زندگيءَ جا خوبصورت لمحا:دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط-23-آخري)

ليکڪہ: اودياترانائر

سنڌيڪار: عبدالستار لغاري

25-خانداني معاملا

دوست، ساٿي ۽ مون سان گڏ ڪم ڪرڻ وارا ميڊيا جا دوست ۽ ٻيا اڪثر مون کان ھڪ سوال پڇندا آھن، سوال اھو تہ زندگي ۾ مون کي ڪنھن ڳالھ تي افسوس يا پڇتاء ٿيو آھي؟ احتياط طور ان سوال ڏيڻ کان مون ڪيٻايو آھي. ان جو سبب اهو آهي تہ بطور يوسف خان مون کي پنھنجي زندگي متعلق رازداري جو پورو پورو حق حاصل آهي، مون کي اھو بہ حق حاصل آهي تہ پنھنجي زندگيءَ جا ڪجهہ واقعا ٻين کان لڪائي رکان.

مون کي سڃاڻڻ وارا ان ڳالھ جي تصديق ڪندا تہ آئون پنھنجي زندگي بابت ٻين وانگر کليل ڪتاب نہ آھيان. نجي معاملن بابت مون ڪڏھن بہ ٻين سان ذڪر نہ ڪيو آھي. ڪجهہ ڪچھرين ۾ توھان ڏٺو ھوندو تہ ماڻھو پنھنجن ڪاميابين متعلق شد مد سان پيا ٻڌائيندا آهن. عورتون پنھنجين دوستين جا قصا پيون ٻڌائينديون آھن، منھنجي اھڙي طبيعت ڪڏھن بہ نہ رھي آھي. بلڪہ ڪنھن محفل ۾ ڪنھن دوست اھڙي قسم جي ڪچھري جو آغاز ڪيو هوندو، تہ مون يڪدم کيس منع ڪيو ھوندو.

اھا صحيح ڳالھ آھي تہ منھنجي زندگيءَ جو ھڪ اھڙو واقعو آهي، جنھن کي آئون وسارڻ چاھيندس. اھا ھڪ سنگين غلطي ھئي، جنھن کي مون ۽ سائرا فراموش ڪري ڇڏيو آھي. اسما رحمان نالي ھڪ عورت منھنجي ڀينرن جي سھيلي ھئي، ھوءَ ٽن ٻارن جي ماءُ ھئي ۽ پنھنجي مڙس سان گڏ رھندي ھئي. حيدرآباد آندرا پرديش ۾ ھڪ ڪرڪيٽ مئچ دوران مون سان ملي ھئي، ٻين ماڻھن وانگر منھنجي مداح ھئي. ماڻھو مون سان ملڻ جي خواھش رکندا هئا، مرد منھنجن ڀائرن معرفت ۽ عورتون مون سان منھنجين ڀينرن معرفت ملنديون هيون. عورتن کي مون سان منھنجون ڀينرون فوزيہ ۽ سعيدہ ملائينديون ھيون. انھن سان آئون تمام پيار سان ڳالھائيندو ھئس. اسما رحمان بابت مون کي ٿورو بہ اندازو نہ ٿيو تہ ذاتي مفادن جي ڪري ھوءَ مون کي ڦاسائي رھي ھئي. ڪيترائي دفعا ايئن ٿيو جو بمبئي کان ٻاھر اسما ۽ ان جو مڙس مون سان اچي ملندا هئا، حيرت انگيز طور تي انھن کي منھنجي شيڊيول جي تفصيل جي خبر پوندي هئي. 1982ع ۾ اھا خبر ھلي تہ مون اسما سان شادي ڪئي آھي. سائرا اھا خبر ھڪ اخبار ۾ پڙھي ھئي. ظاھر آھي ان خبر سان سائرا کي تمام گهڻي تڪليف پھتي ھوندي. سائرا جڏھن اھا خبر پڙھي ھئي تڏھن آئون بمبئي ۾ نہ ھئس. ھن مون تي ھميشہ اعتبار ڪيو ھو ۽ ھن مون سان غير مشروط محبت ڪئي ھئي. نڪاح وقت مون سائرا سان واعدو ڪيو هو تہ ٻي شادي نہ ڪندس، بلڪہ ڪڏھن ذڪر بہ نہ ڪندس. مون ھن جي اعتماد کي ٽوڙيو ھو، ھن سان ڪيل واعدي جي خلاف ورزي ڪئي ھئي. منھنجي ھن حرڪت سائرا کي تمام گهڻي تڪليف پھچائي ھئي، ھڪ ناقابلِ فراموش ۽ ناقابلِ معافي گناھ ڪيو ھئم. حالانڪہ خود سائرا ۽ ان جي ماءُ نسيم بانو ان ڳالھ تي يقين نہ ڪيو ھو. جڏھن مون سائرا اڳيان ان سنگين غلطي جو اعتراف ڪيو تہ ھوءَ مون سان گڏ بيھي رھي، مون ھن کي گذارش ڪئي تہ قانوني طريقي سان ان غلطي جي خاتمي لاءِ ڪجهہ وقت ڏي. ڇو جو آئون پنھنجي سورھن سالن جي ازدواجي زندگيءَ جي بحالي پيو چاھيان. مون سائرا جي اعتماد کي سخت تڪليف ڏني ھئي، پر ان باوجود ھن منھنجو ساٿ ڏنو، ھن جي والده نسيم بانو ۽ ڀاءُ سلطان ھن کي مون سان گڏ بيھڻ جو مشورو ڏنو ھو. اسما کي طلاق ڏيڻ کان پھرين مون ھڪ قسم نامو لکي نسيم آپا کي ڏنو ھو. اھو ان مقصد لاءِ ڏنو ھو تہ انھن جو اعتماد بحال ٿئي. ان قسم نامي تي منھنجن ويجھن دوستن شاھدي طور صحيحيون ڪيون ھيون. رجني پٽيل ان جي زال بڪل، شرد پورا، ماما ڪپاڊيا مشڪل وقت ۾ منھنجي مدد ڪيائون، مونکي مفيد مشورا ڏنائون. ان دوران انھن سائرا جي بہ جذباتي ۽ اخلاقي مدد ڪئي. ان ڏکئي وقت ۾ سائرا جون بھترين سھيليون شڪلا (پران جي زال) ۽ پرڪاش (بي آر چوپڙا جي زال) ھن سان ڪلھو ڪلھي سان ملائي بيھي رھيون. ھي ٻيئي عورتون سائرا سان بيحد محبت ڪنديون هيون. منھنجي لاءِ ھي ٻيئي عورتون سڳين ڀاڄاين وانگر ھيون. ھنن مونکي چيو تہ توھان اسان کي پنھنجو سمجھو ٿا ھاڻي اسان جي مڃو يا غلطي جو ازالو ڪيو نہ تہ پوءِ اسان ھميشہ ھميشہ لاءِ تعلق ختم ڪري ڇڏينديونسين.

