اگهم ڪوٽ: تاريخ جي روح جي پڪار

محمد اشرف لغاري

جڏھن کوٽائي کان پوءِ پھريون دفعو موھن جي دڙي جا آثار دنيا اڳيان ظاھر ٿيا ھئا تہ دنيا دنگ رھجي وئي ھئي، ڇاڪاڻ تہ جنھن وقت سنڌين موھن جي دڙي جو ايڏي ترتيب سان بنياد رکيو ھو، ان وقت دنيا جا ماڻھو اڃا غارن ۾ رھندا ھئا، ڪپڙي جي بجاءِ وڻن جي پنن سان اوگهڙ ڍڪيندا ھئا، اناج بجاءِ وڻن جا پن ۽ شڪار ڪيل جانورن جو ڪچو گوشت کائيندا ھئا. ان وقت سنڌ ۾ ڦيٿو ايجاد ٿي چڪو ھو، ڪڻڪ ۽ ڪپھ جا فصل پوکيا ويندا ھئا.

سنڌ ۾ موھن جي دڙي کان علاوه ٻين بہ ڪيترن ئي تاريخي شھرن جا آثار ملن ٿا، جن مان گهڻن کي مڪمل طور تي نظرانداز ڪيو ويو آھي، انھن ۾ اگهم ڪوٽ جا تاريخي آثار بہ اچي وڃن ٿا، ھي آثار تعلقي ماتلي جي ٻئي نمبر وڏي شھر ڪپھ، ڪڻڪ، ڪمند، ٽماٽي، مرچ ۽ سرنھن جي وڏي واپاري مرڪز گلاب لغاري کان ھڪ ڪلوميٽر اتر طرف موجود آھن.

ھن شھر جو بنياد ڪڏھن پيو، ھتي ڪھڙين ذاتين ۽ قبيلن جا ماڻھو رھندا ھئا ۽ ڪھڙيون ٻوليون ڳالھائيندا ھئا، سندن گذر سفر جا ذريعا ڪھڙا ھئا، ان لاء پڪ سان ڪجهہ نٿو چئي سگهجي ڇو تہ ان تي ماضي جون سموريون تاريخون بي سڌ آھن. ھن شھر لاء شيخ محمد سومار، محمد حسين ڪاشف، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ابوبڪر شيخ ۽ ٻين جي لکتن موجب ھن شھر جو بنياد راجا اگهم لوھاڻي وڌو ھو، ھي شھر سنڌوء دريا جي ھڪ وھڪري ’سانگري دريا‘ جي اولھندي ڪناري تي آباد ھو ، جنھن کي مقامي ماڻھو ڍورو سڏيندا ھئا ، ھن شھر جا ماڻھو ٻين ملڪن، علائقن سان واپار ٻيڙين ذريعي ڪندا ھئا، جنھن جي ثابتي پتڻ واري مسجد جون بچيل ديوارن ڏين ٿيون.

ھي آثار ٻن حصن ۾ ورھايل آھن، ھڪ حصي ۾ ڪيترن بزرگن، اوليائن، عالمن، استادن ۽ اميرن جا مقبرا ۽ قبرون آھن تہ ٻئي حصي ۾ وري مٽي جي نہ کٽندڙ دڙن جو سلسلو، اھي مٽي جا دڙا مالڪي نہ ٿيڻ ڪري سم ۽ ڪلر جي ور چڙھي پنھنجو وجود وڃائي رھيا آھن. ھنن آثارن ۾ سڙيل ڪپھ جا وڏا تھ، سڻي ۽ سڙيل سارين جا تھ بہ تمام گهڻي تعداد ۾ ملن ٿا، جيڪي اھا گواھي ٿا ڏين تہ اھي فصل ھتي عام جام ٿيندا ھئا. ان کان علاوه ، مٽي جون ٺھيل سارين ڏرڻ واريون جنڊيون، مٽي جا ٿانوَ، چٽسالي سان ٺاھيل ٺڪر جا رانديڪا، بلور، جانورن جون شڪليون، ٽامي ۽ پتل جا سِڪا، سڙيل لوھ جا ٽڪرا، سيمنٽ (چيرولي) جي ڪارخاني يا بٺي جا نشان پڻ لڌا ويا آھن.

