لاڙڪاڻو شهر کي سماجي، سياسي ۽ انتظامي طور تي ترقي ڏيڻ ۾ جن سرويچن پنهنجو پاڻ ارپن ڪيو انهن ۾ ڪلهوڙو حڪمران ميان نور محمد جو نائب، وزير ۽ سپھہ سالار شاھ بهارو پهرين قطار ۾ بيٺل نظر اچي ٿو، جنهن جي احسانن هيٺ لاڙڪاڻي واسي صدين تائين دٻيل رهندا. شاھ بهارو ست فٽ قدآور ۽ مضبوط قد ڪاٺ وارو ٺاهوڪو طاقتور جوان هوندو هيو، جنهن جي جسم تي رڇ وانگر گهاٽا وارا هوندا هيا. ميان نور محمد ڪلهوڙو جي خاص سپھہ سالارن ۾ مير بهرام خان، مير چاڪر خان، ڄام نندو، شاھ بهارو، مقصود فقير (شاھ بهارو جو وڏو ڀاءُ) ۽ خيرو خيري جهڙا رتن شامل هوندا هيا پر انهن سڀني ۾ شاھ بهارو بادشاھ لاءِ وڌيڪ قابل، بهادر، عقلمند ۽ ملنسار هيو، جيڪو امير ۽ غريب سڀني سان محبت ۽ شفقت ڀريو سلوڪ ڪندو هيو.
شاھ بهارو جو عاليشان مقبرو، جيلس بازار لاڙڪاڻو کان اوڀر ۾ شروع ٿيندڙ شاھ بهارو ڪالوني ۾ گهاڙ واھ جي ڪناري تي موجود آهي. ان ڳرندڙ ۽ جهرندڙ مقبري کي ڪجهہ ڏينهن اڳ انڊوومينٽ فنڊ ٽرسٽ طرفان مرمت ڪري بهتر بڻائڻ جي پوري ڪوشش ڪئي وئي آهي. پراڻي مقبري جي مٿان هڪ ڪچو پڪو قبو جڳڙايل هوندو هيو، جيڪو ڪلهوڙا حڪمرانن جي ذوقِ عمارت سازي جو هڪ خاص نمونو هيو، جنهن کي ميان غلام شاھ 1774ع ۾ تعمير ڪرائي مڪمل ڪرايو هيو. قبي جو اندريون گهير 31 فٽ آهي، جنهن تي 39 مربع فٽ بلند گنبذ موجود آهي. جڏهن ته مقبري جي اونچائي 48 فٽ آهي، جيڪو زمين جي سطح کان 10 فٽ مٿي تعمير ٿيل آهي. هن عاليشان عمارت جي ڊيگهہ ۽ ويڪر 39. 39 فٽ آهي.
شاھ بهارو ذات ۽ قوم جو جنجهڻ هيو. توڙي جو سندس قوميت متعلق سنڌ جا گهڻي ڀاڱي مورخ کيس “شاهاڻي” لکندا رهندا آهن، جيڪو غلط آهي. شاھ بهارو جي پيدائش بوبڪ شهر ۾ ٿي، جتان جي آبادي جو هڪ وڏي ڀاڱي حصو صدين کان وٺي ميربحري سان وابسته رهندو آيو هيو. جتي هو هن صنعت متعلق تمام ساز و سامان جهڙوڪ: ٻيڙيون، هوڙها، ڄار، چپو وغيره ٺاهيندا هئا. شاهاڻي بلوچ قوم جو پاڙو آهي، جڏهن ته جنجهڻ ذات جو تعلق سنڌي اصلوڪي ذاتين جي سماٽ سلسلي سان آهي، ان لاءِ ”شاھ بهارو جو قومي تعلق بلوچ نه، پر سنڌ جي سامي نسل سان آهي.“
شاھ بهارو 5 ذوالقعد 1076 هجري مطابق 21 نومبر 1665ع ڌاري چانڊڪا پرڳڻي جي اهم شهر دادو جي ويجهو ميربحرن جي هڪ ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو. سندس والد غلام حيدر جنجهڻ، ڪلهوڙا حڪمرانن جو ڪمدار هوندو هيو، جنهن جو پنهنجي علائقي ۾ ٺاهوڪو اثر و رسوخ هوندو هيو. جيئن ته شاھ بهارو جو تعلق پڙهيل لکيل خاندان سان هيو، جنهن جا تعلقات ان وقت جي شاهي خاندان سان پڻ هوندا هيا، ان ڪري سندس والد هن کي تعليم و تربيت حيدرآباد جي بهترين اسڪولن ۽ استادن کان وٺرائي.
