چمچاگيريءَ جي موسم

الطاف شيخ

ملائيشيا ۾ ڏٺو وڃي ته سڄو سال هڪ ئي مند رهي ٿي. ڪن ملڪن ۾ فقط سيارو ۽ اونھارو يعني سيءُ يا گرمي ٿئي. ڪن ملڪن ۾ خاص ڪري ايران ۽ ميڊيٽرينين سمنڊ جي ڪناري وارن ملڪن لبنان، اسرائيل، ترڪي ۽ يونان وغيره ۾ واضح طور ٽي ٽي مھينا اونھارو، سرءُ، سيارو ۽ بھار اچي ٿي. انهن مندن ۽ رُتن کان علاوه ٻيون به ڪيتريون مندون ٿين ٿيون. هڪ اهڙي مند جي شيخ اياز به ڳالھ ڪئي آهي:
”مون مُرڪي پنهنجو پانڌ جهليو،
رُت آئي ڳاڙهن ٻيرن جي۔۔۔“
تاج بلوچ چيو ته ڳاڙهي (سرخ) رنگ مان شيخ اياز جو مطلب انقلاب آهي. هو انقلاب جي مند اچڻ جي ڳالھ ٿو ڪري.

اسان جي اسڪولي زماني جي دوست، سيوهڻ جي برگيڊيئر زين العابدين شاھ جي چواڻي، سنڌ ۾ هڪ ٻي مند به ايندي آهي، ”جڏهن سنڌ جا وڏيرا جون جي گرم مهيني ۾ برقعي جھڙي ڪلف لڳل اڇي شلوار قميص ۾ سنڌ جي اندرین علائقي مان ڪراچيءَ ايندا آهن ۽ هو سنڌ سيڪريٽريٽ جي آفيسرن وٽ يا انهن ۾ ڪم ڪندڙ آفيسرن جي گهرن جي ڳولا ۾ ڊفينس سوسائٽي ۽ ڪلفٽن جھڙن علائقن ۾ خوار پيا ٿيندا آهن. سندن جسم مان پگهر جي ۽ سندن ڪپڙن ۽ پجيرو ٽائيپ گاڏين مان ڪئلشيم ڪاربائيڊ جي ڌپ پئي ايندي آهي. اها ”چمچاگيريءَ“ جي مند هوندي آهي، جڏهن هو انبن جا کوکا کڻي ورهائيندا وتندا آهن. ڪيترن کي ته پنهنجا باغ به نه هوندا آهن، ته به سبزي منڊيءَ مان انبن جا کوکا وٺي مٿانئن پنهنجي نالي جو پنو هڻي سرڪاري ڪامورن کي خوش ڪندا آهن“

اسانجو هڪ ڪامورو دوست جڏهن ڪراچي بدلي ٿي آيو ته هن کي به انبن جي موسم ۾ جام کوکا مليا. اسان ڪلاس ميٽن کي گهرائي چيائين کڻي وڃو. ”منهنجا ٻار ٻچا اڃا نه آيا آهن آئون اڪيلو ڪيترا کائي ڪيترا کائيندس.“

وري ٻيو سال ٿيو ته اسان کي انبن لاءِ فون ئي نه ڪيائين. هڪ ڏينهن اوچتو گڏجي ويو. بيشرم ٿي چيومانس ”سڀ ڪلاس ميٽ تو لاءِ پيا چون ته گذريل سال انبن جون ٽي ٽي چار چار پيتيون ڏنائين، هن سال هڪ به نه ڏني اٿس. فئملي اچي وئي آهي ڇا؟“

”نه يار اها ڳالھ ناهي. هاڻ اها نوڪري نه رهي آهي.“ هن ٿڌو ساھ کڻي چيو

”ڇو خير ته آهي،“ مون پڇيومانس، ”سرڪاري نوڪريءَ مان توکي ڪڍي ڇڏيائون ڇا؟“

”نوڪري ۽ گريڊ ته ساڳيو ئي آهي،“ هن ٻڌايو، ”پر کاتو ٻيو ٿي ويو آهي. اسان جا وڏيرا به لاھ ته آهن۔۔ گذريل سال روينيو ۾ هوس ته هر هڪ پئي چمچاگيري ڪئي ۽ هاڻ پاپيوليشن پلاننگ ۾ آيو آهيان ته ڪو کنگهي به ڪونه ٿو.“

