ڀٽائي، گرجيف، اوسپنسڪي، وڪاسڪي ڀائر, The Matrix۽ بلال لاشاري

آصف رضا موريو

ڪجهه ڏينهن ڪراچي مان ڪار تي لاڙڪاڻو موٽندي پنهنجي ڀاڻجي طارق کجڙ سان ڪچهري ڪندي منهنجي انگريزي ۾ لکيل ناول Moriro Fisherman and The Shark of Kalachi جي ڳالهه نڪرڻ تي هن ٻڌايو ته “هالي ووڊ جي بلاڪ بسٽر فلم ميٽرڪس جو بنيادي خيال مورڙو ميربحر جي جدوجهد تان ورتل آهي”.
ان خبر تي مون کي حيران ٿيندي ڏسي امر فياض جي لکيل ڪالم جي باري ۾ ٻڌايائين جنهن لکيو هيو ته “وڪاسڪي ڀائرن ميٽرڪس فلم ڀٽائي جي ڪردار مورڙو کان متاثر ٿي ٺاهي هئي”. لاڙڪاڻو پڄي جڏهن مون ان سلسلي ۾ تحقيق ڪئي ته حيرت انگيز حقيقتون سامهون آيون.
يورپ، روس ۽ مغربي دنيا ۾ پنهنجي سماجي ۽ روحاني تعليمات سان نمايان مقام ماڻيندڙ گرجيف کي بريصغير جي صوفي آستانن ۽ ادب ۾ جورجي زادي جي نالي سان ياد ڪيو ويندو آهي. جارج آوانووچ گرجيف 13 جنوري 1866ع ڌاري اليگزيندروپول (روس) ۾ جيون ورتو ۽ 29 آڪٽوبر 1949ع ۾ فرانس جي هڪ امريڪي اسپتال ۾ انتقال ڪري ويو. يورپ ۾ سندس شمار ويهين صدي جي لائق دانشورن ۽ روحاني استادن ۾ ڪيو وڃي ٿو۽ کيس نالي کي اهڙو ئي مقام ڏنو وڃي ٿو جيڪو اسان وٽ اوشو جهڙي سماجي مفڪرن کي حاصل آهي. گرجنيف زندگي ڀر سچ جي ڳولا ۾ دنيا ڀر جي تعليمي، روحاني ۽ مذهبي حلقن منجهه پاڻ سڄاڻڻ جي تعليمات جي تبليغ سان گڏ انسانيت جي ڪائنات ۾ بيهڪ جهڙي موضوعن کي عام ڪندو رهيو. ان سلسلي ۾ هن جوان ٿيندي ئي ايشيا، مصر، انڊيا، تبت، روم ۽ سنڌ جي صوفين، درويشن، بزرگن، دانشورن ۽ درگاهن تان اندر اجارڻ جي سکيا لاءِ جاکوڙيندو رهيو.
دنيا گردي جي ياترا دوران گرجيف افغانستان کان پشاور وارو رستو وٺيون سنڌ ۾ پڻ آيو جتي گهمندو ڦرندو ڀٽائي جي درگاه تي حاضري ڏئي ڪيتري عرصي تائين اتي ويهڪ اختيار ڪيائين جتي گيڙو گودڙين وارن سان راڳن، ويراڳن، رهاڻين، قصن، سرورن ۽ روحاني سرڪين سندس اندر جو آئينو ڌوئي صاف ڪري ڇڏيو. ويتر ڀٽائي جي پارکن کان لطيفيات جي سمجهاڻين ۽ ان جي ڪلام ۾ موجود ڪردارن جي جدوجهد سندس ۾ درويشي صور ڦوڪي صاف دل پر باعمل صوفي بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ڀٽائي سرڪار جي درگاهه جي آڳر ۾ ٻهاريون ڏيندڙ گرجيف، شاه جي ڪلام جو ڳوڙهو مطالعو ڪرڻ سان گڏ صوفين سان رنگ رهاڻ جون محفلون مچائي ڇيريون ٻڌي رقص جا مزا پڻ ماڻي ٿو. لطيفيات جي مطالعي دوران کيس سر گهاتو جي منڊڙي پر بهادر مورڙو جي شاندار جدوجهد من ۾ کپي وڃي ٿي جيڪو جسماني نقص جي باوجود پنهنجي ڀائرن جي قاتل خونخوار شارڪ سان حرفت سان پنڃرو ٺهرائي مهاڏو اٽڪائي سوڀارو ٿئي ٿو. سچ جي تلاش جي رڃ ۾ پير ڦٽيندڙ هي روسي دانشور ڪچ عرصو سنڌ جي سامين، صوفين، درويشن ۽ علم وارن سان رهاڻيون ڪندي سالڪن جي صحبت ۾ گيان جا گيت اڻي نرواڻ جا آڪرش ڪيا.
