سنڌ جون نئيون (حصو: پنجون ۽ آخري)

انسائڪلو پيڊيا سنڌيانا تان ورتل

گاجڻ نئن: جبلن جي ڪڇ ۾ ڪيئي نئيون، نالا، ڍورا، ڪنب، ڪنڊون، واهيون، چپي چپي تي پکڙيل آهن. گاجڻ نئن هڪ واهيءَ مثال آهي، جيڪا برسات جي مند ۾ ڪاڇي ۾ آبادي ڪرائيندي آهي. هيءَ نئن راڄي ديري جي ڀرسان تعلقي جوهيءَ ۾ آهي.

گوربندي: سيتا نئن مان پاڻيءَ جي مناسب نيڪال لاءِ هڪ ٻڌل بند، جيڪو ضلعي قنبر شهدادڪوٽ ۾ واقع آهي. جابلو ٻوليءَ ۾ ڇڙواڳ پاڻي يا جانور کي ’گور‘ چون ٿا. هيءَ سيتا نئن جي سڄي ڪنڌيءَ کان سئو فوٽ کن بلنديءَ تي ’پينئري جبل‘ جي ٽڪريءَ تي واقع آهي. پينئري جبل جي چوٽين تي ڏکڻ کان آهستي آهستي مٿي چڙهندي ويندي آهي. هن جي شروعاتي اوچائي ٽي چار فوٽ آهي، جا وچ تي 20- 30 فوٽ تي وڃي ٿي، پر ڪٿي ان جي اوچائي 40 فوٽن تائين به پهچي ٿي. هن جي ديوار ۾ ننڍڙن ۽ سنهڙن پٿرن سان گڏ وڏيون ڇپون به ڪتب آيل آهن. جن ۾ گهڙيل ۽ اڻ گهڙيل پٿر به شامل آهن. هي کيرٿر جي وڏي ۾ وڏي گوربندي 1861ع ڌاري انگريزن ٺاهي.

گوڙڌرو نئن: هيءَ نئن ڪارونجهر مان نڪري ٿي ۽ اٽڪل سوا ڪلوميٽر طئي ڪري ’ڀٽياڻي نئن‘ سان اچي ملي ٿي. هن نئن سان لڳولڳ هڪ ننڍي ڇاڙهه پڻ وهي ٿي. گوڙڌرو هن علائقي جي سڀ کان وڏي نئن آهي. هيءَ نئن ججهي علائقي کي سيراب ڪري ٿي. هيءَ نئن، ڀٽياڻيءَ سان گڏجڻ کانپوءِ 10 ڪلوميٽر اڳتي وڃي هڪ زرخيز لهواري ميدان ۾ ڇوڙ ڪري ٿي.

ڳجهڙو ڍورو/ نئن: ڳجهڙو ڍورو ٻٻراڻي (نيو ڪراچي) کان وهي اچي لسٻيلي کان اڳ لياريءَ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. ڳجهڙي ڍوري جي ڪري هن علائقي جو نالو ’ڳجهڙو‘ پيو. ’ڳجهڙي نئن‘، گهاري، ملير، ٿاڻي بولاخان، گڏاپ، درساڻي ڇني، موئيداڻ، ڌريجي، شورينگ ڪنڊ، سورجاڻي، مهير کان بندر ڏانهن ايندڙ گسن جي مرڪز ۾ هئڻ ڪري هميشه اهميت وارو علائقو رهيو آهي. لياري نديءَ جو گهڻو حصو هن ديهه جي وچان گذرڻ ڪري، ان جا ٻئي ڪپ زرعي طرح آباد هئا. ’ڳجهڙي‘ جي لفظي معنيٰ آهي: ’لڪل، ڳجهو‘. ڳجهڙي ڍوري/نئن جي ڪري ديهه جو نالو به ڳجهڙو پيو. اڳتي ٻيو ڍورو اچي ٿو، جيڪو ساڄي هٿ تي ڍوري جي ڪپ تي هوندو هو، اُن ڍوري کي ”ڙَهي وارو ڍورو“ چيو وڃي ٿو. (ڏسو: گل حسن ڪلمتيءَ جو ڪتاب: ڪراچي سنڌ جي مارئي، ڇاپو پهريون)

ڳيريلو نئن: هي نئن يونين ڪائونسل غيبي ديري، تعلقي قمبر، ضلعي قنبر-شهدادڪوٽ ۾ چانڊين جي جاگير جي زمين کي آباد ڪري ٿي. هيءَکيرٿر مان برسات دوران ايندڙ نئن ۾ مشهور نئن آهي. هن نئن جي ڪنڌين تي ’ڪرڪ واري‘ آهي، جنهن کي پار ڪرڻ ڏکيو آهي.