ڪو شايد سمجهي ته هن ڪوڙ ڳالهايو هوندو پر ائين نه آهي. انبن کي زوريءَ ۽ جلدي پچائڻ لاءِ هڱ جهڙي فائول ڌپ وارو ڪيميڪل ”ڪئلشيم ڪاربائيڊ“ انبن جي پيتين ۾ وجهي، سنڌ جا وڏيرا گهڻو تڻو انب، سرڪاري ڪامورن جو ماڻهو ڏسي نه پر سندن کاتو ڏسي ڏيندا آهن. تڏهن ته اسان جي هڪ غريب ۽ شريف سرڪاري آفيسر کي ڪنهن پڇيو به نٿي. پر جيئن ئي هو هوم ڊپارٽمينٽ ۾ بدلي ٿي آيو ته سڀڪو سلامي پيو ڀري. حيدرآباد جو هڪ وڏيرو جنهن کي هي آفيسر هيترو وقت ائين ئي لڳو ٿي، اهو به هن وٽ انب کڻي آيو. بلڪ مون کان سندس گهر پڇي مون سان گڏ هن وٽ آيو. ٻي سال به انبن جي کوکن سان هن وٽ حاضر اچي ٿيو. ٽئين سال کانئس شايد ڳالهه وسري وئي سو ٻه دفعا ياد ڏياريومانس ته به نه آيو. پوءِ خبر پئي ته اهو سرڪاري آفيسر هاڻ هوم ڊپارٽمينٽ ۾ نه رهيو آهي.

هونءَ باغ جو ميوو ورهائڻ لاءِ چوندا آهن ته سوچي سمجهي دوست يار کي سوکڙي طور ڏجي ۽ هڪ دفعو ڏيڻ بعد پوءِ هر سال ڏجي. ان تي خبر ناهي ڪيترا وڏيرا يا باغن جا مالڪ عمل ڪن ٿا پر اسان جا ٻه ڪلاس ميٽ ٽنڊو قيصر جو رئيس نور احمد نظاماڻي ۽ ڪوٽ غلام محمد جو رفيع ڪاڇيلو اهڙا آهن جن گذريل پنجاھ سالن ۾ هڪ دفعو به ناغو نه ڪيو آهي. مرحوم رفيع ڪاڇيلو پاڻ گذاري ويو آهي ته به سندس پٽ فيصل موڪليندو رهي ٿو. مون جھڙا رفيع ۽ نور احمد جا ڪلاس ميٽ جيڪي اڪثر پاڪستان ۾ نه هوندا آهن ته به انهن جي گهرن تي چوڪيدارن کي يا مائٽن جي گهر موڪلي ڏين ٿا. ۽ اهو سلسلو تڏهن کان هلندو اچي جڏهن اسان اٺين يا نائين ڪلاس ۾ هئاسين. ڪئڊٽ ڪاليج مان انٽر ڪري ڪي نيوي ۾ ته ڪي آرمي ۾ هليا ويا. ڪي ڊاڪٽر ٿيا ته ڪي انجنيئر، ڪي سي ايس پي آفيسر ته ڪي ڪسٽمس ۽ ايڪسائيز ٽئڪسيشن ۾ هليا ويا ۽ هاڻ ته ٻن ٽن سالن کان رٽائرڊ به ٿي چڪا آهن جو سڀ ٻاهٺ ٽيهٺ سالن جا ٿي ويا آهيون پر شاباس هجي نور احمد نظاماڻي ۽ رفيع ڪاڇيلي جھڙن ڪلاس ميٽن کي جيڪي اڄ ڏينهن تائين ياد رکندا اچن.

