زندگيءَ جا خوبصورت لمحا:دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط-15)

ليکڪہ: اودياترانائر

سنڌيڪار؛ عبدالستار لغاري

17- سائرا بانو جي آمد

فلم رام شيام جي منھنجي زندگي ۾ خاص اھميت آھي، 1966ع جي ھي ئي منھنجي فلم آھي، جنھن دوران منھنجي سائرا سان شادي ٿي هئي. ماڻھو اسان جي شادي متعلق ڪيتريون ئي فرضي ڪھاڻيون ڪندا آهن. اسان جي پھرئين ملاقات ان وقت ٿي ھئي، جڏھن ھو ۽ ان جو ڀاءُ سلطان احمد لنڊن ۾ پڙھي رھيا ھئا، سائرا جي والده نسيم بانو فلمي صنعت جو ھڪ اھم نالو ھو. ھن پڪار فلم ۾ مغل بادشاھ جھانگير جي زال نورجهان جو ڪردار ڪيو ھو. سائرا جو پيءُ محمد احسان بہ ھڪ بھترين انسان ھو. منھنجي ڀاءُ ايوب ھڪ فلم ٺاھي ھئي، ان ۾ نسيم بانو ڪم ڪيو ھو، منھنجي ڀيڻ اختر سندس وڏي مداح ھئي. پالي ۾ اسان جي بنگلي تي موسيقي جون محفلون ٿينديون هيون، جن ۾ مشھور ستارہ نواز استاد ولايت خان ۽ استاد بڙي غلام علي خان شريڪ ٿيندا هئا. اھڙي ھڪ محفل ۾ سائرا پنھنجي والده سان گڏ آئي. انھن ڏينھن ۾ سائرا لنڊن مان موڪل تي آيل ھئي. منھنجي فلم آن سائرا لنڊن جي هڪ ٿيٽر ۾ ڏٺي هئي. مسز محبوب خان، مسز بھار، ايس مکرجي صاحب ۽ ٻين ذريعن کان معلوم ٿيو تہ ھو ننڍڙي ڇوڪري (سائرا) منھنجي محبت ۾ گرفتار ٿي وئي آهي. خبر پئي تہ ھو لنڊن مان پنهنجي والده کي خط لکي منھنجي پسند، ناپسند ۽ منھنجي مصروفيت متعلق پڇندي رھندي آھي، ھن کي اھا بہ خبر ھئي تہ آئون فارسي ٻولي ۽ شاعري کي پسند ڪيان ٿو. بعد ۾ خبر پئي تہ ھو جڏھن لنڊن مان واپس آئي تہ والده کي چئي پنھنجي لاءِ ھڪ عالم مقرر ڪرايائين، اھو عالم صاحب دربار نظام حيدرآباد دکن ۾ وابستہ رھي چڪو ھو. اھو عالم سائرا کي اردو ۽ فارسي جي تعليم ڏيندو هو. سائرا جو گھر بمبئي ۾ نپين سي روڊ حيدرآباد اسٽيٽ ۾ ھو، جتي مولوي صاحب روز ان کي پڙھائڻ ايندو هو. سائرا اھو مونکي متاثر ڪرڻ لاءِ ڪري رھي ھئي. پر مون سائرا کي گھڻي اھميت نہ ڏني، آئون کيس غير سنجيده سمجھي رھيو ھئس. ڪجھ وقت کانپوءِ خبر پئي تہ سائرا فلمن ۾ ڪم ڪرڻ گھري ٿي. ڪجھ مسلمان خاندانن ۾ ان وقت ڇوڪرين جو فلمن ۾ ڪم ڪرڻ خراب ڳالھ سمجھي ويندي ھئي. سائرا جي خاندان جو ايس مکرجي تي وڏو اعتماد ھوندو ھو، مکرجي انھن جو خير خواھ ھو. ھن جڏھن مونکي سائرا جو فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جو ٻڌايو تہ مون چيو تہ ھن کي فلمي دنيا ۾ نہ اچڻ گھرجي. اي آر ڪاردار جي فلم دل ديا درد ليا جي شوٽنگ جي سلسلي ۾ محبوب خان جي گھر ۾ ھڪ تقريب ٿي رھي ھئي. سائرا بہ اتي موجود ھئي. ايس مکرجي چيو يوسف ھن ڇوڪري کي توسان ڪم ڪرڻ جو وڏو جنون آهي. وارن کي ھٿ سان مٿي ڪندي