سنڌ پُڇي ٿي ڪٿي آھين آسو ٻائي!؟

محمد خان دائود

سنڌ جا سڀ استاد سارنگ شر ناھن، پر سنڌ جا گهڻا استاد موقعو ملڻ تي سارنگ شر ٿيڻ ۾ دير بہ نہ ڪندا.
سنڌ جا سڀ استاد اھڙا ناھن، جن تي اعتبار نہ ڪجي، پر سنڌ جا سڀ استاد اعتبار جوڳا  بہ ناھن!
سنڌ جا سڀئي مڪتب غير محفوظ ناھن، پر سنڌ جي اڪثر پرائمري ليول جا مڪتبن جي حوالي سان اهو  خوف موجود آھي تہ ڪٿي انھن اسڪولن ۾ سارنگ شر جھڙا ڪردار تہ موجود ناھن!

ھي مٿيون ڳالھون مون ان لاءِ لکيون آھن، تہ جڏھن سنڌ يونيورسٽي ڏوھن جي حوالي سان تمام گھڻي بدنام ٿي وئي ھُئي، ڪيترن ئي سنگين ڏوھن کان ويندي ھر ڇھين پنجي مھيني کان پوءِ ان يونيورسٽيءَ ۾ ڪو نہ ڪو شاگرد بہ قتل ٿي ويندو ھو ۽ وري مھينن لاءِ يونيورسٽي کي تالا لڳي ويندا ھُئا… انھن ڏينھن ۾ سنڌ يونيورسٽي جي وي سي مظھر الحق صديقيءَ جي نگراني ۾ "سنڌ جي تعليم کي ڪئين بچائجي” جي عنوان سان ھڪ اي پي سي ڪوٺائي وئي ھُئي، جنھن ۾ جامي چانڊئي ھڪ ڳالھ رکي ھُئي تہ جيستائين اسان تعليم کي ڪمائيءَ جي حوالي سان ڏسندا رھنداسين، تيستائين سنڌ جي تعليم ۾ ڪو بہ سڌارو نہ ايندو!
جامي چانڊئي جي چيل ان ڳالھ کي تہ ڪيترا ئي سال ٿي ويا آھن، پر اڄ ڏينھن تائين بہ سرڪاري تعليمي ادارن کي سرڪار ڪنھن ڪاروبار وانگر ھلائي رھي آھي ان ڪري انھن مان ڪو بہ لاڀ حاصل نہ پيو ٿئي.
تعيلم انسان جي سڌاري لاءِ آھي، اھا انسان کي انسان بنائڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿي، پر جيڪڏهن سرڪار ان تعليم کي انڊسٽري ڪري ھلائيندي، ان ۾ ھر روز نا اھل، ڪرپٽ، سفارشي، غنڊا، اخلاق کان ڪريل بدمعاش ۽ لوفر سياسي دٻاءُ تي ڀرتي ڪندي رھندي تہ ان تعليم ۾ ڪو بہ سڌارو اچڻ ممڪن ڪونھي.

تعليم ادارا خاص ڪري سرڪاري پبلڪ سيڪٽر جا تعليمي ادارا انڊسٽريون تہ ناھن، جو انھن ۾ جيترا گھڻا ماڻھو ڀرتي ڪيا ويندا، اھي ايترو ڪمائي ڏيندا!؟ اھہ تي سڌاري جون جايون آھن، جن ۾ مقدار بدران معيار کي ترجيح حاصل هجڻ گهرجي، ٿورا انسان ھجن پر چڱيرڙا ھجن، جيڪي شاگردن کي انسان بنائڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪن… پر آئي ڏينھن شاگردياڻين جي طرفان استادن پاران هراسان ڪرڻ ۽ هاڻ سارنگ شر جي ڪڌي حرڪت کان پوءِ اهو سوال پيدا ٿي ويو آهي تہ ڇا اهي خود انسان چوائڻ لائق آهن، جن تي ماڻھن کي انسانن بنائڻ جي ذميداري رکيل آهي؟

