منھنجو بابا : ھڪ شاعر

اميتاڀ بچن/ عبدالستار لغاري

(ھري ونش راءِ بچن ۽ تيجي بچن جي پٽ اميتاڀ بچن، اھو ڪڏھن بہ نہ سوچيو ھوندو تہ پنھنجي عمر جي آخري ايامن ۾، سندس گفتگو بہ ھڪ شاعري جيان ٿي ويندي، ھو بہ نثر ۾ شاعري ڪندو ۽ ھڪ شاعر پيءُ ۽ ٽيچر والده جي تربيت کيس زندگي جي مٿاھين پد تي کڻي ويندي. اھي سڀ، جيڪي سندس جيون ڪٿا کان واقف آھن، ڀلي ڀت ڄاڻن ٿا تہ اميتاڀ ايترو ترقي ماڻڻ کان پوءِ بہ سدائين پنھنجي مائٽن کي ڄڻ تہ ھر پل ھر گهڙي ياد ڪيو آھي. بچن فيملي جا ٻئي پٽ اميتاڀ بچن ۽ اجيتاڀ بچن جتي بہ ھجن، ڪو بہ ذڪر ڪن تہ پنھنجن مائٽن کي ضرور ياد ڪندا آھن. ھلندڙ دور ۾ عالمي سئينما جي ھڪ روشن ستاري پاران پنهنجي والد محترم لاءِ محبتن جو اظھار…. جي ايئن اولاد مائٽن کي ياد ڪري تہ ھوند مائٽن جا الاءِ ڪيترا درد غائب ٿي وڃن.)

آئون جڏھن بہ پنھنجي پيءُ کي ياد ڪيان ٿو تہ ھو مون کي ميز تي لکندي ۽ پڙھندي نظر ايندو آهي. منھنجي حافظي ۾ سندس ھڪ يادگيري محفوظ ٿيل آھي، ھو نظم و ضبط جو سخت پابند ھوندو ھو ۽ باقاعدگي سان مطالعو ڪندو ھو ۽ لکندو ھو. ھو روزانو 12 کان 14 ڪلاڪ ڪم ڪندو ھو. سندس اھو معمول اسان جي دھلي منتقل ٿيڻ ۽ منھنجي ڪاليج داخل ٿيڻ کان پوءِ بہ جاري رھيو. ڪلڪتي ۾ منھنجو نوڪري ڪرڻ ۽ پوءِ ممبئي ۾ فلمي دنيا ۾ اچڻ کان پوءِ بہ والد صاحب جو 12 کان 14 ڪلاڪ تائين روزانو لکڻ پڙھڻ جو معمول جاري رھيو. ڪڏھن ڪڏھن تہ اسان سڀني کان الڳ ٿي فقط لکڻ پڙھڻ ۾ وقت گذاريندو هو. ھو فقط مطالعي جي ميز تي ويٺل نظر ايندو ھو يا ڪم جي سلسلي ۾ ٻاھر ھوندو ھو.

بابا جي مصروفيتن جي ڪري اسان ننڍپڻ ۾ سرٻاٽن ۾ ڳالھائيندا ھئاسين، اسان ڪڏھن سندس ڪم ۾ شعوري طور بہ خلل نہ وجهندا ھئاسين. بابا لکڻ لاءِ ھڪ شيڊيول ٺاھي ڇڏيندو ھو ۽ سختي سان ان تي عمل ڪندو هو. ھو صبح جو چئين وڳي اٿندو ھو، ڪجھ وقت پسار ڪرڻ کان پوءِ واپس اچي لکندو هو.