گهارو نئن: ڪنهن زماني ۾ سنڌو درياهه جو هڪ وهڪرو ڀنڀور کان ٿيندو ابراهيم حيدريءَ لڳ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو جنهن کي ڀنڀور لڳ گهارو نئن/گهارو ڦاٽ چيو ويندو هو. ان جي ڪپ تي ابراهيم حيدري ڳوٺ، ريڙهي ڳوٺ (ريڙهي مياڻ)، ديبل، ڀنڀور، رتوڪوٽ ۽ ٻيا ڳوٺ آباد هئا.

گهرٽياري نئن: هيءَ نئن ڪارونجهر مان نڪري ٿي. ’گهرٽي‘ جنڊ يا اٽي پيهڻ واري چڪيءَ کي چوندا آهن. آڳاٽي وقت ۾ هن نئن جي ڪپ تي جنڊ پيٺا ويندا هئا، جن جو آواز ڏور کان ٻُڌڻ ۾ ايندو هو، تنهنڪري هن نئن کي ’گهرٽياري‘ سڏيو ويو. هيءَ نئن ننگرپارڪر شهر کان اٽڪل 3.5 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي وهي ٿي ۽ ٻن ڪلوميٽرن تائين وهڻ کانپوءِ، وي نالي سان ملي ٿي ۽ ساڳئي رخ ۾ ٻن ڪلوميٽرن تائين وهي ٿي. تنهن کانپوءِ اوڀر طرف مُڙي ٿي ۽ 2.5 ڪلوميٽرن جو مفاصلو طئي ڪري ڪيترين ئي ڇاڙهن ۾ ورهائجي اڳتي هلي سنئين پٽ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي.

لٽ نئن: گڏاپ ڏانهن ايندي ڪوهستان جي علائقي ۾ ديهه لٽ ڪرمتياڻي آهي. هن نئن جي پيٽ ۾ ڪرمتين جو پراڻو قبرستان آهي. ملير ۾ جيڪي ’لٽيگ ڪلمتي‘ رهن ٿا، تن کي لٽ نئن جي ڪپ تي رهڻ ڪري ’لٽيگ‘ يا ’لٽ وارا‘ چيو وڃي ٿو. گنڌاڪيءَ جي جبلن کان وهي ايندڙ ميندياري ڍورو، ديهه ڪرمتياڻي ۽ ديهه گڏاپ کي الڳ ڪري اڳتي لٺ ڪرمتياڻي نئن جو حصو ٿئي ٿو. ’اڪين واري ڍوري‘ من جبل کان وهي اچي ٿڌي نئن ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. هتي ئي ٿڌي نئن جي ڪپ تي ’مور مرادين‘ وارو تاريخي قبرستان آهي. جنهن ۾ 30 کان مٿي گهاڙي قبرون آهن. جنهن سان لڳ ’گنڌاڪي‘ وارو ڍورو آهي. ٻئي پاسي ”ڪهيريءَ وارو ڍورو“ آهي. جيڪو خرمريون بٺيءَ مان وهي ٿڌيءَ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. ٿڌي ۽ هن جاءِ تي ميلن تائين صاف ۽ شفاف پاڻي ساوڻي جي برساتن کي پوءِ وهندو آهي ۽ ڪن جاين تي ڪنن ۽ کڏن ۾ ٻارنهن مهينا پاڻي موجود هوندو آهي. هتي ٿڌي نئن ۾ ’گنڌاڪي وارو ڪن‘ ڪراچيءَ جي حدن ۾ حيات گوندر ڳوٺ کان پوءِ ’ٻٽڪي وارو ڪن‘ ۽ ’ڄامڙي وارو ڪن‘ مشهور آهي. ٻولهاڙيءَ واري ڍوري، ڪرڪٽي ڍوري ۽ ٿڌي نئن جي ڪپ تي زراعت به ٿئي ٿي. ديهه ڪاٺوڙ ۾ ’گوهربان‘ تاريخي ماڳ آهي، جيڪو ’گوهر جتڻي‘ جي نالي سان آهي. مول نئن به هتان گذري جڏهن ملير ۾ داخل ٿئي ٿي ته ان کي ملير نئن چيو وڃي ٿو. مول جو اهو حصو اوچين پهاڙن، وهندڙ صاف ۽ شفاف پاڻيءَ جي ڪري وڻندڙ آهي. ديهه لنگهيجي ۾ ٿڌي نئن جي ڪپ تي گهاڙي قبرستان آهي، جنهن کي ’روميون‘ ۽ ڪلمتين جون قبرون چيو وڃي ٿو.

