ڪراچيءَ تي ڪنھن جي نظر آهي؟

ظفر سھتو

ڪراچيءَ جي حوالي سان ﺟڙﻧﺪڙ نئين ﺻﻮﺭﺗﺤﺎﻝ ﺗﻤﺎﻡ ﮔﻬﮣﻲ ﺍﻫﻤﻴﺖ جوڳي ﺁﻫﻲ، ڇو تہ تازو ڪﺮﺍﭼﻲءَ کي وفاق حوالي ڪرڻ ﻭﺍﺭﻭ ﭘﺮﺍﮢﻮ ﺭﺍڳ  ٻيھر سامھون اچڻ مقصد کان خالي ناهي. ﻫﻦ ﻧﺌﻴﻦ ﺟڙﻧﺪڙ ﺻﻮﺭﺗﺤﺎﻝ ۾ ڪﭥﻲ ڪﺎ ﻭڏﻱ ﮔﻴﻢ تہ نہ ﭤﻲ ﺭﻫﻲ ﺁﻫﻲ؟ جيتوڻيڪ ڪﺮﺍﭼﻲءَ ﺗﻲ ﻭﻓﺎﻕ ﺟﻲ ﻧﻈﺮ شروع کان وٺي ﺭﻫﻲ ﺁﻫﻲ، ﭘﺮ ﻫﻦ ﺩﻓﻌﻲ اهو سڀ ڪجهہ، ڪجهہ ﻭﮄﻳڪ ﺳﻨﺠﻴﺪﮔﻲ ﺳﺎﻥ ﭤﻲ ﺭﻫﻴﻮ ﺁﻫﻲ، مثال طور:
پھريون تہ ڪﺮﺍﭼﻲءَ ﮐﻲ ﻓﻮﺝ ﺟﻲ ﺣﻮﺍﻟﻲ ڪﺮﮠ ۽ پوءِ ﺭﻳﻔﺮﻧڊﻡ ڪﺮﺍﺋﮡ
▪️ﭖ ﭖ ﭖ ، ﻥ ﻟﻴﮓ ﻳﺎ ﺍﻳﻢ ڪﻴﻮ ﺍﻳﻢ ﺟﻲ ﺭﺍﺿﭙﻲ ﺳﺎﻥ ﻗﺎﻧﻮﻥ ۾ ﺗﺒﺪﻳﻠﻲ ڪﺮﺍﺋﻲ، ﻧﺌﻴﻦ ﺻﻮﺑﻲ ﺟﻮ ﺟﻮڙﮠ
▪️ﭖ ﭖ ﭖ ۽ ﻧﻮﺍﺯ ﻟﻴﮓ ﺟﺎ ﭔﺎﺭﻧﻬﻦ ﺳﺌﻮ ﺭﻳﻔﺮﻧﺲ ﮐﻮﻟﮡ ﺟﻲ ﮄﻣڪﻲ، ۽ ان ﺣﻮﺍﻟﻲ ﺳﺎﻥ 120 نيون ﺍﺣﺘﺴﺎﺏ ڪﻮﺭٽون ﺟﻮڙﻱ ﻧﻮﻱ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﻓﻴﺼﻠﻮ ڏﻳڻ
▪️ﺍﺭڙﻫﻴﻦ ﺗﺮﻣﻴﻢ ﺟﻲ ٽﻮڙ ﻣﺮﻭڙ ﺟﻮ ﺑﻞ ﭘﺎﺱ ڪﺮﮠ
▪️ﻗﻮﻣﭙﺮﺳﺖ ۽ ﺳﺠﺎﮖ ﮄﺭﻳﻦ ﻣﭥﺎﻥ ﺭﻳﺎﺳﺘﻲ ﺁﭘﺮﻳﺸﻦ ۾ ﺗﻴﺰﻱ
▪️ﺍﻟﻴڪٽﺮﺍﻧڪ ۽ ﭘﺮﻧٽ ﻣﻴڊﻳﺎ ﺗﻲ ﻣڪﻤﻞ ﺭﻳﺎﺳﺘﻲ ﻗﺒﻀﻮ ڪري ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﺮﺿﻲ ﺟﻮ ﻣﻮﻗﻒ ﻫﻼﺋﮡ، ﺟﻴﺌﻦ ﻋﻮﺍﻡ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺍﺻﻞ ﺣﻘﻴﻘﺘﻦ ﺟﻲ ﺭﺳﺎﺋﻲ نہ ٿي سگهي
مٿيان سڀ نُڪتا، هڪ خطرناڪ صورتحال جي نشاندھي ڪن ٿا.