منھنجو والد صاحب شاعر جي حيثيت ۾ گهڻو مشھور ھو، سندس مداحن جو بہ وڏو انگ ھوندو ھو، ڪيترائي ماڻھو کائنس آٽوگراف وٺڻ ايندا ھئا. آئون ننڍپڻ ۽ نوجواني ۾ بابا سان ڪيترن ئي مشاعرن ۾ گڏ ويو آھيان. مون کي ماڻھو ’بچن جو پٽ‘ چئي عزت ۽ احترام ڏيندا ھئا ۽ ايئن منھنجي زندگي جو ڳچ حصو پنھنجي والد صاحب جي شھرت جي ڇانون ۾ گذريو ۽ آئون ان ڳالھ تي فخر محسوس ڪيان ٿو. منھنجو والد صاحب اتر ھندستان، يوپي ۽ بھار ۾ ٿيندڙ مشاعرن ۾ ويندو رھندو ھو، انھن مشاعرن جي وڏي مقبوليت ھوندي ھئي، مشاعرا اڪثر ڪري رات جو دير سان شروع ٿيندا ھئا، سردين ۾ سخت سيءُ جڏھن تہ گرمين ۾ سخت گرمي لڳندي ھئي. لکن جي تعداد ۾ ماڻهو شريڪ ٿيندا هئا. بابا مونکي ھميشہ تنبيھ ڪندو هو تہ خيال ڪجان ڪٿي وڃائجي نہ وڃين، پر ايئن ڪڏھن بہ نہ ٿيو، ڇو تہ بابا جا مداح منھنجو گهڻو خيال رکندا ھئا. اسان ڪڏھن ڪار تہ ڪڏھن وري ريل تي سفر ڪندا ھئاسين. اسان جتي بہ ويندا ھئاسين ماڻھو بابا سان انتھائي عقيدت ۽ احترام مان ملندا ھئا. بابا کي جڏھن شعر پڙھڻ لاءِ سڏيو ويندو هو تہ روسٽرم تي پھچڻ تائين ماڻھو تاڙيون وڄائيندا رھندا ھئا، انھن تاڙين مون تي ڏاڍو گھرو اثر وڌو.

بابا جا ڪيترائي نظم مونکي اڄ بہ ياد آھن، مونکي سندس شاعري جي مجموعن ’ايڪنت سنگيت‘ ۽ ’نشانمنترن‘ جا ڪيترائي نظم ياد آھن پر مونکي سندس مڌو شالا نظم تمام گهڻو پسند آھي. بابا جي شعر پڙھڻ جو انداز بيان ڏاڍو متاثر ڪندڙ ۽ وڻندڙ ھوندو ھو، ھو طبيعتن ھڪ انقلابي انسان ھو، ھو پنھنجي دور جي رواج مطابق پاجامو ۽ ڪڙتو پائڻ بدران ٽائوزر پائي مشاعرن ۾ شريڪ ٿيندو هو. آئون جتي بہ ويس، ڪيترائي ماڻهو ملندا هئا، جن منھنجي والد صاحب جي شاعري ٻڌي ھئي ۽ مون سان منھنجي والد صاحب جي حوالي سان گفتگو ڪندا هئا. مون سان ملندڙ اڪثر ماڻھو ڪجهہ ھيئن ڳالھائيندا آھن: ”اسان توھان جي والد صاحب کي 1945ع ۾ ٻڌو ھو“ کين تاريخ، وقت ۽ جاءِ بہ ياد ھوندي آھي.

مون کي بہ اھي لمحا ياد آھن، جڏھن بابا الھ آباد ۾ پھريون دفعو پنھنجو نظم مڌو شالا ٻڌايو ھو، ھن نظم ۾ 200 بند آھن، پر ماڻھو پڙھڻ جي انداز مان ايترا متاثر ٿيا جو بابا پورو نظم پڙھيو ۽ گهڻي دير تائين نظم پڙھندو رھيو. مون کي جيڪا ڳالھ حيران ٿي ڪري اھا اھا تہ بابا کي نظم مڪمل ياد ھو ۽ ھن ھڪ بند بہ ڪتاب مان ڏسي نہ پڙھيو. بابا ڪڏھن ڪڏھن نظم ترنم ۾ بہ پڙھندو ھو. اڪثر مشاعرن ۾ سائونڊ جو بندوبست نہ ھوندو ھو، پر بابا کي ان ڳالھ جو ڪو بہ فڪر نہ ھوندو ھو، ڇو تہ سندس آواز وڏو ھوندو ھو، منھنجي آواز کان بہ ھزار دفعا بھتر.