شاھ بهارو ننڍي هوندي کان ئي انتهائي ذهين ۽ بهادر شخص هوندو هيو، جنهن تعليم سان گڏ وقت جي آڌار ضروري عسڪري تربيت پڻ حاصل ڪئي، جيڪا هر قسم جي جنگي ۽ سماجي حالات سان نبرڻ ۽ اڳتي ترقي ڪرڻ واسطي شاهي گهراڻي جي ملازمن جي اولاد لاءِ ضروري سمجهي ويندي هئي. بدقسمتي سان پاڻ اڃان 18 سالن جو مس هيو، ته سندس والد جو انتقال ٿي ويو، جنهن ڪري تعليم مڪمل ڪرڻ سان ئي فوج ۾ ڀرتي ٿيو، جتي پنهنجي بهادري ۽ جفاڪشي سان مختلف عهدن تان ٿيندو ٿيندو 1719ع ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙو طرفان چانڊڪا پرڳڻي (موجوده لاڙڪاڻو، دادو ۽ سکر) جو ناظمِ اعلي مقرر ٿيو. سندس دور ۾ جيڪا ترقي ۽ خوشحالي لاڙڪاڻي کي نصيب ٿي اها اڄ جي جديد دور ۾ به اڻ لڀ نظر اچي ٿي. شاھ بهارو کي چار پٽ هيا: فتح خان، مير خان، مقصود خان ۽ دوست محمد، جن مان سندس وڏو فرزند هن وانگر ئي بهادر، ذهين ۽ سياسي فڪر رکڻ وارو هوندو هيو، پر پنهنجي شوخ طبيعت سبب ڪيئي سياسي ۽ سماجي معاملن ۾ پنهنجي والد سان اختلاف رکندو هيو.
سنڌ جا ڪلهوڙا حڪمران پنهنجي اميرن، آفيسرن ۽ سالارن کي سندن بهادري، دانشمندي ۽ دانائيءَ سبب کين مختلف القابن جهڙوڪ فقير، برخوردار ۽ شاھ سان نوازيندا هيا. شاھ بهارو کي به پنهنجي ويرتائن ۽ ڪلپنائن سبب حاڪمن طرفان فقير ۽ شاھ جو لقب مليل هوندو هيو. واضح رهي ته فقير انهن ٽنهي لقبن مان نهايت معتبر ۽ مان وارو ڀانئيو ويندو هيو، جڏهن تہ شاھ جو لقب ڪلهوڙا حڪمران صرف پنهنجي ويجهي، وفادار ۽ بهادر سالارن کي ڏيندا هيا. جن سالارن کي ڪلهوڙن شاھ جو لقب ڏنو، انهن مان اهم شاھ بهارو (قوم جو جنجهڻ)، گاجي شاھ (قوم جو کوسو)، شاھ پنجو (قوم جو ڏهوٽ)، عنايت شاھ (قوم جو ٽڳڙ)، شاھ گودڙيو (قوم جو کوسو) وغيره هيا.
شاھ بهارو هڪ وڏو عالم هيو، جنهن کي عربي، فارسي ۽ سنڌي زبانن تي عبور حاصل هيو. هو نه رڳو ڪتاب دوست هوندو هيو، پر جيئن ته هو علم جي پکيڙ کي انساني تهذيب جي بقا ۽ آگھيءَ جو بڻياد سمجهندو هيو، ان ڪري هن لاڙڪاڻي جي مشرقي حصي ۾ بهار پور جو ڳوٺ آباد ڪري اتان جي رهواسين ۽ ارد گرد جي ڳوٺاڻن ۾ تعليم جي فروغ کي ممڪن بڻائڻ لاءِ هڪ شاندار لائيبرري ٺهرائي هئي، جنهن ۾ هو نه رڳو رياست جي مختلف شهرن مان ڪتاب گهرائي رکرائيندو هيو، پر شهر جي لکارين کان مختلف موضوعن تي مناسب وظيفا ڏئي ڪتاب لکرائي لائيبرري جي زينت بڻائيندو هيو. سندس علم دوستيءَ جو اندازو هن ڳالھ مان لڳائي سگهجي ٿو، ته 1761ع ۾ جڏهن هو سعودي عرب ويو ته واپسي تي اتان ست کن اٺ ڪتابن جا ڀري کڻي اچي لاڙڪاڻو جي لائيبرري ۾ رکيا هئائين.