ھنن آثارن کان چئوطرف ملندڙ ٺڪرال ۽ مٿانھين ٻنين کي ڏسي اندازو لڳائي سگهجي ٿو تہ ھن شھر جي پکيڙ موجوده آثارن کان تمام گهڻي ھئي، جنھن کي پوءِ ھموار ڪري پوکي لائق بنايو ويو ھجي. 1932 ۾ سکر بيراج ٺھڻ کان پوءِ جڏھن اڃا ڪيميائي ڀاڻ نہ آيا ھئا تہ ماڻھو ھنن آثارن مان سڙيل ڦلھيار کڻي ٻنين ۾ ڀاڻ طور استعمال ڪندا ھئا.

ھن شھر ۾ ڪيتريون اھڙيون ڳالھيون بہ ٿيون، جيڪي اڳتي ھلي چوڻيون ۽ پھاڪا بنجي ويون. اسان جي جي تر گلاب لغاري ۽ آسپاس ۾ گهڻو ڪري ڊڄڻي ماڻھو کي ’ماڪو‘ سڏيو وڃي ٿو، ان جو پس منظر ڪجهہ ھينئن آھي تہ جڏھن ابن قاسم سنڌ تي حملو ڪيو ھو ان وقت اگهم ڪوٽ جي آڳ واڳ موڪي بن وسائي وٽ ھئي، ان کي جڏھن خبر پئي تہ عربن جو لشڪر اگهم ڪوٽ ڏي پيو اچي تہ ان اگهم ڪوٽ کان ڏھ ٻارنھن ڪلو ميٽر اوڀر طرف جهم جي تڙ تي سندس آڌرڀاءُ ڪري منھن گهريو ڏن قبوليو ھو. ان ڪري ئي ھن علائقي ۾ ڊڄڻي ماڻھو کي ماڪو سڏيو وڃي وڃي ٿو.

ان کان سواءِ وتائي فقير لاءِ بہ ٻہ روايتون مشھور آھن. ھڪ روايت اھا آھي تہ پاٽولي ميمڻ جيڪي مخدوم اسماعيل رحه جا مريد ھئا ۽ پٽ جو ڪاروبار ڪندا ھئا، انھن جي ڪنھن عورت ٻار جو ڪاڪوس ماني سان صاف پئي ڪيو ۽ فقير ان کي ڏسندي چيو ھو تہ ڪنديون اگهم ڪوٽ جون ميمڻياڻيون ۽ لوڙينداسين آئون ۽ امان.. ٻي روايت آھي تہ جڏھن شھر جي جامع مسجد ٺھي راس ٿي ھئي تہ فقير چيو ھو تہ مسجد سڳوري جڙي تہ راس ٿئين پر سڪندئين سجدي لاءِ.. لڳي بہ ائين ٿو تہ جلدئي شھر تباھ ٿي ويو ۽ مسجد سڳوري ۾ ڪابہ باجماعت نماز نہ ٿي ھجي. ھي مسجد سطح زمين کان 20 فوٽ مٿي ٺھيل آھي، اھو بہ پنھنجي جاءِ تي ھڪ وڏو سوال آھي. ھاڻي مسجد جي محراب واري ديوار سميت سموريون ديوارن ڪري چڪيون آھن، پٿر تي خوبصورت ٽڪ ذريعي ٺھيل مسجد جو محراب بہ ھاڻي ننڍن ننڍن پٿرن جي صورت ۾ ٽڙيو پکڙيو پيو آھي.