لنگهيجي نئن: ’لنگهيجي ڍورو‘ مختلف جابلو سلسلن مان وهي سپر هاءِ وي کي ناگوري سوسائٽيءَ (ڪراچيءَ) وٽان پار ڪري، ملير نئن ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. سپر هاءِ وي کانپوءِ ديهه بازار مان گذرڻ ڪري هن کي ’بازار نئن‘ به چوندا آهن.

لوياڇ نئن: ضلعي ڄامشوري جي ڪاري جبل جي ڪڇ مان برسات جو پاڻي ڍورن جي صورت ۾ وهي سپر هاءِ وي کان وٺي ڪلو کوهر ۽ نوري آباد جي پٽن مان ٿيندو، ڪوهستان کان ايندڙ ’نئن لوياڇ‘ ۾ پوندو آهي ته هڪ چڱي موچاري نئن وهي هلندي آهي. هيءَ نئن ضلعي ٺٽي ۾ ڪوهستان جي ’آڃڻي مڪان‘ وٽان ٿيندي، اچي ڪينجهر ۾ ڇوڙ ڪندي آهي. هن نئن جو وهڪرو 32 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ آهي، جيڪو سنڌو درياهه کان به تيز آهي. هن وقت ’نئن لوياڇ‘ تي تمام گهڻا ٽيوب ويل لڳل آهن، جن تي ڪافي زرعي آبادي ٿئي ٿي. برساتن ۾ هيءَ نئن موج ۾ اچي آسپاس ٻوڏ آڻيندي آهي. 1981ع ۾ نئن لوياڇ، جهمپير کان الهندي طرف کان ڦاٽ کاڌو ۽ جبل ٽوڙي جهمپير شهر ۾ ڪاهي پئي ۽ آسپاس جا ڳوٺ لوڙهي وئي. اهو ڪوهستان جي تاريخ ۾ خطرناڪ ٻوڏ جو واقعو هو. جڏهن هيءَ نئن ڪينجهر جي نيري پاڻيءَ ۾ داخل ٿيندي آهي ته سندس ميرانجهڙو پاڻي پري تائين عجيب منظر پيش ڪندو آهي. هيءَ ڪوهستان جي وڏين نئين مان هڪ آهي.