ڪﭥﻲ چائنا ﺳﻴﭙﻴڪ ﮐﺎﻥ ﺍﮘﺘﻲ ﻧڪﺮﻱ، ڪﺮﺍﭼﻲ ﺟﻲ گُهر تہ نہ ڪﺌﻲ ﺁﻫﻲ؟ ﺍﻫﻮ ﺍﻣڪﺎﻥ مون کي ان ڪري بہ ﺳﮕﻬﺎﺭﻭ ﭘﻴﻮ ﻟﮙﻲ، ﮀﻮ تہ چائنا ان کان اڳ بہ ﻣﺴﻠﺴﻞ ﺍﻫڙﻱ ﮔﻬﺮ ﭘﺎڪﺴﺘﺎﻥ ﺍﮘﻴﺎﻥ ﺭﮐﻨﺪﻭ ﺁﻳﻮ ﺁﻫﻲ. ﺳﻴڪﻴﻮﺭٽﻲ ﺟﻲ مامرن ﮐﻲ اڳيان ﺭﮐﻨﺪَﻱ، ﺍﻫڙﻱ ﮔﻬﺮ ﻧﻮﺍﺯ ﺷﺮﻳﻒ ﮐﺎﻥ بہ ڪﺌﻲ ﻭﺋﻲ ﻫﺌﻲ. ﻭﮄﻳڪ چائنا ﺟﻲ ﺳﻨﮅ ۾ ﺳﻴڙﭘڪﺎﺭﻱ ﺑﺎﺑﺖ ڪجهہ ﺣﻘﻴﻘﺘﻮﻥ ﻣﺎﻥ ﻫﺖ ﺗﻮﻫﺎﻥ ﺍﮘﻴﺎﻥ ﺭکان ٿو.
اوهان کي ياد هوندو تہ 2006 ۾ هڪ وڏي تعميراتي ڪمپني ﺍﻋﻤﺎﺭ، ڪﺮﺍﭼﻲ ﺟﻲ ٻيٽن ﭜﻨﮃﺍﺭ ۽  ﭔﮃﻭ  ﺗﻲ ﻧﺌﻮﻥ ﺷﻬﺮ ﺍڏﮠ ﺟﻮ ڪﻢ ﺷﺮﻭﻉ ڪﻴﻮ هو، ﭘﺮ ﺍﻥ ﻭﻗﺖ ڪﺮﺍﭼﻲ جون حالتون ﺧﺮﺍﺏ ٿيڻ سبب اها ڪمپني ان ﭘﺮﺍﺟﻴڪٽ ﻣﺎﻥ ﻫﭣ ڪﮃﻱ وئي هئي. ﺍﻫﻮ ﭔﺎﺭﻧﻬﻦ ﻫﺰﺍﺭ ﺍﻳڪڙﻥ ﺟﻮ ﻣﻨﺼﻮﺑﻮ هو، ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻻڳت 43 ﺑﻠﻴﻦ ڊﺍﻟﺮ ﻫﺌﻲ.
