سنڌ جون نئيون (حصو: پھريون)

انسائڪلو پيڊيا سنڌيانا تان ورتل

پاڻيءَ جو عارضي وهڪرو، جيڪو برسات يا برف جي پگهرجڻ سبب جبلن ۽ ٽَڪرن تان پاڻي وهائي هيٺاهن پَٽن يا ماٿرين تائين رسي، اُن وهڪري کي سنڌي ٻوليءَ ۾ ’نئن/ نئَين‘ چئبو آهي. اڪثر نئيون بارش دوران ئي چند ڪلاڪن بعد وهي چڪن ٿيون، پر جيڪي گهٽ لاهاندين تان گذرنديون آهن، سي بعضي ٻن چئن ڏينهن تائين پاڻي نيڪال ڪنديون رهن ٿيون. سنڌ ۾ نئيَن جو گهڻو تعداد کيرٿر جبل ۽ ان جي شاخن مان وهندو آهي، پر ڪجهہ نئيون ڪارونجهر ۽ ڪن ٻين ٽڪرين تان به وهنديون آهن.

سنڌ ۾ وهندڙ ڪجهہ اهم نئين جو الف ب وار ذڪر هيٺ ڪجي ٿو:

آڌيگام جي نئن: هيءَ نئن ڪارونجهر جي ننڍڙين ٽڪرين مان نڪري، ڏکڻ اولهه رخ ۾ هموار وهي ٿي. هيءَ نئن ننگرپارڪر شهر کان 9.5 ڪلوميٽر پري وهي ٿي. ڪارونجهر جبل مان نڪرندڙ ڪيتريون ٻيون نئيون هن نئن کي ڀرتي ڪن ٿيون. هيءَ نئن 10 ڪلوميٽرن جو پنڌ طئي ڪري رڻ ڪڇ جي ڀرواري ميدان (پڙڇاپور) ۾ ڇوڙ ڪري ٿي.

الڪهه/ الڪا نئن: هن نئن جي شڪل انگريزيءَ جي اکر ’Z‘ وانگر آهي. هن نئن ۾ اتر کان هڪ ۽ اولهه کان ٻه جهرڻا وهي اچي هن سان گڏجن ٿا. تعلقي قمبر جي يونين ڪائونسل غيبي ديري ۾، حاجي مريءَ جي ٽڪري ۽ مقام، الڪهه نئن جي اتر ۾ واقع آهن. هن نئن تي اهو نالو ’الڪهه/ الڪي‘ نالي مڱڻهار تان پيو، جيڪو سنڌ جي مشهور ڏاتار ڄام لاکي ڦلاڻيءَ جي زال مهر راڻيءَ کي ڏاج ۾ مليو هو. هن نالي سان الڪه ۽ مهر راڻيءَ جو تاريخي قصو وابسته آهي.

انگئي نئن: کير ٿر جي جابلو سلسلي مان، برساتن جي مند ۾ وهي ايندڙ نئن ٽنڊي رحيم خان جي اترئين ميداني علائقي ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. هن نئن تي به پوکي راهي ٿيندي آهي.

اورنگي نئن: اورنگي نئن دڙڳ واري بُٺيءَ مان وهي نڪري ٿي، جنهن ۾ ٻيا ننڍا ننڍا ڍورا به اچي شامل ٿين ٿا. هڪ رستو هاڻوڪي نارٿ ناظم آباد (کاري لڪيءَ) وٽان اورنگي نئن پار ڪري منگهي پير ۽ اورنگيءَ واري جابلو سلسلي کان لوهارڪي لنگهه ڏي وڃي ٿو ۽ ڪنهن زماني ۾ حب نئن ڏانهن ويندڙ ٻين رستن سان ملندو هو. اورنگي نئن برسات ۾ لياري، حب ۽ ملير نئن وانگر گهڻا ڏينهن وهڻ ڪري انهن گسن کان ايندڙ ماڻهو ٽوراڙ وٽان هن برساتي نئن کي اورانگهي (پار ڪري) ڪراچي بندر/ دڙٻي ڏانهن ايندا هئا. انهيءَ اورانگهڻ واري جاءِ سبب هن نئن جو نالو ’اورانگهي‘ پيو، جيڪو بعد ۾ بگڙجي ’اورنگهي/ اورنگي‘ ٿي ويو.

