سنڌيڪار: عبدالستار لغاري
11- امان جو وڇوڙو
ھڪ ڏينھن گهر کان وڃڻ لاءِ تيار ٿي رھيو ھئس تہ آغا جي مون کي ٻاھر وڃڻ کان منع ڪيو ۽ چيائين تہ اڄ تون پنھنجي ماءُ سان رھ. پاڻ ڊاڪٽر کي وٺڻ لاءِ ھليو ويو. ان وقت امان جو چھرو ھيڊو ٿي چڪو هو پر ھوءَ ڏاڍي پرسڪون ھئي. مون امان جو سر پنھنجي جهوليءَ ۾ رکيو ۽ ان جا ھٿ چمڻ لڳس، ان وقت تمام گهڻو ڏک محسوس ڪري رهيو ھئس. الله سائينءَ کي ٻاڏائڻ لڳس، مالڪ سائين منھنجي امان کي صحت ڏي!!
جڏھن آغا جي ڊاڪٽر کي وٺي آيو، ان وقت تائين امان جي طبيعت ڪافي بھتر ٿي چڪي هئي. آغا جي امان کي ديولالي رھائڻ جو فيصلو ڪيو، جيئن ان جي صحت بھتر ٿي سگهي. ديولالي ۾ آغا جي غمگين ۽ مرجهايل نظر ايندو هو، ھو گهر کان ٻاهر نہ نڪرندو ھو، شايد ھن کي خبر پئجي وئي ھئي تہ ھر ڏک سک ۾ گڏ رھڻ واري سندس رفيق حيات جو آخري سفر شروع ٿي چڪو آهي. اھو ئي ٿيو، جنھن جو سڀني کي ڊپ ھو.. ڪجهہ ئي ڏينھن گذريا هئا تہ 27 آگسٽ 1948ع تي امان اسان کان ھميشہ لاءِ موڪلائي وئي. امان جي تدفين ديولالي ۾ ڪئي وئي. امان جي تدفين کان پوءِ جڏھن اسان ديولالي کان بمبئي واپس ٿياسين تہ ڪيترائي ماڻھو عذر خواهي لاءِ آيا. سڀني کان وڌيڪ ڏک غريب ۽ مسڪين ماڻھن کي ٿيو، جن کي امان ڪڏھن بہ خالي ھٿين نہ موٽايو. اسان جي ڌوٻي جي زال پنھنجي پٽ پياري لال سان گڏ آئي ھئي. امان ٻنھي کي رڌڻي ۾ ويھاري سٺو کاڌو کارائيندي هئي. جڏھن ھو واپس پنھنجي گهر ويندي ھئي تہ امان ان کي گهر لاءِ ڪيتريون ئي شيون ڏيندي ھئي. پياري لال جا والدين جڏھن دنيا مان ھليا ويا تہ ھو منھنجو ذاتي ڌوٻي ٿي ويو، 70 سالن جي ڄمار ۾ ھو اڄ بہ مون وٽ آھي. ھو منھنجو ماسٽر ڌوٻي آھي، جنھن جي ذمي منھنجا صرف اڇا ڪپڙا ۽ سائرا جا ڪپڙا ڌوئڻ آھي. پيارو لال اڄ بہ امان جي ھٿ جو ٺھيل حلوو ۽ ٻيون شيون ياد ڪندو آهي.
امان جي وفات کان پوءِ ڀائرن ۽ ڀينرن اڳيان مون پنھنجي پاڻ کي قابو رکيو، امان جي وڇڙڻ جو ڏک مون ھنن اڳيان ظاھر نہ ڪيو. امان جي وڇوڙي آغا جيءَ کي بہ چپ جو روزو رکائي ڇڏيو هو. ھڪ ڏينھن گهر ۾ آئون ۽ آغا جي ويٺا ھئاسين تہ مون کي چيائين تہ يوسف منھنجي آخري خواھش آھي تہ منھنجي مرڻ کان پوءِ مون کي تنھنجي ماءُ جي پاسي ۾ دفنائجان. آغا جيءَ جي واتان اهو ٻڌڻ کان پوءِ منھنجي اندر جو ڏک تازو ٿي ويو ۽ ان مھل امان جي تمام گهڻي ياد آئي. امان جي وفات کان پوءِ مون پنھنجن ڀينرن کي ھڪ بھترين ڪار خريد ڪري ڏني. ان گاڏي ۾ منھنجو پھريون سفر "برابورني اسٽيڊيم” جو ھو، اتي ڪرڪيٽ مئچ ٿي رھيو ھو. ڊرائيور سان پھرين چرچ گيٽ ويس، اتان ڊاڪٽر مساني کي کنيم ۽ پوءِ اسان اسٽيڊيم طرف وياسين. ھتي مشھور ڪرڪيٽر وجي مرچنٽ سان ملڻو هو. اھو ٻڌائيندو ھلان تہ ڪنھن زماني ۾ ھتان گذرندي اسپيشل انڪلوئر کي حسرت سان ڏسندو ھئس. اڄ جڏھن ھتي پھتس قطار ۾ نہ بيھڻو پيو، ڇو تہ ھاڻي آئون مشھور ماڻھو ٿي چڪو ھئس ۽ آئون ھڪ فلم اسٽار ھئس. مون کي وڏي عزت ۽ احترام سان وي آئي پي انڪلوئر ۾ ويھاريو ويو هو. منھنجي ويجهو ٻہ ماڻھو ويٺل ھئا، ھو ٻئي مونبکي ڏسي مرڪڻ لڳا ۽ پاڻ ۾ ڪچھري ڪندي ھو مون کي ڏسي ۽ مرڪي رهيا هئا. انھن جو موضوع يقينن آئون ئي ھئس، مون ضروري سمجهو تہ ھنن سان دعا سلام ڪيان. ھي ٻئي ماڻھو مشھور شخصيتون ھيون، ھڪ فلم ڊائريڪٽر ۽ پروڊيوسر محبوب خان ۽ ٻيو موسيقار نوشاد ميان ھو. ھنن مون کي ايندڙ ھفتي ملڻ لاءِ چيو. فلم ڊائريڪٽر ايس يوسني جي آفيس ۾ نوشاد ميان سان منھنجي ملاقات ٿي. ايس يوسني "ميلا” فلم ۾ ڪم ڪري رهيو هو ۽ مون سان ان فلم بابت ڪچھري ڪيائين. ھن کان وڌيڪ سوال ڪرڻ مون کي سٺو نہ لڳو.
