سنڌي لوڪ ادب ۾ پهاڪن، محاورن ۽ ورجيسن جي اھميت

ڊاڪٽر ناھيد پروين

چوڻي: اھو ٿور-اکري نڪته-دار مقرر روپ لوڪ-پسند مڪمل جملو، جيڪو پنھنجي معنيٰ ۾ ئي استعمال ٿئي.

پھاڪو: اھا چوڻي جيڪا پنھنجي معنيٰ کان علاوه ٻي معنيٰ ۾ استعمال ٿئي.

ورجيس: بنا مصدر مقرر روپ لوڪ-پسند فقرو، جنھن ۾ نڪتو سمايل ھجي ۽ پنھنجي معنيٰ کان علاوه ٻي معنيٰ ۾ استعمال ٿئي.

اصطلاح: مصدري فعل سان غير مقرر روپ فقرو، جنھن ۾ نڪتو سمايل ھجي ۽ پنھنجي معنيٰ کان علاوه ٻي معنيٰ ۾ استعمال ٿئي.

سنڌي لوڪ ادب صدين کان جھنگ جھر، ڳوٺن، واھڻن ۽ وستين ۾ سرجي پيو. ڳوٺاڻي ماحول ۾ ٿيندڙ ڪچھرين ۾ لوڪ ادب جي ارتقا اڄ به جاري آھي. ھيءُ اھو ادب آھي، جيڪو اشاعتي مرحلن کان سواءِ، سگھڙن، ڏاھن ۽ مڱڻھارن پنھنجي سيني ۾ سانڍيو آھي، پر ويھين صدي جي شروعات کان عالمن لوڪ ادب کي ڪتابي صورتن ۾ آندو ۽ ڪوڙو مل کلڻاڻي پھريون سنڌي عالم ھو جنھن ۱۹۰۱ع ۾ ڳجھارتن جو ڪتاب ترتيب ڏيئي عام تائين پھچايو.

