سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ بقا ايڪيھين صديءَ جي سنڌين لاءِ جياپي جي جنگ وانگر لازم ٿي پئي آھي. سائين محمد ابراھيم جويو سچ لکي ويو ته ڪنھن به قوم جو وجود اُن جي ٻوليءَ سان ھوندو آھي (مھراڻ؛ 1964ع). سنڌي ٻولي دنيا جي گولي تي وسندڙ ڪروڙين سنڌين جي سُڃاڻپ آھي، جيڪا پنھنجي وشال پيٽ ۾ ڪيترن ئي لھجنDialectics کي سانڍيندي پئي اچي. اُن جو صدين پراڻو تاريخي پسمنظر رکندڙ، مختصر ۽ جامع لفظن سان ڀرپور، نھايت ئي وڻندڙ ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ”ڪوھستاني لھجو“، سنڌ جي ڪوھستاني پٽيءَ ۾ ڳالھايو ويندو آھي. جيئن نئون نسل وڏو پيو ٿئي ۽ پراڻي نسل جا ماڻھو گھٽجن پيا، تيئن ڪوھستاني لھجي کي وڌيڪ خطرا محسوس ٿي رھيا آھن، ڇاڪاڻ ته ھر جھوني شخص جي وفات سان گڏوگڏ اُن جي لوڪ، ڏاھپ يعني ذاتي تجربا، ٻوليءَ جا نج لفظ ۽ انھن کي اُچارڻ جا انداز به دفن ٿيو وڃن. جديد سماجي رابطن جي ويب سائيٽن ۽ گوگل جي گھڻي استعمال، ڪوھستان جي شھري توڙي ٻھراڙي جي اسڪولن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ماھر استادن جي نه ھجڻ ۽ سنڌي ٻولي نه پڙھائڻ جي ڪري ڪوھستاني لھجي بابت ھڪ مفروضو چئي سگھجي ٿو ته سنڌ جا ايندڙ نسل، ڪوھستاني لھجي بابت مڪمل اڻڄاڻ ھوندا ۽ ڪوھستان سان تعلق رکندڙ لکين ماڻھن جا ٻار مستقبل ۾ اردو ملاوٽ واري سنڌي ڳالھائيندا. اچو ته! ڪوھستان جي زميني حقيقتن کي سامھون رکي سنڌي ٻوليءَ جي مستقبل بابت سوچيون. سنڌ جي ڪوھستان جي گھڻي ڀاڱي ھر ڳوٺ ۾ اسڪولن جون عمارتون بايو مئٽرڪ جي اڻپوري ۽ ٿاڦيل نظام جي ڪري بند پيل ملنديون. ڪجھ ڳوٺن ۾ تعليم بابت ڪا نه ڪا ڪامياب ڪھاڻيSuccess Story ٻڌڻ لاءِ ملندي، جيڪا اُن ڳالھ جي شاھدي آھي ته انھن ڳوٺن اندر ماضيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي معياري تعليم ھئي، جڏھن ته ڪوھستاني شھرن ۾ تعليمي ادارا ۽ يونيورسٽيون ضرور ملنديون، پر انھن مان 75 سيڪڙو ادارن ۾ سنڌي ٻولي پڙھائڻ جو رواج ئي ناھي، يا جيڪڏھن سنڌي پڙھائي به وڃي ٿي ته اھا به صرف نالي ماتر، خانه پوري ڪرڻ خاطر غير سنڌي استاد پڙھائين ٿا، جن کي پاڻ سنڌي ٻولي ڳالھائڻ ئي نٿي اچي، جنھن جي ڪري ڀر وارن ڪوھستاني ڳوٺن ۾ رھندڙ سنڌين جي مٿان وڏا اثر پون ٿا. ڪوھستان جا ڪجھ ماڻھو ته ڄاڻي واڻي پنھنجن ٻارن کي انگريزي ۽ اردو ميڊيم جي اھڙن نجي ادارن ۾ پڙھائي رھيا آھن، جن ادارن اندر شاگردن ۽ استادن جي سنڌي ٻولي ڳالھائڻ، لکڻ ۽ پڙھڻ تي سخت پابندي ھوندي آھي. اھڙن چند والدين کي اُھو ٻڌايم ته دنيا جي ھر سڌريل قوم اُھا مڃي ٿي ته انسان جي ترقي سکيا تي مدار رکي ٿي ۽ سکيا جو عمل وري مادري ٻوليءَ ۾ سولو ۽ دائمي ٿئي ٿو، پر توھان پنھنجن ٻارن کي اباڻي ٻولي ۽ لھجو ڇو نٿا سيکاريو؟ انھن ٻڌايو ته اُھي مجبور آھن، ڇو ته انھن جي ويجھو سنڌي ٻوليءَ جا معياري ادارا آھن ئي ڪونه، جتي ھو ٻارن کي پڙھائي سگھن.
