وقت جو يوسف (دليپ ڪمار جي ڪٿا) جو جائزو

مِٺل جسڪاڻي

جيڪي خبرون ۽ انٽرويو ٻُڌن ۽ پڙھن ٿا، مختلف ڪتاب پڙھندا ۽ ڄاڻ رکندڙن سان ڪچھريون ڪندا آھن، اھي ڀلي تہ ڪيترا لک بہ ھجن، پر آدمشماري جو ڪيترو سيڪڙو، اھڙا ماڻھو (مرد خواہ عورتون) ھوندا؟ ان ڪري گهڻن ماڻھن کي اھڙي ڪا خبر نہ آھي، تہ پشاور جي پٺاڻ سرور خان جو پُٽ يوسف خان مان دليپ ڪمار ڪيئن بڻيو؟ سندس گهر واري سائرا ڪير ھئي؟

حيرت ۾ وجهندڙ ان دلچسپ سوال جو جواب سليس سنڌي ٻوليءَ ۾ عبدالستار لغاريءَ جي ترجمو ڪيل ۽ امرتا پاران ڪتاب نمبر 79 طور ڇپرايل ”وقت جو يُوسف ـ دليپ ڪمار جي ڪٿا“ ڪتاب پڙھڻ سان ملندو. اھو ڪتاب پھرين ”دِي سبسٽينس ائنڊ دِي شيڊو“ نالي سان انگريزي ۾ 2014ع ۾ پھريون ۽ ٻيو ڇاپو بہ ساڳئي سال ۾ ڇپيو ھو. ھن سنڌي ترجمي واري ڪتاب ۾ ڪٿي بہ اھو ڄاڻايل نہ آھي، تہ آتم ڪٿا دليپ ڪمار جي، ليکڪ ”اودياتارا نائر“ ڇو ۽ ڪيئن آھي!؟

”ڪامياب ماڻھوءَ جي ڪٿا“ عنوان ۾ ”مترجم پاران“ عبدالستار لغاري لکيو آھي تہ ”ھيءَ ڪھاڻي، ان ڪامياب ماڻهوءَ جي آھي، جنھن مسلسل محنت ۽ جستجوءَ سان نه رڳو ھندستان ۽ پاڪستان، پر پوريءَ دنيا ۾ هڪ اداڪار طور پنهنجي منفرد حيثيت مڃرائي. ’باليووڊ فلم انڊسٽري‘ تمام وڏا نالا پيدا ڪيا آهن، پر دليپ ڪمار کان سواءِ سندن سئنيما ۽ فلم انڊسٽري ڄڻ ته اڌوري ۽ اڻپوري آهي… 17 ڊسمبر 1922ع ۾ سرور خان پٺاڻ جي گهر جنم وٺندڙ ’يوسف خان‘ پنجن سالن جو ھو، ته سندس ڏاڏيءَ کي ڪنهن فقير ٻڌايو ته، ”ھيءُ ٻار مستقبل ۾ بيمثال ڪارناما سرانجام ڏيندو.“ 1930ع ۾ يوسف خان جي پيءَ ڪاروباري سلسلي ۾ پشاور کان بمبئيءَ لڏپلاڻ ڪئي، جتي يوسف خان پيءَ کان ناراض ٿي گھر ڇڏي ويو ۽ پوءِ انگريزن جي ڪينٽين تي سينڊوچ کپائڻ لڳو. يوسف خان جي زندگيءَ ۾ اھم ترين ۽ موڙ ان وقت آيو، جڏھن سندس ملاقات ڊاڪٽر مساني معرفت ’بمبئي ٽاڪيز‘ جي مالڪياڻي ’ديويڪا راني‘ سان ٿي، جنهن کيس ’دليپ ڪمار‘ جو نالو ڏنو ۽ پوءِ دليپ ڪمار ’وقت جو يوسف‘ بڻجي ويو… 1940ع ۾ فلمي ڪيريئر جو آغاز ڪندڙ دليپ ڪمار ڀارتي فلم انڊسٽريءَ تي 70 سال بادشاھت ڪئي“.

”حُسنِ يُوسف“ عنوان سان ”اداري پاران“ ۾ فقير محمد ڍول لکي ٿو، تہ ”بمبئي جي ’ھندوجا ھاسپيٽل‘ ۾ ستين جولاءِ 2021ع تي، شام جو ساڍي ستين وڳي، ساھہ ڏيندڙ يوسف خان، پنھنجي ياد ڪروڙين مداحن جي حوالي ڪري ’جوھُو‘ جي قبرستان ۾ آرامي ٿيو. ھڪ دؤر پنھنجي پڄاڻيءَ کي پھتو.“