بعد ۾ ٻين اديبن، ڊاڪٽر عمر بن دائود پوٽي، ماستر الله بچائي سمي، عبدالحسين شاھ موسوي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي، ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي ۽ ڊاڪٽر روي پرڪاش ٽيڪچنداڻي ان ڏس ۾ پاڻ ملھايو آھي.
انھن عالمن ۽ اديبن ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌي ادبي بورڊ جي منظور ٿيل رٿا ”لوڪ ادب“ ھيٺ پنھنجي ساٿين سان سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ جا دورا ڪري سگھڙن سان ڪچھريون ڪري، مواد ھٿ ڪيو ۽ مختلف صنفن تي اٽڪل چاليھ ضخيم ڪتاب ترتيب ڏيئي، سنڌي ٻولي کي ”لوڪ ادب“ جي خزاني سان مالامال ڪري ڇڏيو.
اھو سلسلو اڃان به اڳتي وڌيو، جڏھن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ ڪراچي ٽيليويزن سينٽر تان سگھڙن جي ڪچھرين جا پروگرام پيش ٿيا. جنھن ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان فتح خان جي ڪچھري، جنھن جا ٻه اھم ڪردار سيد صالح محمد شاھ ۽ عبدالڪريم بلوچ ھئا، تمام گھڻو مشھور ٿيو.
پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي سينٽر تان ”ڪچھري“ نالي پروگرام جي شروعات سيد صالح محمد شاھ ڪئي، جيڪو ورھين تائين ڪراچي سينٽر تان نشر ٿيندو رھيو. انھن پروگرامن وسيلي سُگھڙن کي ڳوٺن مان ڪڍي شھرن ۾ آندو ويو ۽ انھن جو سرجيل ادب عام ٿيڻ لڳو. اڳتي ھلي سگھڙن جي مختلف تنظيمن جي جوڙ جڪ به ٿي، جنھن سان سگھڙن جي وچ ۾ لھ وچڙ به ٿي، ۽ لوڪ ادب جي ثقافت کي به ھٿي ملي.
سنڌ ثقافت کاتي ميلن ۽ عرسن جي موقعن تي منعقد ٿيندڙ ادبي ڪانفرنسن سان گڏوگڏ سگھڙن جا پروگرام به ڪرائڻ شروع ڪيا. جنھن مان لوڪ ادب کي اڃان به وڌيڪ ھٿي ملي خاص طور تي لوڪ شاعري جون مختلف صنفون انھن پروگرامن وسيلي عام ماڻھن تائين پھتيون.
لوڪ ادب بابت ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو لکي ٿو؛ ”لوڪ ادب، تاريخ جي ضخيم ڪتابن مان نه ملندو، ڇاڪاڻ ته ان جو جنم اتي نٿو ٿئي، پر ان جو سرچشمو ’عوام‘ آھي، جنھن جا سينا انھن املھ ۽ اڻلڀ خزانن جا امين آھن. عوام جي زندگي سادي، تنھنڪري سندن ٻول به سادا، عوام جو ماحول سادو، تنھن ڪري سندن خيال به سادا؛ پر انھن سادن ٻولن ۽ خيالن ۾ جا بلندي رھي ٿي، سا سندن ٻَڌَ جو قوي دليل آھي. جيڪو به ٻول ٻوليندا، سو چٻي چٿي، وھڃائي ويچاري، ڳڻي پَھي ٽلي سَلي؛ جنھن ۾ سندن روشن خيالي۽ قوت مشاھده عالي پئي للڪاريندي. پُٺن اُگھاڙا، پيرين پيادا، کُڙيءَ کِھ لڳل، ليڙن لپيٽيل، سادي قُوت قرارا، جڏھن به صدري خزاني وارا موتي ھاريندا، تڏھن ٻڌندڙ دنگ رھجي ويندا ته سادي سيني مان، ڪھڙا نه مُلھ مھانگا موتي ملن ٿا. ھر ملڪ جي ادب جو سينگار، اھي ئي ’لوڪ ادب‘ جا مانڪ، موتي، لعل آھن.“ (۱)
لوڪ ادب ڪڏھن اُسريو ڪٿي اُسريو ۽ ان جو مؤجد ڪير آھي، تنھن لاءِ ائين چوڻ مناسب ٿيندو ته جڏھن انسان سماجي طور تي باشعور ٿيو ۽ پنھنجي جذبن ۽ احساسن جي ترجماني ڪرڻ جي قابل ٿيو، تڏھن کان ھو انھن احساسن ۽ جذبن جو دلچسپ ۽ معنائتي انداز ۾ اظھار ڪندو رھيو آھي. اھي جذبا، اُمنگ ۽ احساس ھر خطي ۽ ھر ملڪ جي ماڻھن پنھنجي ريتن رسمن، روايتن ۽ ماحول آھر پيش ڪيا آھن.
ھن مقالي ۾ لوڪ ادب جي ٽن اھم صنفن جو تحقيقي جائزو ورتو ويو آھي. جيڪي بنيادي طور تي آھن ته لوڪ ادب جون، پر اھي ھاڻي ادب جو اھم حصو به بنجي ويون آھن.
اشاعتي وسيلن جي واڌاري ۽ ادب جي ارتقا ھوندي به، انھن صنفن جو واھپو ڏينھون ڏينھن گھٽجي رھيو آھي، جيتوڻيڪ ان جي واھپي سان ٻولي، دلچسپ، پرڪشش ۽ اثرائتي بنجي ٿي ۽ ان ۾ رنگيني پيدا ٿئي ٿي. اھي صنفون آھن.
۱ . پھاڪا
۲ . محاورا
۳ . ورجيس
حقيقت ۾ سنڌي لوڪ ادب جي سڃاڻپ ان جي پھاڪي جي گھرائي، محاوري جي سينگار ۽ ورجيس جي سُرن سان آھي. لوڪ ادب جي انھن ٽنھي صنفن جو جيڪڏھن عام ماڻھو اڀياس ڪري ٿو، ته کين انھن ۾ ھڪجھڙائي نظر اچي ٿي، جڏھن ته علمي اڀياس ڪجي ته انھن ۾ گھڻو فني فرق آھي. ان فني فرق کي ھيٺ واضح ڪجي ٿو.
انھن صنفن جو جڏھن فني ۽ تنقيدي اڀياس ڪجي ٿو، خبر پوي ٿي ته ٻوليءَ جي ماھرن وٽ انھن صنفن جا ڪا واضح ۽ اثرائتي وصف موجود ڪونھي. ان حد تائين جو پھاڪن جي ڪن ڪتابن ۾، جن ۾ ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي جي سھيڙيل ڪتاب ’گل شڪر‘ جيڪو پھريون ڀيرو ۱۹۰۵ع ۾ شايع ٿيو ۽ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جي سھيڙيل پھاڪن جي ڪتاب ’پھاڪن جي پاڙ‘ ۾ به ان صنف جي فن ۽ فڪر کي اجاڳر يا واضح ڪرڻ کان سواءِ سنئون سڌو پھاڪا ۽ انھن جو پسمنظر بيان ڪيو ويو آھي، البته ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي پنھنجي ڪتاب ’سنڌي پھاڪا ۽ محاوار‘ ۾ انھن صنفن جي وصفن ۽ انھن جي وضاحتن کي ڀرپور نموني بيان ڪيو آھي، بلڪ انھن ٽنھي صنفن جي پيرائتي وضاحت پڻ ڪئي آھي، جيڪا ڪجھ ھن ريت آھي؛ ”سنڌيءَ ۾ ڪتب ايندڙن سڀني مروج استعمال کي اسين ٻن قسمن ۾ ورھائي سگھون ٿا:
۱ . اھو مروج استعمال، جيڪو بيان ۾ ڪنھن جملي جي بيھڪ ۾ نه ٻڌجي، ھڪ الڳ ايڪي يا جملي وانگر ڪتب اچي ٿو.
۲ . اھو مروج استعمال، جيڪو بيان ۾ ڪنھن جملي جو جزو بڻجي وڃي ٿو. ھر ھڪ قسم جي مروج استعمال کي معنيٰ جي لحاظ کان ٻن ڀاڱن ۾ ورھائي سگھجي ٿو.
الف: اھو مروج استعمال، جيڪو اکري معنيٰ نه ڏيئي، ٻوليءَ جي رواج موجب ٻي ڪا معنيٰ ڏئي.
ب: اھو مروج استعمال، جيڪو پنھنجي اکري معنيٰ ۾ ئي ڪتب اچي ٿو.