هي سال 2008ع اچي ختم ٿيڻ تي پهتو آهي. اسان سال 1958ع ۾ هڪ ٻئي سان مليا هئاسين جڏهن ”ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو“، ميرپورخاص جي هڪ بلڊنگ ۾ عارضي طور کليو هو ۽ اسان اٺين ڪلاس ۾ داخلا ورتي هئي. يعني اڄ اچي ان کي پنجاھ سال ٿيا آهن. انهن ڏينهن ۾ اڄ وانگر سنڌڙي يا ڪو ٻيو پيوندي انب ايڏو عام نه هو پر ٽنڊي ڄام واري علائقي ۾ نور احمد جي والد صاحب رئيس حاجي شير محمد نظاماڻيءَ جو باغ ”سنڌڙي انبن“ کان مشهور هو.

انبن جو ديس دراصل ملايا (اڄ وارو مغربي ملائيشيا) وارو علائقو آهي پر اتي انب کي وڌيڪ develop نه ڪيو ويو. انب ڏکڻ هندستان ۾ ئي وڌيو ويجهيو ۽ انبن کان ممبئي مشهور ٿيو. سنڌ ۾ فقط ديسي انب هئا پوءِ اسان واري ڪلاس ميٽ محمد رفيع ڪاڇيلو جي والد صاحب عبدالصمد ڪاڇيلو انڊيا مان مدراس الفونسو انب جي جنس گهرائي جيمس آباد (ڪوٽ غلام محمد) ۾ لڳائي جيڪو پوءِ سنڌڙيءَ جي نالي سان انب مشهور ٿيو. مرحوم رفيع ڪاڇيلو جي والد صاحب سان منهنجي نه فقط ڪئڊٽ ڪاليج ۾ ملاقات ٿي جڏهن هو هر آچر تي پنهنجي پٽ سان ملڻ ايندو هو پر ان کان به سال ٻه اڳ ساڻن ملاقات حيدرآباد جي شمس سئنيما جي ڀر ۾ ونڊسر هوٽل ۾ 1956ع ۾ ٿي هئي، جڏهن آئون يارهن سالن کن جو هوس. عبدالصمد ڪاڇيلو صاحب جڏهن به حيدرآباد ايندو هو ته سندس شامون اڪثر ونڊسر هوٽل ۾ گذرنديون هيون.

منهنجو نانو سيٺ محمد حسن سومرو، ڪاڇيلو صاحب، هيرآباد جو مولراج ڀيرواڻي (جنهن جو پٽ رميش ڪمار پڻ اسان سان گڏ ڪئڊٽ ڪاليج ۾ آيو ۽ رميش اهو ڇوڪرو آهي، جنهن ڪئڊٽ ڪاليج لاءِ سڀ کان پهرين apply ڪيو ۽ سندس ڪِٽ نمبر ”هڪ“ آهي. نور احمد نظاماڻيءَ جو 7 آهي، رفيع ڪاڇيلي جو 58 ۽ منهنجو 47 آهي) ۽ چوٿون مخدوم عبدالوالي درٻيلي وارو جج صاحب (جنهن جا پٽ: احمد حسين ۽ خالد پڻ اسان جا ڪلاس ميٽ ٿيا) هن هوٽل ۾ ويهي پتي راند کيڏندا هئا. هي چار ئي ڄڻا پڪا دوست هئا. مخدوم صاحب پنج وقتي نمازي هو. نماز مهل پنهنجي پٽ خالد کي پتا ڏيئي پاڻ مصلي تي وهندو هو. ان ڪري (شايد) وڏو ٿي خالد مخدوم پتي راند جو ماهر ٿيو. بهرحال ان هوٽل ۾ هڪ دفعي ناني کان خرچي وٺڻ مهل منهنجي ناني سندن ڀر ۾ ويٺل عبدالصمد ڪاڇيلو صاحب سان ملائيندي چيو ته ”هي جيڪي پيوندي انب ڏسين ٿو اهي منهنجي هن دوست هن ملڪ ۾ شروع ڪرايا.“