ھن شھر جي تباھي لاءِ چيو وڃي تہ ھي شھر مدد خان پٺاڻ ڦرلٽ ڪرڻ بعد باھ ڏيئي ساڙيو ھو، جي ائين آھي تہ پوء ھي شھر 80-1779 ۾ تباھ ٿيو ھو، جڏھن ڪلھوڙن جي آخري نااھل حڪمران ميان عبدالنبيءَ ڪلھوڙي جي جي نااهلي سبب سندن مريدن ۽ فوجي ٽالپرن کانئس حڪومت ڦري ورتي ھئي ۽ ھو بادشاھي واپس وٺڻ لاء افغانستان مان مدد خان افغان جي اڳواڻي ۾ ڪرائي جا فوجي وٺي آيو ھو، مدد خان جي فوج گهوڙن تي سوار ھئي، ان ڪري ئي ڊپ ۽ تڪليف وارين حالتن ۾ ’گهوڙا ڙي گهوڙا‘ واري چوڻي وجود ۾ آئي۔ مدد خان سنڌ ۾ داخل ٿيندي ئي ميان عبدالنبي ڪلهوڙي کان خرچ لاء پئسن جي گُهر ڪئي جيڪي ھو ڏيئي نہ سگهيو، ان ڪاوڙ ۾ مدد خان سنڌ جي ڪيترن ئي شھرن مان ڦرلٽ ڪري شھرن جا شھر ساڙي ٻاري واپس ھليو ويو. انھن تباھ ڪيل شھرن ۾ بکر، نصرپور، بڪيرا شريف، ساندو، شاھ ديوانو ل، تلھار، بدين ۽ ٺٽي جا شھر شامل آھن، جن مان ڪي شھر وري آباد ٿيا ۽ ڪي ھميشہ لاءِ ويران ٿي ويا.

اگهم ڪوٽ جي آثارن ۾ آبادي واري حصي جي مٽي دڙن ۾ موجود انساني جسم جي عضون کي ڏسي لڳي ٿو تہ ھن شھر کي ڪو وڏو ڪوٽ آيل ھو ۽ ڪاھ وقت ان جا دروازن وارا لنگهہ بند ڪري ڦرلٽ ڪرڻ بعد باھ ڏيئي سڄو شھر جيئرن انسانن سوڌو سڙي رک ٿي ويو ھو. شھر جي تباھ ٿيڻ کان پوءِ اڄ تائين نہ ڪا تحقيق ڪرائي وئي آھي ۽ نہ ئي آثارن کي بچائڻ لاء ڪي اُپاءَ ورتا ويا آھن.

ھتي جيڪي بزرگ دفن ٿيل آھن، انھن ۾ مخدوم محمد اسماعيل اگهم ڪوٽي، جنھن جو تمام وڏو ديني مدرسو ھلندو ھو، جنھن ۾ ھڪ ئي وقت ھزارين طالب ديني تعليم پرائيندا ھئا، جن جو کاڌي پيتي ۽ ڪپڙي گندي جو سمورو خرچ مخدوم صاحب پاڻ ڀريندو ھو. ارغون حڪمران شاھ حسن ارغون بہ سندس شاگردن مان ھو. مخدوم محمد اسماعيل سان گڏ سندس پٽ مخدوم حامد الله، مخدوم يحيٰ ۽ مخدوم ابوالقاسم پڻ ساڳئي مقبري ۾ دفن آھن. حضرت مخدوم محمد اسماعيل جي مقبري کان ٿورو ڏکڻ طرف سيد محمود شاھ سھروردي جو مقبرو آھي، جيڪو ڪجهہ سال پھرين تائين زبون حال ھو ، پوء ھڪ الله لوڪ انسان سائين محمد عمر سمون، پنھنجي پينشن جي پئسن مان ھن بزرگ جو مقبرو، حضرت مخدوم محمد اسماعيل رحه جي مقبري، سندس مقبري اڳيان ٺھيل مسجد ۽ مخدوم صاحب جي مقبري ڏي ايندڙ راھداري جي مرمت ڪرائي کين نئون ڪرائي ڇڏيو ھو. مخدوم صاحب جي مقبري جي اتر طرف پير حسين شاھ جيلاني جي درگاھ آھي، جنھن ۾ سندس خاندان جا ڪيترائي بزرگ آرامي آھن،ل. ان کان اتر طرف ڪجهہ مفاصلي تي مخدوم صاحب جي نياڻي بيبي عائشہ المعروف بيبي عيص جو ماڙي نما ڪچو مقبرو آھي، جنھن ۾ ھن علائقي جو ڪوبہ مرد احترامن ڪڏھن بہ اندر ناھي ويو ، جنھن جون علائقي ۾ ڪافي ڪرامتون بہ مشھور آھن. اتي ئي ڀر ۾ حضرت اسلم شاھ بخاري جي بلڪل ڪِرِي وجود ئي وڃائي ويل مقبري جا نشان، مشھور جنرل سعيد خان لغاري (مندواڻي) جو زبون حال مقبرو، ان کان ڏکڻ طرف حضرت شاھ اسماعيل قريشي جو مقبرو پڻ موجود آھي. مخدوم صاحب جي ڏکڻ طرف پندرھين صدي جي تمام وڏي بزرگ سيد ابن شاھ بخاري جو چوڪنڊي نما مقبرو آھي، جنھن ۾ سندس خاندان جا ٻيا بہ ڪيترائي ڀاتي مدفون آھن. انھن کان سواءِ ھتي ٻين بہ ڪيترن ئي بزرگن جون مزارون آھن، جن ۾ لطيف سائينءَ کان بہ اڳ جو صوفي شاعر ۽ بزرگ پير لطف الله قادري، جنھن جي مزار لاء ڪو بہ ٻڌائڻ وارو ناھي. ڪوري فقير جي قبر مخدوم صاحب جي مقبري جي اولھندي پاسي لڳو لڳ آھي، ھن فقير جي ڪرامتن جو ذڪر محمد حسين ڪاشف صاحب پنھنجي اگهم ڪوٽ تي لکيل مقالي ۾ ڪيو آھي.

