي ڪمري ۾ آئي ۽ ان جو زخم ڌوتائين. گهڻي عرصي تائين آئون ھن واقعي کي وساري نہ سگهيس. آغا جيءَ جي بمبئيءَ وڃڻ کان پوءِ سندس ڪمي محسوس ٿيندي هئي. امان کان گهڻا سوال نہ ڪندو ھئس، ڇو تہ ھو اڳيئي گهر جي ڪم ڪار جي ڪري پريشان رھندي ھئي، ويتر مون پريشان ڪرڻ نٿي چاهيو. آئون ڪڏھن امان کان آغا جيءَ جي باري ۾ پڇندو ھئس تہ ھوءَ مختصر اھو ٻڌائيندي هئي تہ ھو ڪم جي سلسلي ۾ بمبئي ويو آهي، جلدي واپس اچي ويندو، اھو ٻڌي خاموش ٿي ويندو ھئس.

4-پشاور کان بمبئي لڏپلاڻ

منھنجي خيال ۾ منھنجي خاندان جي پشاور کان بمبئي لڏپلاڻ منھنجي ڪري ٿي ھئي، ھڪ دفعي آغا جي اپالو بندر بمبئي ۾ واڪ ڪري رھيو ھو، ھن ھڪ ننڍڙي ٻار کي پنھنجي والدين سان گاڏي ۾ گڏ ويٺل ڏٺو تہ ان کي کڻي ورتائين، ھڪ ٿلھي متاري پٺاڻ جي ان حرڪت تي ننڍڙي جا ماءُ پيءُ پريشان ٿي ويا، آغا جيءَ کي پنھنجي غلطي جو جلدي احساس ٿيو ۽ انھن کان معافي وٺندي چيائين تہ پشاور ۾ منھنجو بہ ھن ننڍڙي جيترو يوسف نالي پٽ آھي، اھو سڀ ڪجهہ مون کان پنھنجي پٽ جي ياد اچڻ ڪري غير ارادي طور ٿي ويو آهي. منھنجو گمان آهي تہ آغا جيءَ سان جي بمبئي ۾ اھو واقعو پيش نہ اچي ھا تہ ھو امان ۽ ست ٻارن کي وٺڻ پشاور نہ اچي ھا. پشاور ۾ ڏاڏو آغا جيءَ کي ياد ڪندو رھندو ھو، کيس بمبئي ۾ آغا جيءَ جي ٻار کي کڻڻ واري واقعي جي خبر پئي تہ وڌيڪ احساس ٿيو، اسان جي بمبئي وڃڻ لاءِ ڏاڏي راضي نہ ھئي، اھو فقط ڏاڏو ئي ھو جنھن چيو ھو تہ بمبئي ۾ منھنجي نھن کي پنهنجي مڙس سان گڏ رھڻ جو پورو پورو حق آهي. ان وقت آئون ننڍو ھئس، ان ڪري مون کي بمبئي وڃڻ واري تاريخ ياد نہ آهي، پر سمجهان ٿو تہ اھي 1930ع جي ڏھاڪي وارا سال هئا. انھن ڏينھن ۾ پشاور کان بمبئي لاءِ فرنٽيئر ميل ريل ھلندي ھئي، ماڻھن لاءِ سفر ڪرڻ آسان ھو، اسان بڪنگ نہ ڪرائي ھئي فقط ٽڪيٽ خريد ڪري سوار ٿياسين، اسان ٻارن لاءِ ريل جو اھو پھريون سفر ھو. سڀ ٻار جذباتي ۽ خوش ٿي رھيا ھئاسين. سفر دوران مختلف اسٽيشنن تي منھنجي والد جا دوست اسان سان ملڻ آيا، اھي اسان لاءِ ڪيتريون ئي شيون وٺي آيا، انھن ملڻ وارن ۾ ڪيترائي ھندو بہ ھئا. فرنٽيئر ميل ريل مختلف ندين نالن، جبلن، سرسبز ۽ شاداب ميدانن ۽ وادين مان گذرندي اڳتي وڌندي رھي. ريل جڏھن ڪنھن اسٽيشن تي رڪبي ھئي تہ مسلم پاڻي، مسلم چانھ ۽ ھندو پاڻي، ھندو چانھ جا آواز بلند ٿي ويندا هئا. ريل سان ھڪ ڊائننگ ڪار بہ ڳنڍيل ھوندي ھئي پر اھا سھولت فقط انگريز آفيسرن ۽ انھن جي خاندان لاءِ ھوندي ھئي. ريل صبح سوير بمبئي جي ڪولابا اسٽيشن تي پھتي ھئي، ان وقت منھنجا ننڍا ڀاءُ ڀيڻ ننڍ پيل ھئا. آغا جي ھڪ ٽانگو ڪرائي تي ورتو ۽ اسان ھڪ گهر وٽ اچي لٿاسين، جيڪو آغا جي اڳ ۾ ئي مسواڙ تي وٺي ڇڏيو ھو. اسان جو اپارٽمينٽ چار منزلہ عبدالله بلڊنگ ۾ ھو، جيڪو پر رونق علائقي ڪرافورڊ مارڪيٽ جي ناگ ديوي اسٽريٽ ۾ واقع ھو، اسان جو گهر چوٿين منزل تي ھو، ھي نئون گهر پشاور جي گهر وانگر گهڻو وڏو نہ ھو پر پوءِ بہ وڏو ۽ آرام دہ ھو. اسان جي گهر جي ويجهو ئي آغا جي فروٽ جو هڪ دڪان کوليو هو. ھتي امان لاءِ ھڪ مسئلو اھو ھو تہ ھن کي ھندي نہ ايندي هئي پر ان جي باوجود امان پاڙيسري عورتن سان جلدي رلي ملي وئي ھئي. اصل ۾ امان خوبصورت ۽ ھڪ سٺي اخلاق ۽ ڪردار جي مالڪ هئي، امان سان ملڻ واريون عورتون ھن جي خوبين مان جلدي متاثر ٿي وينديون ھيون. اسان جي اچڻ کان پوءِ پاڙيسرين جو اسان جي باري ۾ ھڪ بھترين تاثر جڙيو تہ ھڪ سٺو پٺاڻ خاندان ھتي آيو آھي.جڏھن تہ آغا جي اڳ ۾ ئي ھتي ھڪ شريف النفس ۽ صاحب ڪردار طور مشھور ٿي چڪو هو. ناگ ديوي اسٽريٽ ۾ ٻہ عورتون امان جون سھليون ٿي ويون هيون، ان مان ھڪ جو پٽ منھنجي وڏي ڀاءُ نور صاحب سان رلي ملي ويو هو. نور صاحب پنھنجي شوخ طبيعت جي ڪري ٿوري ئي وقت ۾ ناگ اسٽريٽ ۾ مقبول ٿي ويو، ھن جا ھم عمر ٻار سگريٽ پيئندا هئا تہ ھن بہ سگريٽ ڇڪڻ شروع ڪري ڏنا. ھڪ ڏينھن اھا اڀاڳي خبر پئي تہ امان جي ھڪ سھيلي جي پٽ جو قتل ٿي ويو آهي. ھن کي پنهنجي ئي ڪمري ۾ ڪنھن منھن تي وھاڻو رکي گُهٽي ماريو ھو.

