◼️ ھڪ انڌو فقير گڏھ تي چڙھي ھڪ ڳوٺ مان گذريو.
ھڪ ڳوٺاڻي کيس ڏسي چيو "فقير تو وارَي گڏھ جي نرڙ تي نڀاڳ جي نشاني ٺھيل آھي”
فقيرَ اهو ٻُڌي وڏو ٽھڪ ڏنو ۽ چوڻ لڳو "ابا ڳالھ ٻُڌ، هڪ تہ جتي ڪٿي تو جھڙا لُوسي اچيو مٿي ۾ لڳن، ٻيو تہ انڌو آھيان ۽ ٽيون گڏھ تي چڙھي پنان بہ پيو، تہ پوء ڀلا هيءَ نڀاڳ جي نشاني اڃان منھنجو ڪھڙو آڱوٺو پٽيندي…؟؟”
تہ سائين منھنجا! جنھن بہ ماڻھوء کي چئو تہ ابا ڪورونا آھي، ٿورو احتياط ڪريو.. تہ کلي وراڻي ٿو، تہ سينکيو مليل پاڻي پيئون ٿا، مٽيءَ مليل ڪڻڪ جو اٽو کائون ٿا، جانورن جي آنڊن مان رجيل گيھ کائون ٿا، رنگ ۽ ٻُوري واري مصالحي وارو ٻوڙ کائون ٿا، ڪيميڪل وارو نقلي کير پيئون ٿا…!!! انھن سان ڪونہ ٿا مرون تہ پوءِ ھيءَ ڪورونا ڪھڙو اسان جو آڱوٺو پٽيندي…
◼️ وزير صاحب فرمايو آهي تہ پئٽرول 42 روپيا وڌائڻو هو، پر غريب عوام جو خيال رکندي صرف 26 روپيا وڌايو آهي.. نہ تہ مٿو ئي گار ٿئيوَ ها..
ان تان ياد آيو، تہ پراڻي زماني ۾ هڪ سياڻو ماڻهو هوندو هو، جيڪو مھيني جي تاريخن جو حساب ڪتاب رکندو هو. ڪيلينڊر تہ هئا ڪونہ، سو اٻوجھ ڳوٺاڻا ان کان تاريخ پڇندا هئا. همراھ دَکيءَ ۾ رکيل ڦولهڙيون ڳڻَي، کين تاريخ ٻڌائيندو هو. اصل ۾ وٽس هڪ ٺڪر جي دَکي رکيل هئي، جنهن ۾ پهرين تاريخ تي هڪ ٻڪري جي ڦولهڙي وجهندو هو، ٻي تاريخ تي ٻي….. ايئن روز هڪ ڦولهڙي ڳڻي، علم پيو ونڊيندو هو.
هڪ ڏينهن ڪنھن رولو ٻڪريءَ سندس ڪمري ۾ گهڙي ڦولهڙيون لاٿيون، ڪجهہ تہ هيٺ فرش تي ڪِريون پر ڪجهہ وڃي دکي جي اندر بہ ڪِري پيون.
واپسيءَ تي ڪمري ۾ پکڙيل ڦولهڙيون ڏسي همراھ پريشان ٿيو، ساڳي وقت ڪو ضرورت مند کائنس تاريخ پڇڻ بہ اچي پھتو..
هن دکيءَ ۾ پيل ڦولهڙيون ڳڻڻ شروع ڪيون هڪ، ٻہ، ٽي…… ڇائيتاليھ!
آخر ضرورت مند کي تاريخ ٻڌايائين تہ اڄ ڇائيتاليھين تاريخ آهي!
سواليءَ حيرت مان پڇيو.. تہ سائين ڇائيتاليھين تاريخ بہ هوندي آهي ڇا!!؟
سياڻَي منهن جي پڪائيءَ منجهان جواب ڏنو:
"ميان اڃان تہ ٻُڪ کن ڦولهڙين جو ڪڍيو اٿم، سڀ ڪڍان ها تہ مٿو ئي گار ٿي وڃئي ها!!
◼️ ٻهراڙيءَ جي ڪنھن پرانھين ڳوٺ ۾ هڪ سياستدان جو جلسو هو ، جتي کيس تقرير ڪرڻي هئي.
جڏهن اتي پهتو تہ جلسي گاھ ۾ صرف هڪڙو ڄڻو ويٺل هو.. هڪ هاري، سادڙو انسان. سياستدان اها حالت ڏسي مايوس ٿي چوڻ لڳو "مان تقرير ڪيان يا واپس وڃان؟”
اتي ويٺل هاريءَ وراڻيو "سائين منهنجي گهر ۾ 20 ڍڳا هجن، مان کين چارو وجهڻ وڃان ۽ خبر پوي تہ 19 ڍڳا اتي ناھن پھتا، ان صورت حال ۾ ڇا مان هڪ ڍڳي کي بہ چارو نہ وجهان؟ کيس بک ماريان؟”
سياستدان هاريءَ جو هي بهترين جواب ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو، سامهون ٺهيل اسٽيج تي چڙهي ويو ۽ مسلسل ٻہ ڪلاڪ پُر جوش تقرير ڪيائين…
نيٺ تقرير ختم ڪري هيٺ لٿو ۽ هاريءَ کي چيائين” تنهنجو ڍڳن وارو مثال مون کي ڏاڍو وڻيو… توکي منهنجي تقرير ڪيئن لڳي..؟”
هاري هٿ ٻڌي چيو "صاحب 19 ڍڳن جي غير موجودگيءَ ۾، ويھن ئي ڍڳن جو چارو هڪ ڍڳي کي نہ ڏجي.. ايترو عقل ته مون ۾ به آهي، پر تو ۾ تہ…………………”