ان کان سواءِ سيد فقير متعلوي، مخدوم صدو موھليو، شيخ نورالدين سيوستاني، درويش سليمان، درويش عمر بودلو، حمزو پرھياڙ، خليفو محمد شريف، سيد يونس شاھ، سيد مريد علي شاھ، احمد فقير گابار جنھن جو پڻ ھتي تمام وڏو ديني مدرسو ھو، انھن سڀني کان الڳ ڏکڻ طرف حضرت شاھ عبدالمجيد (شاھ باجي) جو مقبرو آھي، جيڪو ڳپل وقت اڳ صفا ڪِرڻ تي ھو تہ گلاب لغاري جي لوھاڻا ڀائرن جيڪي ھن بزرگ جا تمام وڏا متعقد آھن، انھن ھن جي مقبري جي مرمت ڪرائي نئون ڪرائي ڇڏيو ھو. ھن بزرگ لاءِ چيو وڃي ٿو تہ اصل پاڪپتڻ جو ۽ بابا فريد شڪر گنج جو ڀاڻيجو ھو، حضرت مخدوم محمد اسماعيل جي بزرگيءَ کان متاثر ٿي ھتي آيو ھو، پوء ھميشہ لاءِ ھتان جو ٿي ويو. حضرت شاھ عبدالمجيد جي مقبري سان لڳولڳ اتر طرف ھڪٻئي بلڪل ختم ٿي ويل مقبري جا نشان آھن، جنھن جي باري ۾ ھاڻي ڪوبہ ڪجهہ ٻڌائڻ وارو ناھي رھيو.

ھنن آثارن ۾ جامع مسجد، پتڻ واري مسجد کان علاوه آثارن مان ٺھيل محبوب خان سريوال جي ڳوٺ واري روڊ جي ڏکڻ طرف لڳو لڳ بہ مسجد جا آثار موجود آھن. ٽن گنبذن واري مسجد جون باقي وڃي سرون بچيون آھن، سڀ کان وڌيڪ عبرت ۾ وجهندڙ ڳالھ ھيءَ آھي تہ ھنن آثارن ۾ ڪيتريون ئي مسجدون تہ ملن ٿيون ، پر ڪنھن کي بہ ٻڌمت ۽ ھندو ڌرم جي عبادت گاھ جا نشان نٿا ملن، جڏھن تہ راء گهراڻي وارا ۽ لوھاڻا ھن پرڳڻي جا حاڪم رھيا آھن.