اھڙي ماحول ۾ جڏھن ڪو ٻار سنڌي ٻولي پڙھي به نه سگھي ۽ ڪوھستاني لھجو صرف مائٽن وٽان ٻڌي ته ظاھر آھي، اھڙو ٻار آھستي آھستي اڳيان ھلي پنھنجو لھجو وساري ڇڏيندو، ڇو ته سندس چئني طرفن کان غير سنڌي ڌارين جي لوڌ آباد ٿي رھي آھي، جيڪا سنڌ جي سياسي ۽ سماجي حالتن جيان سنڌي ٻوليءَ جي سڀني لھجن مٿان به اثرانداز ٿي رھي آھي. ڪوھستاني پٽي جيئن ته سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ ۾ به اچي ٿي، ان ڪري ڪوھستاني لھجو سنڌي ٻوليءَ جي مڙني لھجن ۾ سڀني کان گھڻو خطري ۾ آھي. مذھب جي آڙ ۾ آيل لوڌ ھجي يا آمريڪا کي ماضيءَ ۾ افغان جنگ ۾ ڏنل سھولتن جي نتيجي ۾ آيل لکين افغاني ھجن. سنڌ ۾ اھڙن ڌارين کي گھڻي ڀاڱي ڪوھستان ۾ رھايو ويندو آھي، جنھن جي ڪري اتي جي اصلوڪن رھاڪن جي ٻوليءَ ۾ به ”بگاڙ“ اچي رھيو آھي. ڪراچي جي ڳوٺن ۾ قائم اڪثر مدرسن ۾ ته سنڌي ٻولي پڙھائڻ تي پابندي لڳل آھي، ڇو ته استاد پاڻ به غير سنڌي آھن، جن سنڌي ٻارن کي سنڌي ٻوليءَ کان پري رکڻ لاءِ وڏي سوچيل ۽ سمجھيل سازش تحت ڪم ڪرڻ جي شروعات ڪري ڇڏي آھي. پرائمري تعليم جو ڪوھستان جي لھجي مٿان ھر دور ۾ ھاڪاري اثر پيو آھي. ھتي آئون صرف پنھنجي ئي ڳوٺ مالماڙي ڪوھستان جو مثال ڏيندس، جتان ماضيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جا ناليوارا اديب جھڙوڪ: عبدالعزيز جوکيو، محمد الياس ھمغم جوکيو، جان محمد جانباز ۽ عابد سروري وغيرہ پيدا ٿيا، جيڪي سڀ پرائمري استاد ھئا. ماضيءَ جي ”سھولتن کان وانجھيل مالماڙي ڳوٺ“ ۾ پنج پرائمري اسڪول ڪاميابيءَ سان ھلي رھيا ھئا، پر اڄ ”زندگيءَ جي مڪمل سھولتن واري مالماڙي“ ۾ صرف ھڪ نالي ماتر پرائمري اسڪول ھلي رھيو آھي. مالماڙيءَ جي ماضيءَ ۾ ماڻھو ھتان کان ڪوھستاني لھجي واري تعليم حاصل ڪري ڏيھ توڙي پرڏيھ ۾ وڃي استاد ٿيا. اڄ اتي جا ٻار ڪوھستاني لھجي کان بيخبر آھن، ڇاڪاڻ ته پرائمري اسڪول بند پيا آھن، جنھن جي ڪري ڪافي ٻار تعليم کان وانجھيل آھن، جيڪي پڙھن به پيا، سي به ٺٽي جي نجي اسڪولن ۾ ويندا آھن، جتي جي سنڌي ٻولي سيکاريندڙ استادن کي خود ”ڏ“، ”ڻ“ ۽ ”ڱ“ جا اکر ۽ انھن جا اُچار وٺڻ به نٿا اچن ته اھڙن اسڪولن مان پڙھندڙ ٻارن کي مستقبل ۾ ڪوھستاني لھجو ڳالھائيندڙ ڪيئن ٿو چئي سگھجي؟
سموري ڪوھستان جي اسڪولن جي ساڳي حالت آھي، ڇو ته حڪومتي غلط پاليسين جي ڪري گذريل 8 ورهين کان سنڌ ۾ پرائمري ۽ ھاءِ اسڪول ٽيچرن جي ڀرتي نه ٿيڻ ڪري ۽ سنڌ جي ڏورانھن ڪوھستاني علائقن ۾ مقامي استادن جي رٽائرمينٽ جي ڪري سوين اسڪول بند ٿي چُڪا آھن. اُن سڄي منظر کي ڏسي اسان کي سنڌي ٻوليءَ جي ڪوھستاني لھجي جي جياپي بابت فڪرمند ٿيڻ کپي. ھاڻي ضرورت اُن ڳالھ جي آھي ته سنڌي ٻوليءَ جي ڊجيٽلائيزيشن تي ڪم ڪندڙ ماھر ڪوھستاني لھجي کي محفوظ ڪرڻ خاطر سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري سان گڏجي اھڙي سماجي شعور ڏيڻ واري حڪمت عملي تيار ڪن، جنھن سان ڪوھستاني ٻارن ۾ سنڌي سکڻ جو شوق پيدا ٿئي ۽ سندن تاريخي لھجي بابت کين ڄاڻ ڏجي ته جيئن جديد وقت جي تقاضا مطابق اُھي به ايندڙ نسل تائين پنھنجي لھجي کي سولائي سان منتقل ڪري سگھن، جيڪا ڳالھ برک ڏاھي علامه آءِ آءِ قاضي به اسان کي 1965ع ۾ سمجھائي ھئي ته ٻوليءَ جي بقا سماجي شعور سان ئي لاڳاپيل آھي. انڪري ٻوليءَ جي بقا جو اونو سڀني کي ھئڻ کپي.