ھي منھنجي زندگيءَ جو ھڪ وسارڻ وارو باب آھي، آئون پنھنجي جيون ڪٿا ۾ ان واقعي تي وڌيڪ نٿو لکڻ چاھيان، ان جي پڄاڻي ھن ڳالھ تي ڪيان ٿو تہ آئون بہ ھڪ انسان آھيان ۽ انسان خطا جو گهر آهي، اڻڄاڻائي ۾ خطا ڪئي ھئم، مون کي ۽ سائرا کي ڌار ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي ھئي. منھنجو ايمان آھي تہ ھر ڪم ۾ قدرت جي مرضي شامل ھوندي آھي، ان واقعي کان پوءِ سائرا ۽ منھنجي محبت ۾ اڃا وڌيڪ اضافو ٿيو ھو.

(اسما ۽ دليپ ڪمار جي شاديءَ جو واقعو معروف اديب عصمت چغتائي بہ بيان ڪيو آهي، عصمت جو اھو انٽرويو ريڪارڊ ٿيل آهي، اھو انٽرويو عصمت چغتائي قديم ۽ تاريخي آڊيو لئبريري ۾ ريڪارڊ ڪرايو ھو، عصمت چغتائي جي زباني ٻڌو: سنڌيڪار )

اسما جو مڙس پنھنجي مطلقہ زال کي مال غنيمت سمجھي وڏن وڏن اميرن کي ڦاسائيندو ھو، ھن دليپ ڪمار جھڙي امير ماڻھو کي ڏٺو تہ ان کي بہ پنھنجي ڄار ۾ ڦاسائڻ جي سازش ڪئي. ھڪ دفعي دليپ ڪمار بينگلور جي ھڪ ھوٽل ۾ شوٽنگ جي سلسلي ۾ ترسيل ھو. اسما جي مڙس پنھنجي زال کي بہ ان ھوٽل ۾ ترسايو ۽ بھانن سان دليپ سان ملاقات ڪرائي. ھڪ شام دليپ جي ڪمري ۾ موڪلي ٻاھران ڪلف ھڻي ڇڏيو. اھڙي طرح دليپ ۽ اسما ڪمري ۾ رات گذاري، صبح جو ھو ڪرائي جي قاضي ۽ ڪجھ ماڻھن کي وٺي ڪمري تي آيو ۽ ٻنھي کي اڪيلو ڏسي گوڙ ڪري ماڻھن کي گڏ ڪيائين. اھو ڊرامو ڪرڻ کانپوءِ ھن دليپ ڪمار کي تجويز ڏني تہ جيڪو ٿيو سو ٿيو، خيريت گھرو ٿا تہ اسما سان شادي ڪيو تہ جيئن ھن جي وڌيڪ بدنامي نہ ٿيئي. اھو سڀ ڪجھ ايترو جلدي ٿيو جو دليپ کي سوچڻ جو موقعو ئي نہ مليو.ڪرائي جو قاضي اڳ ۾ ئي موجود ھو، سو نڪاح پڙھايو ويو، اھڙي طرح اھا شادي ٿي، اھو قصو مونکي عصمت پھرين ئي ٻڌايو ھو، پوءِ ريڪارڊ ڪرايائين.
(تماشائے، ليکڪ: محمد لطف الله خان صفحو 197)

