هڪ لحاظ کان ته سنڌ جي صورتحال فلسطينين کان به خراب آهي، فلسطين جي سرزمين تي اسرائيل جي تعمير ڪيل آبادين کي نه رڳو فلسطيني، نه رڳو عرب پر سڄي دنيا غير قانوني تصور ڪري ٿي، جڏهن ته سنڌ جي ڌرتيءَ جي چير ڦاڙ کي قانون چوغو پارايو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ اها ڀَيل ۽ اها ڀِينگ پيپلز پارٽيءَ جي هٿان ٿي رهي آهي، جنهن کي سنڌي ماڻهو ووٽ ڏيئي اقتدار تائين پهچائيندا رهيا آهن. ملڪ رياض پيپلز پارٽيءَ جي ليڊر کي تحفي ۾ لاهور جو بلاول هائوس ڏنو ته موٽ ۾ ”يارن جي يار“ کيس سنڌ جون بي حساب زمينون تحفي ۾ ڏيئي ڇڏيون.
هزارين سالن کان ڪروڙين سنڌين جي مادرِ وطن جي هاڻي اها حيثيت وڃي رهي آهي ته ان کي شخصي دوستيون وڌائڻ ۽ انفرادي اقتدار پڪو ڪرڻ خاطر تحفي طور پيش ڪيو وڃي؟ ايئن ٿو لڳي ته اسان ايڪويهين صديءَ جي آزادي ۽ ترقي يافته دنيا ۾ نه پر تاريخ جي اونداهي دور ۾ ٿا رهون. جڏهن شاهي خاندان جي شادين ۾ ماڻهن جا وطن ڏيج ۾ ڏنا ويندا هئا. اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ٿيو آهي جو هڪ پارٽيءَ جي اقتدار کي سنڌ جي سوين نسلن جي مسقبل مفادن کان مٿانهون بڻايو ويو آهي ۽ هڪ خاندان کي هن ڌرتيءَ جي مهانتا کان وڌيڪ مقدس قرار ڏنو ويو آهي.
ٻيو ڪم اسرائيل اهو پيو ڪري ته فلسطيني مزاحمت کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مختلف بهانن سان فلسطينين جو قتل عام ڪيو پيو وڃي خاص ڪري نوجوانن کي نشانو بڻايو پيو وڃي، ايتري تائين جو معصوم ٻارن کي به گولين ۽ بمن جو نشانو بڻايو ٿو وڃي، ان ڪري ته اسرائيلن کي خبر آهي ته اهي فلسطين جي ڌرتيءَ تي ناجائز قبضي گير آهن ۽ ”تنگ آيد به جنگ آيد“ وانگر اهي اڄ جا ۽ صبحاڻي جا نوجوان سندس بالادستي ۽ قبضي گيريءَ کي چئلنيج ڪندا.
سنڌ ۾ به سنڌين جي زمينن، گهرن ۽ ٻين ملڪيتن تي ڪجهہ قبضو ته ان وقت ئي ڪيو ويو جڏهن 1947ع ۾ پاڪستان جي رياست قائم ڪئي ويئي. ان کانپوءِ مختلف وقتن تي، مختلف حيلن بهانن سان ۽ مختلف نالن ۽ نعرن هيٺ سنڌ جي ڌرتي، وسيلن ۽ ملڪيتن تي قبضا ٿيندا رهيا آهن، پر ويجهڙائيءَ ۾ ان عمل ۾ وڏي پئماني تي اضافو ۽ تيزي آئي آهي. ذوالفقار آباد نالي نئون شهر اڏڻ جي منصوبي هيٺ ٺٽي ضلعي جي ٽن تعلقن جي لکين ايڪڙ زمين تي قبضو جتان سوين ڳوٺن جا ڌرتي ڌڻي بيدخل ٿيندا ۽ ڌاريا آباد ٿيندا. فوجين جي اداري ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي کي ڪراچيءَ جي آسپاس ۽ سپر هاءِ وي تي هزارين ايڪڙ زمين ڏيڻ. جتي پڻ ڌارين جي آبادڪاريءَ لاءِ نوان شهر تعميرا ڪيا پيا وڃن.
سڀ کان وڌيڪ خراب ۽ خطرناڪ ڪم اهو ڪيو ويو آهي ته ڪراچي شهر جي اندر ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ هزارين ايڪڙ زمين پنجاب جي هڪ بدنام شخص ملڪ رياض حوالي ڪئي ويئي آهي جيڪو سنڌ جي ايندڙ ڪيترن نسلن جي جياپي جو وسيلو ان زمين منجهان هڪ طرف کربين رپيا ڪمائي رهيو آهي ته ٻئي طرف ايئن ”تحفن“ ۾ ڏيئي رهيو آهي ڄڻ پنهنجي ابن ڏاڏن جي ملڪيت پنجاب مان کڻي آيو هجي. وڏي ڳالهه ته سندس تحفا وصول ڪندڙن ۾ اُهي آهن جيڪي سنڌين جي مادر وطن کي ورهائڻ ٿا چاهين ته اُهي به جن تي قتل ۽ ٻين سنگين ڏوھن جا الزام آهن.
هيءَ صورتحال رڳو حڪمرانن جي ڪردار کي وائکو ڪو نه ٿي ڪري پر اسانجي ڪردار بابت به وڏا سوال اٿاري ٿي. غلاميءَ جي بدترين شڪل اختيار ڪندڙ ان صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ گهربل اهليت، صلاحيت، سوچ ۽ تياري اسان وٽ آهي ۽ جڏهن فلسطين ۽ ڪشمير وارو ظلم ۽ جبر ٿئي پيو ته ڇا اسان وٽ فلسطينين ۽ ڪشميرين جهڙي ڪا حڪمت عملي آهي؟ ان صورتحال مان نڪرڻ لاءِ اسان ڇا ڪري رهيا آهيون؟ رڳو دانهون ڪوڪون ڪرڻ سان قومون نه جيئنديون آهن، رڳو ماتم ڪرڻ سان ۽ پٽون پاراتا ڏيڻ سان مصيبت ڪانه ٽرندي آهي. لڳاتار رڙيون، دانهون ۽ احتجاج ڪرڻ جي باوجود صورتحال سڌرڻ بجاءِ بد کان بدتر ٿيندي پئي وڃي. انجي ڪارڻن کي جاچڻ لاءِ اسانکي پنهنجي ذاتي ۽ قومي، انفرادي ۽ اجتماعي ڪردار ۽ حڪمت عملين جو نئين سر جائزو وٺڻو پوندو. ڪجهه سولا پر اهم، بنيادي پر فيصل ڪن نقطا بهرحال سامهون چٽا پيا آهن جن کي مخاطب ٿيڻ سان اسان صحيح شروعات ڪري سگهون ٿا. اسان پارٽين ۽ انهن جي پروگرامن جي بجاءِ شخصيتن کي اڀاريو آهي، ادارن بجاءِ فردن کي اهميت ڏني آهي ۽ قومي جدوجهد جا نظرياتي بنياد پختا ڪرڻ بجاءِ رڳو اشوز جي سياست ڪئي آهي. سڀ کان اهم ڳالهه ته اسان صحتمند بحث ۽ دليل دلائل جا دروازا بند ڪري ڇڏيا آهن. اسان حڪمرانن وانگر محب وطن ۽ غدار ۽ مومن ۽ ڪافر جون فتوائون جاري ڪرڻ جا ڪارخانا کولي ڇڏيا آهن، اسانکي هر گز نه وسارڻ کپي ته غير تنقيدي رويو موت جي علامت هوندو آهي.