زندگيءَ جا خوبصورت لمحا: دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط-22)

ليکڪہ: اودياترانائر

سنڌيڪار: عبدالستار لغاري

24- ٻيو دور

مون کان اڪثر اھو سوال پڇيو ويندو آھي تہ فلمي صنعت کي فلم "بيراگ” ڏيڻ کانپوءِ لڳ ڀڳ پنج سالن تائين مون فلمن کان ڪنارا ڪشي ڇو ڪئي؟ 1976ع ۾ جڏھن بيراگ فلم ريليز ٿي تڏھن منھنجي عمر 54 سال ٿي چڪي هئي، ان فلم ۾ مون محنت طلب ٽي مختلف ڪردار ڪيا ھئا، مون محسوس ڪيو تہ گھڻو ڪم ڪيم ھاڻ آرام ڪرڻ گھرجي. مون تہ ڏھ سال پھرين فلم ڇڏڻ جو سوچي ڇڏيو هو، جڏھن منھنجي عمر 44 سال ھئي. فلم رام شيام ۾ ڪم ڪرڻ کانپوءِ، مون فلمن ۾ ڪم نہ ڪرڻ جو جڏھن سائرا کي ٻڌايم تہ ھو ٻڏتر ۾ پئجي وئي، رام شيام ريڪارڊ ٽوڙ آمدني ڏيئي رھي ھئي، پر منھنجي اندر جي اداڪار کي اطمينان نہ ٿي رھيو ھو، اھو اطمينان مونکي ديوداس، نيا دور، ڪوھ نور ۽ آن فلمن کانپوءِ ٿيو ھو. پوءِ بہ آئون ھن پيشي کي ڇڏڻ چاھيندو ھئس، منھنجو خيال ھو تہ اداڪاري ۾ جيڪو مقام ملڻو ھيو اھو مليو، دولت، عزت ۽ شھرت بہ ملي وئي، ھاڻي غير ضروري طور تي اسٽار جي رتبي کي چھٽيل نہ رھجي، منھنجو اھو خيال ھو تہ اسان ٻيئي زال مڙس فلمي دنيا کي ڇڏي ڪنھن تفريحي جاءِ تي موڪلون گذارڻ لاءِ ھليا وڃون، پر سائرا مونسان سھمت نہ ٿي. جڏھن بيراگ فلم ريليز ٿي تہ مون پنھنجي پاڻ کي ڪٽھڙي ۾ بيٺل ڏٺو، ھاڻ مون پڪو ارادو ڪري ورتو تہ ڪم ڇڏي ڏيندس. آئون فلمن ۾ ڪم صرف ڪمائي لاءِ نہ ڪري رھيو ھئس، جيئن ٻيا اداڪار ڪندا آھن. ان کي مايوسي تہ نٿو چئي سگهجي پر اداڪاري کان دل کٽي ٿيڻ جو ھڪ سبب ڪيترن ئي نون چھرن جو اچڻ بہ ھو. جن جو تعلق ٻين مشڪوڪ ڌنڌن سان بہ ھو. انھن جي مشھور اداڪارن سان گڏ ڪم ڪرڻ جي خواھش ھوندي ھئي. انھن وٽ پئسو بہ تمام گهڻو ھوندو ھو، اھي بيڪار قسم جا اسڪرپٽ لکي وڏن اداڪارن وٽ ويندا هئا ۽ وڏي رقم جي لالچ بہ ڏيندا هئا. آئون ان معاملي کان آگاھ ھئس، آئون انھن جي ھا ۾ ھا نہ ملائي سگھيس، جيڪي ڪاري ناڻي جي عيوض فلم انڊسٽري ۾ چور دروازي کان اچڻ چاھيندا ھئا. انھن ئي ڏينھن ۾ پروڊيوسر اي آر ڪاردار مون تي ڪيس ڪيو، انھي ڪيس جي ٻڌڻي ٿيندي رھي، مون پوري محنت ۽ توجھ سان ڪيس جي پيروي ڪرڻ شروع ڪئي، افسوس جي ڳالھ اھا ھي ڪيس مون