لاکو ڦلاڻي ۔ سنڌ جو عوامي ڪردار

دادا سنڌي

لاکو، سنڌ جي پراڻي ذات آھي، جيڪا لَکن جي تعداد ۾ سنڌ ۾ ذري گھٽ تيرھن سؤ ورھيہ اڳ موجود ھئي. نسب جي لحاظ کان سڀئي لاکا سما ھئا.

لاکي جو شجرو ھن ريت آھي: لاکو پُٽ ڦل، پُٽ ساھڙ، پُٽ مھڙ، پُٽ لاکو، پُٽ ويرو، پُٽ ساند، پُٽ پلي، پُٽ رائڌڻ، پُٽ ڪاڪو، پُٽ سمون، پُٽ اُنڙ، پُٽ لاکو، پُٽ لاکيار، پُٽ اوڍار، پُٽ توتيار، پُٽ نيٽ، ڪڇ ۾ ويري پُٽ ساند، جيڪو لاکي ڦلاڻيءَ جو ڏاڏو ھو، کي ڪڇ ڀڄ جي ايراضي ورثي ۾ ملي ھئي ۽ اھڙي طرح، ھن جا اتي پير ڄميا. تاريخن ۾ اچي ٿو ته: سنڌ جي سمن ڪڇ کي وسايو ۽ اتي ئي پنھنجو تسلط قائم ڪيو.

سنڌ جا سما بسنت 1400ع کان گھڻو اڳ، ڪڇ جا حڪمران ھئا. سنڌ جي سومري حاڪم، ھمير وڏي، پنھنجي قوت ۽ طاقت سان، ڪڇ کان اڳتي، گجرات طرف سوڀون ڪيون ۽ ڪڇ ۾ سما حڪمران وڌيڪ طاقتور ٿيا.

لاکي ۾ ننڍپڻ کان ئي سَمن سردارن واري شھسوارن واريون خوبيون پيدا ٿيون ۽ سواري، سرڪشي، سورھيائي ۽ سخاوت سندس طبيعت ۽ اخلاق جا جز بڻجي ويا. جڏھن سندس پيءُ گذاري ويو، تڏھن لاکو پڳ ٻڌي، راءِ بڻيو ۽ پيءُ ڏاڏي واري ماڳ تي، لکن جا لک خرچ ڪري، ڪيراڪوٽ نالي ھڪ قلعو ٺھرائي، ان کي پنھنجي طاقت جو مرڪز بڻايو. سندس اھو تخت گاھ، سنڌ جي ڏاکڻي، اڀرندي طرف، ٽنڊي غلام علي ڏانھن ھو.

ڄام لاکي پنھنجي، ايامڪاري ۾ گجرات توڙي مارواڙ جي سرحدي راجائن کي، شڪستون ڏيئي ڪڇ ۾ سَمن جي طاقتور ۽ مصبوط حڪومت قائم ڪئي.

ان دور ۾، سَمن جي حڪومت خلاف رٻاري ذات جا ماڻھو، ڳجھ ڳوھ ۾ سِٽون سِٽي رھيا ھئا، جن جي پٺڀرائي ڪڇ جو وڏو راءِ، جاڙيجو راءِ کنگھار ڪري رھيو ھو. ڄام لاکي، رٻارين جي چڱن مڙسن کي سمجھايو، پر ھنن ويتر راءِ کنگھار کي چئي، سندس دوست جسو ۽ جسراج مارائي وڌا. اھا حالت ڏسي، لاکو لوڙائو بڻجي پيو ۽ رٻارين ۽ راءِ کنگھار جي ماڻھن کي مارڻ لڳو. ھن جو ھڪ پير ڪَڇ ۾ ھوندو ھو تہ ٻيو سنڌ ۾. ھو پنھنجن دشمنن تي، اھڙي تہ ڦڙتائيءَ سان حملا ڪندو ھو جو راءِ کنگھار جا ماڻھو سمجھندا ھئا تہ ھو سنڌ کان ٿو اچي ۽ سنڌ ۾ رٻاري سمجھندا ھئا تہ ھو ڪڇ کان ٿو اچي.
ڀچئا ڀلي پير، وڌو راءِ رڪاب ۾،
ڪڇ رھندو ڪير، لاکو لوڙائن سين.

لاکو ڦلاڻي سنڌ جو اھو مشھور تاريخي ڪردار آھي، جنھن سنڌ ۾ سنڌين جي مستقل ۽ پڪي حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ جدوجھد ڪئي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو:
سنڌ جي سورھيه لاکي ڦلاڻي ڪڇ ۽ گجرات طرف وڏيون سوڀون ڪيون ۽ دشمنن کي ھميشہ شڪست ڏنائين.
(سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ ص 45)

جيڪڏھن لاکي ڦلاڻيءَ جي دور تي نظر ڪئي وڃي تہ معلوم ٿيندو تہ لاکي رٻارين ۽ راءِ کنگھار جي پاڙ پٽڻ لاءِ جيڪو لوڙھين ھڻڻ جو عمل شروع ڪيو، اھو تاريخي لحاظ کان جائز ھو. رٻاري سومرن جي شاخ آھي ۽ اھي سمن جي حڪومت جي خلاف ھئا. سنڌ ۾ ھڪ طرف سمن جي راڄ کي مقامي رٻاري وڏيرن کان خطرو ھو تہ ٻئي طرف وري ارغونن ۽ ترخانن جون سنڌ تي حريص نگاھون ھيون ۽ ھتان جا وڏيرا ۽ اڀرندڙ سج جا سلامي، ارغونن کي سنڌ م آڻڻ لاءِ، اندروني طور گھاٽ گھڙڻ ۽ ھتان جي محب وطن ۽ غريب عوام کي مارڻ، ڦرڻ ۽ لُٽڻ لاءِ نت نوان طريقا آزمائڻ لڳا، ان ڪري لاکي ڦلاڻي، انھن وطن جي ويرين ۽ عوام جي رت پياڪ ڄؤرن کي ناس ڪرڻ لاءِ “لوڙھيون ھڻڻ” شروع ڪيون.

ھيءَ حقيقت آھي تہ “ڌاڙيل ۽ ڦورو” سنڌ ۾ ھر دور ۾ پيدا ٿيندا رھيا آھن، پر ڪي ڌاڙيل ٻاھرين جا پٺو بڻجي غريب ماڻھن کي ڦرڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪندا آھن ۽ ڪي جاگيردار ۽ سرمائيدار ۽ ٻاھرين حملا آورن جا چمچا بڻجي، آلاڪار بڻجي، سنڌ کي غلام بڻائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪندا آھن.

سنڌ جو نامور ليکڪ جناب محمد حسين ڪاشف لکي ٿو
“ڄام لاکو، سنڌ ڌرتيءَ جو اھو ڪردار آھي، جنھن کي لطيف گھڻي اھميت ڏني آھي، خاص ڪري سندس لوڙھين جو عمل، جنھن مان ھن جي بھادري بکندي نظر اچي ٿي. تاريخي حالات جي بنياد تي، اھا لاکي جي مجبوري ھئي ڇاڪاڻ تہ ھڪ طرف ، سَمن سردارن جو گھر ڦِٽل ھو، ڄام جي ڪري سنڌ سان جيڪو حشر ٿيو، اھو تاريخ جي صفحن ۾ ظاھر آھي، ایئن پئي لڳو تہ ھٿ سان وٺي، سنڌ کي تلف ۽ تاراج ڪرايو پيو وڃي. ان وقت جي وڏيري طبقي، تغلقن، ارغونن ۽ ترخانن کي، سنڌ ھٿي ڏني ۽ ويل وھايا. ڌارين جي لاڳيتي ڪاھن ۽ حملن سبب، اقتصادي بدحاليءَ جو دور ھو، جنھن ماڻھن ۾ غير يقيني جي صورتحال پيدا ڪري ڇڏي. ان کي بحال ڪرڻ، ماڻھن ۾ اعتماد قائم ڪرڻ ۽ انھن جو اقتصادي پورائو ڪرڻ. اھوئي سبب آھي جو لاکي پنھنجي تر جي خوشحاليءَ لاءِ لوڙھيون ھنيون ۽ ان جي تقسيم لاءِ ڏن ڏيڻ جو طريقو اختيار ڪيو تہ جيئن ماڻھو پنھنجي پيرن تي بيھن ۽ اڳتي پنھنجي زندگي گذارڻ جي طريقي کي بھتر طور اختيار ڪري سگھن.