ﺳﺎﮘﻴﻮ ﭘﺮﺍﺟﻴڪٽ 2013 ۾ ﻣﻠڪ ﺭﻳﺎﺽ ۽ ﭤﻮﻣﺲ ڪﺮﻳﻤﺮ 20 بلين ڊﺍﻟﺮﺱ ﺳﺎﻥ ٻيھر ﺷﺮﻭﻉ ﭘﺌﻲ ڪﻴﻮ، ﭘﺮ ﺍﻫﻮ ﻣﻨﺼﻮﺑﻮ بہ ڪﺮﺍﭼﻲءَ ﺟﻲ ﺑﮕڙﻧﺪڙ ﺻﻮﺭﺗﺤﺎﻝ ﺟﻲ ڪﺮﻱ نہ ﻫﻠﻲ ﺳﮕﻬﻴﻮ، ﺟﻨﻬﻦ ۾ پنجويھ ﮐﺎﻥ ٽيھ ﻟﮏ ﮄﺍﺭﻱ ﺁﺑﺎﺩ ڪﺎﺭﻱ ڪﺮﺍﺋﮣﻲ ﻫﺌﻲ.
ﺟڏﻫﻦ تہ ﻫﺎﮢﻲ ﺟڏﻫﻦ ﻋﻤﺮﺍﻥ ﺧﺎﻥ ڪﺮﺍﭼﻲءَ ﺟﻮ ﺩﻭﺭﻭ ڪﻴﻮ ۽ ﭘﻮءِ ﭼﺎئنا ﻭﻳﻮ ۽ ﺍﭼﮡ ﺷﺮﻁ ﺍﻋﻼﻥ ڪﻴﺎﺋﻴﻦ، تہ ﭼﺎئنا ڊﻓﻴﻨﺲ ﻓﻴﺰ ﺍﭞ ﺳﺎﻥ ﮔڏ ﺟﺰﻳﺮﻱ ﺗﻲ ﻫﻦ ﻧﺌﻴﻦ ﺷﻬﺮ ﮐﻲ ﮘﻨﮃﻱ ﭔﻴﻬﺮ ﺳﻴڙﭘڪﺎﺭﻱ ڪﺮﻱ ﭘﻴﻮ. ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﺫﻭﺍﻟﻔﻘﺎﺭ ﺁﺑﺎﺩ ۽ ﺗﺎﺯﻭ ﭔﺎﺭﻧﻬﻦ ﺳﺌﻮ ﺍﻳڪڙ ﺗﻲ ﺟﻬﻤﭙﻴﺮ ﮐﺎﻥ ﻭﻳﻨﺪﻱ ﺳﻤﻨڊ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻧﺌﻴﻦ ﺷﻬﺮ ﺟﻲ ﺍڏﺍﻭﺕ ﺟﻮ ڪﻢ بہ شامل ﻫﻮﻧﺪﻭ.
ﺑﻠڪﻞ ﺳﺎڳي ﺭﻳﺖ ﺟﻴﺌﻦ ﭜﺎﺷﺎ ڊﻳﻢ ﻻﺀ ﭼﺎئنا ﺭﻗﻢ ڏﺋﻲ ﺭﻫﻴﻮ ﺁﻫﻲ، ﮀﻮ تہ ﭼﺎئنا ﺳﻨﮅﻭ ﺩﺭﻳﺎ ﺟﻲ ﻣﻬﺎڏﻱ ۾ ﺗﺒﺖ ﻭٽ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ڊﻳﻢ ﭠﺎﻫﻲ ﺭﻫﻴﻮ ﺁﻫﻲ، جيڪو پاڪستان جي مفاد جي ٽڪراءُ ۾ آهي، پاڪستان پاران ممڪنہ احتجاج کي ماٺو رکڻ جي قيمت ڀاشا ڊيم لاءِ  14 ﺑﻠﻴﻦ ڊﺍﻟﺮﺱ ﺟﻮ ﻗﺮض ڏيئي ادا ڪئي وئي آهي.