چيم ھي مٿي جا وار ڏسين ٿي، اڇا ٿي ويا آھن، آئون توکان ڄمار ۾ گھڻو وڏو آھيان ۽ کائڻ جو کڏو آھيان، سوئر وانگر کائيندو آھيان. مونکي اڃا ياد آهي، منھنجي ڳالھ ٻڌي سائرا کلي ھئي ۽ چيو ھئائين منھنجي خيال ۾ اڇا وار توھان کي سٺا ٿا لڳن. سائرا جي پھرئين فلم جنگلي نھايت ئي ڪامياب ٿي، انکانپوءِ ڪاميابي ڄڻ ھن جا ڏينهن رات قدم چمڻ لڳي ھئي. ھو مشھور ھيروئين ٿي وئي. راج ڪپور، ديو آنند، سنيل دت، شمي ڪپور، راجندر ڪمار سميت ھر مشھور ھيرو سان گڏ ھن فلم ڪئي سواءِ دليپ ڪمار جي. ڏسندڙن طرفان اھو مطالبو سامھون آيو تہ دليپ ۽ سائرا کي فلم ۾ ھاڻ گڏ اچڻ گھرجي. ان دوران سائرا طرفان وقت جي بھترين پروڊيوسرن ذريعي مونکي پيغام ملندا رھيا، اچڻ واري ڪنھن فلم ۾ مونسان گڏ ڪم ڪيو. مون کي انھن ڏينھن ۾ فلمن جي مھورتن جون ڪيتريون ئي دعوتون ملنديون هيون. سائرا جي فلمن جي تقريبن ۾ بہ سڏيو ويندو هو. ھڪ ڏينھن آئون فلم ساز اور آواز جي تقريب ۾ ويس. سائرا مونکي چيو توھان رڳو تقريبن ۾ ايندؤ يا ڪڏھن فلم ۾ ڪم ڪرڻ جو بہ موقعو ڏيندؤ. دراصل سائرا جي باري ۾ منھنجو ذھن اھو قبول نہ ڪري رھيو ھو تہ ھو ھاڻ وڏي ٿي چڪي آهي. آئون ھم عمر اداڪارائن سان گڏ فلمن ۾ ڪم ڪري چڪو ھئس. طويل عرصي جي انتظار کانپوءِ ھو ھاڻ مونکان ناراض رھڻ لڳي ھئي. مون محسوس ڪيو تہ ھن جو مونسان رويو ڪاوڙ وارو ٿي ويو ھو، ڪڏھن ڪڏھن تہ ھو نفرت ڪرڻ لڳندي هئي. شايد ھو اھو محسوس ڪرائي رھي ھئي تہ منھنجي عدم دلچسپي ھن جي عزت نفس کي مجروح ڪيو آهي. فلمايا فلم اسٽوڊيو ۾ سائرا ۽ امان جي (سائرا جي ناني، شمشاد عبدالوحيد خان) سان ملاقات ٿيندي رھندي ھئي، آئون امان کي سلام ڪندو ھئس، ھو مونسان تمام گھڻي محبت ڪندي هئي. سائرا جو ردعمل بہ سٺو ھوندو ھو. پر ڪجھ ڏينھن کانپوءِ سائرا جي رويي ۾ تبديلي اچي وئي، سلام ڪرڻ وقت ھو مغروري مان منھن ٻي پاسي ڪري ڇڏيندي هئي، ڄڻ ھو مونکي سڃاڻيندي بہ نہ ھجي. سائرا جي انھي رويي تي آئون حيران ھئس، ھن جو خيال هو تہ ان رويي سان مون تي اثر پوندو. فلم رام شيام جي شوٽنگ شروع ٿيڻ واري ھئي، پروڊيوسر تجويز ڏني تہ سائرا کي مون سان گڏ ھيروئين جو رول ڏنو وڃي. پر مون انڪار ڪري ڇڏيو. مون انڪار ڪري ککرن کي کڙو ھڻي ڇڏيو. پوءِ تہ ھن جي ڪاوڙ جي حد نہ رھي، مختلف طريقن سان ھو ڪاوڙ جو اظهار ڪندي رھي، رام شيام فلم تي تيزي سان ڪم ھلي رھيو ھو ۽ آئون ڪم ۾ مصروف ھيس. انھن ئي ڏينھن ۾ 23 آگسٽ 1966ع تي نسيم آپا سائرا جي سالگرھ جي دعوت ڏني، مونکي اندازو ئي نہ ھو تہ منھنجي زندگي ۾ فيصلا ڪن موڙ اچڻ وارو آهي، جنھن ڏينھن مونکي دعوت ملي ان ڏينھن آئون مدراس ۾ ھيس. سالگرھ جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ خصوصي جھاز وسيلي بمبئي اچڻو پيو. پالي ھل ۾ ھن جو نئون بنگلو اسان جي گھر جي ويجھو ھو.