جديد دؤر ۾ سنڌي لوڪ ادب جي مالڪي ڪندڙ، عاجز رحمت ﷲ لاشاري!

جوکيو جسارت الياس سنڌي

راڌڻ اسٽيشن لڳ فقيرپور دادو ۾، 2 جنوري 1982ع تي، شاهنواز لاشاري جي گھر ۾ اک کوليندڙ عاجز رحمت الله لاشاريءَ، ننڍي عمر ۾ ئي، سنڌ جي انيڪ ڏات ڌڻين ۾، پنھنجي الڳ جڳھ ٺاھي ورتي آھي. موهن جي دڙي ڀرسان، ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي جي ڳوٺ ٻنڊيء ۾، پنھنجو ننڍپڻ گذاريندڙ عاجز رحمت ﷲ، پنھنجي بنيادي تعليم، محمد امين منگي جھڙي پختي استاد وٽ حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ مدرسه مُحمّدي نورالهديٰ ۽ اللہ آباد ڪنڊيارو مان بہ تعليم حاصل ڪئي ۽ ھڪ ديني اسڪالر بنجي، عملي زندگيءَ جي شروعات، مدينه مسجد نيو ليبر ڪالوني ڪوٽڙي ۾ خطيب ٿي ڪئي. ھن نه صرف رسمي مولوين جي برعڪس، سنڌ جي صوفي بزرگ سڄڻ سائين جي بيعت ڪري، سندس ئي حڪم تي، ڪارخانن ۾ محنت ۽ مزدوري بہ ڪئي پر 1998ع ۾، روزاني الک حيدرآباد کان صحافت جي شروعات ڪندي، ھاڪري بہ ڪئي. ان دؤران ماهوار لاشار لاڙڪاڻه جو ايڊيٽر ٿيو ۽ 2005ع کان سگهڙن جي ترجمان سلسليوار ”سگهڙ سماچار“ جو باني ۽ چيف ايڊيٽر آھي. ڪجھ عرصو نيشنل پريس ڪلب ڄامشورو ۾ جنرل سيڪريٽري بہ رھيو. سنڌ جي مختلف اخبارن ۾ سندس رپورٽون ۽ ليک ڇپجندا رھن ٿا. ان کان اڳ، سندس شادي، دادوءَ جي مشھور عالم مولانا احمد حسن لاشاري طاهري جي پوٽيءَ سان، 1999ع ۾ ٿي، جنھن مان کيس ٻن نياڻين ۽ هڪ پٽ جو اولاد آھي.

حضرت قلندر لعل شهباز جي 1997ع واري ميلي ۾، سنڌ سگهڙ ڪانفرنس ۾ پهريون ڀيرو سگهڙائپ جو فن پيش ڪندڙ، سگھڙ محمد ملوڪ عباسي جو شاگرد، عاجز لاشاري نہ صرف ھڪ سٺو عالم، مقرر، سگھڙ، پورھيت اڳواڻ، صحافي، ليکڪ ۽ شاعر آھي، پر ھڪ سٺي ۽ سريلي آواز جو مالڪ بہ آھي. ريڊيو ۽ ٽي وي تي بہ عاجز ٻڌڻ ۾ ايندو آھي. پي ٽي وي تي، سنڌ جي برک ڪردار فتح خان، يعني سيد صالح محمد شاھ سان گڏ، سندس پهريون ڪچهري پروگرام 15 جنوري 2004ع تي سنڌ نامون، لوڪ ادبي محفل (جون 2004ع) دوران ڪيائين ۽ 26 نومبر 2016ع تي پاڻ پي ٽي وي تي، ڪچهري پروگرام جي، ميزبان طور به فرض نڀايا. ريڊيو تي 2004ع کان مختلف سنڌي لوڪ ادب جي پروگرامن ۾ شرڪت ۽ ميزباني ڪندو رھندو آھي.