شايد سنڌ جي ڏاهن وٽان کيس پنهنجي انهن کوجنائن جو صلو ملي چڪو هيو جن لاءِ هن کاهوڙ ۽ جاکوڙ جا سندرا ٻڌا هيا. ماڳ ماڻيندي گرجيف باقي ويراڳ ڇڏي 1912ع ڌاري واپس وطن موتي ويو. رستي ۾ پنهنجي روحاني رهبر عبدالقادر ڪالين فروش کي ملاقات دوران ٻڌايائين ته“مان اونهو سمونڊ ۽ انسانن جي ازلي آزادي ڏسي آيو آهيان.”. بعد ازان گرجيف سموري ڄمار انسان جي ان ازلي آزادي جي پرچار ڪندو رهيو جنهن کي هن سنڌ ۾ شاهه عبدالطيف جي درگاهه تي مٽيون ڀريندڙ ميرانجهي درويشن کان پسيو هيو. گرجيف پنهنجي تعليمات ۽ لکڻين ۾ بيشمار دفعا ورجايو آهي ته هي دنيا ڪن جيان آهي ۽ انسان ان ڪن جي خون پياڪ مانگر مڇن جي گهيري ۾ آهي جن سان مهاڏو اٽڪائڻ جي کيس سخت ضرورت آهي نه ته سندس روحاني ۽ سماجي معاملا سدائين لاءِ معاشري جي ڪاري قوتن جي چاڪري ۾ هليا ويندا.
سندس شاگرد ۽ سوانح لکندڙ Olga de Hartmann پنهنجي ڪتاب گرڊجيف جا نامعلوم استاد ۾ رقمطراز آهي ته “استاد محترم مشرق مان موٽڻ کان پوءِ ورجائيندو رهندو آهي “ته مان هڪ قطرو آهيان ۽ سمونڊ ڏسي آيو آهيان”. هو اهو به ورجائي رهيو آهي ته “اسان سڀئي مانگرمڇن هٿان تباهه ٿي رهيا آهيون ۽ هاڻي اسان جي اولين ذميداري آهي ته انهن جو مڙس ماڻهائپ سان مقابلو ڪيون”. گرجنيف سموري تدريسي رولاڪڙي جو احوال پنهنجي ڪتاب Meetings with Remarkable Men ۾ ڏنو آهي جڏهن ته پنهنجي ٻين ڪتابن بشمول The Herald of Coming Good، All and Everything، Beelzebub’s Tales to His Grandson، Views from the Real World وغيره ۾ به انهن سفر جا حوالا ڏنا آهن. سندس روحاني استاد عبدالقادر قالين فروش ۽ حسن ڪربلائي هيا جن سان سندس ملاقات پڻ مڃتا جي ان سفر دوران ٿي هئي. سنڌ جي سيلانيت کان واپسي تي گرجنيف پوري انسانيت ظلم جي ڪاري ڪوجهي سامراجي طاقتن هٿان يرغمال نظر اچي ٿي. سندس لکڻيون اهڙي ڪردار جي تلاش ۾ سرگردان نظر اچن ٿيون جيڪو انسانيت کي سماجي واڳن کان نجات ڏياري جو وڙ رکي. گرجيف جي روحاني مسيحا متعلق ان کوج کان متاثر ٿي سندس شاگرد اوس پنسکي پڻ پنهنجي لکڻين ۾ مورڙو جي جدوجهد واري ڳالهه کي نواڻ ڏئي پنهنجي ڪتابن ۾ پيش ڪندو رهيو هيو جنهن مان سموري يورپي دنيا اڄ تائين متاثر ٿيندي نظر اچي ٿي.
مشهور روسي صوفي، سائنسي ۽ سماجي لکاري پي ڊي اوسپنسڪي (Pyotr Demianovich Ouspenskii 1915ع ڌاري گرجيف جي شاگردي ۾ آيو جو پڻ اڀرندي پار جي روحاني دانشوري جو ڳولائو هيو. هن ڪيترائي سال پنهنجي استاد جي صحبت ۾ گزاري جيڪو علم پرايو، سکيو ۽ سمجهيو انهن تجربن کي In Search of the Miracles نالي ڪتاب ۾ سموهيو آهي. علم جي کوج ۾ اوسپنسڪي پاڻ به يورپ، مشرق، انڊيا، سري لنڪا ۽ مصر وغيره جي خاڪ اڏائي هئي. ان ڏس ۾ هن جو ڏنل نظريو “چوٿون رستو” يورپ ۾ تمام گهڻو مشهور ٿيو جنهن ۾ هن اندر جي انقلابي تخشيص ۽ ذات جي نفي لاءِ درويشي، جوڳي پڻي اپنائڻ ۽ انا جي انحرافي جي ڳالهه ڪئي آهي. سندس ڪتاب The Fourth Way ۾ به گرجنيف سان ٿيل ڪچهريون سوالن جوابن تي مشتمل آهي جيڪو 1957ع ڌاري ڇپيو هيو جنهن يورپ جي ادبي ۽ روحاني دنيا کي جنجهوڙي ڇڏيو. سندس انهن ٻنهي ڪتابن ۾ منڊڙي مورڙو جي ڪرداري حوالن کان کان متاثر ٿي هالي ووڊ جي ٻن هدايتڪار ڀائرن اينڊي وڪاسڪي ۽ ليري وڪاسڪي (Wachowske Brothers) مورڙي جي جدوجهد کي کي آڏو رکي جديد سائنسي مسئلن ۽ سائبر دنيا سان لاڳاپو ڏيکاري “ميٽرڪس” جي ڪهاڻي لکي 31 مارچ 199ع ڌاري 136 منٽن جي هڪ فلم ٺاهي جنهن جي ڪاسٽ ۾ Keanu Reeves, Laurence Fishburne, Carrie Anne Moss, Hugo Weaving, Joe Pantoliano وغيره شامل هيا.