لياري نئن: ڪراچي شهر جي وچان گذرندڙ لياري نئن برساتي نئن آهي. گڏاپ جي علائقي، کٻڙ لڪ جي جابلو علائقي (حب ڊيم جي ڏکڻ اولهه) ۽ اوپڪاڻيءَ جي ٽڪرين مان وهي اچي سهراب ڳوٺ وٽان گذري، هاڻوڪي تاج ڪالوني’>آگرا تاج ڪالوني (جتي ورهاڱي کان اڳ هندن جو مساڻ هو) لڳ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. لياري نئن جي ڪري ڪراچيءَ جي هن قديم علائقي جو نالو ’لياري‘ پيو آهي. لياريءَ نالي پڻ برساتي نديون موجود آهن.
لياري نئن، لي مارڪيٽ جي اتر پاسي شيدي وليج جي ڪناري کان ٿيندي، کڏي تائين وهي، سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. 1729ع ۾
ڀوڄي مل ۽ سندس ساٿين پاران جوڙايل ’ڪراچي ڪوٽ‘ جو ’مٺو در‘ لياريءَ پاسي کُلندو هو، ڇاڪاڻ ته اُنهن ڏينهن ۾ هتي صاف ۽ شفاف پاڻي وهندو هو ۽ پيئڻ جي پاڻيءَ جا کوهه هئا، جن جي ڪري هن در جو نالو ’مٺو در‘ رکيو ويو هو. ڪوٽ ٺهڻ کان پوءِ لياري نئن انهيءَ ديوار جي ڪنارن کان وهي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. انگريزن جي قبضي کان پوءِ ٻوڏن جي بچاءَ لاءِ لياري نئن جو رخ موڙي هاڻوڪي وهندڙ لياري شاخ ڏانهن ڪيو ويو. قديم شاخ اڄ به گٽر نالي جي صورت ۾ موجود آهي. 195.58 م. م سراسري برسات پوڻ تي 32.657،948 ڪيوبڪ ميٽر برسات جو پاڻي وهائي ايندي آهي، جنهنڪري 166.98 چورس ڪلوميٽر ايراضي آباد ڪندي آهي.

مڙدان نئن: هيءَ نئن اولهه ۾ کنجي نئن جي منڍ مان شروع ٿئي ٿي ۽ پوءِ اڳتي ايندي، ان کي ٽڪرن مان به پاڻي ملي ٿو. مڙدان نئن جي پاڻيءَ تي ڪاڇي جون ڪيتريون ٻنيون آباد ٿين ٿيون، هن نئن جو پاڻي پيئڻ طور به ڪتب آندو وڃي ٿو.

مزاراڻي نئن: هي جاگير جي وڏي نئن آهي. هيءَ نئن، سيتا نئن جي ڏکڻ ۾ آهي. نئن مزاراڻي کيرٿر جي آخري پاسراٽين مان نڪري ڪاڇي جي وسيع پٽن ۾ پکڙجي ٿي. هيءَ نئن ڏاڙهياري جي جبل جي چوٽيءَ تي ’گوڙ‘ وٽان، جتان ڏاڙهياري جو سمورو پاڻي هڪ ڳجهي سير ۾ داخل ٿيندو آهي ۽ پوءِ اهو پاڻي جبل مان اندران ئي اندارن ’مير هڏي‘ نالي ماڳ وٽان گڙگاٽ ڪندو نڪرندو آهي. مزاراڻي نئن اتان شروع ٿئي ٿي. سنڌ ۾ هيءَ نئن سڀني نين کان خوبصورت آهي. پر شڪارين لاءِ ڏُکي به آهي، جو هن ۾ هنڌ هنڌ تي ڏکيا ڪنڀ به آهن. هن نئن جي ڪاري پاڻيءَ تي به هتي آبادي ٿيندي آهي. برسات جي موسم ۾ ’بڊام‘ ۽ ’ڪاڇڙي‘ ڍنڍون به هن نئن جي پاڻيءَ مان سيراب ٿينديون آهن. ڪاڇي جي چڱي ايراضيءَ ۾ هن نئن ذريعي آبادي ٿئي ٿي. هن سوڙهي ۽ ڪُنبن سان ڀريل برساتي نئن لاءِ چون ٿا ته سنڌ جي سڀ کان سهڻي نئن آهي، پر ان خيال کان بيحد ڏکي آهي، جو اُن ۾ گهوڙي سواري يا شترباني (اُٺن جي سواريءَ) جي گنجائش نه آهي. هن نئن جي تري ۾ وڏيون وڏيون جنبون ۽ ڇپون پيل آهن. مزاراڻي نئن 114.3 م. م سراسري برسات پوڻ تي 57،590.055 ڪيوبڪ ميٽر برسات جو پاڻي وهائي ايندي آهي. جنهن تي 503.85 چورس ڪلو ميٽر ايراضي آباد ٿيندي آهي.