ڪاڇيلي صاحب کان اڳ اسان وٽ سنڌ ۾ ديسي انب ئي عام هو جنهن کي عام طرح جنگلي انب به سڏجي ٿو- خاص ڪري ملائيشيا، انڊونيشيا پاسي. ديسي انب اهو آهي جيڪو انب جو ڪوئلو (ککڙي/ٻج) پوکڻ سان وڻ ٿئي. ديسي انب سائيز ۾ ننڍو، کٽو ۽ ڄاري (fibre) وارو ٿئي ٿو. پر ان ديسي انب جون به ڪجهہ پلس پوائنٽس آهن. هن جي انبڙين جو آچار توڙي چٽڻي سٺي ٿئي ٿي. انب چُور جنهن کي انڊيا ۾ امچور ٿا سڏين، اها پڻ ديسي انب جي وڻ جي انبڙين جي سٺي ٿئي ٿي. انب چُور لاءِ ديسي انبڙين کي ڇلي، سڪائي ۽ پوءِ ان جو چُورو (پائوڊر) ٺاهيو وڃي ٿو ۽ مختلف ٻوڙن ۾ مصالحي طور استعمال ٿئي ٿو. ٽماٽن، گدامڙي يا ڪنهن ٻي کٽائيءَ جي غير موجودگي يا مهانگي هجڻ جي صورت ۾ پڻ انب چُور استعمال ٿئي ٿو. وڏن شهرن ۾ جيڪي انب جي رس (juice) جا دٻا وڪامن ٿا اها ديسي انبن مان ڪڍي وڃي ٿا. اڄڪلهہ باغائي ديسي وڻ ڪڍي پيوندي وڻ رکرائيندا وتن. ان ڪري ديسي انب جي کوٽ ٿيڻ ڪري مهانگو ٿي پيو آهي. انبڙين جو آچار ۽ انب جي رس پئڪ ڪرڻ وارا ڪارخانيدار، هر وقت ديسي انبن جي ڳولا ۾ رهن ٿا.

ملائيشيا ۾ ديسي/ جنگلي انب ڏاڍو ٿئي ٿو. جتي ڪٿي ويندي رستن تي به انبن ۽ چڪن جا وڻ ائين نظر ايندا جيئن پاڻ وٽ ٻٻر ۽ نم جا. پر ملائيشيا ۾ ٻيا فروٽ جھڙوڪ انناس، ليچي، رمبوتان، دورين، اسٽار فروٽ، ڊُوڪُو، ماتا ڪچنگ وغيره ايترا ته ٿين ٿا جو انب کي بهتر ڪرڻ جو هنن کي نه ڪڏهن خيال ٿيو ۽ نه توفيق رهي. ملائيشيا جو هي انب جيتوڻيڪ ٻين ڪيترن ميون وانگر سال ۾ ٻه دفعا ٿئي ٿو پر اسانجي ديسي انب کان به چٽ آهي. ڪو ڪو وڻ سٺي ذائقي جو هوندو ته اهو سڄي اوڙي پاڙي جي نظر ۾ هوندو. سو انب جيڪو ملائيشيا کان ننڍي کنڊ ۾ پهچي، ظهير دين بابر وانگر ميون جو بادشاهه ته ٿي ويو پر پنهنجي وطن ملائيشيا ۾ گولن جو به گولو سمجهيو وڃي ٿو. ملائيشيا جو انب ايڪسپورٽ ته نٿو ٿئي پر ڪوالالمپور جي چَوڪِٽ جهڙين مارڪيٽن ۾ رکڻ لاءِ به دڪاندارن کي جڳهه نه آهي. نه ته چوڪٽ جهڙين چيني مارڪيٽن ۾ خبر ناهي ڪهڙا ڪهڙا ميوا، جڙيون ٻوٽيون، سانڊا ڇپڪليون خوراڪون، ڪشتا ۽ معجونون وڪاميون وڃن ٿيون.