اي پي سي ۾ ڪيل  جامي چانڊئي جي ڳالھ کي بہ تہ ورھيہ گذري ويا.. ھڪڙا منسٽر ويا، ٻيا منسٽر آيا پر سنڌ جي تعيلم جو ٻيڙو ٻڏل ھو، اھو  ٻڏل ئي رهيو.. اھو ٻيڙو ھڪڙو انچ بہ اڳتي ناھي تريو بلڪ ھاڻ تہ اهو ٻيڙو اخلاقي ڏيوالپڻي جي ڌٻڻ ۾ غرق ٿي رھيو آھي ۽ تمام گهڻو تيزيءَ سان ٿي رھيو آھي. اڳي يونيورسٽيءَ ليول تائين قتل و غارت ٿيندي ھُئي، اسان ان ڳالھ تي، اھو سوچي پردي پوشي ڪري ڇڏيندا ھُئاسين، تہ جوان رت آھي ۽ يونيورسٽيءَ ۾ جوان شاگرد سياست بہ ڪن ٿا، اتي سياسي پارٽين جون شاگرد سياسي تنظيمون بہ آھن… ان ڪري اهي واقعا ڪا اڻ ٿيڻي ڳالھ ناهن..  پر هاڻ جڏھن سنڌ جي پرائمري اسڪولن جو حشر ڏسون ٿا، تہ ٻڏي مرڻ لاءِ دل ڪري ٿي. خاص ڪري اھڙا واقعا، جن واقعن ۾ سارنگ شر جھڙا ڪردار موجود آھن ۽ اھي استادي پيشي کي لـڄائيندي ذرو بہ شرم سار نٿا ٿين. پر ويندي وڏي واڪي جيلن ۾ راڳ رنگ جا پروگرام ڪن ٿا.
جيل تہ ڏوھ جي احساس لاءِ ھوندا آھن!
جئين ڏوھاري کي اھو احساس ورائي وڃي تہ هن جيڪو ڪيو آھي، اھو ٺيڪ ڪونھي، پر جڏھن اسان ڏسون ٿا تہ ڏوھاري ھڪ طرف جيل ۾ راڳ جي محفل جا مزا پيو ماڻي، ٻئي طرف راڄوڻي لاءِ زور وڌايو پيو وڃي، ٽئين طرف وري ان ڏوھاري جا وارث سياسي پارٽين جا پرچم کڻي سياسي اداڪارن وٽ سياسي پناھ لاءِ پيش پون ٿا تہ پوءِ انصاف ڪھڙو ۽ ڪٿان ملندو!؟

سموري سنڌ ۾ اھي سارنگ شر موجود آھن ۽ هر شعبي ۾ موجود آهن. جيڪي سنڌي پرنٽ ميڊيا کان واقف آھن، انھن جي نظر مان ھر روز اھڙيون خبرون گذرنديون ھونديون، جن ۾ اھي ئي ڀيانڪ منظر ڀريل ھوندا آھن تہ ڪو سارنگ شر سنڌ جي ڪنھن علائقي مان ڪنھن معصوم ٻار سان ڏاڍائي ڪري، ھاڻي ڪڪڙ ويو وڙهائي ۽ متاثر ٻار جي دانھن ڪو بہ ٻڌڻ وارو ڪونھي. جيڪڏهن اوھان کي اعتبار نہ ٿو اچي تہ اڄ کان وٺي بس ھڪڙي ھفتي جي سنڌي اخبارن تي نظر رکو يا گذريل ھڪ ھفتي جون پراڻيون اخبارون ڏسو ۽ جاچيو تہ انھن ۾ اوهان کي لڄالٽ ۽ بدفعليءَ جي واقعن جي ڀرمار نظر ايندي.  ڏسو تہ ڪيئن نہ بي وس مائرون پنھنجي زخمي، دل گهايل روح ۽ متاثر ٻارڙي سان پريس ڪلبن جي درن تي ڌڪا تي کائيندي نظر اچن ٿيون. سرڪار تہ ڇا پر ڪو بہ وس وارو وٽن لنگهي اچي اهو پڇڻ جي تڪليف بہ گوارا نہ ٿو ڪري تہ ”امان ڇا معاملو آھي؟“
۽ سارنگ شر جھڙا ڪردار ھوندا آھن، جيڪي مزي سان سستا سگريٽ پي، ميري بدن تي اڇا ڪاٽن جا ڪپڙا پائي پيا انساني حقن جي ڪميشن ۾ تقريرون ڪندا آھن! سنڌ جي دانش ۾ ايتري بہ جرئت ناھي تہ انھن ڪارين رڍن جا دامن پڪڙي انھن جو احتساب ڪري!