مکي نئن: هيءَ نئن به تعلقي جوهيءَ ۾ نئن گاج جي اتر ۾ آهي. هن نئن کي ’مڪي نئن‘ به چوندا آهن. ڪاري جبل مان نڪري اوڀر طرف ’ڪسبي‘ ڳوٺ جي پٺ ڏئي، اوڀر طرف وهي ٿي. برسات جي موسم ۾ اٿلي ڪجهه ٻنا ڀرائيندي آهي. هن نئن تي به زرعي آبادي ٿيندي آهي. مکي نئن 114.3 م. م سراسري برسات پوڻ تي 67،44،429 ڪيوبڪ ميٽر برسات جو پاڻي وهائيندي آهي، جنهن تي 590.03 چورس ڪلوميٽر ايراضي آباد ٿيندي آهي.

ملجي جي وانڍئي واري نئن: هيءَ ننڍڙي نئن آهي، جيڪا ڪارونجهر کان نڪري ٿي ۽ ننگرپارڪر شهر جي اولهه ۾ پنجن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تان وهي ٿي. هيءَ نئن اتر اولهه جي رخ ۾ وهي ٿي. هن نئن ۾ ابتدائي ٻن ڪلوميٽرن دوران ٻيون ڪيتريون ننڍڙيون نئيون داخل ٿين ٿيون. هيءَ نئن 15 ڪلوميٽرن جو مفاصلو طئي ڪري ڳوٺ ’ملجي جي وانڍئي‘ جي اولهه ۾ زرخيز علائقي ۾ ڇوڙ ڪري ٿي.

مليرڙي نئن: هيءَ نئن سيوهڻ تعلقي ۾ آهي، برسات ۾ بڊي جبل کان وهي، لڪي جبلن جي اولهائين پاسي ختم ٿيندي آهي. هن جو وهڪرو اولهه کان اوڀر آهي. ٿوري آبادي ڪرائي ٿي. هن نئن جي ڪناري تي هڪ قديم آثار به آهي.

ملير نئن: هيءَ نئن ڄامشوري ضلعي مان وهي ڪراچيءَ جي علائقي ملير کي آباد ڪري ٿي. هن نئن جي نالي بابت ڪن ماڻهن جو چوڻ آهي ته ڪراچيءَ جي علائقي ’ملير‘ تان هن تي اهو نالو پيو آهي، پر ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته ملير علائقي تي اهو نالو ’ملير نئن‘ تان پيو آهي.
ملير نئن جو هڪ ڏيک
هي نئن مول مان نڪري ٿي. جڏهن هي ملير جي علائقي ۾ داخل ٿئي ٿي ته ان جاءِ تي ’کديجي نئن‘ به اچي ’ملير نئن‘ ۾ پوي ٿي. ٻيون برساتي نئيون: ٿڌو، جرندو، لنگهيجي ۽ سڪڻ، ملير نئن جون ڏن ڀرون برساتي نئيون آهن. ان کان سواءِ ڪونڪر، ٻاڪران، گهگهر، پپري، وٽيجي، کار، ڪنڊ، نم، مهير، موئيداڻ، ميلو، ٻاڙو (ٻولهاڙي)، ڪُرڪٽي، لٺ ڪرمتياڻي نئيون ۽ ڍورا به ملير نئن سان اچي ملن ٿا. ڪيترائي ڍورا جن ۾ سونگل، مهادل، چاڪر ڦاهي، چڱرو، ڳجهڙو، موکي، سوري، صفوران، آمري، ڪهيريءَ وارو ڍورو، ٽوٽڪرين وارو ڍورو، ڱانڱيارو، ٽهير ۽ ٻيون نئيون به ملير جي علائقي ۾ هيون، جيڪي هاڻي گٽر نالن ۾ تبديل ٿي ويون آهن.
ملير نئن جي ڇوڙ وارو هڪ حصو جيڪو گسريءَ (Gizri) لڳ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. ان کي بند ڪري ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي جي حوالي ڪيو ويو آهي. اڳتي هلي ملير نئن جو رخ وڌيڪ ڪورنگي ڪريڪ ڏانهن ڪيو ويو آهي. ملير نئن جو رخ تبديل ڪرڻ کانپوءِ ان جي خالي پيٽ ۾ مٽي ڀري بنگلا اڏيا ويا آهن.
ملير، ٿڌو ۽ لياري نئن کي، ندي ان ڪري چيو ويندو آهي، جو انهن نئين مان حب نئن وانگر صاف ۽ شفاف پاڻي وهندو هو. هتان جا رهواسي انهن نئين مان ڪسيون ڪڍي پاڻي آباديءَ لاءِ به ڪتب آڻيندا هئا، ڪنهن دور ۾ هتي نار ۽ ڪوش وسيلي به زراعت ڪئي ويندي هئي. اڄ به کديجي، لنگهيجي، ٿڌو، مول، ڪنڊ ۽ مهير ڍوري ۾ ڪٿي ڪٿي صاف ۽ شفاف پاڻي وهندو ڏسبو آهي.
انهن نئين جي طاس (Base) تي ماڻهن پنهنجا ڳوٺ آباد ڪيا ۽ معاش لاءِ انهن نئئن مان توڙي انهن جي ڀر ۾ کوهه کوٽي زراعت لاءِ پاڻي حاصل ڪندا هئا. ملير نئين 215.13 م. م سراسري برسات پوڻ تي 77،661.930 ڪيوبڪ ميٽر برسات جو پاڻي وهائي ايندي آهي. جنهن سبب 361.00 چورس ڪلوميٽر ايراضي آباد ڪندي آهي.