ناگ ديوي اسٽريٽ ۾ اسان خوش ھئاسين ڇو تہ آغا جي جو ڪاروبار بھتر ھلي رھيو ھو ۽ ڏينھون ڏينهن ترقي ڪري رھيو ھو. آغا جي ڪم جي گهڻائي جي ڪري دڪان تي ملازم بہ رکي ڇڏيا هئا، ھو پاڻ منڊي نہ ويندو هو، دڪان تي ڏينهن ۾ صرف ھڪ چڪر لڳائيندو هو، اھو ڏسڻ تہ سڀ ڪجهہ بھتر ھلي رھيو آھي يا نہ. ھاڻي آغا جي کي گهر وارن سان گڏ گذارڻ جو گهڻو وقت ملي ويندو هو. آغا جي جا دوست اسان جي گهر ۾ باقاعدگي سان ايندا رھندا ھئا ۽ اھي ڪچھرين ۾ محو ٿي ويندا هئا. ھڪ ڏينھن آغا جي ايوب لاءِ دوائون وٺڻ لاءِ وڃي رهيو هو، آئون بہ ان سان گڏ ڪلينڪ تي ويس. ڊاڪٽر قد بت جو ڀريل ۽ نوجوان ھو، ان سان آغا جي جا سٺا واسطا ھئا، ھي اسان جو فيملي ڊاڪٽر بہ ھو، منھنجي ھٿ ۾ بال ھو ۽ آئون کيڏي رھيو ھئس، کيڏندي کيڏندي بال اچانڪ منهنجي ھٿ مان ڇڏائجي ڊاڪٽر جي چيمبر ۾ ھليو ويو. آئون بال کڻڻ لاءِ جڏھن ڊاڪٽر جي چيمبر ۾ ويس تہ ڏٺم تہ ڊاڪٽر ۽ ھڪ خوبصورت نرس ھڪٻئي جي ڀاڪرن ۾ ھيا. مون کي انھن جي حرڪت تي تمام گهڻي حيرت ٿي، ڇاڪاڻ تہ ڪلينڪ تي مريضن جو رش ھو، ھڪ ننڍو دروازو جيڪو ٿوري ڌڪي ڏيڻ سان به کلي پئي سگهيو ۽ ڪير بہ اندر وڃي پئي سگهيو، مون کي ڊاڪٽر ۽ نرس نہ ڏٺو، ھي اکين ڏٺو واقعو مون گهر اچي ايوب کي ٻڌايو ھو.