پر آئون ڪار ۾ انھن جي گھر ويس. بنگلي ۾ داخل ٿيندئي منھنجي نظر سائرا تي پئي. ھن جو حسن ۽ خوبصورتي ڏسي آئون ششدر ٿي ويس. مون ھن کي ھٿ ڏنو تہ ھن مسڪرائي پنھنجائپ جو اظھار ڪيو. ھي اھي ئي لمحا ھئا جڏھن مون سوچيو ھو تہ قسمت منھنجو جيون ساٿي چونڊي ڇڏيو آهي. ان تقريب ۾ فلم جا وڏيون شخصيتون شامل ٿيون ھيون، خوشي جو ماحول ھو، سائرا سڀني سان عزت ۽ احترام سان پيش اچي رهي هئي. پنھنجي والده جي سھيلين سان سندس رويو ڏاڍو احترام وارو نظر اچي رهيو هو. ان دوران آئون ماضي ۾ ھليو ويس، ڪوئمبتور ھاڻي (تامل ناڊو) ۾ 1955ع جي ٺھيل فلم آزاد جا منظر ياد اچي ويا. شوٽنگ دوران ايس ايس وسن صاحب جي معرفت سچين اڳڪٿين جي حوالي سان ھڪ مشھور جوتشي سان ملاقات ٿي، ھو ھڪ عجيب ماڻھو ھو، ھن جي پنھنجي پيشاني تي ٽڪو لڳل ھو. ھن منھنجي ھٿن ۽ منھن کي غور سان ڏٺو پوءِ ھڪ جدول ٺاھيائين، مونکي غور سان ڏسندو ۽ مسڪرائيندو رھيو، ھن اسان جي پشاور واري گھر، والدين، ڏاڏي، ڏاڏو، ٻارن، گھر جي پاسي مان وھندڙ چشمي جي باري ۾ تفصيل سان ٻڌايو، آئون حيران ٿي ويس، ڪجھ گھڙيون ترسي ٻڌايائين تہ ھن کي اھا خبر قديم ترين ڀريگو سترہ وسيلي پوندي آھي. ھن اھو بہ ٻڌايو تہ تنھنجي شادي 40 سالن جي ڄمار کان پوءِ ٿيندي. زال جي ڄمار تنھنجي عمر جي اڌ جيتري ھوندي، زال خوبصورتي ۾ پنھنجو مٽ پاڻ ھوندي، اھا مائي توسان بي انتھا محبت ڪندي. ھن جو تعلق فلمي دنيا سان ھوندو. تنھنجي غلطين جي ڪري ھو سخت بيمار ٿيندي. ھو تنھنجي محبت ۾ ھر تڪليف برداشت ڪندي. جوتشي جي ڳالھين تي مونکي حيرت تہ ضرور ٿي پر سچي ڳالھ اھا آھي تہ اھڙي قسم جي پيشنگوئين ۽ علم نجوم تي مونکي اعتقاد نہ ھو. جوتشي جون ڳالھيون مون ھڪ ڪن کان ٻڌي ٻئي ڪن مان ڪڍي ڇڏيون. مصروف ترين زندگي جي باعث مون جوتشي جون ڳالھيون وساري ڇڏيون ھيون. اڄ جي سالگرھ تقريب ۾ جوتشي جون اھي ڳالھيون ياد اچڻ لڳيون. منھنجي دل ۽ دماغ چيو تہ ڪنوار جو ننڍو ھجڻ، خوبصورتي، منھنجي لاءِ ھن جو بيحد پيار، ھي تہ اھي ئي ڳالھيون آھن، جيڪي گھڻو عرصو پھرين جوتشي پيشنگوئي ڪري ڇڏيون ھيون. سالگرھ جي تقريب کانپوءِ سڌو مدراس ھليو ويس، جتي منھنجي شوٽنگ ھلي رھي ھئي، ٻي ڏينهن صبح مون سائرا جي امان کي مھرباني چوڻ لاءِ فون ڪئي. فون سائرا کنيو. مون چيو يوسف ٿو ڳالھايان، ھو شرارت مان چوڻ لڳي ڪھڙو يوسف؟ ڪنھن سان ڳالھائڻو آھي؟ ھن مونکي سڃاڻي ورتو هو ۽ شرارت ڪري رھي ھئي. مون دعوت ڏيڻ جي مھرباني مڃي. ھاڻي آئون سائرا کي بار بار فون ڪرڻ لڳس ڇو تہ ھو مونکي گھڻو ياد ايندي هئي. ھن جي ياد ايترو ستايو جو ھن سان ملڻ لاءِ بمبئي ھليو ويس. بمبئي پھچڻ وارو ھئس تہ ھڪ دوست جي فون اچي وئي، ھو ڪنھن ٽئڪس جي مسئلي ۾ ڦاٿل هو. سائرا ان وقت فلم جھڪ گيا آسمان جي شوٽنگ ۾ مصروف ھئي. آئون ان سان ملڻ اسٽوڊيو ھليو ويس، ھو پسيل ڪپڙن سان منھنجي سامھون اچي وئي، پسيل بدن سان ڪو گيت فلمايو پئي ويو. مون ان کي ٻڌايو تہ دوست جي مسئلي جي ڪري شام جو نہ ملي سگھندس تہ ھو ناراض ٿي وئي. چوڻ لڳي تہ پوءِ مونسان ملڻ جي ڪوشش نہ ڪجو، ٺيڪ آ دوست جي مدد ڪرڻ کانپوءِ توکي وٺڻ ايندس. دوست جي ڪم کان واندو ٿي سائرا کي تاج سي لائونچ وٺي ويس پر اتي ھڪ مسئلو ٿي پيو. منھنجي ھڪ اڳوڻي دوست جو بار بار فون اچڻ لڳو، سائرا منھنجي پاسي ۾ ويٺي ھئي. ان عورت سان ڪافي وقت پھرئين منھنجو تعلق ٽٽي چڪو هو. ان عورت سان منھنجا تعلقات جڙڻ ۽ پوءِ ٽٽڻ، منھنجي لاءِ ھڪ ڏکيو دور ھو. بار بار فون اچڻ جي ڪري سائرا جو موڊ خراب ھو. تاج سي لائونچ ھوٽل مان نڪتاسين تہ مون ڊرائيور کي چيو تہ سمنڊ تي ھل. ڪافي وقت سمنڊ تي ويٺي اسان ھڪٻئي سان نہ ڳالھايو، فقط سمنڊ جي ڇولين جو آواز ٻڌندا رھياسين. سائرا جو موڊ اڃا تائين ان عورت جي فون جي ڪري خراب ھو. مون خاموشي کي ٽوڙيندي سائرا کي چيو سائرا تون اھڙي ڇوڪري ناھين جو توسان رڳو ٽائم پاس ڪيان، مان توسان شادي ڪرڻ ٿو چاهيان. ڇا تون مونسان شادي ڪندينءَ؟ چيائين اھا ڳالھ تون ڪيترين ڇوڪرين سان ڪري چُڪو آھين؟ عام حالتن ۾ اھڙي قسم جي ڳالھ خراب لڳي ھا پر سائرا جي صاف گوئيءَ جي ڪري مونکي برو نہ لڳو. مون چيو سائرا تون محبت ۽ شادي ڪرڻ جي قابل آھين، اھو آئون سچ ٿو چوان، شادي لاءِ مونکي تو جھڙي ڇوڪري جي تلاش ھئي، بلڪہ منھنجي امان کي بہ منھنجي لاءِ تو جھڙي ڇوڪري جي ڳولا ھئي. اھو ٻڌي سائرا مسڪرايو ۽ مون ڏي نھاريائين ۽ مون کي پنھنجي سحر ۾ مبتلا ڪري ڇڏيائين. نپين سي روڊ تي اسان آھستي آھستي ڊرائيونگ ڪندي ھن جي ماءُ جي فليٽ تي وياسين. منھنجي خواھش ھئي تہ مون سائرا جي ٻانھن گھري آھي تہ امان جي، نسيم آپا، سلطان ء ان جي زال راحت بيگم کان بہ اجازت وٺان. سائرا مونکي ٻڌايو ھو تہ ھو روزانو سمھڻ کان پھرين الله کان اھا دعا گھرندي ھي تہ آئون وڏي اداڪارہ ۽ دليپ ڪمار جي زال ٿيان. حالانڪہ ان وقت تائين ھو پنھنجي پاڻ کي ھڪ وڏي اداڪارہ طور ثابت ڪري چڪي هئي. سائرا جي پراڻي گھر پھتاسين تہ سائرا جي ناني ۽ ان جي ڀيڻ خورشيد بيگم بہ اتي موجود ھيون. مون انھن سائرا جي رشتي جي ڳالھ ڪئي. امان جي منھنجي پيشاني تي چمي ڏني ۽ دعا ڏنائين يا الله ھنن جي جوڙي کي سلامت رکجان. سائرا جي ناني سان ملڻ کانپوءِ اسان پالي ھل واري بنگلي تي