عاجز لاشاريءَ جي ڇپيل شاعريءَ جي ڪتابن کي ڏسبو تہ انھن ۾، 1999ع کان وٺي مختلف ننڍا توڙي وڏا شعري مجموعا ملندا، جن ۾ مولودن تي مشتمل ستن ڀاڱن ۾ 1999ع کان 2004ع تائين، سندس ڇپيل ڪتاب ”رحمت جا خزانا“، 2003ع ۾ ڇپيل لوڪ ادب جي شاعري جو ڪتاب ”رمزون رحمت الله جون“، لوڪ ادب جي انسائيڪلوپيڊيا جو منظوم ڪتاب ”رنگ رحمت الله جا“ (2005ع) ۽ ”مولود ۽ مداحون“ (2007ع) جھڙا خوبصورت شعري مجموعا شامل آھن. ان کان علاوہ لوڪ ادب سميت مختلف موضوعن تي سندس ڇپيل ڪتابن جي لسٽ بہ وڏي آھي، جن مان ڪجھ؛ ”لوڪ ادب جو منظوم تعارفي مقدمو“ طويل نظم (2017ع)، ”شاھ جي شاعريءَ ۾ سگهڙائپ جو رنگ“ (2016ع)، ”سگهڙن جي جامع ڊائريڪٽري“ (سنڌ بلوچستان جي 786 ڏات ڌڻين جي احوال ۽ ڪلام تي مشتمل ڪتاب جو پھريون ڇاپو نومبر 2015ع ۾ ٻيون ڇاپو ڊسمبر 2015ع ۾ ڇپيو)، ”سنڌ سڄاڻ سگهڙ ڊائريڪٽري“ (2005ع)، ”سنڌي لوڪ ادب جو تاريخي جائزو“ (2019ع) کان علاوہ تازو ھڪ نئين موضوع تي لکيل ڪتاب "سنڌ، اسلام، سائنس ۽ فلسفو” شامل آھن. پاڻ اڻ ڳڻين نون ليکڪن، شاعرن ۽ لوڪ ادب جي لڪل سگھڙن کي منظر عام تي آڻڻ ۾ پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آھي. سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب جي سرائيڪي پٽي ۾، ڏينھن رات ھڪ ڪري، پيرسن توڙي نوجوان سگھڙن کي ڳولي، سندن ڪتاب ڇپرائي، کين منظر عام تي آڻڻ عاجز جو وڏو تاريخي ۽ تحقيقي ڪم آھي. کيس سگھڙن جو پبلشر چئجي تہ وڌاءُ ڪونہ ٿيندو. اھو ئي سبب آھي جو سنڌ جي ھن نوجوان سگھڙ کي ڪيترائي ايوارڊ بہ ملي چڪا آھن، جن ۾؛ 1996ع ۾ سندس روحاني استاد سڄڻ سائين هٿان مليل ايوارڊ، 1998ع ۽ 2003ع ۾ ٻہ ڀيرا دولهه دريا خان ايوارڊ، 28 فيبروي 2000ع تي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هٿان استاد محمد ملوڪ عباسي ايوارڊ، تاجل بيوس ھٿان 2002ع ۾ مليل حضرت جلال شاهه ايوارڊ، 13 آڪٽوبر 2003ع تي، ان وقت جي وزير ثقافت ھٿان، شعري مجموعي ”رمزون رحمت الله جون“ جو مڃتا ايوارڊ (جيڪو ڊاڪٽر بلوچ هال سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد ۾ کيس مليو)، 19 نومبر 2005ع تي سنڌالاجي ڄامشورو ۾ اڪادمي ادبيات ڪراچي پاران سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي وي.سي مظھرالحق صديقي هٿان مليل لوڪ ادب ايوارڊ، ڊاڪٽرنبي بخش خان بلوچ ۽ حميد سنڌي هٿان 2008ع ۾ بزم روح رهاڻ ايوارڊ (سندس ڪتاب “رنگ رحمت الله جا“ جي مهورت تقريب دوران)، 2015ع ۾ مٽياري شهر ۾ دي روز انٽرنيشنل ايوارڊ، حسن درس اڪيڊمي حيدرآباد طرفان شاھه لطيف ايوارڊ، سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد طرفان 16 ڊسمبر 2016ع تي ڊاڪٽر بلوچ گريجوئيٽ ايوارڊ ، 2 جنوري 2017ع تي اسٽيشن ڊائريڪٽر محمد علي ٻانڀڻ ھٿان ريڊيو حيدرآباد طرفان ”لوڪ ادب ايوارڊ“، 20 جنوري 2017ع تي حيدرآباد لٽريچر فيسٽيول ۾ لوڪ ادب ايوارڊ، 10 مئي 2017ع تي زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام ۾ ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سردارعلي شاھه ھٿان اوطاق ڪچهري ايوارڊ، 2020ع ۾ ڳوٺ جمال الدين پتافي ضلعي گهوٽڪيء ۾ صوبائي وزير عبدالباري پتافي هٿان جاکوڙي ايوارڊ، سال 2013ع ۾ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن حڪومت سنڌ پاران درسي نصاب ۾ ”سنڌي ڪتاب چوٿين درجي لاءِ“ ۾ سبق پهريون، “حمد باري تعالىٰ“ ۾ سندس حمديہ شاعري کي شامل ڪيو ويو جيڪو سنڌ ۾ پرائمري اسڪولن جي نصاب ۾ پڙھايو پيو وڃي. کيس لعلورائنڪ، ضلعي قمبرشهدادڪوٽ ۾ سلات تنظيم جي اڳوڻي سرپرست اعليٰ نامور محقق ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي، سُگھڙ مولا بخش شيدي ۽ سنڌ جي شعور پاران کيس قيمتي هيرن سان جڙيل سونا تاج پارايا ويا، پر پاڻ اهي تاج پائڻ بدران، ان ئي موقعي تي بيمار ڏات ڌڻين جي علاج لاء وقف ڪري ڇڏيا