انب اهو لذيذ، مٺو ۽ خوشبودار ٿئي ٿو جيڪو پيوند (قلم) يعني ڳانڍاپي سان پئدا ٿئي ٿو. پيوند لاءِ ٻن وڻن جو ڳانڍاپو (grafting) ڪيو وڃي ٿو. جيئن ئي ڪونڊيءَ ۾ ڇھہ مهينن کن جي چڪي ٿئي ته ان کي انب جي وڻ جي ڪنهن ٽاريءَ سان سوتلي يا ڪنهن ڌاڳي سان ٻڌو وڃي ٿو. ٻنهي ٻڌل ٽارين کي ٿورو ڇليل رکيو وڃي ٿو جيئن پاڻي ۽ ٻي خوراڪ هڪ ٻئي مان لنگهي سگهي. پوءِ مهيني ٻن بعد آهستي آهستي چڪيءَ جو مٿيون حصو ۽ وڻ جي ٽاريءَ جو هيٺيون حصو ڪٽيو وڃي ٿو. هاڻ اهو انب جو وڻ پيوند (grafted) ٿي ويو جنهن جو هيٺيون اڌ هڪ وڻ جو ته مٿيون ٻئي جو ٿيو. اهڙي وڻ جو ميوو وڌيڪ لذيذ، مٺو، non-fibrous ٿئي ٿو.

انڊيا ۽ پاڪستان جي مختلف علائقن جي وڻن تي تجربا ڪري ان قسم جا پيوندي وڻ تيار ڪيا ويا آهن، جيڪي موسم ۽ وڻ جي مختلف جنس مطابق پيوندي انب پئدا ڪن ٿا ۽ پوءِ انهن جي سواد، رنگ، شڪل ۽ علائقي مطابق انهن جا نالا آهن. جيئن لکنؤ جي هڪ تعلقي مليح آباد جي هڪ ڳوٺ چوسا ۾، ڪنهن همراهه انبن جو پيوند ڪيو ۽ اتي جي موسم مطابق هي انب جنهن سواد، شڪل ۽ خوشبو وارو ٿيو ان جو نالو ئي رکيو ويو چوسو! ماڻهن کي هن جنس جو انب اهڙو ته وڻيو جو پري پري کان هو هن ڳوٺ چوسا ۾ هن انب جون چڪيون خريد ڪرڻ لڳا. اڄ هي انب سنڌ ۾ به پوکيو وڃي ٿو ۽ مٿاهين درجي جي انبن مان ليکيو وڃي ٿو. اهڙيءَ طرح دشيري انب به لکنؤ پاسي جو آهي ۽ پنهنجي خوشبوءِ کان مشهور آهي. بنارس (وراناسي) پاسي جو انب جيڪو خوشبوءِ ۽ ذائقي کان مشهور آهي، لنگڙو سڏجي ٿو. بيحد نازڪ انب آهي. گهڻا ڏينهن نه هلڻ ۽ پچڻ بعد به سائي رنگ جو هجڻ ڪري مارڪيٽ ۾ ايترو وڪرو نٿو ٿئي، سنڌڙي به اچي ٿو نه ته ٻاهر جي انبن ۾ انڊيا جي رياست انڌرا پرديش جو انب بئگن پالي (جيڪو بنيشا ۽ بيگان ڦلي به سڏجي ٿو) ۽ بهار جو مالده نالي انبن جي جنس مارڪيٽ ۾ چڱو وڪرو ٿئي ٿي.