ھليا وياسين. نسيم آپا اسان جي ڀرپور آجيان ڪئي، ھو مونسان ھميشہ پيار، محبت ۽ شفقت سان پيش ايندي هئي. پوءِ تہ نسيم آپا ۽ ان جو پٽ سلطان منھنجي روزمره جي زندگي ۾ منھنجي لاءِ اھم ٿي ويا. رشتي جي ڳالھ ٻڌي آپا مونکي مبارڪون ڏنيون ۽ ڪنھن رسم تحت مونکي دھي ۽ مٺو کارايو ۽ پوءِ ھڪ لذيذ کاڌو کارايو. سائرا ان وقت تمام گهڻي خوش ھئي ۽ شايد بکايل بہ ھئي، پر گھڻي جذباتي ٿيڻ جي ڪري صحيح طريقي سان ماني نہ پئي کائي سگھي. ننڍڙو گرھ وات ۾ وجھڻ کانپوءِ يڪو پئي چپاڙيائين، ان تي مون ھن کي چيو سائرا پنھنجو ئي گھر سمجھو کائڻ ۾ حجاب نہ ڪيو. ٿوري ئي دير گذري ھئي سائرا پنھنجي ماءُ کان مون کي پنھنجي گھر تائين ڇڏڻ لاءِ اجازت ورتي.لنڊن ۾ رھڻ، پڙھڻ ۽ وڏي ٿيڻ کان پوءِ بہ امان جي ۽ نسيم آپا سائرا کي وڏي لاڏ ڪوڏ سان پاليو ھو. منھنجو گھر انھن جي گھر کان ٿوري ئي فاصلي تي ھو. پر اسان ڪارٽر روڊ تي ٻہ منزلہ عمارت جي پاسي ۾ بيھي رھياسين، جتي منھنجا ڀاءُ ناصر پنھنجي اداڪارہ زال پارہ ۽ ٻارن سان گڏ رھندو ھو. انھي عمارت ۾ منھنجو دوست اداڪار گوبندو( ڀٽا چاريہ) بہ رھندو ھو. زور سان ھارن وڄائڻ جي ڪري گوبندو پريشاني جي عالم ۾ ڀڄندو دري وٽ اچي بيٺو. مون ان کي چيو ٿڌي پاڻي جي بوتل جلدي کڻي ھيٺ اچ. ھو ڪار جي ويجھو آيو ۽ مونسان ڳالھائڻ لاءِ جيئن ئي گردن جھڪائي اندر مونسان ويٺل سائرا کي ڏٺائين تہ ذري گهٽ بيھوش ٿيو ھو. ان وقت گوبندو آصف جي فلم سستا خون مھنگا پاني ۾ سائرا سان گڏ ڪم ڪري رهيو هو، ٻين ڪيترن ئي دوستن کان علاوه گوبندو، نذر حسين صاحب ۽ سنجيو ڪمار ذريعي منھنجي ۽ سائرا جي وچ ۾ نياپا پھچندا ھئا. ڇو تہ اھي ھڪ ئي وقت مونسان بہ گڏ ڪم ڪري رهيا هئا، مونکي ٻڌائيندا رھندا ھئا تہ سائرا منھنجي لاءِ پريشان رھي ٿي. اسان چھل قدمي لاءِ سمنڍ تي ھليا وياسين، آھستي آھستي ھلندي اسان ڳالھائي رھيا ھئاسين، آسمان تي ڪڪر ڇانيل هئا، اچانڪ ھلڪي ھلڪي بوندا باندي شروع ٿي وئي. اسان سمجھو تہ قدرت اسان جي ملڻ تي مھربان ٿي وئي آهي. مون پنھنجي جيڪيٽ لاھي سائرا کي پارائي. منھنجون ھزارين شيون سائرا سنڀالي رکيون آھن، انھن ۾ اھا جيڪيٽ بہ آھي. اسان جڏھن واپس اچي رھيا ھئاسين، منھنجي گھر جي دروازي تي منھنجي ڀاءُ ناصر جي ڪار بيٺل ھئي. ناسيڪ ۾ اسان جو پولٽري جو ڪاروبار ھو، جيڪو ناصر سنڀاليندو هو، ان سلسلي ۾ ھو مونسان رابطي ۾ رھندو ھو، سائرا سان شادي ڪرڻ واري خوشي جي خبر سڀ کان پھرئين ناصر کي ٻڌائڻ چاھيم، ناصر مون کان پوءِ ڄائو هو، ھي نھايت ئي پيارو، کلمک ۽ منھنجي دوستن جھڙو ڀاءُ ھو. آئون سائرا کي مٿي وٺي ويس، ھو پريشان ٿي رھي ھئي، مون ان کي تسلي ڏيندي چيو پريشان ٿيڻ جي