بارڻ نئن: هي نئن ٽِڪي بارڻ کان ڪوهستان تعلقي ٿاڻي بولاخان جي حدن ۾ داخل ٿي ڊگهو فاصلو طئي ڪري ڄامشوري ضلعي ۾ ٿاڻي بولا خان تعلقي ۾ پهچي ٿي. ٿاڻي بولاخان جي اتر کان هلي ٿيندي ٻولهاڙي يونين ڪائونسل ۾ داخل ٿئي ٿي. هيءَ نئن ٻولهاڙيءَ کان ڪاري کهي ڳوٺ وٽ (لڳ ڪوٽڙي) درياهه ۾ پوي ٿي. هيءَ قديم ۽ تاريخي نئن آهي. ڪاري کهي ڳوٺ وٽان نياڻ مان وهي سنڌو درياھ ۾ ڇوڙ ڪندي آهي، نئن بارڻ جا ڪٿي ڪٿي ڪنب به آهن، جن ذريعي آبادي ٿئي ٿي ۽ اها زرعي آبادي ’نئن جي ڪنڊن‘ جي نالي سان سڏبي آهي. نئن جا ڦيرا ڪنڊون ٺاهيندا آهن، انهن بچايل ڪنڊن ۾ آبادي ٿيندي آهي. بارڻ نئن 17.24 م. م سراسري برسات پوڻ تي 490،936،880 ڪيوبڪ ميٽر برسات جو پاڻي وهائي ايندي آهي، جنهن ڪري 2،817.59 چورس ڪلو ميٽرن جي ايراضي آباد ٿئي ٿي.

بز نئن (تعلقو سيوهڻ): بلوچيءَ ۾ ’بز‘ ٻڪريءَ کي چوندا آهن. بُز نئن نڙاني نئن کان ڊيگهه ۾ وڌيڪ آهي. هي نئن کير ٿر جبل مان نڪري ٿي. ان جي پاڻيءَ تي ڪيتريون ئي وسنديون آباد آهن. بز نئن جي ظاهري شڪل اوڀر، اولهه ۾ انگريزي ٻوليءَ جي اکر ’Y‘ جهڙي آهي.

بولان نئن: نئن بولان 15 صدي عيسويءَ ۾ سبيءَ وٽان وهندي هئي. جنهن جي پاڻيءَ ۾ زهريلو مادو هوندو هو، ان جو پاڻي پيئڻ سان ماڻهو بيمار ٿي پوندا هئا ۽ ڪيترا مري به پوندا هئا. پر اڪبر بادشاهه جي دور ۾ هن نئن پنهنجو وهڪرو ڪن هنڌن تان بدلايو ۽ زهريلي پاڻيءَ جا ذريعا پري رهجي ويا. اڄ به انهيءَ پراڻي نئن جي پيٽ جا نشان سبيءَ ۽ ڍاڍر جي وچ تي موجود آهن. بولان نئن 50 ميل ڏکڻ ۾ ساراوان (بلوچستان) جي زمينن کي سيراب ڪندي هئي ۽ باقي بچيل پاڻي وڃي منڇر ڍنڍ ۾ پوندو هو. بولان جو اهو وهڪرو 1932ع ۾ ايف.پي بند ٻڌجڻ تائين قائم رهيو. ان کانپوءِ به بولان نئن جو پاڻي وقت بوقت منڇر ڍنڍ تائين پهچندو رهي ٿو. پراڻين تاريخي روايتن مان پتو پوي ٿو ته هيءَ نئن سبيءَ ۽ پاٽ جي وچ ۾، پاٽ (ضلعي دادوءَ) جي ڏکڻ تائين 200 ميلن جي ڊيگهه ۾ وهندي، درياهه ۾ ڇوڙ ڪندي هئي.

ٻنڌڙي/ ٻنڌڻي نئن: ٻنڌڙي/ ٻنڌڻي نئن سيوهڻ شهر کان اٽڪل چوڏهن ميل اتر طرف جهانگارن جي ڳوٺ تعلقي سيوهڻ ڀرسان وهي اچي منڇر ڍنڍ ۾ پوي ٿي. جهانگارن کان اٺ ميل کن مٿي جبلن جي ٻيڪڙ ۾ نئن تي تمام قديم بند جا نشان ملن ٿا. انهيءَ بند/ ٻنڌ جي ڪري هن نئن کي ٻنڌڙي/ٻنڌڻي سڏيو ويو. اها ٻنڌ ساڍا ٽي ميل ڊگهي هئي، ٻنڌ جو جيڪو حصو هن وقت سلامت بيٺو آهي، ان جي اوچائي ساڍا ٻاويهه فوٽ آهي. هن بند نهايت ڪاريگريءَ ۽ مضبوطيءَ سان ٻڌل آهي. پٿرن جي اوساريءَ سان خانا ٺاهي ، انهن ۾ بجري ۽ واري ڀري وئي آهي. بند جي ذريعي نئن جي پاڻيءَ کي روڪي، هٿرادو تلاءَ ٺاهي، ان مان واهه ڪڍي آبادي ڪئي ويندي هئي. مقامي ماڻهو هن ٻنڌ کي ’ڪافر بند‘ به ڪوٺين ٿا. هي ’Tank Irrigation‘ جو هڪ بهترين نمونو آهي. ٻنڌڻي نئن 139.7 م. م سراسري برسات پوڻ تي 7،270،267 ميٽر برسات جو پاڻي وهائي اچي ٿي، جنهن تي 520.42 چورس ڪلو ميٽرن جي ايراضي آباد ٿئي ٿي.