بيشمار تاريخي دستاويزون کوجڻ وارن کي اهڙيون ثابتيون ملنديون رهن ٿيون، ته شاهه بهارو هڪ اهڙو منصف هوندو هيو، جيڪو پنهنجي رعايا سان سدائين عدل ۽ انصاف روا رکندو هيو. سندس اوطاق، قلعي ۽ ڪورٽ جا دروازا امير، غريب، نادان، دانا مطلب ته هر فرد، هر طبقي ۽ هر فرقي جي ماڻهن لاءِ کليل هوندا هيا ۽ ايندڙن ويندڙن کي به يقين هوندو هيو ته هن در تان کين انصاف ملندو. سندس علم دوستي، انسان دوستي ۽ سهڻن اخلاقن سبب عالم، فاضل، پير، مشائخ، هندو، ڪرسچن، مسلمان، هاري، زميندار مطلب ته هر قسم ۽ نسل جا ماڻهو وٽس ايندا رهندا هيا.
شاھ بهارو ڪلهوڙا حڪمران ميان نور محمد جي دورِ حڪومت ۾ لاڙڪاڻي شهر جو ناظمِ اعلي هوندو هيو، جنهن پنهنجي دور ۾ هن شهر کي زرعي، اقتصادي، عسڪري ۽ سماجي طور تي خوشحال بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سندس شخصي اثر و رسوخ، خوش خلقي، سياسي تدبر ۽ بهادري سبب لاڙڪاڻو پنهنجي تاريخ جي خوشحال ترين دور ۾ قدم رکيو. هن شهر ۾ بيشمار باغات هڻايا، نهرون کوٽايون، قلع ٺهرايا ۽ محلا آباد ڪرايا. شاھ بهارو هتي زراعت ۽ تجارت جي نظام کي بهتر بڻيادن تي استوار ڪرڻ سان گڏ صنعت، ۽ حرفت کي پڻ هٿي وٺرائي. شاھ بهارو پنهنجي رهڻ لاءِ هڪ قلعو ٺهرائڻ کان پوءِ ان جي چوطرف پنهنجي لشڪر لاءِ گهر ۽ ڇانوڻيون به ٺهرايون هيون، جيڪي آهستي آهستي وڌندي وڌندي هڪ شاندار محلو ٿي ويو. هن محلي ۾ شاھ بهارو هڪ وڏي بازار قائم ڪرائي هئي، جيڪا اڳتي هلي هڪ ڪمرشل منڊي ۾ تبديل ٿي وئي هئي، ڇو ته هتي مقامي ۽ ٻاهرين تجارتي قافلن جي ساز و سامان جي سٺي قيمت ۾ کپت ٿي ويندي هئي.
ميان نورمحمد ڪلهوڙو پاڻ به هڪ عقلمند حڪمران هوندو هيو، جيڪو نه رڳو رعيت لاءِ فلاحي ڪم ڪرائيندو هيو، پر پنهنجي وزيرن ۽ اميرن کي به عوامي فلاح و بهبود جي مسئلن کي اوليت ڏيڻ جو پابند بڻائيندو هيو. گھاڙ واھ جا ٽي عظيم وهڪرا آبپاشي جي هن عظيم معمار جي ڪوششن سبب وجود ۾ آيا، جن مان اڀرندي سنڌ ۾ بيگاري واھ جي شاخ نور واھ خاص طور تي ذڪر جوڳي آهي. هن آبپاشي کي بهتر بڻائن لاءِ لاڙڪاڻي شهر جي وچان گزرندڙ گهاڙ واھ جي نئين سر کوٽائي ڪرائي، ان مان اڃان وڌيڪ نوان واھ کوٽايا، جن مان نور واھ (ميان نور محمد ڪلهوڙو جي نالي پٺيان)، شاھ جي ڪڙ (شاھ بهارو جي نالي پٺيان) ۽ ڏاتي جي ڪڙ (ڏاتو کهڙو جي نالي پٺيان) وغيره اهم آهن. نوشهرو ۾ نصرت واھ به نصرت خان چانڊيو ميان نورمحمد جي چوڻ تي کوٽايو. ان کان علاوه مراد واھ، باگ واھ ۽ فيروز واھ به نور محمد جي ٽن درٻارين مراد ڪلهوڙو، باگو سيال ۽ فيروز وير کوٽايا ۽ اهي ٽئي شاخون نصرت واھ ۾ پنهنجو ڇوڙ ڪن ٿيون، جيڪا هاڻي موجوده روهڙي ڪينال جي اهم شاخ بڻجي چڪي آهي.