ڪجهہ ماڻھن مون کي صلاح ڏني تہ سائرا ٻار پيدا ڪرڻ جي قابل نہ آهي، پر حقيقت اها آهي تہ 1972ع ۾ سائرا جو اٺن مھينن جو حمل ضائع ٿي ويو ھو، سائرا جي پيٽ ۾ ٻار تيار ٿي چُڪو هو پر خون جي بيماري جي ڪري حمل ضائع ٿي ويو. ھائي بلڊ پريشر ھجڻ ڪري سائرا جو آپريشن نہ ڪرائي سگھياسين، حمل جو ضايع ٿيڻ اسان الله جي رضا سمجھي برداشت ڪيو. اسما سان شادي جو معاملو ٿيو تہ ماڻھن اھي ڳالھيون گھڙڻ شروع ڪيون تہ دليپ ڪمار کي سائرا مان اولاد نہ ٿيڻ ڪري ھن اسما سان شادي ڪئي آھي. اسان کي اولاد نہ ٿيڻ، ماڻھن کي وڏو تجسس هوندو ھو، مونکان اڪثر پڇيو ويندو آھي تہ اولاد نہ ٿيڻ سبب ناخوش آھيان؟ ھا اھو صحيح آھي تہ اسان جي پنھنجو اولاد ھجي ھا تہ سٺي ڳالھ ھئي، پر اولاد جو نہ هجڻ ڪا خامي يا محرومي ناھي، الله اسان جي خاندان ۾ تمام پيارا ۽ خوبصورت ٻار ڏنا آھن. اسان جي جواني وارا ڏينھن منھنجي ڀائرن ۽ ڀينرن جي ٻارن سان گذريا آهن. انھن ٻارن کي جڏھن اسڪول ۽ ڪاليج جون موڪلون ٿينديون هيون تہ ھو رھڻ لاءِ اسان وٽ ايندا هئا. انھن سان اسان کيڏندا ھئاسين، ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جو کلڻ ۽ ٽھڪ ڏيڻ وقت اسان کي وڏو سڪون ملندو هو، اھي ٻار اسان کي پنھنجا والدين سمجھندا ھئا. کير پيئندڙ ٻارڙن کي مون وٽ کڻي ايندا هئا آئون انھن کي پنھنجي ڇاتي تي سمھاري ڏاڍو لطف اندوز ٿيندو ھئس. سڀ ٻار مونکي ماما چوندا ھئا. جڏھن اھي ٻار وڏا ٿيندا هئا تہ دلچسپ راند کيڏڻ لاءِ اسان جي گھر ايندا هئا، ڪيترائي سال پھرين منھنجي وڏي ڀاءُ نور صاحب جا پٽ امجد ۽ جاويد ھڪ ڪارپوريٽ آفيس ۾ تربيتي ڪورس سکڻ لاءِ ناسيڪ کان بمبئي آيا هئا، مون انھن کي ھر روز شام جو اسان جي گھر اچڻ لاءِ چيو ھو، مون سوچو تہ انھن کي بري صحبت کان بچايان. انھن ٻنھي ڀائيٽن جي بمبئي ۾ موجودگي جي ڪري سائرا ۽ مونکي سٺو موقعو مليو تہ اسان ٻين ڀائيٽن ۽ ڀاڻيجن کي گھر گھرائي وٺندا ھئاسين. اسان سڀ گڏجي پنھنجي گارڊن ۾ بيڊمنٽن کيڏندا ھئاسين. اھا سائرا ئي ھئي جيڪا سڄي خاندان کي گڏ ڪندي ھئي، ھاڻي بہ اھو ڪم ھو ئي ڪندي آھي. خاندان جا سڀ پوٽا پوٽيون، ڏھٽا ڏھٽيون پنھنجي والدين جي مامي ۽ چاچي سائرا وٽ گڏ ٿيندا آهن. ٻارن سان پيار ڪرڻ انھن جو پيار وٺڻ ھڪ حيرت انگيز تجربو ھوندو آھي. اسان کي انھن جي ضرورت ھوندي آھي تہ ھو اسان وٽ پھچي ويندا آهن، ۽ انھن کي اسان جي ضرورت ھوندي آھي تہ اسان انھن وٽ پھچي ويندا آھيون. اڄ منھنجا ڀائيٽيا، ڀائيٽيون، ڀاڻيجا، ڀاڻيجيون پنھنجي پنھنجي زندگي ۾ مصروف آھن ۽ پنھنجي خاندان سان گڏ آھن. ھاڻي اسان جو انھن سان ملڻ تمام گھٽ ٿيندو آهي، ان ڪري ڪڏھن ڪڏھن اڪيلائي ۽ انھن جي ڪمي جو احساس ٿيندو آهي. جڏھن بہ اھي اسان وٽ ايندا آهن تہ انھن جي موجودگي جي ھر لمحي مان لطف اندوز ٿيندو آھيان. آئون سوچيندو آهيان تہ جيڪڏهن اسان جو پنھنجو اولاد ھجي ھا تہ اھو بہ پنھنجن خوابن جي تعاقب ۾ اسان کان پري ھليو وڃي ھا ۽ اسان پنھنجن پٽن ۽ ڌيئرن سان بہ سال ۾ مشڪل سان ھڪ دفعو ملون ھا.