گهڻي مقبوليت ۽ شھرت ھجڻ کان پوءِ بہ بابا تي ڪو بہ اثر نہ ٿيو، ھو ھميشہ عاجزي ۽ انڪساري کان ڪم وٺندو ھو. مون کي ياد ناھي تہ ھن ڪڏھن ڪنھن موقعي تي وڏ پڻو محسوس ڪرايو ھجي.

منھنجي والده اڪثر منھنجي والد جي حوالي سان گفتگو ڪندي ھئي، يقينن امان کي پنھنجي مڙس تي فخر ھوندو. ھوءَ پنھنجي سھيلين سان مڙس جي تعريف ڪندي ھئي، امان جنھن انداز سان تعريف ڪندي ھئي، ان مان اسان کي فخر ۽ احترام جو احساس ٿيندو ھو.

بابا جي ھڪ نصيحت مون کي اڄ بہ ياد آھي، ھو چوندو هو، جڏھن توھان کي ڪنھن تقريب ۾ گهرايو وڃي تہ ڪڏھن بہ ماڻھن کي ڌڪا ڏيندي اڳيان نہ وڌجو، ماڻھن مان آھستي گذرجو تہ جيئن ڪنھن کي تڪليف نہ ٿئي.

منھنجو والد صاحب آفيس جي ڪمن ڪارين سان گڏ مشاعرن ۾ بہ شرڪت ڪندو هو. ڪڏھن ايئن ٿيندو ھو جو آئون ساڻس گڏ نہ ويندو ھئس ۽ ھو رات جو دير سان گهر ايندو هو تہ دروازو ھميشہ آئون کوليندو ھئس، ھو تمام گهڻو ٿڪل ھوندو ھو ۽ چوندو هو، يار پئسو ڪمائڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. جڏھن ايئن چوندو هو تہ اسان ٻئي کلندا ھئاسين. ڪيتري عرصي کان پوءِ جڏھن مون اداڪاري شروع ڪئي ۽ ٽن چئن شفٽن ۾ ڪم ڪرڻ لڳس تہ رات جو دير سان يا صبح جو گهر ايندو ھئس، تڏھن بابا منھنجي لاءِ دروازو کوليندو هو، آئون بہ بابا جو جملو دھرائيندو ھئس، يار پئسو ڪمائڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.. ۽ ان تي اسان ڏاڍو کلندا ھئاسين.