لوڪ ادب کي سنڌ ۾ ٿيندڙ مختلف علمي، ادبي، ثقافتي ۽ سماجي ميڙاڪن ۾ جڏھن بہ وساريو ويو آھي تہ عاجز رحمت ﷲ لاشاري، ھميشہ پنھنجي سنڌ سگھڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) جي سٿ، (جنھن ۾ سنڌ بلوچستان سميت پنجاب جي سرائيڪي پٽيءَ جا سگھڙ بہ شامل آھن) سان گڏجي ھر ڀيري ان ناانصافيءَ خلاف آواز بلند ڪيو آھي، جنھن جي نتيجي ۾ وس وارا ادارا، سنڌ جي سگھڙن کي، مختلف ميڙاڪن ۾ ھاڻي ڀرپور موقعا ڏيندا آھن. ان ڏس ۾ ھن ماضيءَ ۾، ”لوڪ ادب بچايو تحريڪ“ ھلائي، جنھن سنڌ جي علمي ادبي، سياسي ۽ سماجي حلقي ۾ وڏي مقبوليت ماڻي. اھو ئي سبب آھي جو عاجز لاشاري کي سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتي پاران سٺي موٽ ڏيندي، مختلف شھرن ۾، گذريل سياري ۾ مچ ڪچھريون رکي، انھن ۾ ميزباني جو منصب ڏنو ويو. اھو تاريخ ۾ پھريون ڀيرو ھو، جو سنڌ حڪومت پاران مچ ڪچھرين ۾، ڳجھارت، پرولي، بيت ۽ لوڪ ادب جي مختلف صنفن کي جديد طريقي سان پيش ڪيو ويو، جنھن مان نوجوان ٽھيءَ وڏو لاڀ حاصل ڪيو. عاجز لاشاريءَ ھڪ ٻيو ڪارائتو ۽ تاريخي ڪم اھو بہ ڪيو، جو لوڪ ادب کي ڳوٺن مان ڪڍي، انٽرنيٽ ذريعي روزانو ۽ ھفتيوار ”عالمي اوطاق“ پروگرام رکي، سڄي دنيا ۾ آنلائن ھلايو. جنھن کي ھند سنڌ ۾ وڏي مقبوليت ملي.


مضمون جو ليکڪ: نوجوان محقق ۽ ليکڪ، جوکيو جسارت الياس سنڌي

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close