سچي ڳالھ اھا آھي تہ منھنجي ڄمار اڃا ٽيھ سال بہ نہ ٿي ھئي تہ آئون پنھنجن ڀائرن ۽ ڀينرن لاءِ ھڪ پيءُ جي حيثيت اختيار ڪري چڪو ھئس. ڀائرن ۽ ڀينرن سان ڳالھائڻ مھل آئون ھڪ ئي وقت ڏک ۽ خوشي ۾ مبتلا ٿي ويندو ھئس. مون ان معاملي تي غور ڪيو تہ آئون پنھنجن ڇھ ڀينرن ۽ پنج ڀائرن جيڪي منھنجي لاءِ سڀ ڪجھ ھئا، انھن تي لکان يا نہ… ان ڪري سوچڻو پيو ڇو جو آئون پٺاڻ آھيان ۽ پٺاڻ وڏي فخر سان پنھنجي خاندان جو تحفظ ڪندا آهن. خاص طور تي پٺاڻ پنھنجين زالن کي ماڻھن کان لڪائيندا آھن. ڀائرن ڀينرن متعلق آئون ان ڪري ڳالھائي رھيو آھيان، انھن جي ذڪر کان سواءِ منھنجي جيون ڪٿا اڻپوري رھندي. ھي منھنجي لاءِ منھنجي دنيا آھن اُنھن لاءِ مون وڏا خواب ڏٺا ھئا، اھي خواب مون پنھنجي لاءِ بہ نہ ڏٺا ھئا. اسان سڀ ڀائر ۽ ڀينرون وڏي لاڏ ڪوڏ سان نپنا ھئاسين، والدين طرفان اسان کي جيڪا تربيت ڏني وئي اھا ڪنھن بہ طرح گھٽ نہ ھئي. قسمت ۾ ئي اھو لکيل ھوندو، ننڍي ڄمار ۾ آئون ڀائرن ڀينرن لاءِ پيءُ بڻجي ويو ھئس. ان وقت ماڻھو پنھنجي ذاتي مفادن جي پورائي لاءِ جدوجھد ڪري رھيا ھوندا آھن. حالتن جي ستم ظريفي جي ڪري آئون نہ يونيورسٽي جي تعليم حاصل ڪري سگھيس ۽ نہ ئي OBE آفيسر آف برٽش ايمپائر ٿي سگھيس. اھو بہ سچ آھي تہ آغا جي کي مون بابت ڪو بہ پڇتاءَ نہ ھو، بلڪہ مون کي جيڪي ڪاميابيون مليون ھيون، اھي آغا جي خود پنھنجين اکين سان ڏسي چڪو هو. ان جي دل جي مون کي خبر نہ ھئي پر منھنجو خيال آھي تہ مون جيڪا اعليٰ معاشي ۽ سماجي حيثيت حاصل ڪئي ھئي، ان کان آغا جي تمام گهڻو خوش ۽ مطئمن ھو. آغا جي کي خبر ھئي تہ آئون پنھنجي ڀائرن ۽ ڀينرن کي پنھنجن چونڊيل شعبن ۾ اڳتي وڌڻ ۽ ترقي ڪرڻ جو ارادو رکان ٿو. مون پنھنجي محنت سان عزت، شھرت ۽ دولت حاصل ڪئي ھئي، پنھنجي شعبي ۾ ٽارگيٽ حاصل ڪري ورتو هو. منھنجي اولين ترجيح ھئي تہ ڀائر ۽ ڀينرون پنھنجن پنھنجن شعبن ۾ ڪاميابي حاصل ڪن، ان ۾ بہ ڪو شڪ ناھي تہ ھو پنھنجن پسنديده شعبن ۾ ڪامياب ٿيڻ جي پوري صلاحيت رکندا هئا. انھن کي صرف ترغيب ۽ سھولتن جي ضرورت ھئي. مون پنھنجي پاران انھن جي ڪاميابي جي لاءِ ڪا بہ ڪثر نہ ڇڏي، منھنجي خواھش ھئي تہ منھنجا ڀائر ۽ ڀينرون مونکان وڌيڪ عزت، شھرت ۽ پئسو ڪمائن. منھنجي خواھش ھئي تہ ھي وڏي مقام حاصل ڪن ۽ ماڻھو ھنن جا مثال ڏين. مون انھن ۾ اميدون رکيون ھيون تہ ھنن جي ڪري آئون سڃاتو وڃان. مصروف ترين زندگي ۽ گھڻي ڪم باوجود آئون وقت ڪڍندو ھئس تہ جيئن ڀائرن ۽ ڀينرن سان ڳالھائي سگھان، انھن سان ڳالھائڻ مھل مون کي خوشي بہ ٿيندي ھئي ۽ ڏک بہ، خوشي ان ڪري جو انھن جي خواھشن جي تڪميل ۽ مقصدن خاطر آئون انھن کي ٻاھرين ملڪن ۾ موڪلڻ ۾ ڪامياب رھيس، ۽ ڏک ۽ تڪليف واري ڳالھ اھا تہ منھنجي سڄي محنت ضايع ٿي وئي، ڀائرن ۽ ڀينرن متعلق منھنجا ڏٺل خواب خواب ئي رھيا. ھاڻي آئون سوچان ٿو تہ اسان ھئاسين تہ ھڪ ماءُ پيءُ جو اولاد، پوءِ ڪھڙي غلطي ٿي، ڪٿي خال رھجي ويو؟ صرف ڪاليج جي تعليم، محدود وسيلا، بغير ڪنھن سکيا جي، مون جيڪي ڪجھ حاصل ڪيو هو، ڇا اھو سڀ ڪجھ قدرت طرفان مليو ھو؟ جي ھا اھو سڀ ڪجھ قدرت طرفان مليو ھو، مالڪ جي اھا ئي مرضي ھئي، پر مقصد جي حاصلات لاءِ منھنجي مسلسل ۽ سخت محنت شامل ھئي. منھنجي محنت ئي ھئي جنھن جي ڪري منھنجن فلمن جا پروڊيوسر مون تي فخر ڪندا هئا. منھنجي فلمن جي ڪري انھن کي معاشي طور تي وڏو فائدو ٿيندو ھو. ڇا منھنجا ڀائر ۽ ڀينرون گھربل محنت نہ ڪري سگھيا، جنھن ڪري ھو پنھنجن ۽ منھنجن اميدن تي پورو نہ لھي سگھيا؟ ڇا مون انھن ۾ وڌيڪ اميدون رکيون ھيون؟ اھي سوال مون پاڻ کان بار بار پڇيا آھن. وڏي ڀيڻ ادي سڪينہ پنھنجي طبيعت واري ھئي، ان کي تبديل ڪرڻ منھنجي لاءِ تقريبن ناممڪن ھو، وڏو ڀاءُ نور صاحب پنھنجي انداز سان زندگي گذارڻ جو قائل ھو، ان کي بدلائڻ بہ منھنجي لاءِ ناممڪن ھو. منھنجي ڪوشش اھا ھئي تہ ننڍن ڀائر ۽ ڀينرن لاءِ ڪجھ ڪيان، منھنجي ڀيڻ تاج ھڪ گھريلو ڇوڪري ھئي، ھو ڪوڪنگ زبردست ڪندي ھئي، مختصر وقت ۾ ھو بھترين کاڌا تيار ڪري سگھندي ھئي. تاج طبيعت ۾ امان وانگر ھئي، نرم مزاج، سٺي منتظم ۽ گھر وارن کي ھر وقت ڪجھ نہ ڪجھ سٺو ۽ مٺو کاڌو کارائڻ لاءِ تيار رھندي ھئي. منھنجي ڀيڻ اختر شروع کان طبيعت جي تيز ھوندي ھئي، اسان جي خاندان ۾ منھنجي مرحوم ڀاءُ ايوب وانگر دانشور ھئي. ٻوليون سکڻ ۽ شاعري پڙھڻ ۾ وڏو ذوق رکندي هئي، ھن ۾ پروفيسر ۽ اديبہ ٿيڻ جي ڀرپور صلاحيت ھئي، ھن کي ملڪ کان ٻاهر پڙھڻ جو وڏو شوق هو، مون کي بي انتھا خوشي آھي تہ مون ھن جي ھر خواھش پوري ڪئي. اختر آمريڪا مان پنھنجي پڙھائي مڪمل ڪري جڏھن واپس آئي تہ آئون فلم مغل اعظم جي شوٽنگ ۾ مصروف ھئس، مغل اعظم فلم آصف جي ھدايتڪاري ۾ ٺھي رھي ھئي، ان وقت آصف منھنجي گھر ڪثرت سان ايندو ويندو هو. مونکي اھو علم نہ ھيو تہ اختر آصف ۾ دلچسپي وٺي رهي آهي، اھا محبت ايتري وڌي وئي جو انھن چوري شادي جو فيصلو بہ ڪري ورتو. ڇو تہ انھن کي اھا خبر ھئي تہ آئون ھنن کي شادي جي ڪڏھن بہ اجازت نہ ڏيان ھا. آصف الڳ نظريو رکڻ ۽ متضاد خيالن ۽ نظرين وارو ماڻھو ھو. ھڪ باڪمال ۽ ڪيترن ئي خوبين جي مالڪ پنھنجي ڀيڻ کي ڪيئن اجازت ڏيان ھا تہ ھو ڪنھن اھڙي شخص سان شادي ڪري، جيڪو پھرين بہ ٻن زالن جو مڙس ھجي ۽ ڄمار ۾ بہ اختر کان گھڻو وڏو ھجي. اختر جي ان حرڪت تي مون دلبرداشت ٿي ھنن کان لاتعلقي اختيار ڪري ڇڏي، ايستائين جو اختر جو مڙس آصف لاڏاڻو ڪري ويو. مون اھو پھرين بہ اھو ذڪر ڪيو آهي تہ اختر جڏھن سخت بيماري جي حالت ۾ اسپتال ۾ داخل ھئي، تڏھن ھن مونکي ملڻ لاءِ فون ڪئي ھئي، ملڻ ڪڏھن بہ نہ وڃان ھا جيڪڏھن سائرا زور نہ ڀري ھا. منھنجي ڀيڻ سعيدہ شڪل شبيھ ۽ قد بت ۾ امان جھڙي ھئي، امان وانگر آھستي ھلندي ھئي، ان کي امان وانگر ھلندي ڏسي مون کي سٺو لڳندو هو، سعيدہ جو ڳالھائڻ جو انداز بہ امان وانگر ھوندو ھو. ھن ڪو بہ ڪم نہ ڪيو، بلڪہ شادي ڪري گھريلو عورت وانگر زندگي گذاريائين.