ﭼﺎئنا ﺟﻲ ﺳﻴﭙﻴڪ لاءِ ﭘﻬﺮﻳﻦ 2013 ۾ ﺍﻋﻼنيل ﺭﻗﻢ 46 ﺑﻠﻴﻦ ڊﺍﻟﺮ ﻫﺌﻲ، 2017 ۾ ﭔﻴﻦ ﺍﻋﻼﻧﻴﻞ ﺭﻗﻢ 62 ﺑﻠﻴﻦ ڊﺍﻟﺮﺱ ﻫﺌﻲ ، جڏهن تہ هاڻوڪن  ﺗﺎﺯن انگن ﺍﮐﺮن موجب اها رقم ﻣﻠٽﻲ بلين ڊﺍﻟﺮﺱ ﺗﻲ ﻭﭸﻲ پھتي آهي. ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻭﺭﭾ ﻳﺎ ﺍﭘﺖ ﺟﺎ ﺣﺼﺎ ڪجهہ ﻫﺌﻴﻦ ﺁﻫﻦ: ﻭيھ ﺳﻴڪڙﻭ ﻗﺮﺽ ۽ ﺍﺳﻲ ﺳﻴڪڙﻭ ﮔڏﻳﻞ ﭘﺮﺍﺟﻴڪٽ، ﺟڏﻫﻦ تہ ﻧﻮڪﺮﻳﻦ ﺟﻲ ﻭﺭﭾ ﭼﺎئنا جو حصو پتي ﭔﻴﮣو آهي ، ﻣﻌﻨﻲ’ تہ چاليھ ﻫﺰﺍﺭ ﭘﺎڪﺴﺘﺎﻧﻲ تہ ﺍﺳﻲ ﻫﺰﺍﺭ ﭼﺎﺋﻴﻨﻴﺰ ﻗﻴﺪﻱ ﻫﻮﻧﺪﺍ.

هاڻ اچو تہ ﺳﻨﮅ ﺍﻧﺪﺭ چائنا جي ڪجهہ اهم پراجيڪٽن تي هڪ نظر وجهون، جيڪي هن ريت آهن
1- Thar -1 Project ,
2- Thar -2 Project & Coal Mine
3- Thar Engro Coal Project
4- Matiari-Lahore Transmission Line
5- LPG Pipe Line Gawadar To Nawabshah
6- Port Qasim Project Electric Line From Karachi To Punjab
7- Hyderabad Chamber & Commerce Agreement With China 2018
8- Wind Power 5 Projects
9 – Nine Lacs Ton Fertilizer Product 05 – Production Units In Sindh
10- 2 Lacs Acre Agricultural Land Buying For Live Stock & Farming
11- Railway Projects & Highway Projects
12 – Karachi – 4 Canal Project 14 Billion Dollars
13- Port Qasim Oil & Gas Storing Facilities
14 – Biotechnology Project
15 – Artillery Joint Ventures Factory.

ﺍﭸﺎﻥ بہ ﮔﻬﮣﺎ ﭘﺮﺍﺟﻴڪٽ ﺁﻫﻦ ، ﺟﻴڪﻲ ﺧﺎﺹ ڪﺮﻱ ڪﺮﺍﭼﻲءَ ۾ ﺁﻫﻦ ، ﻫﺎﮢﻲ ﺗﺎﺯﻭ ﺍﺳٽﻴﻞ ﻣﻞ، پي آئي اي ۽ ﺍﻳﺌﺮ ﭘﻮﺭٽ ﻭﺍﺭﻭ ﭘﺮﺍﺋﻴﻮٽﺎﺋﻴﺰ ڪرڻ ﺟﻮ ﻣﺮﺣﻠﻮ بہ ان حوالي سان ذڪر جوڳو آهي، ﺟڏﻫﻦ تہ ڪﺮﺍﭼﻲ ﺍﺳٽﺎڪ ﺍيڪسچينج ﺟﺎ لڳ ڀڳ ﭘﻨﺠﺎھ ﺳﻴڪڙﻭ ﺷﻴﺌﺮﺱ بہ ﭼﺎئنا ﻭٽ ﺁﻫﻦ. ﻫﻦ ﻭﻗﺖ ﭼﺎئنا ﺟﻮﻥ ﭼﺎليھ ڪﻤﭙﻨﻴﻮﻥ ڪﺮﺍﭼﻲ ﺍﻧﺪﺭ ﻣﻮﺟﻮﺩ ﺁﻫﻦ.