محمود مغل ”وقت جو يُوسف“ ڪتاب جي بئڪ ٽائيٽل جي شروعات ۾ لکي ٿو ”’شھنشاھہ جذبات‘ جي آتم ڪٿا، اوھان جي ھٿن ۾ آھي. لڳ ڀڳ اڌ صديءَ، ھن سيليُو لائيڊ وسيلي، ڪروڙين ماڻھن جي دلين تي راڄ ڪيو. حالت اھا ھوندي ھئي، جو فلم ڏسندي، فلمبين تي اھڙو سحر طاري ٿي ويندو ھو، جو جنھن مھل سندس ادا ڪيل ڪردار، کلندو ھو تہ سڀ خوش ٿيندا ھئا ۽ جنھن مھل سندس پنبڻين تي پاڻي گڏ ٿيڻ شروع ٿيندو ھو تہ سئنيما ھال ۾ اوڇنگار شروع ٿيندي ھئي“. جڏھن تہ آخري پئراگراف ۾ ھن ڪتاب جي مترجم لاءِ لکي ٿو، تہ ”ننڍڙي عبدالستار لغاريءَ پاران، ھي ترجمو، ننڍي کنڊ جي فلم نگريءَ سان چاھہ رکندڙن لاءِ، ھڪ سدا بھار سوکڙي آھي. سولي ۽ سادي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪرڻ تي کيس واڌايون… ڪريم رب جلشانہ کيس اڃا بہ نوازيندو رھي ـ آمين.“

ھن ڪتاب جي حوالي سان ھونئن تہ گهڻو ڪجهہ لکي سگهجي ٿو، پر منھنجي خيال ۾ ترجمي ۽ آتم ڪٿا جي حوالي سان ٻہ اکر لکڻ وڌيڪ ضروري آھن.

ترجمي جي اھميت جو اندازو ان مان لڳائڻ گهرجي، تہ پڙھي سگهندڙن جي اڪثريت صرف پنھنجي ٻوليءَ ۾ لکيل مواد پڙھي ۽ سمجهي سگهي ٿي. ان ڪري ھڪ ٻوليءَ ۾ لکيل ڪتاب ترجمو ڪري، ٻيءَ ٻولي ۾ ڇپرايو ويندو آھي. ان عمل يعني ترجمي جي اھميت جو اندازو ان مان بہ ڪري سگهجي ٿو، تہ مون گوگل وسيلي دنيا ۾ سڀني ڪتابن کان وڌيڪ ترجمو ٿيل ڪتاب معلوم ڪرڻ چاھيا تہ خبر پئي 3350 ٻولين ۾ انجيل (بائيبل) جو ترجمو ٿيو آھي. ان کانپوءِ ڪتاب The Little Prince 380 ٻولين ۾، The Adventures of Pinocchio 260 ٻولين ۾ ۽ Tao Te Ching ڪتاب 250 ٻولين ۾ ترجمو ڪيو ويو آھي.

ھر ڪتاب ڪارائتو ھوندو آھي. ان مان ڄاڻڻ، سمجهڻ، عمل ۾ لاڳو ڪرڻ يا بچڻ بچائڻ جون ڳالھيون ھونديون آھن. ڪتابن جي ڪري ئي علم روشني آھي ۽ علم ٽئين اک آھي. ان ڪري ئي مختلف ڪتاب، جيڪي پھرين ڪنھن ھڪ ٻولي ۾ لکيا ويا، اھي پوءِ ٻين مختلف ٻولين ۾ ترجمو ڪيا ويندا رھيا آھن.

جيتوڻيڪ اڳي وڌ ۾ وڌ ناول پڙھجڻ جون خبرون عام ٿينديون رھيون آھن، پر ڪجهہ سالن ۾ آتم ڪٿا جا ڪتاب وڌ ۾ وڌ پڙھجڻ جون شاھديون عام آھن.

”وقت جو يُوسف ـ دليپ ڪمار جي ڪٿا“ ڪتاب ترجمو ڪندڙ نوجوان عبدالستار لغاري جي سنڌي ادب ۾ ايم. اي. ٿيل آھي. ھن کان اڳ ”قائداعظم ۽ پاڪستان“ ڪتاب جو ترجمو ڪيو. جيڪو پبلڪ اسڪول گڏاپ ڪراچي ۽ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن طرفان شائع ڪيو ويو. پيشي جي لحاظ کان استاد آھي، پڙھڻ لکڻ، تاريخي ماڳ مڪان گھمڻ سندس ترجيح ۾ شامل آھي. مضمون، ڪھاڻيون، شاعري، پروفائيل، ترجما، ناول (سندس ڏاڏا سائين مرحوم حاجي الله بخش لغاري جي زندگي تي بايو گرافيڪل ناول "ھو جي ويا ھليا”) تي ڪم ڪري رهيو آهي. ڳوٺ امير بخش لغاري، لڳ گلاب لغاري، تعلقو ماتلي، ضلعو بدين جو رھواسي آھي.

عبدالستار لغاري جو ترجمو ڪيل ھي ڪتاب ماھوار ”امرتا“ حيدرآباد ۽ روزاني ”آجيان“ شڪارپور (آن لائن سنگت ميگ) ۾ قسطوار ڇپيل آھي، پر ڪتاب جي صورت ۾ ان کي پڙهڻ جو سچ پچ تہ پنھنجو ھڪ الڳ مزو آھي، سو ھن ڪتاب جي اھميت کان انڪار نہ ٿو ڪري سگهجي.


زندگيءَ جا خوبصورت لمحا:دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط-23-آخري)

 

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close