منھنجي ڀيڻ فريدہ خاندان جي سڀ کان تيز عورت ھئي، ھو معاشيات ۽ صحافت ۾ وڏو مقام حاصل ڪرڻ چاھيندي ھئي، آئون ھن کي سن شائن سڏيندو ھئس. ھو ماکي جي مک وانگر ڀون ڀون ڪندي رھندي ھئي، ھو ٽائيمز آف انڊيا جي مئگزين فيمينا ۾ ملازمت ڪندي ھئي، ان جي آفيس باندرہ کان 16 ڪلو ميٽر پري بوري بندر ۾ ھئي، آفيس مان ھميشہ دير ٿي ويندي ھئس، انڪري مون کان ڪار وٺي ويندي ھئي، ھو چاھي ھا تہ وڏو مقام حاصل ڪري پئي سگھي. منھنجي ڀيڻ فريدہ گريجوئيشن ڪرڻ کانپوءِ ھڪ نوجوان دليپ سروي سان شادي ڪري ڇڏي، ھن جو مڙس مھندرا گروپ جي ڪنھن ڪمپني ۾ سٺي ملازمت ڪندو ھو. ننڍن ڀائرن احسن ۽ اسلم کي بمبئي اسڪاٽش اسڪول ۾ داخل ڪرايو ھئم، ھي ٻيئي اعلي تعليم لاءِ آمريڪا وڃڻ چاھيندا ھئا، مون وڏين اميدن سان انھن کي اتي موڪليو. انھن ٻنھي ڀائرن مونکي مايوس ڪيو، منھنجي اميدن تي پورو نہ لٿا. پر انھي باوجود مونکي ياد ڪونھي تہ مون انھن کي ڪڏھن دڙڪو ڏنو ھجي. مون زندگي جي لاھين چاڙھين ۾ گھڻو ڪجھ سکيو آهي، ان مان ھڪ حقيقت اھا بہ آھي تہ ڪاميابين جون وڏيون اميدون رکڻ ٺيڪ آهي پر ھر ماڻھو جيڪي ڪجھ ھو چاھي اھو ملي، اھو ناممڪن آهي. منھنجو ڀاءُ ناصر مونکان عمر ۾ ٻہ سال ننڍو هو، پنھنجي پرڪشش ۽ جسماني خوبصورتي جي ڪري عورتن جي توجھ جو مرڪز ھوندو ھو، ھن جو لباس قيمتي ۽ شاندار ھوندو ھو، پالي مالا جتي اسان رھندا ھئاسين، عورتون ھن کي لڪي ڏسنديون هيون. 1945ع ۾ ھو جڏھن پھريون دفعو فلمستان جي ٺھيل فلم "مزدور” ۾ ڪم ڪيو تہ مشھور ٿي ويو. ڪيترن ئي فلمن ۾ ھن نرگس، مينا ڪماري ۽ نوتن جھڙين باصلاحيت اداڪارائن سان گڏ ڪم ڪيو، اداڪارہ بيگم پارہ ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو، پارہ سٺي خانداني پسمنظر رکندڙ عورت ھئي. وٽامن جي ڪمي يا ڪنھن اندروني بيماري جي ڪري ناصر جي مٿي ۽ جسم جا وار ڇڻي ويا، ان دوران ھن پارہ سان شادي ڪئي. ھو پاڻ ھڪ فلم ٺاھڻ ۽ ان ۾ ڪم ڪرڻ چاھيندو ھو. مون ھن کي چيو تہ آئون ھڪ فلم ٺاھيندس جيڪا توکي ھڪ پليٽ فارم مهيا ڪندي، ڇاڪاڻ تہ ھو ٻيھر فلمن ۾ اچي اھو مقام حاصل ڪري جنھن جي ھو مستحق آھي. 1961ع ۾ منھنجي ريليز ٿيندڙ فلم گنگا جمنا ۾ ناصر کي زبردست داد مليو تہ مونکي فخر ٿيو. تمام گهڻي احتياط ۽ علاج کانپوءِ بہ ھن جي بيماري وڌندي وئي ۽ ھن اداڪاري کان بس ڪئي. مونکان اھو سوال بہ ڪيو ويندو آهي تہ مون پنھنجن پيارن ڀائرن ۽ ڀينرن جي وڇوڙي کي ڪيئن برداشت ڪيو. اھو سچ آھي تہ نور صاحب، ايوب صاحب، ناصر، ادي سڪينہ ۽ تاج ھر ڪنھن جي موت منھنجي لاءِ وڏو صدمو کڻي آئي. پر موت تہ برحق آهي، ھر ڪنھن کي