يقيني طور تي ﻫﻦ بلين ڊﺍﻟﺮﺱ ﺟﻲ ﺳﻴڙﭘڪﺎﺭﻱءَ ﻻﺀ ﭼﺎئنا ﮐﻲ ﻣڪﻤﻞ ﺍﭤﺎﺭٽي ﮐﭙﻲ ، ﺗﺤﻔﻆ ﮐﭙﻲ ۽ هتي کين ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ هڪ مڪمل سسٽم ﮐﭙﻲ. ڪﺮﺍﭼﻲ ۾ ﺍﮖ ﺋﻲ ڪﺎﻓﻲ واقعا ﭤﻴﺎ ﺁﻫﻦ ، ﺍﻥ ڪﺮﻱ ئي ﭼﺎئنا ڪﺮﺍﭼﻲءَ ﺟﻲ ﻣڪﻤﻞ ﮔﻬﺮ ڪﺌﻲ ﺁﻫﻲ ، ﻫﻲ ﺍﺳﺎﻥ ﺟﻮ ﺧﻄﻮ ۽ ﭔﻴٽ ، ﺍﻭﻧﻬﻮ ﺳﻤﻨڊ ، ﻫﺎﻧﮓ ڪﺎﻧﮓ ﻭﺍﻧﮕﻲ ﺁﻫﻲ ، ﺟﺘﺎﻥ ﭼﺎئنا ﺳﭵﻲ ﺍﻳﺸﻴﺎ ﺗﻲ ڪﻨٽﺮﻭﻝ ڪﺮﻱ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ ، ﮔﺮﻡ ﭘﺎﮢﻲءَ واري ﺳﻤﻨڊ ﺫﺭﻳﻌﻲ هُو هتان ﺍﻳﺮان ﮐﺎﻥ ﻭﻳﻨﺪﻱ ﻋﺮﺏ ۽ ﺳﻴﻨٽﺮﻝ ﺍﻳﺸﻴﺎ ﺟﻲ ﻣﻨڊﻳﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺍﮄ ﺧﺮﭺ ۾ ﺭﺳﺎﺋﻲ ﺣﺎﺻﻞ ڪﺮﻱ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ ، ﮔﻮﺍﺩﺭ ﭘﻮﺭٽ ﺗﻪ ﻫڪ ڏﻳﮑﺎءَ هو ، ﭼﺎئنا ﺟﻮﻥ ﺍﺻﻞ ﻧﻈﺮﻭﻥ ڪﺮﺍﭼﻲ ﺗﻲ ئي ﻫﻴﻮﻥ .
ﭘﺎڪﺴﺘﺎﻥ جي اشرافيہ ۽ اسٽيبلشمينٽ ﮐﻲ ﭘﺌﺴﻮ ﮐﭙﻲ ، ﺍﻧﻬﻦ ﺟﻮ دﺍﮢﻮ ﭘﺎﮢﻲ ﺑﻨﺪ نہ ﭤﻴﮡ ﮔﻬﺮجي. ﺳﻨﮅ نہ، تہ ﮐﮣﻲ ﺟﻲ ڪﺮﺍﭼﻲ بہ ﮐﭙﺎئي ڏنائون تہ ﻫﻨﻦ ﺟﻲ ﻣﭥﻲ ۾ ڪﻬڙﻭ ﺳﻮﺭ پوندو، ﻫﻨﻦ ﮐﻲ تہ ﺁﺳﺎﻧﻲءَ ﺳﺎﻥ ﺑﻐﻴﺮ ﻭﻟﻮڙﮠ ﺟﻲ ﻣﮑﮡ ﭘﻴﻮ ﻣﻠﻨﺪﻭ رهندو.
