آفريقي ملڪ ڪينيا ۾ سنڌين جو ھڪ وڏو تعداد آباد آھي، جن کي اتي معزز، ڪاروباري ۽ اعليٰ اخلاق جي مالڪ انسانن طور ڄاتو ۽ سڃاتو وڃي ٿو. ھو پنھنجي نماڻي طبعيت، محنت، نمڪ حلالي ۽ سچائيءَ جي جذبي سان ڀرپور آھن.
1963ع ۾ برطانيه کان آزادي حاصل ڪندڙ ملڪ ڪينيا ۾، سنڌين جي موجودگيءَ جي تاريخ بابت ڪينيا جي محققن؛ ڊاڪٽر معاويا چارلس ڪنانا ۽ پروفيسر اسٽيفن اڪرنگا افيدھا، پنھنجي مقالي ”دي اوريجن اينڊ سيٽلمنٽ آف ھندوز ان نيروبي، ڪينيا“ جي صفحي 118 ۽ 119 (جيڪو انٽرنيشنل جرنل آف آرٽس اينڊ ڪامرس جي واليم 4 نمبر 8 ۾ 2015ع ۾ ڇپيو)، واضح ڪري سمجھايو آھي ته ڪينيا ۾، پاڪستان ۽ ھندستان جي سنڌين جي، قديم زماني کان وٺي اچ وڃ رھي آھي، جنھن ڪري اڄ ٻيون ٻوليون ڳالھائيندڙن سان گڏ سنڌ ۽ ھند جا سنڌي ٻولي ڳالھائيندڙ ھندو (لوھر، لوھاڻہ، ڀاٽيا ۽ مختلف ڪڇي قبيلا) بہ نيروبي ڪينيا ۾ رھن ٿا. لڏپلاڻ کان وٺي اڄ ڏينھن تائين، ڪينيا سنڌي، سنڌي ٻولي ئي ڳالھائين ٿا. اھو ئي سبب آھي جو ڪينيا جي سنڌين، سواحيلي ٻوليءَ جي مٿان بہ پنھنجا وڏا اثر ڇڏيا آھن. اتي جي سواحيلي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي لھجن ۾، ڪافي ھڪجھڙائي بہ ملي ٿي.
زيورچ سئزرلينڊ سان تعلق رکندڙ ماھر تعليمدان ۽ بين الاقوامي تعليمي معاملن جي برک محقق ڊاڪٽر پاسڪل ھرزگ جي 2006ع ۾ ڇپيل ڪتاب ”سائوٿ ايشينز ان ڪينيا, جينڊر، جنريشن اينڊ چئنجنگ آئيڊنٽيز ان ڊياسپورا“ (صفحي نمبر 08 کان 15) مطابق، ڪڇ جي سنڌي واپارين اولھ آفريڪا (زنجيبار) ڏانھن، 19ھين صديءَ جي آخر ۾ لڏپلاڻ ڪئي ھئي، انھن مان ئي 1883ع ۾، پھريون سنڌي ڪينيا ۾ آيو ھو، جنھن ھتي اچي، ڪپڙي جو ڪاروبار ڪيو ھو. اھو نہ صرف پاڻ ھميشہ ھتي رھي پيو، پر ڪاروبار جا وڌيڪ موقعا ڏسي، سنڌ جي مختلف شھرن مان، پنھنجن عزيزن ۽ واپاري دوستن کي بہ ھتي گھرائي رھايائين، جيڪي نيروبي ۽ ٻين شھرن ۾ رھڻ لڳا. انٽرنيٽ تي گلوبل پري ڊائجسٽ globalpraydigest.org تي بہ لکيل آھي تہ اھو سنڌي ھندو ئي ھو جيڪو، زنجيبار مان 1883ع ڌاري، لڏپلاڻ ڪري ڪينيا ۾ آيو ھو. ان کانپوءِ 1890ع ۾، جيمز برينين جي ھڪ مقالي (عنوان: ”چئلنج ٽو ڪالونيئلزم: دي اسٽرگل آف عليڀائي ملاجيوڻجي فار ايڪوئل رائيٽس ان ڪينيا“، جيڪو ”دي انٽرنيشنل جرنل آف آفريڪين ھسٽاريڪل اسٽڊيز“ جي واليم 34، نمبر 02، سال 2001ع ۾ ڇپيو) جي صفحن 429 کان 440 مطابق، ھڪ سنڌ ڄائي عليڀائي ملا ‘جيوڻجي’ (1856ع-1936ع) جي ڪمپنيءَ کي ڪينيا ۾، انگريزن ڪجھ ٺيڪا ڏنا، تہ ھن ڪينيا جي پھرين اخبار ”دي اسٽينڊرڊ“ جي شروعات ڪئي، جيڪا اڄ ڏينھن تائين ڪينيا جي وڏي ۾ وڏي اخبار آھي. اھڙيءَ ريت، ڪراچيءَ کان ڪڇ تائين جي مختلف سنڌين جي،ھتي اچ وڃ شروع ٿي ۽ انھن، سنڌي ٻوليءَ سان پيار ڪندي، ڪينيا جي ثقافت، ٻولي ۽ رھڻي ڪھڻي جو ڀرپور خيال رکيو ۽ اتي جا ٿي ويا. اڄ بہ انھن جا نسل اتي ئي رھن پيا.