نيٺ اچڻو آهي، انھن پيارن جي وچوڙي ٻہ اڌ ڪري ڇڏيو آھي.1972ع جي ھڪ صبح ناصر جي موت جي خبر واري اھا فون مونکي اڄ بہ ياد آهي، سائرا جو ويجھو مائٽ نقي احمد اسان سان گڏ رھندو ھو، مشھور مصنف ۽ ھدايتڪار ابرار علوي ڊلھوزي مان ٽيليفون ڪيو، جيڪو نقي احمد کنيو ھو، ھن ٻڌايو ھو تہ ناصر دل جو دورو پوڻ سبب گذاري ويو آهي. ناصر پنھنجي فلم ضدي جي فلمبندي لاءِ جڳھ جي چونڊ لاءِ اتي ڪئمپ لڳائي ھئي. ناصر جي ھدايتڪاري ۾ ٺھندڙ ھن فلم ۾ سائرا ۽ سنجي خان کي بطور ھيروئين ۽ ھيرو اچڻو هو. پر طبيعت جي ناسازي جي سائرا کي ڊاڪٽرن سائرا کي مڪمل بيڊ ريسٽ ڏنو ھو، سائرا کي معدي جي تڪليف ھئي. دوائون ڊاڪٽرن جي نگراني ۾ وٺڻيون ھيون، ان ڪري آئوٽ ڊور وڃڻ ان لاءِ ناممڪن ھو، انڪري فلم جي شوٽنگ ۾ ڪجھ دير ٿي، ناصر سوچيو تہ کيس گھڻو ٽائم آھي پوءِ ڇو نہ پنجاب ۾ بہ ڪجھ منظرن جي عڪس بندي لاءِ ڪا جڳھ ڳولي وڃي. اتي ويو تہ کيس دل جو دورو پيو، جنھن دوران گذاري ويو. مون ناصر جي موت جي خبر ٻڌي تہ سڪتي ۾ ھليو ويس، مونکي اھا خبر سائرا کان لڪائڻي ھئي، ڇو جو ڊاڪٽرن منع ڪيو ھو تہ ڪا بہ جذباتي خبر ھن لاءِ سخت خطرناڪ ٿي پئي سگھي. منھنجي لاءِ ضروري ھو ناصر جي موت جي خبر ٻڌي بہ سائرا جي سامھون ايئن ظاھر ڪيان جيئن ڪجھ ٿيو ئي ناھي. مون ھن کي ٻڌايو تہ ناصر کي دل جو ھلڪو دورو پيو آھي ۽ ان کي اسپتال داخل ڪيو ويو آهي. اھا صرف مونکي خبر آهي تہ ڪيئن مون پنھنجي جذبات کي قابو رکيو ھو ۽ دلي ڪيفيت سائرا کان لڪائي ھئي. نسيم آپا کي اصل صورتحال جو علم ھو، ھن چيو تہ ھو سائرا کي سنڀاليندي. مونکي چيائين تہ تون وڃي ناصر جي تدفين جو انتظام ڪر، ناصر ۽ سائرا ھڪٻئي جي تمام گهڻي عزت ۽ احترام ڪندا هئا، ناصر منھنجي خاندان جو واحد ماڻھو ھو، جنھن سائرا کي تمام گهڻي عزت ۽ محبت ڏني ھئي. ناصر کي جڏھن بہ ڪا پريشاني ٿيندي ھئي تہ ھو سائرا وٽ ويندو هو. ناصر جي جنازي نماز ۽ تدفين کانپوءِ جڏھن شام جو گھر آيس تہ سائرا منھنجو انتظار ڪري رهي هئي، مونکي چيائين اسپتال وٺي ھلو، ناصر سان ملنديس. سائرا جي اھا ڳالھ ٻڌي پنھنجي پاڻ کي قابو نہ رکي سگھيس، بي اختيار روئي پيس، اسان وڏن ۾ تہ اھو درد برداشت ڪرڻ جي سگھ ھئي پر ناصر جي ننڍن ٻارن کي ڪيئن ٻڌايان تہ ھنن جو پيءُ ھاڻ ڪڏھن بہ واپس نہ ايندو. ايوب صاحب، نور صاحب، ناصر، ادي سڪينہ ۽ تاج جي وڇڙڻ جو ڏک ياد ايندو آھي تہ اھي عظيم ماڻھو بہ ياد اچي ويندا آهن، جيڪي مونسان زندگي جي سفر ۾ گڏ ھئا، پر اڄ اھي سڀ ھي فاني دنيا ڇڏي چڪا آهن. راج ڪپور، اشوڪ ڪمار، ايس مکرجي صاحب، محبوب صاحب، نتندا، بملدار، تپندا، بي