بابا جو مون کي ڏنل ھڪ سبق ياد آھي، اھو منھنجي شيروڊ اسڪول جو واقعو آھي. اسان جي اسڪول ۾ ھر سال والدين جو ھفتو وڏي شاندار طريقي سان ملھايو ويندو ھو. ان ھفتي ۾ راندين جا مقابلا، موسيقي جون محفلون ۽ ڊراما ٿيندا ھئا. اھو اسڪول ۾ منھنجو آخري سال ھو، ۽ مون کي ڊرامي ۾ ھڪ اھم ڪردار ڏنو ويو هو، گذريل سال مون کي بھترين اداڪار جو انعام ڏنو ويو هو. اسڪول جي تاريخ ۾ ڪڏھن بہ ڪنھن ٻار مسلسل ٻہ دفعا بھترين اداڪار جو انعام نہ کٽيو هو. مون کي يقين ھو تہ ھن سال بہ بھترين اداڪار جو انعام کٽي ھڪ نئون ريڪارڊ قائم ڪندس. ڊرامو ’اگاٿا ڪرسٽي‘ جو ھو، جنھن جو نالو There were none and then ھو۔ ڊرامي پيش ڪرڻ واري شام جو مون کي ماتا جو اثر ٿي پيو، توھان منھنجي مايوسي ۽ دلشڪستگتي جو تصور ڪري سگهو ٿا. ڊريس ريھرسل کان ترت پوءِ جڏھن استادن کي منھنجي بيماريءَ جي خبر پئي تہ مون کي اسڪول جي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو. اھو منھنجي خوابن جي شيش محل ٽٽڻ جو لمحو هو. اسڪول جي اسپتال ھڪ جبل جي ٽڪريءَ تي ھئي، مون ڪمري جي دريءَ مان ھيٺ آڊيٽوريم کي ڏٺو ھو، پنھنجي ڪردار جا ڊائيلاگ ڪنھن ٻي جي آواز ۾ ٻڌڻ، منھنجي بيماري جي تڪليف کان وڌيڪ اذيتناڪ ھئا. مون ڪيترائي ھفتا ان ڪردار جي تياري ڪئي ھئي، مون کي اڄ بہ اھا شام ياد آھي. والد صاحب شو شروع ٿيڻ کان ڪافي دير پوءِ آيو ھو، جڏھن کيس منھنجي بيماريءَ جي خبر پئي تہ ھو مون وٽ آيو. ملڻ جي اجازت تہ نہ ھئي پر بابا ۽ منھنجي ملاقات تي ڪنھن اعتراض نہ ڪيو ھو. بابا منھنجو ڌيان ھٽائڻ لاءِ مسلسل ڳالھائي رھيو ھو، ان شام بابا مون کي نصيحت ڪئي، جيڪا زندگيءَ جي مشڪل گهڙين ۾ منھنجي رھنمائي ڪندي رھي. بابا مون کي نصيحت ڪندي چيو ھو، زندگي پنھنجي خواھشن مطابق گذري تہ ڀلو آھي، ۽ جيڪڏھن خواھشن مطابق نہ ھجي تہ وڌيڪ ڀلو آھي. آئون ان ڳالھ کي سمجهي نہ سگهيو ھئس. بابا وضاحت سان سمجهائيندي چيو ھو، جيڪڏهن تنھنجون خواهشون پوريون نہ ٿين، پڪ سمجهجان خدا تنھنجي لاءِ اڃان وڌيڪ رکيو آھي. اھو انوکو فلسفو ھو، جيڪڏھن توھان پنھنجي مالڪ ۾ ڪامل يقين رکندڙ آھيو تہ يقينن توھان ڪامياب آھيو. والد صاحب انھيءَ ڳالھ سمجهائڻ لاءِ ھڪ مثال بہ ڏنو، ھن اسان جي ھڪ مائٽ جي دوست جو واقعو ٻڌايو، ھو انگلينڊ ۾ ملازمت ڪرڻ چاھيندو ھو، ان لاءِ ھن ڪيتري ئي عرصي تائين پئسا گڏ ڪيا ۽ جڏھن انگلينڊ وڃڻ لاءِ جھاز تي سوار ٿيڻ وارو هو، کيس پٽ جي اچانڪ سخت بيمار ٿيڻ جو اطلاع مليو. ھو ڏاڍو پريشان ٿيو. جنھن جھاز ۾ ھو وڃڻو ھو، اھو حادثي ۾ تباھ ٿي ويو. ان واقعي مان اھو سبق ملي ٿو تہ انگلينڊ نہ وڃڻ ان لاءِ خدا جي ھڪ رحمت ھئي. اھو سچ آھي تہ مون کي ان وقت اھا ڳالھ سمجھ ۾ نہ آئي، پر زندگي جي مشڪل مرحلن مان گذرندي مون کي سڀ ڪجهہ سمجهہ ۾ اچي ويو. جڏھن اسان ٻار ھوندا آھيون تہ اسان جو ڪم صرف پنھنجن دوستن ۽ استادن کي متاثر ڪرڻ ھوندو آھي، جڏھن اسان وڏا ٿي ويندا آھيون تہ ڪيترن ئي مسئلا اسان کي وڪوڙي ويندا آهن، ۽ اسان انھن مسئلن کي منھن ڏيڻ سکي ويندا آھيون، مسئلن سان مقابلو ڪرڻ سان ئي اسان مضبوط ٿيندا آھيون، ۽ جڏھن وقت ايندو آھي تہ اھي ڳالھيون پنھنجي ٻارن ۾ منتقل ڪندا آھيون. اسان سڀ منھنجو ڀاءُ، آئون ۽ منھنجي والده وڏا مسئلا بابا سان سليندا ھئاسين، روزمره جا معاملا تہ امان پاڻ سليندي ھئي.

