14 اگسٽ 2020 تي سڄي ملڪ ۾ آزاديءَ جو جشن ملھايو پئي ويو، چئني صوبن جي ننڍن وڏن شھرن ۾ آزاديءَ جا ميڙاڪا، ڪٿي ڪَيڪ تہ ڪٿي مٺائي تقسيم ٿي رھي ھئي.. پنڊال سجايل، جن ۾ تقريرون ھلي رھيو ھيون، تقريرن ۾ سائو رنگ خوشحالي ۽ اڇو رنگ امن جي علامت طور بيان ڪيو پئي ويو… تاڙين سان آسمان گونجي رھيو ھو. ننڍا وڏا پوڙھا پڪا آسمان ڏانھن ھٿ بلند ڪري ملڪ جي سلامتي ۽ خوشحاليءَ لاءِ رب کان دعا گھري رھيا ھئا.
جتي سڄو ملڪ آزادي جي جشن ۾ ٻھڪي رھيو ھو، اتي بلوچستان تُربت ۾ ھڪ ماءُ اُڀ ڏاريندڙ دانھون ڪري پنھنجا ھٿ کڻي رب کي ٻاڏائي رھي ھئي، جنھن جي ھنج ۾ جوان پُٽ جو لاش ھو ، سندس ٻچي کي اکين اڳيان ملڪ جي محافظن ئي گولين جو کاڄ بڻايو هو. ان بلوچ امان جو ڏوھ اهو ھو، جو ھن پيٽ تي پٿر ٻڌي، پنھنجي جگر جي ٽڪري کي پنھنجي اکين کان سوين ڪوھ ڏور روشنين جي شھر ڪراچي ۾ اعليٰ تعليم پرائڻ لاءِ موڪليو، جيئن هو اعليٰ تعليم حاصل ڪري ملڪ جو نالو روشن ڪري ۽ سندن پيريءَ جو ڀرجھلو ٿئي. ان امان جو ڏوھ اهو ھو جو تتل اُس ۾ پورھيو ڪري پنھنجي دلبر پُٽ کي وطن ۽ مِٽيءَ سان محبت جو درس ڏنائين. ان ماءُ جو ڏوھ اهو هو جو ھن بلوچستان ۾ بغاوت جي باھ ۾ پچڻ کان بچائي ملڪ جو اعليٰ امتحان پاس ڪري پٽ جون خدمتون ملڪ حوالي ڪرڻ پئي چاھيون. ان امان کان سواءِ سوين بلوچستان جون امڙيون پنھنجي ڪُک مان پيدا ڪيل ٻچن کي ڏسڻ لاءِ سڪن پيون، جن کي الائي ڌرتي ڳڙڪائي وئي، الائي آسماني فرشتا کڻي ويا.
بلوچستان جي سپوتن جو ڏوھ اهو آھي، جو هو پنھنجي ڌرتي مان نڪرندڙن وسيلن جو حق ٿا گھرن. سڄي ملڪ جيان آزاديءَ سان جيئڻ ۽ جشن ملھائڻ جو حق ٿا گھرن. پر تُربت جي امان جو آخر ڪھڙو ڏوھ ھو؟ جنھن نہ بغاوت ڪئي، نہ ملڪ جي سلامتيءَ کي نقصان رسايو، نہ وري ڌرتيءَ جي وسيلن تي حق خود اراديت جي دعوي’ ئي ڪئي هئائين، نہ ملڪ دشمنن سان ملي هئي، نہ وري رياست ۾ رياست بنائڻ جي تحريڪ ھلائي هئائين.. آخر ان امان کي ملڪ جي محافظن ڪھڙي ڏوھ جي سزا ڏني آھي؟ ڪھڙي قانون تحت پھرين سندس پُٽ تي وحشياڻو تشدد ڪيو ويو پوءِ گولين جو کاڄ بڻايو ويو؟
خُدا ماءُ جي دعا اڳيان فرشتن کي بہ جھڪايو ڇڏي، پر بلوچستان ۾ الائي ڪھڙا فرشتا نازل ٿيل آھن!!!