مماني/ مماڻي/ مَمانيو نئن: هي نئن تعلقي جوهيءَ ۾ نئن گاج جي انهن نئين مان آهي، جيڪي گاج جي ڏکڻ واريون نئيون سڏبيون آهن. راڄي ديري ڳوٺ ۾ ڪيهر شاهه تاريخي مقام آهي، جنهن جي نسبت سان مقامي ماڻهو مقام کان اترنئين وارين کي ”اتر واريون نئيون“ چوندا آهن ۽ مقام جي ڏکڻ وارين نئين کي ’ڏکڻ واريون نئيون‘ چوندا آهن. نئن ممانيو کي نئن مماني يا مماڻي به چوندا آهن. هن نئن تي به زرعي آبادي ٿيندي آهي.

مول نئن: مول نئن ڄامشوري ضلعي جي مشهور نئن آهي، جيڪا ڪوهستان جي ’مول‘ شهر ڀرسان گذري ٿي. مول شهر، مول يونس، مول ديهه ۽ مول تپو نالا مول نئن تان پيل آهن. مول نئن کير ٿر مان نڪري ڏکڻ طرف وڃي ملير نئن سان ملي ٿي. جنهن جاءِ تي ’مول‘ کي ’ملير‘ نئن سڏيو وڃي ٿو. اها به ڄامشوري ضلعي جي حد آهي. مول نئن قديم ۽ تاريخي نئن آهي، نئن مول جي ٻنهي ڪنارن سان پٿر جي قديم دور جا ڪيترا قديم ماڳ موجود آهن، جن مان جبلن تي چٽساليءَ جا ڪيترا نمونا ملن ٿا. ان کان سواءِ اسلامي دور جا به ڪجهه ماڳ مڪان زردشتين جا گبربند به موجود آهن. ٿوري برسات سان هيءَ نئن وهي هلندي آهي، هن تي آبادي به ٿيندي آهي. مول نئن 185.42 م. م سراسري برسات جو پاڻي پوڻ تي 166.106،290 ڪيوبڪ ميٽر برسات جو پاڻي وهائي ايندي آهي. جنهن ڪري 626.18 چورس ڪلو ميٽر ايراضي آباد ڪندي آهي.
مونڌري جي نئن: هيءَ نئن ڪارونجهر جي بلڪل اولهه مان نڪري ٿي ۽ اتر ۾ اٽڪل 13 ڪلوميٽرن تائين وهندي اهڙي ميدان ۾ وڃي ڇوڙ ڪري ٿي، جيڪو جون کان نومبر تائين لوڻياٺي پاڻيءَ سان ڀريل هوندو آهي. هي حصو رڻ ڪڇ جو حصو آهي.
مهرو ڪولهي نئن: پارڪر جي هيءَ نئن چتراسر جي ٽين شاخ آهي. فورگريريئن نئن جي اتر ۾ يا مهري ڪولهيءَ کان اڳڀرو هيءَ نئن 3.5 ڪلوميٽرن جو ننڍڙو سنئون سنواٽو وهڪرو آهي. هيءَ نئن ڏکڻ اوڀر ڏانهن وهندي چتراسر نئن جو حصو ٿي وڃي ٿي.