اسان کي معلوم آھي تہ سموري سنڌ ۾ سارنگ شر جھڙا ڀگڙ موجود آھن ۽ انھن کي جتي بہ اھڙو موقعو ملي ٿو تہ اھي پنھنجو ڪارو منھن ڪرڻ ۾ دير ئي نٿا ڪن! پرائمري اسڪول ويندڙ ٻار تمام گھڻا معصوم ۽ ننڍا ھجن ٿا، ڪي تہ ايترا ننڊا ھجن ٿا جو مائرون انھن ٻارن کي ھنجن ۾ کڻي اسڪول ڇڏي اچن ٿيون ۽ اھي معصوم ٻار ڪنھن بہ سارنگ شر جي ور چڙھي وڃن ٿا. انھن ٻارن کي اھا بہ خبر نہ ھوندي آھي تہ جيڪو انھن سان ڪيو ويو، اھو ڇا ھو ۽ ڇا اھي ان ڪڌي ڪم جي ڳالھ پنھنجي گھر ۾ پنھنجي امان سان ڪن؟

اھي معصوم ٻار ھوندا آھن، بي سمجھ ھوندا آھن انھن کي ڪا بہ خبر ناھي ھوندي ان لاءِ اسان ٻيو تہ ڪجھ بہ نہ ٿا ڪري سگھون، پر اسان اھڙي تحريڪ تہ ھلائي سگھون ٿا نہ، جنھن جي ذريعي اسان گڏيل نموني گهر ڪريون تہ اسميبليءَ ۾ اھڙو قانون پاس ڪيو وڃي ھاڻي سموري سنڌ ۾ ڪو بہ مرد پرائمري استاد طور ڀرتي نہ ڪيو ويندو. جيڪي آھن بس اھي ئي ھجن، جڏھن اھي رٽائرڊ ٿي وڃن تہ ٻيو ڪو بہ مرد استاد پرائمريءَ ۾ ڀرتي نہ ڪيو وڃي. پرائمري اسڪولن ۾ بس عورت استاد ڀرتي ڪيون وڃن. ڇو تہ پرائمري اسڪولن ۾ تمام ننڍي عمر جا ٻار ھوندا آھن، هڪ تہ اھي عورت استادن کان ايترا خائف نہ ٿيندا، ٻيو عورتون مائرون ھونديون آھن اھي انھن معصوم ٻارن جو مرد استاد کان وڌيڪ خيال رکنديون. ٽيو ان عمل سان عورتن کي وڌ کان وڌ روزگار ملندو ۽ وڏي ڳالھ اها تہ ان عمل سان سنڌ جا معصوم ٻار سارنگ شر جھڙن ڪردارن کان محفوظ رھي سگھندا.

ان تجويز کي قانون جو روپ ڏئي جلد کان جلد سموري سنڌ ۾ لاڳو ڪيو وڃي!
سنڌ کي آسو ٻائي جھڙن ڪردارن جي ضرورت آھي.. سنڌ زماني کان سارنگ شر جھڙي وحشين کان بيزار آھي.. آسو ٻائيءَ جھڙا ڪردار اڳتي وڌي معصوم ٻارن کي ڳل لائيندا، جڏھن تہ سارنگ شر جھڙا وحشي ڪردار ………………

سنڌ سرڪار ڪيترا ئي سال اڳ آسو ٻائي سان واعدو ڪيو ھو، ھاڻي اھو وقت اچي ويو آھي. سنڌ سرڪار کي پنھنجو واعدو پورو ڪرڻ گھرجي، بنا ڪنھن دير جي آسو ٻائي ۽ سڄي سنڌ جي آسو ٻاين کي پرائمري اسڪول جي نوڪري ڏئي سنڌ جي معصوم ٻارن کي سارنگ شر جھڙن ڪردارن کان محفوظ ڪرڻ وقت جي تقاضا آهي!

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close