63 ملين ڊالر جي بجٽ واري ان فلم نه رڳو 463،517،383 ملين ڊالر ڪمائي ڏيکاريا پر دنيا جي فلم انڊسٽري ۾ اهڙو تهلڪو مچائي ڇڏيو جنهن جي گونج اڃان تائين دلين مان ڪونه نڪري سگهي آهي. هن فلم ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته دنيا ۾ سائنسي ترقي عروج تي پهچڻ سبب مشينيون انسانن مٿان پنهنجي حاڪميت قائم ڪرڻ لاءِ انساني آبادين کي مختلف سائنسي طريقن سان مطيع ڪري رهيون آهن. انسانيت جي ان تحقير تي “نيو” نالي هڪ ڪمپيوٽر پروگرامر پنهنجي جانثار ساٿين سان گڏجي انهن بي رحم مشينن خلاف اعلانِ جنگ ڪري مهاڏو اٽڪائي هڪ ڊگهي جدوجهد کانپوءِ انساني نسل لاءِ بقا جي جنگ ۾ مورڙپ جيان سوڀارو ٿئي ٿو. آسٽريليا ۾ ٺهندڙ هن فلم کي دنيا جي چوٿون نمبر بهترين سائنسي فلم قرار ڏنو ويو جنهن بيشمار ايوارڊ حاصل ڪيا جن ۾ اڪيڊمي ايوارڊ، بيفٽا ايوارڊ، سٽيرن ايوارڊ وغيره شامل آهن. ميٽرڪس واري خيال پٺيان بعد ۾ به بيشمار ٻيون فلمون جهڙوڪ The Matrix Reloaded, The matrix Revolutions پڻ ٺاهيون ويون. وڪاسڪي ڀائرن Making of Matrix 2 جي شوٽنگ دوران صحافين سان ڳالهائيندي انڪشاف ڪيو هيو ته “اسان ميٽرڪس جي مرڪزي خيال متعلق ڳالهايون ۽ جناب اوس پنسڪي جو حوالو نه ڏيون ته مناسب نه ٿيندو جنهن کي اسان ننڍپڻ کان پڙهندا آيا آهيون. سندس لکڻين ۾ هڪ منڊڙي ڪردار کان متاثر ٿي اسان ميٽرڪس جي ڪهاڻي سرجي فلم ٺاهڻ جو ارادو ڪيو جيڪو هيڪلي سر انسانيت کي آزاريندڙ بلا مارڻ جو سندرو ٻڌي نڪري ٿو پوي.”
مان سوچي رهيو آهيان ته جيڪڏهن ڀٽائي جي گهڻ رخي فلسفي ۽ ترقي پسند سوچ مان يورپ، روس يا آسٽريليا وارا متاثر ٿي اتان جا روحاني پيشوا يا سماجي لکاري مورڙي جي جدوجهد کي مشعل راهه بڻائڻ ٿا يا جيڪڏهن سندس سندس ڪردارن جي جدوجهد کي نواڻ ڏئي هالي وڊ جا بهترين دماغ ميٽرڪس جهڙيون فلمون ٺاهي سگهن ٿا ته اسان سنڌي ائين ڇونه ٿيا ڪيون. اسان ڇو ڀٽائي سرڪار جي بين الاقوامي فلسفي، عظيم ڪردارن ۽ جديد سوچن کي ڇڙو تصوف جي مٽ ۾ ويهاري ان جو طواف ڪري رهيا آهيون. منهنجي سنڌي نوجوان هدايتڪار بلال لاشاري کي پڻ گذارش آهي جنهن WAR جهڙي شاندار ۽ بلاڪ بسٽر فلم ٺاهي دنيا ۾ پنهنجو پاڻ مڃرايوآهي ته ڀٽائي جي لافاني ڪردارن تي به ڪا فلم ٺاهڻ جو قومي فرض نڀائي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close