اھا لاکي جي سياسي بصيرت ھئي جنھن سخا جي سپر سان، پنھنجي تر جي ماڻھن کي زندگيءَ جي مشڪل دور مان ڪڍي، عام سطح تي آندو.

سماجي اڏاوت جي سلسلي ۾ تاريخ جي فلسفي مطابق، “قومي بچاءَ” جي صورت ۾ ڪن طبقن تي اثر پوي ٿو، جيڪو يقيني آھي. لاکي جي پنھنجي دائره اختيار، تر جي جوڙجڪ لاءِ، سنگھارن تي تمام گھڻو اثر پيو ڇاڪاڻ تہ ڪڇ جي راجا کان پوءِ، اھوئي طبقو ھو، جنھن تي اثر پيو. جن ۾ ريٻاري به اچي ويا.
(ڪَنڌيءَ ڪؤنر ٽِڙن ص 203)

لاکي جي ھڪ خوبي ھيءَ ھئي تہ ھو ڦُريندو لُٽيندو، سرمائيدارن کي ھو ۽ ماريندو ۽ رت وھائيندو ھو، ھميشہ ٻاھرين جي آله ڪارن کي، وطن جي ويرين کي، ارغونن ۽ ترخانن جي پٺن کي، جيڪي سنڌ ۾ کين آڻڻ لاءِ ڪوشان ھئا ۽ تاريخ شاھد آھي تہ جڏھن لاکي کي پنھنجن ئي مارايو، تڏھن ارغونن سنڌ ۾ اچي جيڪي ويل وھايا، اھي ڪنھن کان بہ ڳجھا نہ آھن.

لاکو ڦلاڻي نہ صرف غيور ۽ محب وطن حڪمران ھو، پر ھو سورھيه ۽ سخي بہ ھو. ھو سنڌ جي تاريخ ۾ ستن سورھين ۽ ڏھن ڏاتارن ۾ شمار ٿئي ٿو. جڏھن لاکي، مھر راڻيءَ سان شادي ڪري ڄڃ وٺي، پراڻ ڪنڌيءَ پھتو تڏھن پراڻ نديءَ جي وڻن، ٽڻن کي، ڪپڙا پھرائي سينگاريائين ۽ چوڻ لڳو تہ ڪنڌيءَ جا اھي وڻ ٽڻ بہ اسان جا ڄاڃي آھن ۽ جيڪي ڪجھ انھن کي اوڍايو اٿئون، سا ڄڻ تہ اسان جي ڏات آھي، اھا وري واپس ڪانہ وٺبي
(ڳاھن سان ڳالھيون. ڊاڪٽر بلوچ ص 130)

ظاھر آھي تہ اھڙي سورھيه ۽ سخي سپوت ۽ ڌارين جي اک ۾ ڪنڊو ٿي چڀندڙ سنڌيءَ کي ڪير ٿو برداشت ڪري، ان ڪري دشمنن وڏي سازش سان کيس پنھنجي مامي راءِ کنگھار جي معرفت 1010ع ۾ مارائي ڇڏيو. ان وقت سندس ڄمار 99 سال ھئي.

ڄام لاکي جي سورھيائي ۽ سخاوت اڄ بہ سنڌ ۾ ضرب المثل طور مشھور آھي ۽ ڪيترائي سگھڙ اڄ بہ کيس ڳائيندا رھن ٿا. ھن بھادر ۽ غيور فرزند سنڌ کي ڌارين جي غلامي ۽ ارغونن جي تسلط کان بچائڻ لاءِ پنھنجو سِر قربان ڪيو پر عوام جي دلين ۾ پنھنجي جاءِ قائم ڪئي ۽ اھوئي سبب آھي جو ڀِٽ ڌڻيءَ بہ کيس ڳايو.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close