لاڙڪاڻي جي مٽي تمام زرخيز آهي، جتي اڻ کٽ پاڻي جي ذخيرن سبب سال ۾ ڪيئي فصلَ ڪيا ويندا هئا. هڪ فصل لڻبو هو، ته ٻيو رونبي لاءِ تيار هوندو هو. گهاڙ واھ انهن ڏينهن ۾ آبپاشي کان علاوه آبي آمدرفت جو پڻ اهم ذريعو هوندو هيو. ان لاءِ لاڙڪاڻي کي پنهنجي مخصوص جاگرافيائي بيهڪ سبب خاص اهميت حاصل هوندي هئي، ڇو ته بولان دري کان اچڻ وارا تجارتي قافلا شڪارپور کان ٿيندا هن ڪينال تي موجود هڪ ويڪري بندرگاھ تي لنگر انداز ٿيندا رهندا هيا، جيڪي پوءِ گهاڙ واھ ذريعي سنڌو درياھ جي ڊيگهہ ۽ ويڪر ڏانهن هليا ويندا هيا مثال طور حيدرآباد ۽ ٺٽو يا وري مٿي اتر ۾ سکر، ملتان ۽ لاهور وغيره. هن عوام جي سهولت لاءِ بيشمار پليون، رستا ۽ پيئڻ جي پاڻيءَ جي سولائي سان دستيابي لاءِ شهر جي چوطرف کوهن جو ڄار وڇايو هيو. اهو ئي سبب آهي ته شهر جي خوبصورتي، شادابي ۽ امن و امان جي صورتحال کي ڏسندي پري پري کان ماڻهن اچي هن شهر کي آباد ڪرڻ شروع ڪيو ۽ هي ننڍڙو شهر وڌندي وڌندي هڪ وڏو شهر ٿي ويو.
ڪجهہ ڏينهن اڳ کان اسان جي هن سورمي شاھ بهارو جا ڀاڳ کليا آهن، جو حڪومت طرفان سندس مقبري کي تعميري تزئين و آرائش کان پوءِ گرما گرم سوشل ميڊيا تي بحث شروع ٿي ويا آهن. خاص طور تي اها ڳالھ زيرِبحث آهي ته هن واقعي 84 جنگيون وڙهيون هيون يا اهو ڇڙو حوال آهي. افسوس اهو پڻ آهي جو انهن بحثن ۾ اهي ماڻهو به ڪاهي پيا آهن، جن جو تاريخ سان الف بي جيترو تعلق به ڪونهي. شاھ بهارو جي وڙهيل جنگين ۾ ننڍا وڏا معرڪا، جهيڙا جهٽا، ويڙهيون ۽ جهڙپون وغيره اچي وڃن ٿيون، جيڪي هو پنهنجي حڪومت دوران پاڙيسري توڙي ٻاهرئين حملي آورن سان سموري عمر اڪلائيندو رهيو هيو. شاھ بهارو دنيا جي تاريخ جو واحد جنگي جوڌو هيو، جنهن پنهنجي زندگيءَ ۾ 84 جنگيون لڙيون ۽ سڀني ۾ پنهنجي بهادري، عقلمندي ۽ دانائيءَ سبب فتحمند رهيو. سندس وڙهيل جنگين منجهان 28 جنگين جو ذڪر مختلف تاريخي ڪتابن ۾ ملي ٿو، جيڪي هن ابڙن، پنهورن، بروهين، پٺاڻن، دائود پوٽن وغيره سان وڙهيون. محققن لاءِ شاھ بهارو جي وڙهيل گهڻين تڻين جنگين جو تفصيل ۽ حوالا سنڌ جي مختلف تاريخي ڪتابن ۾ ملڻ سان گڏ سينه بسينه روايتن ۾ پڻ ملن ٿا.