ھتي ڏنل سمجھاڻيءَ موجب مروج استعمال ڪل چئن قسمن جا آھن:
۱ . اھو مروج استعمال جيڪو بيان ۾ الڳ ڪتب ايندڙ ھڪ پورو جملو يا ايڪو ھوندو آھي ۽ پنهنجي اکري معنيٰ بدران ٻوليءَ جي رواج موجب ٻي معنيٰ ڏيندو آھي، انهيءَ کي پھاڪو چئبو آھي.“ (۲)
مٿئين چارٽ ۾ جيڪڏھن ڏٺو وڃي ته ڊاڪٽر جيٽلي چئن صنفن يعني پھاڪي، چوڻي، محاوري ۽ ورجيس کي بنيادي طور تي مروج استعمال جي پھرين ٻن قسمن ۾ ورھايو آھي، جيڪا انھن جي فني ورھاست کي ظاھر ڪري ٿي سا ھيٺين ريت آھي.
· الڳ پورو جملو يا ايڪو
· جملي جو جز
اڳتي ھلي ڊاڪٽر صاحب انھن کي وڌيڪ ٻن قسمن ۾ ورھايو آھي. جيڪو ھيٺين ريت آھي:

· ٻي معنيٰ ڏيندڙ:
۱ . پھاڪو
۲ . محاورو

· اکري معنيٰ ڏيندڙ:
۱ . چوڻي
۲ . ورجيس

مٿين ورھاست جي روشني ۾ اھو چئي سگھجي ٿو ته چوڻي ۽ ورجيس ۾ جيڪا ڳالھ چئي وڃي ٿي سا واضح آھي. جڏھن ته پھاڪي ۽ محاوري ۾ اصل ڳالھ جو مطلب لڪل ھوندو آھي ۽ ان ۾ تشبيھ، استعاري ۽ ڪنايہ جو استعمال ٿيل ھوندو آھي. ان جي گھرائي ۾ وڃڻ لاءِ ذھني آزمائش جي ضرورت آھي.
’جامع سنڌي لغات‘ ۾ پھاڪي لفظ جي معنيٰ ڏنل آھي: ”(سن = پٿ + ڪو) ڏاھپ جو قول، ڪھاوت، مقولو، سياڻپ، دانائي يا ڪنھن واقعي جو ٿورن لفظن ۾ اشارو، (جو ڪنھن کي مثال طور ٻڌايو وڃي، جيئن ڪتو به کاڌو ڪُک به نه ڀري وغيرھ) رستو، واٽ، نصيحت.“ (۳)
انھن جي فني ۽ اکر ۽ گھراين ۾ وڃڻ کان اگ واٽ يعني پھرين انھن صنفن جي وصفن تي جيڪڏھن ويچار ڪجي ته انھن جي اھميت، نزاڪت، جوڙجڪ ۽ سماجي پسمنظر جو درست تجزيو ڪري سگھبو.