تي ان ماڻھو ڪيو ھو، جنھن کي مون نھن چوٽي جو زور لڳائي تباھ ٿيڻ کان بچايو ھو. ھو مون وٽ دل ديا درد ليا فلم جي پيشڪش کڻي آيو ھو، ھي فلم 1966ع ۾ ريليز ٿي ھئي، ڪيترائي دفعا ھن جي زال ۽ ٻار مون وٽ گھر آيا ۽ منٿ ميڙ ڪيائون تہ فلم ۾ ڪم ڪيان. منٿ ميڙ کانپوءِ مون فلم ۾ ڪم ڪرڻ جي حامي ڀري. سڀني کي خبر ھئي تہ فلم ۾ ڪم ڪرڻ کان پھرين آئون تحقيق ڪندو آھيان ۽ اطمينان حاصل ڪرڻ کانپوءِ فلم ۾ ڪم ڪرڻ تي راضي ٿيندو آھيان. ھن فلم جي ڪاميابي لاءِ مون ڏينھن رات محنت ڪئي، آئون ھن کي ڪامياب فلم ساز بنائڻ چاھيندو ھئس پر افسوس ھن مون تي ڪورٽ ۾ ڪيس ڪيو. آئون اسڪرين تان غائب ٿي چڪو ھئس، فلمن کان پنج سال غير حاضري مون کي خودمختيار بڻائي ڇڏيو هو، ڪيسن وارا ڏينھن منھنجي لاءِ اذيتناڪ ثابت ٿيا. اسڪرين تان غائب ٿيڻ ڪري ڪيترن ئي ماڻھن منھنجي فلمي ڪيريئر جي وري تقليد ڪرڻ شروع ڪئي. پر ساڳئي طرح انھن پاڻ کي ۽ ٻين کي بہ ڌوکي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪشمير ويلي، ڪالي سرسون، ڪالا آدمي اور بابا جان سميت ڪيتريون ئي فلمون ٺاھڻ چاھيندو ھئس، انھن جا اسڪرپٽ بہ لکجي چڪا هئا، جن ۾ مونکي ۽ سائرا کي بطور ھيرو ھيروئين اچڻو هو. ڪشمير ويلي انھن ۾ اھم ھئي، پنھنجي سڃاڻپ جي لحاظ کان ھي فلم ڊيوڊ لينز جي مشھور رزميہ داستان ڊاڪٽر زواگو جو مقابلو ڪري ھا، ھي فلم اسان جي شادي کان بہ پھرين لکي وئي ھئي، منھنجو خيال ھو تہ بيراگ کانپوءِ ٺاھيندس. اھڙي طرح فلم ڪالي سرسون ھڪ ڪاري ڇوڪري جي ڪھاڻي ھئي، جنھن کي مون سائرا جي پسمنظر ۾ لکيو ھو. بابا جان فلم ھڪ بئنڪ مئنيجر جي ڪھاڻي ھئي، جيڪو دماغي بيمارين جو شڪار ھوندو آھي، ھو پنھنجي ئي بئنڪ ۾ داڙو ھڻائيندو آھي. ڪيسن وارن ڏينھن ۾ ذھني پريشانين جي ڪري انھن فلمن جي مسودن تي ڪو بہ ڌيان نہ ڏيئي سگھيس، اھي سڀ منصوبا جيئن جو تيئن پيل رھيا، حالانڪہ سرمايہ ڪار فلمن تي پئسا لڳائڻ لاءِ بہ تيار ھئا. ڪيس ختم ٿيڻ تي ھئا تہ منوج ڪمار ڪرانتي فلم جو خيال کڻي مون وٽ آيو. 1981ع ۾ ڪرانتي فلم جي ريليز ٿيڻ کان پوءِ ھڪ دفعو وري خيال آيو تہ فلمي دنيا کي خير آباد چوان، پر قسمت ۾ ايئن نہ ھو، آئون انھي ئي ٻڏتر ۾ ھئس تہ پروڊيوسر سڀاشگئي پنهنجي فلم ودھاتا جو مسودو کڻي مون