سوڍل پنھنجي روايتي انداز ۾ جوکئي فقير واري ھوٽل تي سُک چين واري وڻ ھيٺان ڪانڀ ٻڌي پتي واري ٻيڙي ڇڪي رھيو ھو. سامھون واري ڌِڪي تي خــانو ۽ خُدن بلدياتي اليڪشن جي حوالي سان وڏو بحث مباحثو لڳايو ويٺا ھئا.
خانو اک ڀَر سوڍل ڏانھن نظر ڪري، خُدن کي سُس پُس ۾ ”يار ھي سوڍل ڪَن ڏيو ويٺو آھي، متان پنھنجون ڳالھيون ٻڌندو ھجي.“
خُدن ”نہ نہ۔۔۔ سوڍل پِيريءَ ۾ پير پاتو آھي۔۔ ڪنن کان ڳرو ھوندو ڪو نہ ٻڌندو.“
سوڍل خانو ۽ خدن کي ھٿ جي اشاري سان سڏي ڀَر ۾ ويھڻ جو چيو، خانو ڳِيت ڏيندي خُدن کي ”ھل ڏسون ڇُٽل ڪارتوس ڇا ٿو چوي….“
ٻئي ڄڻا سوڍل جي پاسي ۾ اچي ويٺا سوڍل سندن سڄي ڪچھري ٻڌي ڪري بہ اڻڄاڻ ٿي چوڻ لڳو ”ڪھڙيون خبرون پيا ڪريو؟ ۽ اوھان جي کيسي ۾ ڀت واريون ٿيليون پيون آھن، ڪٿان مليون؟“
خُدن ڀُڻڪو ڪیو ”مُئي جي سونگھڻ جو حواس بہ تيز آھي۔۔ اسان تہ الائي ڇا پي سمجھيوس….“
تيسين تائين خانوءَ ڳالھايو ”ڪجھہ نہ.. بس مڙئي ڳالھيون… مڪاني اليڪشن ٿيڻ واري آھي ان ڪري اسان واري نمائندي تعارفي گڏجاڻي رکي ھئي.. مھمانن لاءِ ڀت جو انتظام ٿيل ھو ڪجھہ کاڌو سين ڪجھہ ٿيلي ۾ وجھي کنيوسين.“
سوڍل ”ڀلا ڀولڙا ڪيلن مان ٿڪي پيا آھن۔۔ سڄو ڏينھن ڪيلا چٽيو وات ۾ وجھيو پيا چٻيندا ھئا۔۔ ھاڻ ڀت تي ڪاھي پيا آھن؟“
خانو ”ڇا مطلب….. اسين ڀولڙا آھيون؟“
سوڍل ”مون تہ ڪو نہ چيو… تون پنھنجو پاڻ کي پيو چوين.“
خُدن ”پوءِ ڇا مطلب آھي… اسين ڪيلا چٽي کائڻ وارا ڀولڙا آھيون؟“
سوڍل ”نہ نہ… اوھين تہ علائقي جا چڱا مُڙس آھيو… منھنجي ڇا مجال اوھان جي شان ۾ گستاخي ڪيان…….. ھا البت انھن کي ضرور چوندس، جيڪي گاڏيون ڀري اليڪشن آفيس تائين ڊُگ ڊوگي تي نچندا ويندا آھن۔۔ جيسين نمائندو نمائندگي فارم وصول ڪندي ۽ ڀري جمع ڪرائڻ وقت فوٽو ڪڍائي. پوءِ ڀولڙا ڪارا چشما پائي ڊبل ڪئيبن پويان تتل اُس ۾ تپندا، مٽي سان مٿو چيڙ ڪندا۔۔ ڏند ڪڍندا فتح جو نشان ڏيکاريندا ويندا پنھنجي نمائندي جي ڀت واري چر تي وڃي پڄندا. ڀت کائي ڏنڍو ٿيندا… پويان ڀلي گھر تي سندن ٻار بُک تي ھجن. ڀت سان ڀڀ ڀري وفا نڀائڻ ۽ نمائندي کي خوش ڪرڻ لاءِ سوشل ميڊيا تي اچي وٺ وٺان ڪندا، ڄڻ اليڪشن کٽي ورتائون ھجي. ٻي ڏينھن ٻوٿ ڌوئي سڌا وڃي نمائندي جو در وٺي ويھندا تہ ھينئر شاباس ملندي.. پر جھڙا چنڊا اھي تھڙو سندن نمائندو… جنھن کي پڙھڻ ئي ڪانہ اچي جيڪو رڳو ويري نائيس لکڻ سکيو ھو.“
خانو ڳالھ اڌ ۾ ڪٽيندي ”نہ سوڍل، تو ڀولڙا اسان کي پيو چوين۔۔“
خُدن وري وچ ۾ ڳالھائيندي ”ھا خانو! پاڻ کي پيو چوي… ڀت پاڻ کاڌو بہ آھي ۽ کنيو بہ آھي رات نبوءَ کي پاڻ ھڪ ھزار ڏئي ٻہ سِٽون لکائي ھلايون ھيون، ضرور سوڍل اھي ڏسي ٻري پيو.“
سوڍل ”ڳالھ ٻڌو… نبو بہ وڏو ٺِڙ آھي.. اوھان کان ھزار بہ ڪڍي ويو ۽ سٽون اھڙيون لکي ڏئي ويو، جنھن سان اوھين پاڻ ئي پنھنجي منھن تي ڌوڙ پيا پايو. باقي مون ڀت وارن ڀولڙن جي ڳالھ ڪئي، اوھان جي نہ………“