امان جي بھادري جو ھڪ واقعو مون کي ياد آهي. والد صاحب ڊاڪٽريٽ لاءِ ڪئمبرج يونيورسٽي انگلينڊ ويل ھو. امان اسان سان گڏ ھئي، ھڪ ڏينھن ڪنھن ڪم سان بازار وئي، اسان جي پاڙيسري ڪجهہ غنڊن سان گڏجي اسان ٻنھي ڀائرن تي لٺين سان حملو ڪيو، اسان گهر جا در دريون بند ڪري پاڻ کي بچايو. امان واپس آئي تہ اسان کيس سڄو قصو ٻڌايو، اسان جي ڳالھ ٻڌي کيس گهڻي ڪاوڙ آئي، لٺ کڻي اسان جي پاڙيسري جي گهر ۾ وئي، اھو واقعو تقريباً پنجاھ سال پراڻو آھي، ان وقت منھنجي عمر ڏھ سال ھئي، مون کي پنھنجي ماءُ جو ردعمل اڄ ڏينھن تائين ياد آھي. امان کي ڪاوڙ تمام گهٽ ايندي ھئي پر جڏھن ايندي ھئي، الله معاف ڪري.. ھو انتھائي بي ڊپي مائي ھئي. اسان جڏھن بہ مايوس يا ڪنھن خوف جو شڪار ٿيندا ھئاسين تہ ھوءَ حوصلو ڏيندي ھئي. ھڪ دفعي مون کي استاد مار ڏني، جڏھن گهر آيس تہ بابا لکي رھيو ھو، منھنجي ڳالھ ٻڌندئي بابا يڪدم اٿيو ۽ سائيڪل تي مون کي ويھاري پرنسپل جي گهر وٺي آيو. اتي پھچي مون کي سائيڪل جو خيال رکڻ جو چئي پاڻ گهر ۾ ھليو ويو، پرنسپل صاحب کي بابا تمام گهڻو ڳالھايو ھو، آئون ٻاھران ٻڌي رھيو ھئس، بابا چئي رھيو ھو توھان منھنجي ٻار کي مارڻ جي جرئت ڪيئن ڪئي. جيڪڏهن اسان کي ڪو جسماني نقصان پھچندو ھو تہ اسان جا والدين جهيڙَي لاءِ تيار ٿي ويندا هئا. مون ڪڏھن بہ بابا ۽ امان کي پاڻ ۾ وڙھندي نہ ڏٺو.

والد صاحب جو آئون تمام گهڻو احترام ۽ عزت ڪندو ھئس، پنھنجي والده جي ڏنل تربيت مطابق مون ڪڏھن بہ بابا سان سواءِ ھڪ ڳالھ جي اختلاف نہ ڪيو. ان واقعي کي آئون ڪڏھن بہ وساري نہ سگهندس. ٿيو ھيئن جو، آئون بيروزگار ھوندو ھئس، پنھنجي ھڪ دوست جي ڳالھين ۾ اچي ويس، گهر اچي والد صاحب کي ڪاوڙ ۾ چيم، سڄو ڏوھ توھان جو آھي، توھان مون کي پيدا ئي نہ ڪيو ھا، اڄ ھي ذلالتون نہ ڏسان ھا. منھنجي انھي بدڪلاميءَ باوجود والد صاحب ھڪ اکر بہ نہ ڪڇيو. ٻن ڏينھن کان پوءِ بابا جي لکڻ واري ميز تي ھڪ نظم نظر آيو، اھو نظم اصل ۾ منھنجي بدڪلاميءَ جو جواب ھو. بابا لکيو ھو، ھڪ ڏينھن منھنجي پٽ معاشي مسئلن کان تنگ ٿي مايوسيءَ مان مون کي چيو ھو، توھان مون کي پيدا ڇو ڪيو؟ آئون پنھنجي پٽ کي نصيحت ڪيان ٿو تہ جڏھن وقت اچي، ھو پنھنجي پٽ کي جنم ڏيڻ کان پھرين ان کان اجازت وٺي پوءِ کيس دنيا ۾ آڻي. منھنجي بدڪلاميءَ جي جواب ۾ اھا اھڙي چماٽ ھئي، جنھن جي تڪليف آئون اڄ بہ محسوس ڪري رھيو آھيان.