انبُ فقط اسان وٽ ننڍي کنڊ يا ملائيشيا، انڊونيشيا، برما ۾ نه پر ٻين به ڪيترن ئي ملڪن ۾ ٿئي ٿو. اها ٻي ڳالھ آهي ته هڪ هنڌ جي جنس ٻئي هنڌ اهڙو سٺو ڦل نٿي ڏئي. جئميڪا (ويسٽ انڊيز) ۾ جوليءَ نالي انبن جي هڪ جنس تمام مشهور آهي. آمريڪا جي فلوريڊا رياست، اسرائيل ۽ آسٽريليا وارن جئميڪا جي هن جنس ۽ انڊيا جي الفونسو کي پنهنجي ڌرتي تي پوکڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪامياب نه ٿي سگهيا. ملائيشيا ۾ اٺ سال رهڻ دوران مون سنڌ جي انبن جون ڪيتريون ئي جنسون لڳايون پر سواد ۾ وڏو فرق رهيو ان جو وڏو سبب زمين ۽ موسم جي تبديلي آهي. ملائيشيا ۾ ٻارهوئي مينهن پيو پوي. هڪ ڏينهن گرمي ٿيندي ته ٽي ڏينهن ٿڌڪار ۽ هوائون. ٻي ڳالھ ته ملائيشيا ۾ ايترا ته پکي آهن جو دورين، ڪٺل ۽ انناس جهڙا ڪنڊن جي کل وارا ميوا ئي ڦوه جواني تائين، وڻن ۾ سلامت رهي سگهن ٿا. ڪيترن ئي رنگن جا طوطا، چانھہ پکي، جهرڪيون ۽ رنگين ڪٻرون ۽ بلبلون اهڙيون آهن جن کي ملائيشيا جي قانون مطابق ماري يا ڀڄائي به نٿو سگهجي، ان ڪري جي مٺو ۽ خوشبو وارو انب آهي ته شاخ جهلڻ تائين اهڙن پکين لاءِ لنچ يا بريڪ فاسٽ ٿيو وڃي.

ملائيشيا ۾ گهڻو تڻو انب، ٻاهران اچي ٿو. مڪاني انب، اڃا انبڙيون آهن ته انهن کي سلاد طور استعمال ڪيو وڃي ٿو. جيئن اسان جي ملڪ ۾ ڇوڪرين جي اسڪولن اڳيان گدامڙي جهڙين کٽين شين جو وڪرو ٿئي ٿو تيئن ملائيشيا ۽ انڊونيشيا ۾ اسڪولن ۽ بس اسٽاپن اڳيان، خاص ڪري ڳوٺن ۾ ڪچين انبڙين ۽ اسٽار فروٽ جي ڪاتر ڪري مٿان لوڻ مرچ ٻرڪي، وڪرو ڪيو وڃي ٿو. ان مڪس پليٽ کي ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ روجا (Rojak) ۽ انڊونيشيا ۾ رُوجا (Rujak) چون. ملئي ۽ انڊونيشي زبان ۾ K جو اُچار خاموش رهي ٿو. جيئن ملئي زبان ۾ به ساڳيو لفظ معلومات آهي پر لکڻ ۾ ان ۾ K به ڏجي ٿي يعني Maklumat. ڏکڻ آمريڪا جي ملڪن گئاٽمالا، اڪيڊار، نڪراگئا ۽ هانڊرس ۾ پڻ پڪل انب کان وڌيڪ ڪچيون انبڙيون شوق سان کاڌيون وڃن ٿيون ۽ اتي به رستن، اسڪولن ۽ بس اسٽاپن تي (خاص ڪري ٻهراڙي وارن علائقن ۾) انبڙين کي ڇلي انهن جون ڦارون وڪامجن، جن مٿان لوڻ ٻرڪي کاڌو وڃي ٿو.

هتي اهو پڻ لکندو هلان ته انب ۽ انبڙيءَ ۾ ڪهڙو فرق آهي. عام طرح انب پيلي رنگ جو مٺو ۽ نرم ميوو ٿئي ٿو ۽ انبڙي اڻ پڪل انب ٿئي جنهن جي ٻاهرين کل سائي ٿئي، سواد ۾ کٽي ۽ سندس ماس اڇي رنگ جو سخت ٿئي. پر هڪ باغائي يا انبن جي باغ جي مالڪ لاءِ وڻ ۾ لڳل ننڍي توڙي وڏي هر انبڙي انب آهي ۽ توهان کي ڪڏهن به هٿ سان ڇني انبڙين جي اگهہ ۾ وڪرو نه ڪندو، چاهي اها انبڙي ڪيتري به ننڍڙي هجي. هن لاءِ انبڙيون فقط اهي آهن جيڪي هوا، جهڪ، بيماري يا ٻين سببن ڪري وڻ مان پاڻهي ڪِري پون.