مئو نئن: هيءَ ننڍي نئن آهي، جيڪا ڪارونجهر مان نڪري ٿي ۽ ڪارونجهر جي اتر ۽ اتر-اولهه ۾ چئن ڪلوميٽرن تائين پوروڇوٽ وهڻ کانپوءِ اڳتي ڏيڍ ڪلوميٽر پنڌ طئي ڪرڻ کانپوءِ اتر-اوڀر طرف ڳوٺ مئو ڀرسان ڇوڙ ڪري ٿي. هن نئن جو پيٽ اٽڪل 20 کان 80 ميٽر ويڪرو آهي، جيڪو وچٿري کان ويندي ٿلهي واريءَ وارو آهي.
ميٽاڻ ڍوري / نئن: ميٽاڻ نئن جي ڪري هن ديهه جو نالو ئي ميٽاڻ رکيو ويو آهي. برساتن ۾ جڏهن ٽڪري جو پاڻي انهيءَ ڍوري ۾ وهندو آهي ته هن جو رنگ به ميٽوڙي (ميٽ جي رنگ جهڙو) هوندو آهي. هيءُ ڍوري ٻين ڍورن سان ملي مائي ڳاڙهي درگاهه لڳ حب نديءَ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي.

نري نئن: هي نئن تعلقي جوهي ضلعي دادوءَ ۾ آهي. هيءَ ننڍي نئن آهي، پر هن نئن جي ڪنڌيءَ تي ڪنهن سمي سنڌ جو مشهور ماڳ واهي پانڌي هو. نامور محقق بدر ابڙي ڪتاب ’منڇر گورک گاج دنيا‘ ۾ لکيو آهي ته هن نئن جي آس پاس ڪيترا ئي قديم ماڳ آهن، جن مان ٿاڻو ڪوٽيرو، ميان جو ڪوٽ ۽ بٺ ڪارو ڪوٽ مشهور آهن. هيءَ برساتي نئن آهي، هن نئن تي زرعي آبادي ٿيندي آهي. هيءَ نئن ڇنيءَ وٽان وهي منڇر کي ڀري ٿي. نري نئن ڦوسي لڪ ويجهو ڳاڙهي کان شروع ٿي واهي پانڌيءَ جي اولهه ۾ جبلن مان نڪري، نئن گاج جي موجوده وهڪري سان شامل ٿي منڇر ۾ پوي ٿي. هن نئن جي ڪئچمينٽ ايراضي اٽڪل 500 چورس ڪلوميٽر آهي.
نري نئن 114.3 م.م سراسري برسات پوڻ تي 53،421،534 ڪيوبڪ ميٽر برسات جو پاڻي وهائيندي آهي. جنهن تي 467،38 چورس ڪلوميٽرن جي ايراضي آباد ٿيندي آهي.
عزيز ڪنگراڻيءَ جي لکڻ موجب هيءَ نئن ڳوٺ واهي پانڌيءَ جي اولهه واري جابلو سلسلي مان نڪري ٿي. ڳوٺ واهي پانڌي وٽ ٻن وهڪرن ۾ ورهائجي وڃي ٿي. هڪ وهڪرو شهر جي اتر ۽ ٻيو ڏکڻ کان ڦري وهي ٿو. نئن نيل/ نيل ندي، واهي پانڌيءَ وارو ميداني علائقو سيراب ڪري ٿي.

نڙاني نئن: هيءَ نئن شهدادڪوٽ جي حدن ۾ اتر کان ڏکڻ تي وهندڙ سنڌ جي پهرين نئن آهي. هن نئن جي اتر ۾ بلوچستان صوبي جي جهل مگسي ضلعي جي حد آهي. هيءَ نئن ٽن جهرڻن جو گڏيل وهڪرو آهي. نڙاني نئن جي پاڻيءَ تي پوک به ٿئي ٿي. برساتن جي وسڪارن کانپوءِ هن نئن جو پاڻي ڪڏهن ڪڏهن پراڻي ايف پي بچابند تائين پڻ پهچي ويندو آهي.