مون پنھنجن استادن کان اھو سکيو هو تہ فقط پئسن تي ڪم نہ ڪرڻ گهرجي. نوشاد جڏھن ميلا فلم تي ڳالھائي رھيو ھو، ڪم جي آڇ قبول ڪرڻ کان پھرين مون تفصيل معلوم ڪرڻ ضروري سمجهيو.
نتندا ھڪ دفعي مون کي نصيحت ڪندي چيو ھو تہ اداڪار اسڪرپٽ مطابق ئي ڪم ڪندو آھي، اسڪرپٽ کان ھٽي سوچڻ ان لاءِ آسان ناهي ھوندو. جيڪڏھن ھو بغير اسڪرپٽ جي خيالن جو اظهار ڪري تہ بہ خراب ڳالھ ناهي. ھو چوندو هو تہ ھڪ سٺي اسڪرپٽ ۾ بہ ڪم جون ڳالهيون نہ ھونديون آھن. اھا ڳالھ اداڪار تي منحصر ھوندي آھي تہ ھو اسڪرپٽ ۾ رھيل ڳالھين جو پورائو ڪري.
جڏھن فلم "ملن” ٺھي رھي ھئي تہ ھڪ اھڙو منظر فلمبند ٿيڻ وارو ھو، جنھن ۾ رميش نالي ھڪ ڪردار کي ريل جو طويل سفر طئي ڪري پنھنجي ماءُ جي خاڪ کي گنگا ۾ لوڙھڻو ھو، ھن جي ھٿ ۾ ماءُ جي خاڪ وارو برتن ھو ۽ ھو ماءُ جي يادن ۾ گم ٿي ويو. ھڪ پيار ڪرڻ واري ماءُ، ننڊ مان اٿارڻ، ناشتو تيار ڪري ڏيڻ واري ماءُ بابت سوچي رهيو هو. نتندا نوبل انعام يافتہ رابندر ناٿ ٽئگور جي بنگالي ناول "نوڪا ڌوٻي” جي انھي ساڳي ڪردار رميش بابت مون کي ٻڌايو ھو. ٻڌائڻ کان پوءِ ھن مون کي چيو تہ تون پنھنجي پاڻ کي رميش سمجھ ۽ ھڪ انتھائي جذباتي ڪيفيت ۾ ان جو اظھار ڪر. مون اسڪرپٽ بار بار لکيو ۽ ڦاڙي ڇڏيو ۽ ڪيتريون مشقون ڪرڻ کان پوءِ سمھي رھيس. ٻئي ڏينھن جڏھن منظر فلمبند ڪيو پئي ويو، تڏھن آئون انھي ڪيفيت ۾ ھئس ۽ منظر بھترين طريقي سان فلمايو ويو. نتندا ھڪ اھم سبق پڙھايو ھو، ھو چوندو هو اسڪرپٽ کان بغير سوچڻ مشڪل آهي. پر اداڪار، ليکڪ ۽ ھدايتڪار پاڻ ۾ گڏيل سمجھوتو ڪن تہ پوءِ اھو تمام آسان آهي. نتندا جو اھو سبق منھنجي طويل فلمي ڪيريئر ۾ وڏو ڪم آيو. منھنجي پھرين استاد ديويڪاراني بہ مون کي اھو ئي چيو ھو تہ ھدايتڪار ڀلي اداڪار جي ڪم مان مطمئن ٿي وڃي پر اھو فيصلو اداڪار کي ئي ڪرڻو آهي تہ ھو پنھنجي ڪم کان مطئمن آھي يا نہ. جيڪڏهن ھو سمجهي ٿو تہ پنھنجي شاٽ مان مطئمن ناھي تہ پوءِ ھو ريٽيڪ وٺي سگهي ٿو. ساٿي اداڪارن جي لاءِ بہ مون ريٽيڪ جي سلسلي ۾ ھميشہ حوصلا افزائي ڪئي. استادن جي پڙھايل انھن سبقن مان مون گهڻو ڪجهہ سکيو. ڪيترن ئي منظرن ۾ پنھنجي ھدايتڪارن کي حيران ڪيم. اھو سڀ ڪجهہ غور فڪر ۽ مشق ڪرڻ سان ٿئي ٿو. بار بار ريھرسل ڪرڻ سان ئي شاندار نتيجا حاصل ڪري سگھجن ٿا.
هلندڙ
-
زندگي جا خوبصورت لمحا-دليپ ڪمار (قسط-۱)
-
”زندگي جا خوبصورت لمحا“ دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط 2)
-
زندگي جا خوبصورت لمحا, دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط -3)
-
زندگي جا خوبصورت لمحا: دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط -4)
-
زندگيءَ جا خوبصورت لمحا:دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط-5)
-
زندگي جا خوبصورت لمحا:دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو قسط-6
-
زندگيءَ جا خوبصورت لمحا:دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط-7)
-
زندگي جا خوبصورت لمحا: دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط- 8)
6 Comments