شاھ بهارو نه رڳو انتظامي معاملن ۾ پنهنجو پاڻ مڃرايو هيو، پر پنهجي بهادريءَ سان خارجي حملي آورن کي لاڙڪاڻي جي ويجهو ڀٽڪڻ به نه ڏيندو هيو. هو هڪ دور انديش سپهہ سالار هيو، جيڪو پنهنجي علاقي جو دفاع ڪرڻ لاءِ ڏاهپ سان گڏ سائنسي حربا پڻ استعمال ڪندو هيو. هن لاڙڪاڻي کان 15 ڪلوميٽر پري اتر اولھ طرف موجود ڳوٺ ڌارمراها جي هڪ چوواٽي تي هڪ تمام وڏي ڀير (دهل) رکرائي اتي ماڻهو مقرر ڪيا هيا، جن کي هدايت هئي ته ”جڏهن پري کان حملي آورن جو لشڪر ڪاهيندو نظر اچي يا انهن جي گهوڙن جي يلغار سبب مٽي اڏندي نظر اچي، ته ڀير تي زور سان ڏونڪو هڻن.“ ان ڀير تي لڳندڙ ڏونڪي جو آواز لاڙڪاڻي تائين ان مقصد لاءِ قائم ڪيل چوڪين کان ٿيندو جڏهن لاڙڪاڻي وٽ آخري چوڪي تي ٻڌڻ ۾ ايندو هيو ته شاھ بهارو پنهنجي لشڪر کي جلدي تيار ڪري حملي آورن سان منهن ڏيڻ لاءِ شهر کان ٻاهر نڪري ايندو هيو ۽ ٻاهران ئي کين لوڌي ڪڍندو هيو.
شاھ بهارو هونئن ته لاڙڪاڻي جي دشمنن سان 84 جنگيون وڙهيون پر 1725ع ڌاري ڪلهوڙن ۽ دائود پوٽن وچ ۾ ٿيندڙ لڙائي تمام اهم ۽ گهمسان واري هئي، جنهن ۾ شاھ بهارو، تاجو لکي ۽ محمد خان ڪلهوڙو به شامل هيا. هن لڙائيءَ ۾ ميان صاحب پنهنجي لشڪر سان گڏ شڪارپور جي اولھ کي گهيري ۾ آندو ۽ پنهنجي ساٿين جي مدد ڪئي. جنگ ۾ سنڌي لشڪر جي سٽ نه سھي دائود پوٽن جو سالار امير صادق محمد خان پويان پير ڪري پهريون خانپور ڀڄي ويو ۽ پوءِ وڃي دهلي ۾ لڪو، پر اوسيتائين به ڪلهوڙن جي لشڪر سندس پيڇو ڪيو. 1727ع ۾ صادق محمد خان کي اُچ شريف جي سجاده نشين پاڻ وٽ گهرائي امان ڏني، پر اتي به هن ڪجهہ ننڍن وڏن علائقن تي قبضو ڪرڻ جون ڪارروائيون ڪرڻ جو شرارتون جاري رکيون. مٿين جنگ ۾ قلات جو عبدﷲ خان بروهي پهريون ته ميان نورمحمد ڪلهوڙو جو طرفدار هيو پر بعد ۾ جڏهن ميان ڪڇي ۽ گنجابي جي علائقن تي قبضو ڪيو ته هو سندس خلاف ٿي بيٺو ۽ کوڙ دفعا لاڙڪاڻي تي حملو ڪري قبضي ۽ لٽ مار ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي پر شاھ بهارو پنهنجي تدبر ۽ بهادري سان سندس لشڪر کي پوئتي ڀرڪڻ تي مجبور ڪندو رهيو. ان جي باوجود بروهين جي لشڪر لاڙڪاڻي جي پسگردائي ۾ پنهنجون شرارتون جاري رکيون، جيڪي لاڙڪاڻي جي گورنر شاھ بهارو ۽ ميان نور محمد لاءِ اڻ وڻندڙ هونديون هيون. ان لاءِ جڏهن بروهي لشڪر پنهنجي حرڪتن کان باز نه آيو ته سندن وچ ۾ 1731ع ۾ جنگ ڇڙي، جنهن ۾ اسمائيل بروهي کي شاھ بهارو هٿان زبردست شڪست ملي، ان لاءِ عبدﷲ خان مجبور ٿي نور محمد ڪلهوڙو سان صلح ڪري وعدو ڪيو ته ”هو آئيندي وري لاڙڪاڻي تي حملو نه ڪندو“ پر بدقسمتيءَ سان هو گهڻي عرصي تائين پنهنجي وعدي تي قائم رهي نه سگهيو.