پھاڪو:
لفظ پھاڪي بابت مختلف عالمن رايا ڏنا آھن. داڪٽر عبدالڪريم سنديلو ’تحقيق اللغات سنڌي‘ ۾ پھاڪي لفظ جو اشتقاق ھن ريت ڏنو آھي: ”پھاڪو (سنسڪرت = (پٿ) + (ڪو پڇاڙي) نصيحت آميز چوڻي، ضرب المثال.“ (۴)
مطلب ته ان لفظ جو بنياد اھو ئي ورتو ويو آھي، جيڪو عبدالڪريم سنديلي ڏنو آھي.
مرزا قليچ بيگ ’سنڌي لغات قديمي‘ ۾ لفظ پھاڪي جي معنيٰ ”پھو، واٽ، رستو، ڳالھ، چوڻي، ڏوراپو، پيغام، ضرب المثال.“ (۵)

ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي ’پھاڪو‘ لفظ جي اکري معنيٰ بابت لکي ٿو؛ ”سنڌيءَ ۾ ھڪ مصدر آھي ’پھڻ‘. ان جون مکيه معائنون آھن؛ خيال ڪرڻ، فيصلو ڪرڻ، صلاح وٺڻ يا ڏيڻ، ملڻ، سرچڻ؛ نبيرڻ.“ (۶)
پر پھاڪي جي وصف بابت ڪنھن به عالم واضح، با معنيٰ يا جٽادار وصف ڪا نه ڏني آھي. مثالن سان ان جي معنيٰ مطلب ۽ وصف کي واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. جيڪڏھن ڏٺو وڃي ته پھاڪو دنيا جي سڀني ٻولين جي ادب توڙي لوڪ ادب ۾ ملي ٿو. ھڪ عالمگير صنف ھوندي به سنڌي ٻوليءَ ۾ ان جي واضح نه ھئڻ ھڪ تعجب جي ڳالھ آھي!

ڊاڪٽر روي پرڪاش ٽيڪچنداڻي، جنھن سنڌي پھاڪن تي ’دھلي يونيورسٽي‘ کان ڊاڪٽريٽ ڪئي آھي، تنھن پڻ پنھنجي ٿيسز جي ٻئي باب ۾، جيڪو پھاڪن جي بيھڪ ۽ وصف جي عنوان سان آھي. پھاڪي جي ڪا واضح وصف نه ڏني آھي، البته ان جي وضاحت ڪجھ ھن ريت ڪئي اٿس؛ ”پھاڪا لوڪ ادب جو حصو آھن، اھي انھن جي استعمال ڪرڻ وارن ڳوٺاڻن کان ئي نه، بلڪ ان جي معيار وارن عالمن کان به وڌيڪ ڳنڀير ٿيندا آھن. پھاڪن ۾ ھڪ پاسي بجليءَ جي روشنيءَ وانگر ڪنهن ڳالھ کي چؤطرف ڦهلائڻ جي سگھ آهي، اُتي ئي ٻئي پاسي قديم علم کي سُهڻي ۽ سپاٽ لفظن ۾ سنڀالي رکڻ جي قوت به آهي. پهاڪن ۾ جُڳن کان سمايل اھريون سچيون ڳالهيون مِلن ٿيون، جيڪي اُنهيءَ وقت جي ماڻهن لاءِ ته ڄڻ ڀت تي لکيل هڪ سَندَ يا مثال هيون. اهڙيون ئي سچيون ڳالهيون عام ماڻهن ۾ مشهوري ماڻي پهاڪي جي شڪل اختيار ڪري وٺنديون آهن.“ (۷)
ساڳيي ريت ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي به پھاڪي جي وصف بابت اعتراف ڪندي لکي ٿو؛ ”اسان پھاڪن جي خاصيتن بابت جدا جدا عالمن جي ويچارن جو جائزو ورتو ۽ اھو به ڏٺو ته انهن ۾ ڪنهن به ھڪ سمجھاڻيءَ ۾ پھاڪي جون سڀ وصفون پيش نه ڪيون ويون آھن. ھاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته نيٺ اھا ڪھڙي خاصيت آھي، جيڪا ڪنهن سخن يا ٻول کي پھاڪي جو درجو عطا ٿي ڪري. ٻين لفظن ۾ ائين به چئجي، ته آخر پھاڪي جي آتما يا جان ڇا کي سڏجي؟
ھيسٽنگس نالي ھڪ عالم، جدا جدا پھاڪن جو اڀياس ڪري، انهن ۾ چئن وصفن جو ھئڻ لازمي ڄاڻايو آھي، ھو لکي ٿو ته:
“Four qualities are necessary to constitute a proverb, brevity (or, as some prefer to put it, conciseness), sense, piquancy or salt (Trench) and popularity. (Encyclopaedia of Religion and Ethics, Hastings, Vol. x. 412)”
مطلب ته ڪو به سخن پھاڪي جو درجو حاصل ڪري، انهيءَ لاءِ ان ۾ چئن خاصيتن جو ھئڻ ضروري آھي. اھي آھن:
· ٿور-اکرائي يا ننڍڙو روپ.
· ويچارن جي گھرائي.
· سلوڻائي، ظرافت يا اظھار جي نزاڪت.
· لوڪ يعني عوام ۾ انهيءَ جو پرچار.“ (۸)