هونءَ انڊيا، پاڪستان ۾ توڙي عرب ملڪن ۾ اسان جو سنڌڙي (جيڪو الفونسو انب جو هڪ قسم آهي) سڀ کان گهڻو هلي ٿو جيتوڻيڪ سواد توڙي خوشبوءِ ۾ لنگڙو، چوسو، سرولي، بيگن پالي ويندي سئارن ريڪا ۽ ڪلڪٽر انب به سٺا آهن پر سنڌڙي انب جي keeping quality گهڻي آهي- يعني پچڻ بعد به ٽي چار ڏينهن آرام سان هليو وڃي ۽ فرج ۾ ته هفتو کن به رهي سگهي ٿو. ميوي جي ان خاصيت کي shelf life به سڏجي ٿو. ان خاصيت ڪري دڪاندار سنڌڙي کي گهڻو پسند ڪن ٿا جو پهرين ڏينهن نه وڪامي سگهي ته ٻئي يا ٽي ڏينهن به ان جنس جي انب جي اهائي جوت ۽ جواني رهي ٿي. هونءَ سڄي دنيا ۾ جي ڏٺو وڃي ته سڀ کان گهڻي کپت ٽامي اٽڪنس نالي انب جي آهي، جيڪو چون ٿا ته آمريڪا جي رياست فلوريڊا ۾ 1940ع ۾ ڊيولپ ڪيو ويو. انگلينڊ جي مارڪيٽن ۾ ڏسندائو ته جتي ڪٿي اڌ کان به گهڻو هن جنس جو انب نظر ايندو. اهوئي حال آمريڪا جي مارڪيٽن جو به آهي، جتي جيتوڻيڪ انبن جون ڪجهہ ٻيون جنسون به مشهور آهن، جھڙوڪ ڪينٽ، keitt، هئتي ٻيٽ تي پيدا ٿيندڙ مئڊم فرانسز ۽ ميڪسيڪو جو شئمپين نالي انب. پر سڀ کان گهڻو اهوئي مٿيون انب Tommy Atkins هلي ٿو جيتوڻيڪ منجهس اسان جي ديسي انب جهڙو ڄارو (fibrous flesh) آهي ۽ سواد به ڪو اهڙو نه اٿس پر هڪ ته شڪل جو موچارو لڳي ٿو ۽ ٻيو شيلف لائيف گهڻي اٿس ان ڪري دڪاندارن جو فئوريٽ انب آهي.

شڪل تان ياد آيو ته سنڌ ۾ جيڪي پيوندي انب ٿين ٿا يعني نيلم، انور رتول، فجري، طوطا پري، گلاب خاص، زردالو، ثمر بهشت، راجن پوري، ملڪا، رسپري، گوها بندر ۽ ٻيا جن مان ڪجهہ جا نالا شروع ۾ به اچي چڪا آهن انهن سڀني ۾ خراب شڪل وارو انب ”ڪليڪٽر“ آهي جنهن لاءِ ڪجهہ سال اڳ ميرپورخاص ۾ لڳل انبن جي نمائش ۾ اتي جي ڊپٽي ڪمشنر عمراني صاحب چيو هو ته ان ڦِڏي سِڏي شڪل واري انب تي باغائين ۽ زميندارن اهو نالو شايد روينيو کاتي جي عملدارن مان باهيون ڪڍڻ لاءِ رکيو هجي.