ٻوري نئن: هيءَ نئن پراڻي جاگير تعلقي قمبر ۾ آهي، جيڪا چانڊين جي سردارن جي بخشڻ دوران نواب سر غيبي خان جي زماني کان وٺي چانڊيا جاگير کان ڪٽيل آهي، هيءَ نئن کيرٿر جبل کان هلي سڌو ايف. پي بند لڳ ڳوٺ وٽ ڇوڙ ڪري ٿي. هن نئن جي ذريعي آبادي ٿئي ٿي. ٻوري نئن 114.3 م. م سراسري برسات پوڻ تي 48،575،823 ڪيوبڪ ميٽر برسات جو پاڻي وهائيندي آهي، جنهن تي 427.61 چورس ڪلوميٽر ايراضي آباد ٿيندي آهي.

ٻولڙائي نئن: هيءَ نئن ڪارونجهر مان نڪري ٿي ۽ چتراسر نئن جي ٽن شاخن مان هڪ شاخ آهي، جنهن تي راڻپور بند ٻَڌو ويو آهي. هيءَ نئن ننگرپارڪر شهر کان اٽڪل 8 ڪلوميٽر اوڀر ۾ آهي.

ڀٽياڻي نئن: هيءَ نئن ڪارونجهر مان نڪري ٿي. هن نئن تي اهو نالو ڪارونجهر جي هڪ راڻي جي گهر واريءَ’ اُما ڀٽياڻيءَ‘ جي نالي پويان پيو، چون ٿا ته اها انتهائي ڏاهي عورت هئي ۽ ڏاگهه چڙهي هئي. هيءَ نئن ڪارونجهر جي گرينائيٽ وارن پٿرن مان گجگوڙ ڪندي وهي ٿي ۽ جبل جي هنج ۾ ويڪري ماٿريءَ جي شڪل اختيار ڪري ٿي. ان کانپوءِ هيءَ نئن گوڙڌرو نئن سان ملڻ کانپوءِ ڏونگري ۽ پپڙيئي ڳوٺن جي وچ مان ٿيندي، ڏهن ڪلوميٽرن جو سفر طئي ڪري ڇوڙ ڪري ٿي. هيءَ نئن ڪارونجهر جي اترئين ۽ مرڪز واري تمام وسيع علائقي کي سيراب ڪري ٿي. جبل مان نڪرڻ کانپوءِ هن نئن جو پيٽ 300 ميٽر ويڪرو ٿي پوندو آهي. هن نئن تي ’ڀٽياڻي ڊئم‘ به جڙيل آهي.

ڀرڳڙ نئن: هيءَ تعلقي خيرپورناٿن شاهه جي نئن آهي. هن کي ’گهارو نئن‘ به چوندا آهن. هن نئن جي ڏکڻ ۾ موريي بندلاڻي چانڊيي جو ڳوٺ آهي. ان کانسواءِ ماڙي ڳوٺ جون اڪثر زمينون هن نئن جي پاڻيءَ تي آباد ٿينديون آهن.

تڪي نئن: هيءَ نئن ڪاڇي جي ڏکڻ وارين نئن مان آهي، جيڪا تعلقي جوهيءَ مان وهي ايندي آهي ۽ ڪاڇي واري جهلي بند جي ويجهو ختم ٿئي ٿي. محقق عزيز ڪنگراڻيءَ جي لکڻ موجب نئن تُڪي، ياري فقير ريڍار جي مزار وٽان ٿيندي، ميداني علائقي ۾ لهي ٿي. گورک توڙي الهندن جبلن مان نئن مهاڻي ۽ ٻيون وهي ايندڙ نئيون، تُڪيءَ کي ڀرين ٿيون. تُڪي نئن جو ڇوڙ شول نئن آهي. هن نئن جو وهڪرو تمام تيز هوندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن سول نئن کي به زبردست وهڪري سبب عبور ڪري اڀرندي وارا پٽ ڀريندي آهي. هيءَ نئن آبادي به ڪرائيندي آهي.

ٿڌو نئن: ڄامشوري ضلعي جي مول واري علائقي مان وهي ايندڙ ’ٿڌو نئن‘ گنداڪيءَ کان پوءِ ’ديھ حدر واھ‘ جي حدن وٽان ڪراچي ضلعي ۾ داخل ٿئي ٿي. ٿڌي نئن مان هڪ ڇاڙھ (شاخ) ڪونڪر نالي سان الڳ ٿي، دُنبا ڳوٺ کان اڳ ۾ ٻيهر ٿڌي نئن سان ملي، ان جو حصو بڻجي ٿي وڃي. هيءَ نئن 114.3 م. م سراسري برسات پوڻ تي 17.428،464 ڪيوبڪ ميٽر برسات جو پاڻي وهائيندي آهي، جنهن تي 152.48 چورس ڪلو ميٽرن جي ايراضي آباد ٿيندي آهي. ھن نئين تي ٿڌو ڊيم بہ ٺھيل آھي.

انسائڪلو پيڊيا سنڌيانا تان ورتل

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Check Also
Close
Back to top button
Close
Close