وٽ آيو. سڀاشگئي ھڪ مخلص ۽ ايماندار ماڻھو ھو. ھن جي پوئين فلم ڪرانتي ناڪام ٿي ھئي، انڪري ھو ناڪامي کي ڪاميابي ۾ بدلائڻ چاھيندو ھو، ھن جي جذبي ۽ ھمت مون کي بيحد متاثر ڪيو. فلم جو موضوع بہ دلچسپ ھو، منھنجي اندر جو آواز ھو تہ ھن فلم تي شاندار ڪم ٿي سگھي ٿو. سڀاشگئي جي فلم ڪرانتي وانگر ودھاتا فلم ۾ بہ منھنجو ڪردار معمولي ھو، يعني ھڪ ريل جي ڊرائيور جو ڪردار ھو. ودھاتا تڪميل جي تاريخ کان پھرين مڪمل ٿي تہ سڀاشگئي بيحد خوش هو، ھن شوٽنگ جي آخري ڏينهن تي مون کي ٻڌايو تہ ماڻھن مونکي تنھنجي باري ۾ سخت مايوس ڪيو ھو، سڀني چيو ھو تہ دليپ ڪمار وٽ وڃين پيو ھو پوڙھو ٿي ويندو پر تنھنجي فلم ودھاتا مڪمل نہ ٿي سگھندي. حاسدن جي خواھشن جي برعڪس فلم جلد مڪمل ٿي وئي. ھي فلم 1982ع جي بلاڪ بسٽر فلم ثابت ٿي ۽ سڀني کان وڌيڪ پئسو ڪمايو، سڀاشگئي کي ھن فلم مالامال ڪري ڇڏيو، ھن سان منھنجا تعلقات بھتر ھئا، ھو مونکي پنھنجو وڏو ڀاءُ سمجھندو ھو، ھڪ دفعي ھو جڏھن پنھنجي فلم ڪرما جي باري ۾ مونسان ڳالھائڻ آيو ھو ڊنل ھو تہ آئون گھڻو معاوضو وٺندس. ڇو تہ ان کان پھرين ودھاتا تمام گهڻو پئسو ڪمايو ھو، ٿوري تمھيد ٻڌڻ کانپوءِ ھو اصل ڳالھ تي اچي ويو، پئسن تي ڳالھايون گھڻا وٺندو؟ مون ھن کي دڙڪن واري انداز ۾ چيو تہ غلا منڊي ۾ ويٺو آھين جو پئسن تي ڳالھايون، منھنجو مقصد ھو تہ اسڪرپٽ جي خوبين خامين تي ڳالھايون، شڪر آهي منھنجي تنبيھ کي ھو سمجھي ويو. سڀاشگئي جڏھن پنھنجي فلم سوداگر متعلق مون وٽ آيو تہ ھو ڪافي دير تائين ھتان ھتان جون خبرون ڪندو رھيو، ان فلم ۾ ٻن دوستن جي ڪھاڻي ھئي، بعد ۾ دوري ٿي ويندي آهي ۽ دشمني ٿي ويندي آهي. مون محسوس ڪيو تہ ھو ڪجھ چوڻ چاھي ٿو پر چئي نہ ٿو سگھي، مون چيو کلي ٻڌاء، چوڻ لڳو فلم ۾ توھان جي دوست طور راج ڪمار کي وٺڻ چاھيان ٿو. ڇا توهان ان سان گڏ ڪم ڪندؤ؟ مون چيو مونکي تہ راج ڪمار سان گڏ ڪم ڪرڻ ۾ خوشي ٿيندي، توھان ھن کان پڇو، ھو مونسان گڏ ڪم ڪندو؟ ھن ٻڌايو تہ راج ڪمار سان اڳ ۾ ئي ڳالھائي آيو آھيان. ھن جو خيال هو تہ آئون شايد راج ڪمار سان گڏ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪيان. سڀاش جي ھڪ خوبي اها هئي تہ ھن کي آئوٽ ڊور شوٽنگ ڪرڻ پسند ھئي ۽ منھنجي وڏي ڪمزوري ھئي. سوداگر فلم جي منظرن جي فلمبندي لاءِ ھن ھماچل پرديش جي وادي ڪولو جي چونڊ ڪئي ھئي. سڀاشگئي فلم جي شوٽنگ دوران اداڪارن جو تمام گهڻو خيال رکندو هو، ھو زبردست ميزبان ھو، سڀني جا ناز نخرا برداشت ڪندو هو. اھا ڳالھ عام ھئي تہ راج ڪمار ڪاوڙ جو تمام تيز آھي، صحافي ان خبر جي پٺيان ھوندا ھئا تہ آئون ۽ راج ڪمار پاڻ ۾ وڙھون ۽ اخبار لاءِ ھڪ سٺي خبر ملي. منھنجي خوشقسمتي ھئي تہ تيز طبيعت ۽ وڏائي رکندڙ راج ڪمار مون سان انتھائي پيار واري انداز ۾ ڳالھائيندو ھو. ماڻھو ان کي عجيب و غريب طبيعت جو مالڪ سمجھندا ھئا پر مون ان کي ھڪ سلجھيل ماڻھو طور ڏٺو. ھو غور فڪر، مطالعي جو ذوق رکندڙ ھو پر ھو پنھنجي طبيعت وارو ماڻھو. ڪڏھن موڊ ۾ ھوندو ھو تہ مونسان ڪتابن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو هو. آئون پھرين بہ ان جو ذڪر ڪري چڪو آھيان تہ منھنجي ۽ سائرا جي نڪاح واري ڏينھن سڀ کان پھرين پھتو ھو. آئون ۽ سائرا شادي جي سلور جوبلي ملھائي رھيا ھئاسين، تقريب ۾ سڏيل دوستن ۾ راج ڪمار بہ شامل ھو، ھو اسان جي گھر زال سميت آيو، پر اداڪارن جي رش ڏسي اسان سان ملڻ کانسواءِ ھليو ويو. اسان لاءِ ھڪ خوبصورت طشتري ڏيئي ويو. ان تي لکيل ھو، "لالا ۽ لالي جي جان کي ھي ڏينھن بار بار نصيب ٿئي”. پر اھو بہ سچ آھي تہ راج ڪمار جو انداز ئي نرالو هو، فلم سوداگر جي شوٽنگ تي وڃڻ وقت ھو ڪار ۾ اڪيلو ويھندو ھو، مختلف ڪپڙن، جوتن، وگن ۽ ٻين شين سان ڀريل ٻہ گاڏيون ان جي ڪار جي پويان ھلنديون ھيون، راج ڪمار جي انھي رويي جي ڪري پرپٺ ماڻھو سندس وڏائي ۽ تڪبر جون ڳالھيون ڪندا هئا. پر سڀاشگئي پنھنجي ملازمن کي ھدايتون ڏيئي ڇڏيون ھيون تہ راج ڪمار جيئن چوي تيئن ڪيو. ھڪ ڏينھن شام جي وقت مھابلي ايشور ۾ شوٽنگ واري جڳھ تان غائب ٿي ويو، ملازم ڳولڻ لاءِ نڪتا تہ ھو خطرناڪ جبل جي چوٽي تي ڪرسي رکي ويٺو هو، ڪرسي ان طريقي سان رکيل ھئي ٿوري ئي کسڪي ھا تہ راج ڪمار ھڪ وڏي کاھي ۾ ڪري ھا، سڀاش مونکي پاڻ سان گڏ راج ڪمار وٽ وٺي ويو، مون ڏٺو تہ ھن جي نظر لھندڙ سج تي آھي ۽ ھو ان نظاري مان لطف اندوز ٿي رھيو آھي. اسان ھتان ھتان جون خبرون ڪري ان کي اتان شوٽنگ واري جڳھ تي وٺي آياسين. فلمي دنيا مان پنج سال پري رھڻ کانپوءِ ٻيھر 1981ع کان1984ع تائين مون ڪرانتي، ودھاتا، سوداگر، ڪرما، مشعل وغيره ۾ ڪم ڪيو. انھن سڀني فلمن جي چونڊ جو سبب منھنجو مرڪزي ڪردار ۽ منھنجو پنھنجو اطمينان ھو. مون کي ان ڳالھ تي گھڻي خوشي ۽ اطمينان آھي تہ ذڪر ڪيل مٿيون فلمون ڪامياب رھيون، انھن فلمن پئسو بہ سٺو ڪمايو، پئسي لڳائڻ وارا بہ خوش ھئا، ماڻھن بہ تمام گهڻو ساراهيو، مونکي تمام گهڻي خوشي ٿي ڇو تہ پنج سال فلمي دنيا مان پري رھڻ کانپوءِ سٺو ازالو ٿي ويو. فلم ڪرانتي جي ڪھاڻي آزادي جي تحريڪ تي ٻڌل ھئي،ان وقت ماڻھن ۾ حب الوطني جو جذبو ھو، حب الوطني زندگي جي ھر شي کان وڌيڪ عزيز ھئي. فلم شڪتي جو پلاٽ بظاھر عام ۽ سادو ھو، پر ان جي ڪھاڻي زبردست ھئي. فلم جي ڪھاڻي مونکي سليم خان ٻڌائي ھئي، ھن کان ٻڌم تہ رميش سپي جي ڊائريڪشن ۾ ھي فلم ٺھندي. مون کي محسوس ٿيو تہ ھي فلم ڏسندڙن کي بيحد پسند ايندي، ھن فلم ۾ ٻہ ھيرو ھڪ آئون ٻيو اميتاڀ بچن ھو. فلم ۾ اميتاڀ بچن ھڪ پوليس آفيسر جو پٽ ھوندو آھي ۽ اغوا ٿي ويندو هو، اغوا ڪندڙن جي قيد مان ڀڄي نڪرندو آهي ۽ پوءِ ڏوھاري بڻجي ويندو آهي. ھاڻي پوليس آفيسر پيءُ، پٽ وري ڏوھاري، پيءُ کي پنھنجي آفيسري ڪرڻ سان گڏ ھڪ پيءُ جو بہ فرض بہ نڀائڻو ھوندو آھي. فلم جي باري ۾ رميش مونسان مليو، اسان طويل گفتگو ڪئي. مون ان کي چيو پوليس جي ڊيوٽي ۽ ھڪ پيءُ جو ڪردار، اعلي صلاحيتن جو مالڪ ھڪ نوجوان اداڪار ئي ڪري سگهي ٿو. اميتاڀ بچن ان لحاظ کان بھترين آھي، ٻيو ڪو اداڪار ان وقت موزون نہ ھو. مون اميتاڀ بچن جي چونڊ تي رميش کي مبارڪ ڏني. رميش خوش ٿيو. فلم شڪتي کان ھڪ سال پوءِ مون فلم مشعل تي ڪم شروع ڪيو. ان فلمن جا ڪيترائي منظر ماڻھن جي دل ۽ دماغ ۾ ويھي ويا.انھن فلمن جي ڪجھ منظرن کانپوءِ ھدايتڪارن ۽ اداڪارن پنھنجا معيار ٺاھي ڇڏيا، ذاتي تجربن جي وڏي اھميت ھجي ٿي. جيڪڏهن ڪنھن اداڪار وٽ ذاتي تجربو آھي تہ ھو وڏو خوشنصيب آهي. پر اصل ڳالھ اھا آھي تہ ڪنھن سين ۾ ڪم ڪندي فائنل ٽيڪ ۾ ھو ڪيتري صلاحيت رکي ٿو.

هلندڙ


  1. زندگي جا خوبصورت لمحا-دليپ ڪمار (قسط-۱)

  2. زندگيءَ جا خوبصورت لمحا: دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط-21)


Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close