ھن ملڪ تي، آفريڪا کنڊ جي ٻئين نمبر وڏي ۾ وڏي جبل ”مائونٽ ڪينيا“ تان رکيل ننالي ڪينيا ۾ ڪل 47 ضلعا ۽ 210 تڪ آھن، جن ۾ ڪل 69 ٻوليون ڳالھايون وڃن ٿيون. سواحيلي ۽ انگريزي ھتي جون سرڪاري ٻوليون آھن، جڏھن تہ ھتي جا سنڌي لڳ ڀڳ 130 سال گذرڻ باوجود بہ پنھنجي ٻوليءَ کي ڳالھائي، زندہ رکيون پيا اچن. ممباسا سان تعلق رکندڙ، يونيورسٽي آف نيروبي ۾ واٽر ريسورس مئنيجمنٽ ۾ ماسٽر جي ڊگري ڪندڙ نينگري سنڌيا ڪبواڻيءَ، سماجي رابطن جي ويبسائيٽ ذريعي ٻڌايو، تہ ماضيءَ ۾، جڏھن اڻ ورھايل انڊيا ۽ ڪينيا، ٻنھي تي انگريزن جو راڄ ھو، جنھن ڪري اڻ ورھايل انڊيا جي ماڻھن کي ھتي اچڻ وڃڻ ۾، ڪا ڏکيائي پيش نہ ٿي آئي، ان ڪري، ڪافي سنڌين ڪينيا ڏانھن واپار جي غرض سان لڏپلاڻ ڪئي، جن ۾ ھن جي پڙڏاڏي جو ھڪ دوست بہ شامل ھو، جنھن 1898ع ڌاري، ڪڇ ڀُڄ مان ڪينيا ڏانھن لڏپلاڻ ڪئي ۽ بعد ۾ ان جي صلاح تي سندس پڙڏاڏو بہ، ڪٽنب سميت ھتي لڏي آيو ۽ ائين ھي ھتي جا ٿي ويا. اڄ نيروبيءَ ۾ سندن خاندان جو ڪپڙي جو ھڪ ننڍڙو ڪارخانو بہ آھي، جتي سنڌي ڪڇين کان علاوہ نيروبي جا ٻيا مقامي مانھو بہ ڪم ڪن ٿا.
ٺٽي ۾ 2011ع دوران مون سان گڏ، ھڪ بين الاقوامي غير سرڪاري سماجي اداري ۾ ڪم ڪندڙ دوست جوليس نورنڊو ٻڌايو ته، ڪينيا ۾ سنڌي نہ صرف راڄڌاڻي – نيروبي ۾ رھن ٿا، پر ٻين وڏن شھرن جھڙوڪ؛ ممباسا، ڪسومو، ٿيڪا ۽ ننڍن ننڍن ڳوٺن ۾ پڻ رھن ٿا. اھو ئي سبب آھي جو، اڄ ڪينيا ۾ رھندڙ سنڌين جي آبادي چئن ھزارن کان وڌيڪ آھي ۽ جنھن ۾ ڏينھون ڏينھن واڌارو ٿي رھيو آھي. انھن سنڌين ۾ ڳچ ھندو، سک ۽ ڪجھ مسلمان خاندان شامل آھن، جن ۾ ڪجھ خاندان ڪراچي ۽ حيدرآباد جا بہ آھن. سنڌ جي مذھبي رواداريءَ جي روايتن جيان، ھتي جا سنڌي بہ، نہ صرف پنھنجا، ننڍا ۽ وڏا مذھبي ڏھاڙا گڏجي ڪري ملھائيندا آھن پر، ڪينيا جي ٻين مذھبن جي مقامي رھواسين جھڙوڪ، عيسائين وغيرہ سان پڻ، انھن جي مذھبي رسمن ۾ اڳيان اڳيان ھوندا آھن. اھڙن مذھبي ڏينھن جھڙوڪ؛ سنڌي چيٽي چنڊ ۽ جھولي لال جي ڏڻ وغيرہ جي موقعي تي، ڪينيا جا سنڌي شھري، نيروبي جي لوئر ڪبيٽي روڊ تي واقع شري سناتن ڌرم مندر ۾ گڏجي خوشي ملھائيندا آھن. واضح ھجي تہ ھي ڳالھيون، آل آفريڪا ڊاٽ ڪام ويبسائيٽ تي پڻ خبرن ۾ ڄاڻايل آھن.