ﻫﻦ ﺻﻮﺭﺗﺤﺎﻝ ۾ ﺍﺳﺎﻥ ﮐﻲ ﮀﺎ ڪﺮﮠ ﮔﻬﺮﺟﻲ؟
ﺟﻴﺌﻦ ﮔﻬﺮ ﺟﻮ ﻣﺎﻟڪ ، ﺯﻣﻴﻦ ﺟﻮ ﻣﺎﻟڪ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﮔﻬﺮ ﺟﻲ ۽ ﺯﻣﻴﻦ ﺟﻲ ﻣﺎﻟڪﻲ ڪﻨﺪﻭ ﺁﻫﻲ ، ﺍﺋﻴﻦ ﺋﻲ ﺍﺳﺎﻥ ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﮄﺭﺗﻲ ﺟﻲ ﻣﺎﻟڪﻲ ڪﺮﮢﻲ ﭘﻮﻧﺪﻱ . ﮄﺭﺗﻲ ﺍﺳﺎﻥ ﺟﻲ ﺁﻫﻲ ، ﻓﻴﺼﻠﻲ ڪﺮﮠ ﺟﻮ ﺣﻖ بہ ﺍﺳﺎﻥ ﻭٽ ﺋﻲ ﺁﻫﻲ ﻧﻪ ڪﻲ ڪﻮ ﺍﻳﺮﻭ غيرو ﻧﭥﻮ ﺧﻴﺮﻭ ﺍﭼﻲ ﺍﺳﺎﻥ ﺟﻲ ﻭﻃﻦ ۽ ﺍﺳﺎﻥ ﺟﻲ ﺍﻳﻨﺪڙ ﻧﺴﻠﻦ ﺟﺎ ﻣﻘﺪﺭ ﻟﮑﻨﺪﻭ .
ﭼﻮﻧﺪﺍ ﺁﻫﻦ ﺗﻪ ﺭﺕ ۽ ﺩﻝ ﻫڪ ﭔﺌﻲ ﻻءِ ﻻﺯﻡ ﻣﻠﺰﻭﻡ ﺁﻫﻦ ، ڪﺮﺍﭼﻲ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﺩﻝ ﺁﻫﻲ ، ﺩﻝ ﮐﺎﻥ ﺳﻮﺍءِ ﺳﻨﮅ ڪﻴﺌﻦ ﺟﻴﺌﻨﺪﻱ؟ ﺍﻥ ڪﺮﻱ ﻗﻮﻡ ﭘﺮﺳﺖ ، ﺗﺮﻗﻲ ﭘﺴﻨﺪ ﻳﺎ ﻭﻓﺎﻗﻲ ﺳﻴﺎﺳﺖ ڪﻨﺪڙ ﺳﻨﮅﻱ ﻳﺎ ﮐﮣﻲ ﻣﻬﺎﺟﺮ ﻫﺠﻦ ، ﻫﻦ ﻭﻗﺖ ﺍﺳﺎﻥ سڀني کي گڏجي ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﮄﺭﺗﻲ ﮐﻲ ﺑﭽﺎﺋﮣﻮ ﭘﻮﻧﺪﻭ . ﺳﻨﮅ ﮐﺎﻥ ڪﺮﺍﭼﻲءَ کي ﮄﺍﺭ ڪﺮﮠ ﺟﻲ ڪﺎ ﺑﻪ ﺍﻫڙﻱ ﺭﭢ ﺍﭼﻲ ﭤﻲ ﺗﻪ ﺍﻥ ﺍﮘﻴﺎﻥ ﭘﻬﺎڙ ﺑﮣﺠﻲ ﺑﻴﮭﮣﻮ ﭘﻮﻧﺪﻭ .
اردو ڳالھائيندڙ ڀائرن کي بہ سمجهڻو پوندو تہ هي سڀ ڪجهہ سندن لاءِ نہ پر صرف چائنا لاءِ ٿي رهيو آهي، ان ڪري ڪنھن خوش فھميءَ ۾ مبتلا ٿيڻ بدران کين ڌرتيءَ ڌڻين سان گڏجي بيھڻ کپي، ان ۾ ئي سندن ۽ سندن ايندڙ نسلن جي محفوظ مستقبل جي ضمانت بہ سمايل آهي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close