ھتي ست درس فقير جي ست ئي ٻوڙا ھئا، اھي بہ ھتي دفن آھن جن لاءِ مشھور آھي تہ درس ٻوڙا عرش جا گهوڙا. ھتي ھڪ عورت جو پٿر تي تراشيل اڍائي فوٽن ڊگهو قبر جو ڪتبو بہ موجود آھي، جنھن تي سندس نالو ۽ وفات جو سن فارسي ۾ ھينئن لکيل آھي ، ”بيبي مابم تاريخ فوت غرہ شعبان بروز دو شنبہ وقت نماز سنه ۱۷۰ ط“ ھي ڪتبو وقت جي بيرحمي ۽ احمق نوجوانن جي بيوقوفي سبب جيڪي ھن ڪتبي واري پٿر کي کڻي زورآزمائي ڪندا ھئا، ٽُٽي ٻہ ٽڪر ٿي ويو آھي. (ياد رهي تہ بيبي ماھم جي حوالي سان تاريخ کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان بہ تحقيق وقت جي اشد ضرورت آھي)

ھتي ٻہ بلڪل الڳ نموني جون قبرون بہ موجود آھن، جن جي سيراندي ۽ پيراندي کان پٿر جا خوبصورت تراشيل پٿر اڀا کتل آھن ۽ مٿان ٽڪنڊا چار فوٽ ڊگها تراشيل پٿر رکيل آھن. ھتي ھڪ ڪچي قبر اھڙي بہ آھي، جنھن تي ٻارنھن نسلن جو شجرو لکيل آھي. اجڙي ويل شھر جي جامع مسجد جي خوبصورت محراب جا پٿر ٽڙيا پکڙيا پيا آھن، جن کي سھيڙي اصل صورت ۾ آڻي محفوظ ڪرڻ جي ضرورت آھي، ان لاء ڪجهہ وقت اڳ لاڙ ميوزيم جي اعزازي سيڪريٽري محترم ابوبڪر شيخ کي عرض ڪيو ھئم پر افسوس نہ اڃا تائين لاڙ ميوزيم جي عمارت ٺھي ۽ نہ ھي ڪتبو محفوظ ٿيو.

ھتي دؤر حاضر جا ٻہ تمام وڏا استاد شعور ۽ علم جي روشني پکيندڙ استاد سائين احمد علي لغاري ۽ ڪريم بخش لغاري بہ آرامي آھن.

ماضيءَ جو ھي خوبصورت ماڳ تمام تيزي سان پنھنجو وجود وڃائي رھيو آھي، پر بچائڻ وارو ڪوئي ناھي. ھاڻوڪو ڊي سي ۽ اڳوڻو آرڪيالاجي جو ڊائريڪٽر ڪليم لاشاري فرانسيسي سياحن سان گڏ ھتي گهمڻ لاءِ آيا ھئا، تڏھن سندس عھدي کي نظر ۾ رکندي ھنن آثارن کي بچائڻ لاء عرض ڪيو ھئم، ان وقت تہ موصوف وڏا واعدا ڪيا ھئا پر ھتان وڃڻ کان پوءِ کين ڳالھ ئي وسري ويئي.

افسوس اھو آھي تہ ھنن آثارن جي سرڪاري طرح ڪابہ مالڪي ناھي ٿي. 1991 ۾ جڏھن منھنجي اک جو آپريشن ٿيو ھو تڏھن ان وقت جو سنڌي پورھيت سنگت جو مرڪزي صدر علي نواز ٻُٽ صاحب ۽ شاگرد اڳواڻ ڊاڪٽر مير عالم مري منھنجي طبيعت پڇڻ آيا ھئا، تڏھن ھنن آثارن کي ڏسي ڏاڍا متاثر ٿيا ھئا ۽ پوء ٻنھي ڌار ڌار مضمون پڻ لکيا ھئا. ھاڻي جڏھن ھي آثار سم ۽ ڪلر جي ور چڙھي، چؤديواري ۽ حفاظت نہ ھئڻ ڪري پنھنجو وجود وڃائي رھيا آھن، تڏھن آئون سنڌ جي سڀني گَهڻگُهرن، تاريخدانن ، ليکڪن ، دانشورن ۽ صحافين کي عرض ٿو ڪريان تہ پنھنجي حصي جو ڪردار ادا ڪري ھنن خوبصورت تاريخي آثارن بچائڻ ۾ اسان جي مدد ڪن.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close