آر چوپڙا، ديو آنند، پران، يش چوپڙا ۽ پروڊيوسر جوھر مونکي ايئن ياد ايندا آهن جيئن مونکان وڇڙيل ڀائر ۽ ڀينرون ياد اينديون آھن. مونکان عام طور تي اھو پڇيو ويندو آھي تہ زندگي جا اھي ڪھڙا لمحا آھن جن ۾ مونکي خوشي ۽ فخر جو احساس ٿيو ھجي ۽ ان دوران منھنجو آواز بہ نہ نڪتو ھجي، ھي اھي لمحا ھئا جڏھن لتا منگيشڪر کي 26 جنوري 1963ع تي دھلي ۾ يوم جھموريہ جي موقعي تي چين ھند جنگ ۾ مارجي ويل فوجين کي شردھانجلي پيش ڪيو ويو ھو. دھلي ۾ ھي پروگرام منعقد ٿي رھيو ھو، پنڊت جواھر لعل نھرو صاحب بہ تقريب بہ موجود ھو، پنڊت صاحب جي اکين ۾ بہ لڙڪ اچي ويا. ان تقريب ۾ شرڪت لاءِ منھنجي رھائش بہ شوڪا ھوٽل ۾ ھئي، لتا منگيشڪر بہ ان ھوٽل ۾ ترسيل ھئي. مون پنھنجي ڪمري مان لتا کي فون ڪئي ۽ چيو مھرباني ڪري منھنجو پسنديده گيت "الله تيرو نام” ٻڌايو، ھي گيت فلم "ھم دونون” جو آھي، جيڪو ساحر لڌيانوي لکيو ۽ جئي ديو ڪمپوز ڪيو ھو. لتا جي مھرباني جنھن مونکي گيت ٻڌايو، گيت ٻڌندي مونکي ننڍ اچي وئي. ٻئي ڏينهن تقريب ۾ لتا پرديپ جو لکيل ۽ رام چندر جو ڪمپوز ڪيل گيت "اي ميري وطن ڪي لوگو” ڳايو ۽ ڀرپور داد مليس. 1947ع ۾ اسان جي پھرين ملاقات ٿي، مشھور ڪمپوزر انيل بسواس اسان جو تعارف ڪرايو. مارچ 2014ع ۾ لتا منگيشڪر اسان جي گھر آئي تہ بمبئي ٽاڪيز ۾ گذاريل وقت کي ياد ڪيوسين، بمبئي ٽاڪيز ۾ اسان جون گھڻيون ملاقاتون ڪينٽين تي ٿينديون هيون. ھڪ کٽي ڊش بٽاٽا وڙا لتا کي بيحد پسند ھئي، ان ڪينٽين تي لتا اھا ئي ڊش کائيندي ھئي. محبوب اسٽوڊيو ۾ بہ اسان جو ملڻ ٿيندو رھندو ھو، جتي ھو پنھنجا گيت ريڪارڊ ڪرائيندي ھئي. جڏھن ھو بمبئي ۾ منھنجي گھر ملڻ آئي تہ ھن جي چپن تي اھا ئي ستر سال پھرين واري مرڪ موجود ھئي. ھو مونسان جڏھن ملي ت تہ ھن جي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا هئا. مونکي 1974ع وارو واقعو ياد اچي ويو، رائل البرٽ ھال لنڊن ۾ ھڪ تقريب دوران مون ھن کي پنھنجي ننڍي ڀيڻ چئي متعارف ڪرايو تہ ھو شرمائجي وئي ھئي. جڏھن ھڪ سرپرائيز وزٽ تي ھو مون وٽ بمبئي آئي تہ حيران ٿي ويس، ھو ھڪ فرمانبردار ڀيڻ وانگر گھر ۾ ترسيل ھئي، جڏھن مون خوشي سان ھن کي وڃڻ جي اجازت نہ ڏني. پراڻا دوست ۽ ساٿي جيڪي شھرت ۽ شان شوڪت ملڻ کانپوءِ بہ بدلبا ناھن، انھن سان ملي مونکي ڏاڍي خوشي ٿيندي آهي.
(پڄاڻي)


  1. زندگي جا خوبصورت لمحا-دليپ ڪمار (قسط-۱)

  2. زندگيءَ جا خوبصورت لمحا: دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط-22)


Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close