نئنگ نئن: هيءَ نئن ڏکڻ کان اتر طرف وهي ڀت جبل جي اولهه ۽ بڊي جبل جي اوڀر کان ٿيندي نئنگ شهر (تعلقي جوهي) کان اڳتي وڌي منڇر ۾ پوي ٿي. هيءَ نئن اٽڪل 50 ڪلو ميٽر ڊگهي آهي. نئنگ نئن به آهي ته ڍورو به آهي. نئنگ ڍورو به نئنگ کان يعني نئنگ شهر کان وهي ٿو. هيءَ نئن پراڻي نئن آهي، جنهن جي قدامت ڀت ۽ بڊي جبل جيتري شمار ٿئي ٿي. نئنگ ڍورو پڻ نئن مان ٺهي ٿو. نئنگ وارو کوهه به قديم کوهه آهي. ان جو پاڻي به نئن نئنگ سان گڏبو آهي. هيءَ نئن گاجي شاهه جي اوڀر ۾ ٽوڙي ۽ ڌؤنڪ واريون ماٿريون آباد ڪرائي ٿي. نئنگ جي ڍوري ۾ مڇي به جام مرندي آهي. ڍورو به آبادي ڪرائيندو آهي. نئن نئنگ جي ساڄي ڪنڌيءَ تي سنڌو تهذيب جو مشهور ماڳ ڪنڊي بٺي موجود آهي.
هيءَ نئن کير ٿر ۽ بڊي جيل جي وچ مان ڏکڻ کان اتر طرف لهي ڇنيءَ وٽ منڇر ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. ان ۾ هنڌ هنڌ واهيون ۽ ڍورا اچي پون ٿا، انتهائي ڏکڻ ۾ ٻه نيون نئيون ’ڪانڌي واهي‘ ۽ ’نئن دهل‘ جون ڌار ڌار ماٿريون ٺاهين ٿيون. هن نئن ۽ ان جي ڍورن تي ڪٿي گبربند ۽ گوربنديون ٺهيل آهن. ايڇ. ٽي. لئمبرڪ پنهنجي ڪتاب ’سنڌ، اي جنرل انٽروڪشن‘ ۾ ڪانڌي واهي، نگهاول ۽ گوزباني گبربندن جو ذڪر ڪيو آهي. هتي هڪ چشمو پڻ آهي.
نئنگ نئن 139.7 م. م سراسري برسات پوڻ تي 44،917،741 ڪيوبڪ ميٽر برسات جو پاڻي وهائيندي آهي، جنهن تي 321.53 چورس ڪلوميٽر ايراضي آباد ٿيندي آهي. هڪ مفروضو اهو به آهي ته هن نئن ۾ واڳون به رهندا آهن.

وٽن واري نئن: وٽن واري نئن 185.42 م. م سراسري برسات پوڻ تي 63،142،926 ڪيوبڪ ميٽر برسات جو پاڻي وهائي ايندي آهي. جنهن ڪري 340.54 چورس ڪلو ميٽر ايراضي آباد ڪندي آهي/ ڪري سگهندي آهي.
هليلي نئن: هيءَ مشهور نئن، گاج نئن جي ڏکڻ ۾ تعلقي جوهي، ضلعي دادوءَ ۾ آهي. هيءَ نئن ڳوٺ مراد جمالي، تعلقي جوهيءَ جي الهندي وارن جبلن مان نڪري ٿي. هن نئن جي ڀرسان جنگو جماليءَ جو قبرستان آهي. جوهي تعلقي جي مشهور ڳوٺ ٽنڊي رحيم خان جي اتر کان وهي ٿي. هن نئن تي سٺي آبادي ٿيندي آهي. اوڀر طرف ٻنا ڀرائيندي آهي. ڪاڇي ۾ ٻني کي ’لٺ‘ به چوندا آهن. قديم زماني ۾ هليلي تي گبر بند به اڏيا ويندا هئا. هڪ راءِ آهي ته اهي بند رومين، ايرانين يا ساسانين جي دور ۾ ٺهيا هئا. هيءَ نئن کيرٿر جي جابلو سلسلي مان وهي منڇر ۾ تعلقي سيوهڻ، ضلعي ڄامشوري ۾ ڇوڙ ڪري ٿي.

انسائڪلو پيڊيا سنڌيانا تان ورتل

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close