جيئن آئون پھرين ٻڌائي آيو آهيان، اسان اڪثر ڪري پنھنجا مسئلا امان کي ٻڌائيندا ھئاسين، ان جو سبب اهو هو تہ بابا کي پنھنجي تخليقي ڪم ۾ رنڊڪ نہ ٿئي، امان بہ ڪوشش ڪندي ھئي تہ بابا کي ڪنھن مسئلي ۾ پريشان نہ ڪجي، امان کي خبر ھئي تہ سندس شادي ھڪ اھڙي شخص سان ٿي آھي، جنھن کي پنھنجي تخليقي سرگرمين لاءِ موزون ماحول جي ضرورت آھي. بابا پنھنجي طبيعت ۾ سادگي پسند ھوندو ھو، جڏھن آئون سياست ۾ آيس، منھنجي مخالفن مون تي ڇتي تنقيد ڪئي تہ والدين پريشان ٿي ويا. ان مشڪل وقت ۾ بابا مون کي ھڪڙو جملو چيو ھو، ”پٽ ڪو غلط ڪم تہ نہ ڪيو اٿئي.“ بابا جي انھي جملي مون کي وڏو حوصلو ۽ ھمت ڏني.

آئون پنھنجي والد صاحب کان گهڻو متاثر آھيان ۽ گهريلو زندگي ۾ ان جھڙو ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو آھيان. جيڪڏهن منھنجي گهر جو ڪو ماڻھو بيمار ٿي پوي تہ آئون ڏاڍو فڪرمند ٿي پوندو آھيان پر پريشان ناھيان ٿيندو ۽ پنھنجون ذميواريون نڀاھيندو آھيان. گهر وارا ٻڌائيندا آهن تہ آئون ننڍي ھوندي بہ ايئن ئي ھوندو ھئس. منھنجي ننڍپڻ جو واقعو آھي، امان رات جو اچانڪ غسل خاني ۾ ڪري پئي، بابا انگلينڊ ۾ ھو، گهر ۾ صرف اسان ٻہ ڀائر ھئاسين، ڀاءُ ننڍو ھو. آئون امان کي سھارو ڏيئي ڪمري ۾ اچي سمھاريو، ان کان پوءِ ڊاڪٽر جي نالي ھڪ پرچي لکي ملازم کي ڏنم تہ جلدي ڊاڪٽر کي وٺي اچي. انھن ڏينھن ۾ اسان جي گهر ۾ ٽيليفون نہ ھوندو ھو. ۽ امان ڪيترن ئي ڏينھن تائين ان واقعي جو ذڪر ڪندي رھي. آئون پنھنجي ٻارن سان اھڙو رويو اختيار ڪندو آھيان، جيئن منھنجو والد صاحب اسان سان ھلندو ھو. اھو سڀ ڪجھ شعوري ناھي، آئون لاشعوري ۾ بہ ائين ئي ڪندو آھيان. جڏھن ڪو مسئلو پيش ايندو آهي تہ آئون پنھنجي والدين جي مسئلي سلجهائڻ جي طريقي کي ياد ڪندو آھيان. حالتون تبديل ٿي وينديون آھن، ماڻھو تبديل ٿي ويندا آهن پر حقيقتون تبديل نہ ٿينديون آهن ۽ اھا ئي ڳالھ اھم آھي.

ڏکين حالتن ۾ بابا جي شاعري مونکي حوصلو ڏيندي آهي، منھنجا ٻار بہ منھنجي ڪم مان نہ پر ، منھنجي والد صاحب جي ڪم مان رھنمائي ۽ سڪون حاصل ڪندا آهن، منھنجو ڪم تہ سال ٻن کان پوءِ وساريو ويندو آهي، البتہ والد صاحب جو ڪم صدين تائين زنده رھندو.

(ماھوار امرتا جي ٿورن سان)

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close