بمبئي ۾ امان کي گهر جو ڪم ڪار گهڻو نہ ڪرڻو پوندو هو، ھتي ھو صرف پنھنجن ٻارن ۽ مڙس جي خدمت ڪندي ھئي، ان ڪري ھو خوش ۽ صحتمند رهڻ لڳي ھئي، امان کي ڪڏهن ڪڏهن پشاور ڏاڍو ياد ايندو هو. 1937ع ۾ مون کي انجمنِ اسلام اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو. ھتي مون کي گنجو نہ ڪيو ويندو هو. گهر ۾ امان سان ملڻ لاءِ ايندڙ عورتون منھنجي ڪپڙن جي تعريف ڪنديون هيون، امان پنھنجين سھيلين کان منھنجي تعريف ٻڌندي ھئي تہ بيچين ٿي ويندي ھئي ۽ انھن جي وڃڻ جو انتظار ڪندي ھئي، جيئن اھي وڃن تہ مون کي نظرجڻ کان بچائڻ لاءِ گنجو ڪري سگهي. ھاڻي جڏھن عمر جون 92 بھارون ڏسي چڪو آھيان تہ بہ مون کي نظر کان بچائڻ لاءِ مختلف رسمون ادا ڪيون وڃن ٿيون، ھاڻي اھو ڪم منھنجي زال سائرا بانو سرانجام ڏيندي آھي. آئون پيار واري ماحول ۾ وڏو ٿيس، آئون ننڍپڻ ۾ شرميلو ھوندو ھئس، نور صاحب جا علائقي ۾ ڪيترائي دوست ھوندا ھئا، جيڪي نور صاحب سان ملڻ لاءِ اسان جي گهر ايندا رھندا ھئا، ھو انھن کي چبوتري تي وٺي ويندو هو، جتي امان ۽ ادي سڪينہ کان سواءِ ڪو بہ نہ ويندو هو، پنھنجي دوستن جي خاطر تواضع لاءِ نور صاحب مون کي سگريٽ ۽ ٻيون شيون آڻڻ لاءِ چوندو هو. اسان جي اپارٽمينٽ جي سامھون واري بلڊنگ ۾ ھڪ بوھري مسلمان تاجر رھندو ھو، ان تاجر جي ھڪ خوبصورت ڌي ھوندي ھئي، نور صاحب کي ان ڇوڪري سان عشق ٿي ويو، سڄو سڄو ڏينهن اھي ھڪٻئي کي ڏسندا رھندا ھئا ۽ اشارن جي زبان ۾ ڳالھائيندا رھندا ھئا، ڇوڪري سلائي مشين کڻي ڪمري جي دري وٽ ويٺي ھوندي ھئي ۽ ٻي طرف نور صاحب چبوتري تي ويٺو هوندو هو، ايئن ٻئي پريمي ھڪٻئي کي پيا ڏسندا ھئا. پوءِ نور صاحب مون کي ڇوڪري وٽ پيغام لاءِ موڪليندو هو، نور صاحب جا پريم پتر ڇوڪري کي پھچائڻ لڳس، ان جي بدلي ڇوڪري مون کي ٽافيون، چاڪليٽ ۽ ٻيون شيون ڏيندي ھئي، ڇوڪري مون کي پيار وارين نظرن سان ڏسندي هئي، ڳلن تي ٿڦڪيون ھڻندي ھئي ۽ وارن ۾ آڱريون ڦيرائيندي ھئي پر ھن مونسان ڪڏھن بہ ھڪ لفظ نہ ڳالهايو. نور صاحب جو ان ڇوڪري سان ڪيترن ئي ڏينهن تائين عشق ھلندو رھيو ۽ پوءِ ھڪ ڏينھن ڪجهہ هيئن ٿيو جو امان مون کي ڳولي رھي ھئي ۽ ڳوليندي ڳوليندي چبوتري تي آئي، جتي آئون ٽافيون کائي رهيو ھئس ۽ منھنجو کيسو شين سان ڀريل ھو، امان مون کان پڇا ڪئي ھي سڀ شيون ڪٿان آنديون اٿئي، مون امان کي پيرائتي ڳالھ ٻڌائي، بس پوءِ ان ڏينھن کان اھا ڇوڪري گهر ۾ ڪٿي بہ نظر نہ آئي. ڇوڪري جي نظر نہ اچڻ ڪري نور صاحب ڏاڍو غمگين ٿي ويو ۽ پريشان رھڻ لڳو، ھن کي امان ۽ منھنجي ڳالھ ٻولھ جي خبر پئجي وئي ھئي، ھن مون تي ذري بہ ڪاوڙ نہ ڪئي، ڇو تہ نور صاحب کي منھنجي سادگي ۽ معصوميت جي خبر ھئي. نور صاحب سمجهي ويو تہ عشقيہ داستانن جي پڄاڻي عام طور تي ڏکن جي صورت ۾ ٿيندي آھي. ڇوڪري جي مائٽن کيس سورت (ھاڻ گجرات) موڪلي ڇڏيو ھو، اتي ئي ويجهن مائٽن ۾ ان جي شادي بہ ڪرائي ڇڏيائون. اھم ڳالھ اھا تہ انھي واقعي کان پوءِ بہ بوھري خاندان جا اسان سان ساڳيا ئي پيار ۽ محبت وارا تعلقات قائم رھيا، ڪو بہ فرق نہ پيو.

(هلندڙ)


  1. زندگي جا خوبصورت لمحا-دليپ ڪمار (قسط-۱)


Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close