ڪا بہ ڳالھ ناھي. ناصر حسب معمول پيار ۽ محبت سان پيش اچي رهيو هو. ڪجھ منٽن کانپوءِ مون ان کي ٻڌايو تہ اسان شادي ڪرڻ وارا آھيون. ھن خوشي مان وڏو ٽپ ڏنو ۽ مونکي ڀاڪرن ۾ ڀري ورتائين ۽ چيائين يار اھڙو مذاق نہ ڪر، ھي سڀ ڪجھ ڪيئن ٿيو، مونکي تہ يقين ئي نہ پيو اچي، اھا تہ وڏي خوشي جي خبر آھي. ناصر کي خوش ڏسي مون پنھنجي پاڻ کي چيو ھاڻي منھنجي خوشي جي تڪميل ٿي وئي آهي. ھاڻي آئون ھر ٻي ڏينهن شام جو جھاز وسيلي مدراس کان بمبئي ايندو ھئس. نپين سي روڊ واري گھر ۾ سائرا، ھن جي والده ۽ ناني سان گڏ ماني کائيندو ھئس، انھن سان زبردست وقت گذرندو هو. شادي کان ڪيترائي سال پوءِ سائرا مونکي مزاق ۾ ڳائي ٻڌايو تہ ھڪ گھر ٺاھيو آھي، تنھنجي گھر جي سامھون، ھن تفصيل سان ٻڌايو تہ ھو منھنجي گھر جي ويجھو پنھنجو گھر ٺاھڻ چاھيندي ھئي. اھو ئي سبب آهي جو وڏي ڳولا کانپوءِ ھن کي پالي ھل ۾ منھنجي گھر جي ويجھو پلاٽ مليو ھو، جتي ھن بنگلو ٺھرائي رھائش اختيار ڪئي. اسان جي ميلاپ جي خبر جھنگ ۾ باھ وانگر پکڙجي وئي ۽ خبرن جو ھڪ تسلسل وڏي تيزي سان رونما ٿيڻ لڳو.

هلندڙ


  1. زندگي جا خوبصورت لمحا-دليپ ڪمار (قسط-۱)

  2. ”زندگي جا خوبصورت لمحا“ دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط 2)

  3. زندگي جا خوبصورت لمحا, دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط -3)

  4. زندگي جا خوبصورت لمحا: دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط -4)

  5. زندگيءَ جا خوبصورت لمحا:دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط-5)

  6. زندگي جا خوبصورت لمحا:دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو قسط-6

  7. زندگيءَ جا خوبصورت لمحا:دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط-7)

  8. زندگي جا خوبصورت لمحا: دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط- 8)

  9. زندگيءَ جا خوبصورت لمحا:دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط- 9)

  10. زندگيءَ جا خوبصورت لمحا:دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط- 10)

  11. زندگيءَ جا خوبصورت لمحا:دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو قسط-11

  12. زندگيءَ جا خوبصورت لمحا:دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط-12)

  13. زندگيءَ جا خوبصورت لمحا:دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو قسط-13

  14. زندگيءَ جا خوبصورت لمحا:دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو قسط-14


Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close