1732ع ۾ عبدﷲ جي لشڪر وري لاڙڪاڻي ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ لٽ مار جو ڪارروائيون شروع ڪري ڏنيون ۽ وعدي خلافي ڪندي فريد آباد ويجهو ڪاڇي جي زمين تي قبضو ڪيو. ميان نورمحمد وعدي خلافي ڪرڻ ٿي عبدﷲ بروهي کي سزا ڏيڻ لاءِ شاھ بهارو کي موڪليو، جيڪو 40 هزار ماڻهن جو زبردست لشڪر وٺي اڳتي وڌيو ته گنجابي وٽان سندس نائب مراد ڪليري به پنهنجو ڪڇي لشڪر وٺي ساڻس اچي مليو. خانپور وٽ ٻنهي لشڪرن وچ ۾ وڏي خونريز جنگ لڳي، جنهن ۾ شروع شروع ۾ ڪلهوڙن جي لشڪر کي تمام گهڻو ڇيهو رسيو، ايتري تائين جو پوئتي ڀرڪڻ جي نوبت اچي وئي، پر سنڌي سماج ۾ پٺ ڏئي ڀڄڻ کي شرمناڪ سمجهندي ڪجهہ ماڻهن پوئتي ڀرڪندڙ ساٿين کي طعنا تنڪا ڏئي غيرت ڏياري انهن جي دلين ۾ وري جوش ۽ جذبو پيدا ڪيو، جنهن ڪري اهي گڏجي نئين ولولي سان بروهين تي هلون ڪري ڪاهي پيا ۽ انهن جي حوصلن جا پير اکيڙي ڇڏيا. جنگ ۾ جڏهن بروهين جو سردار عبدﷲ مارجي ويو ته فوج جو زور به ٽٽي پيو ۽ انهن شڪست تسليم ڪري هٿيار ڦٽا ڪيا. ان جنگ ۾ شاھ بهارو انتهائي جنگي مهارت ۽ بهادري جو ثبوت ڏنو، جنهن سبب سندس جوانن شڪست خورده فوج ۾ تقريرون ڪري جوش ۽ ولولو پيدا ڪري هارايل بازي پنهنجي حق ۾ ڪري ورتي. هن جنگ ۾ سالاري شاھ بهارو ڪري رهيو هيو جنهن جي جرائت ۽ شجاعت سبب ڪلهوڙن هي جنگ کٽي ورتي هئي. هن جنگ ۾ شاھ بهارو سان گڏ ڄام نندو، مير بهرام، مير چاڪر، شاھ علي سلطان، خيرو خيري، دادو وغيره جهڙا بهادر ساٿي پڻ شامل هيا.
شاھ بهارو جي وفات متعلق مورخ گهڻين الجهنن جو شڪار نظر اچن ٿا. محترم غلام رسول مهر تاريخِ سنڌ ڪلهوڙا جي ٻي جلد جي صفحي 937 تي شاگھ بهارو جي وفات 1147 هجري لکي آهي. ان ئي صاحب جي ٻي ڪتاب تاريخِ ڪلهوڙا جي ٻين جلد جي صفحي 383 تي لکيل آهي ته “هن نامور سپهہ سالار سن 1149 هجري مطابق 1736ع ۾ وفات ڪئي. مرزا قليچ بيگ پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جا قديم شهر ۽ ماڻهو“ ۾ شاهه بهارو جي وفات 1773ع مطابق 1188 هجري لکي آهي، جيڪا بيگ صاحب جي غلطي آهي، ڇو ته اهو سال شاھ بهارو جي مقبري جي مرمت وارو سال آهي، پيدائش وارو نه. شاھ بهارو جي هڪ نوڪر هوت بلوچ جي فارسي ۾ لکيل هڪ قلمي نسخي ۾ سندس تاريخ وفات متعلق لکيل آهي ته ”در سن يڪ و زار و يڪ صد و پنجاه وفات يافت“ يعني “هن 1150 هجري ۾ وفات ڪئي.“ هوت بلوچ جو اهو قلمي نسخو ڪيئي سالن تائين شاھ بهارو جي مجاور وٽ ڏٺو ويو، پر هاڻي ته اهو مجاور ڪتاب سميت غائب آهي. سنڌ گزيٽيئر ۾ لکيل آهي ته ”شاھ بهارو جي وفات 1735ع ۾ ٿي هئي.“ انهن سمورين الجهنن جي باوجود کوڙ سارا قابل محقق هن ڳالھ تي متفق آهن ته ”شاھ بهارو جي وفات 24 ربيع الثاني سن 1150 هجري مطابق 12 مئي 1736ع ۾ لاڙڪاڻو شهر ۾ ٿي.“