انبن جا ڪجهہ نالا بين الاقوامي شهرت جا به آهن. سڄي يورپ ۾ توڙي جپان، سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ جهڙن ملڪن ۾ جتي هر قسم جي ڀاڄي ۽ ميوو سال جا ٻارهن ئي مهينا ملن ٿا، اهي ملڪ انب جهڙو ميوو نه فقط ننڍي کنڊ مان پر فلپائين، چين، اسرائيل، ويسٽ انڊيز، ميڪسيڪو ۽ ٻين ملڪن مان به گهرائين ٿا ۽ انهن مارڪيٽن ۾ هر وقت نئين نالي وارو انب نظر اچي ٿو. اهڙن انبن جا ڪجهہ دلچسپ نالا جيڪي هن وقت ياد اچي رهيا آهن، هن ريت آهن: الم پور بنيشان، Hawk (باز پکي)، آئوري (عاج)، ڪولمبو ڪڊني، جڪارتا، سائگون، ڪواسجي پٽيل، جهانگير، Early Gold، مامتا، توباگو سمال ريڊ، هندي، همساگر، منيلا، ميامي ليٽ، فيئر چائلڊ، پهيري…. وغيره وغيره

انڊيا جو الفونسو- مدراس الفونسو يا بمبئي الفونسو جنهن جو سمجهو ته اسان جو سنڌڙي انب اولاد آهي، دراصل برازيل مان مهاراشٽرا ۾ پهتو ۽ ان کي آڻڻ وارو پورچوگالي نيول جنرل الفونسو ڊي البقريق (Alfonso de Albuquerque) هو، جنهن تان هن انب تي الفونسو نالو پيو. برازيل مان آندل ان انب کي پوءِ انڊيا ۾ مختلف انبن سان پيوند ڪيو ويو. بهرحال سنڌڙي هجي يا لنگڙو يا ويندي ديسي انب- اسان وٽ انب جو بادشاهي درجو آهي.

انب نه فقط ميوو آهي پر ڀاڄي پڻ. انبن جي موسم ۾ ڪيترن ئي گهرن ۾ ڪنهن ٻوڙ يا ڀاڄيءَ بدران انب سان ماني يا ڀت کاڌو وڃي ٿو. اسان وٽ انبن جون دعوتون ٿين ٿيون. انبن تي مشاعره ٿين ٿا ۽ انبن جي کوکن پٺيان ملڪ جي وڏن وڏن ڊڪٽيٽرن جا سر هليا وڃن ٿا. چون ٿا ته جنرل ضياء جو جهاز جيڪو هوا ۾ ڇيتيون ڇيتيون ٿي ويو ان ۾ اُڏامڻ کان ڪجهہ دير اڳ انبن جا کوکا رکيا ويا هئا.

بهرحال ان هوندي به انبُ ننڍي کنڊ جي هر ماڻهوءَ کي پيارو آهي ۽ پيارو رهندو. تڏهن ته اڙدو جي شاعر مرزا غالب به انب جي وڏي تعريف ڪئي آهي. هو چوندو هو انب نه فقط مٺا هجن پر گهڻا پڻ. مرحوم انبن جو سچو عاشق هو. ڪنهن شايد ٽوڪ طور چيو هوس ته انب به ڪا شيءِ آهي… جنهن کي گڏھ به نٿا کائين!
مرزا غالب ٿڌو ساھ کڻي چيو هو ”سچ ٿو چوين. واقعي گڏھ انب نه کائيندا آهن“

ڪنهن تامل زبان جي شاعر انب تي هڪ ڊگهو نظم لکيو آهي، جنهن جي انگريزي ترجمي مان ٻه ٽي سٽون هيٺ لکي هي ڪالم ڪهاڻي ختم ٿو ڪريان.
Mango – King of Fruits
Luscious, succulent mango fruit!
How do we guard you from the brute?
King of fruits, without dispute
To you well all humbly salute!

Ripe, and unripe in forms many,
Enjoyed universally by all and any!
Ah., delicious and sweet as sugar cane,
Protecting you can be wildly insane!

(ليکڪ جي ٿورن سان)

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close