ايشين آفريڪين ھيريٽيج ٽرسٽ جي باني، ڪيترن ئي ڪتابن جي ليکڪه، تاريخدان ۽ سماج سڌارڪ زرينہ پٽيل مطابق ”1906ع ۾، نيروبي حڪومت کي سنڌ ڄائي جيوڻجي خود پاڻ پنھنجا ٺھرايل باغيچا تحفو ڪري ڏنا، جن تي جڏھن 1991ع ۾، قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ٿي تہ، جيوڻجي جي ننڍي نياڻي شيرين نجم دين فورن اتي پھچي مزاحمت ڪئي ۽ پنھنجي والد جي اثاثي کي بچايائين“. زرينہ پٽيل مطابق ڪراچي شھر جا ٻيا بہ ڪجھ بوھري ۽ اسماعيلي خاندان ھتي رھن ٿا، جن سان سندن ايشيائي ھندو (واضح ھجي تہ ھتي انڊيا يعني ھاڻوڪي پاڪستان ۽ ڀارت مان ورھاڱي کان اڳ، لڏي ويل ماڻھن کي، ايشيائي ھندو بہ چيو وڃي ٿو) ڀائر، ھر وقت ساٿ ۾ گڏ ھوندا آھن. ڪينيا ڄائي شاعر ۽ ليکڪ چندن امرجيت جي 2007ع ۾ ڇپيل ھڪ ليک ”پنجابيز ان ايسٽ آفريڪا“ مطابق، جيوڻجي کي انگريزن جڏھن يوگنڊا ملڪ ۾ ريلوي پٽڙي ٺاھڻ دوران، مزدور آڻڻ جو ٺيڪو ڏنو ھو، تہ سنڌ سميت سڄي ھندستان مان آيل پنجابي ۽ سنڌي توڙي ھندي ۽ گجراتي ٻوليون ڳالھائيندڙ مزدور ڪينيا ۾ آيا، جتان کان ضرورت آڌار مزدور يوگنڊا موڪليا ويندا ھئا. سنڌ ڄائي مشھور ڪينيا جي واپاري جيوڻجي بعد ۾ سياست ۾ بہ حصو ورتو، جڏھن تہ سندس وفات بہ نيروبيءَ ۾ ٿي ۽ کيس مسلمانن جي عقيدي مطابق، بوھرا قبرستان نيروبيءَ ۾ دفن ڪيو ويو. ان کان علاوہ ڪينيا جي ھڪ اھڙي سنڌيءَ جو بہ تاريخ جي ڪتابن ۾ ذڪر ڪيل آھي، جنھن تي اڄ بہ سڄي ڪينيا فخر ڪري ٿي ۽ کيس نالي بدران صرف ‘سنڌي’ سڏيو وڃي ٿو. ھاڪي جو عالمي رانديگر سرجيت سنگھ پانيسر (24 جون 1934ع کان 6 نومبر 2019ع)، جا مائٽ بہ ھندستان کان ڪينيا لڏي ويا ھئا، جتي ھن جي پئدائش ٿي. ھن چار ڀيرا عالمي اولمپڪ راندين ۾ ڪينيا جي نمائندگي ڪئي ھئي. سنڌي سک قبيلي سان تعلق رکندر ھن رانديگر، سنڌي ٻوليءَ سان ايترو پيار ڪيو جو سڄي دنيا ۾، اولمپڪ راندين جا مبصر توڙي ڪينيا جا مداح کيس صرف ”سنڌي“ چوندا ھئا.
ڪينيا جا سنڌي ترقيءَ جون منزلون طئه ڪري، اڳتي وڌي رھيا آھن. نيروبي جي مشھور اوول رِنگ روڊ تي ٺھيل مشھور کاڌي جو مرڪز ”ڪيلاش پربت ڪينيا“ به سنڌين جو آھي، جتي سواڏ سان ڀرپور لذيذ سنڌي کاڌا به ملن ٿا، جيڪي سنڌين سان گڏ ٻيا ماڻھو بہ پسند ڪن ٿا. ھنن ان ترقيءَ جي پٺيان، ”سنڌي ويلفيئر سوسائٽي نيروبي ڪينيا“ جو بہ وڏو ھٿ رھيو آھي، جنھن جي ڪري اتي جا سنڌي، ھڪ جڳھ گڏجي نہ صرف مذھبي، سياسي ۽ سماجي گڏجاڻيون رکن ٿا پر، پنھنجي ڀلائي جھڙوڪ؛ ميڊيڪل ڪئمپون منعقد ڪرڻ، سياسي سماجي مدد ڪرڻ، تعليمي رھنمائي ڪرڻ سان گڏوگڏ ڪاروبار ۾ ترقي وغيرہ لاءِ بہ سوچ ويچار ڪن ٿا. ان سوسائٽيءَ جون ماھوار گڏجاڻيون ٿينديون آھن، جن ۾ ننڍا توڙي وڏا، شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي مان سندس شاعري پڙھي اھا، ھڪٻئي کان سکڻ ۽ سمجھڻ جي ڪوشش ڪندا آھن. اھڙين گڏجاڻين ۾، ننڍن ٻارن کي خاص طور موقعو ڏنو ويندو آھي.
هي تحقيقي مضمون ڪاوش دنيا مئگزين ۽ ليکڪ جوکيو جسارت الياس سنڌي جي ٿورن سان شايع ڪيو ويو.