مٿين پيرائتي وضاحت کان پوءِ پھاڪو ادب ۽ سماج ۾ ڪھڙي اھميت رکي ٿو؟ ان جي وضاحت ٿي وڃي ٿي. ساڳئي وقت ھڪ ڊگھي بحث کان پوءِ ڊاڪٽر جيٽلي پاڻ ئي پھاڪي جي وصف بابت ھڪ نتيجو ڪڍيو آھي، جيڪو ھن ريت آھي؛ ”ان حالت ۾ سوال ٿو پيدا ٿئي ته ’ٿور-اکرائي‘ جو مطلب ڇا کڻجي؟ منهنجي ويچار ۾ انهيءَ وصف جو مطلب اھو آھي ته پھاڪن ۾ گھربل معنيٰ جو اثرائتو اظھار ڪرڻ لاءِ جيترن لفظن جي ضرورت آھي، انهيءَ کان وڌيڪ لفظ ان ۾ نه ھئڻ کپن. انهيءَ کي ئي ’اختصار يا ننڍڙو روپ‘ چئجي ٿو. ھتي انهيءَ ڳالھ جو به ڌيان رکڻ گھرجي ته وڏا پھاڪا گھڻو ڪري بيتن يا دوھن جي صورت ۾ ھوندا آھن. انهن ۾ تڪبندي، تجنيس حرفي، اظھار جو انوکو ڍنگ، وغيره خاصيتون به ھونديون آھن. ان ڪري ئي وڏا پھاڪا پڻ روزاني زندگيءَ ۾ عام ماڻھن جي يادگيريءَ ۾ گھر ڪري ٿا ويھن. ان ريت، انهن کي به ننڍڙن پھاڪن جيان ايڪائي وصف وارو مروج روپ حاصل ٿي وڃي ٿو. اھي آسانيءَ سان زباني روايت ذريعي ئي سماج ۾ مشھور ٿي ٿا وڃن.“ (۹)

ھيسٽنگس جن چئن وصفن جو پھاڪي ۾ ھئڻ لازمي ڄاڻايو آھي تن ۾ پھريون آھي: Brevity Conciseness يعني اختصار، جيڪڏھن پھاڪو مخطصر ھوندو ته اھو ڪنھن به لساني سماج ۾ سولائيءَ سان مروج ٿي ويندو، پر جي پھاڪو ڊگھو ھوندو ته ماڻھن کي سولائيءَ سان ياد نه رھندو.

ان ڪري اختصار پھاڪي جي بنيادي خوبي آھي. سنڌيءَ ۾ اھڙا جام مختصر پھاڪا ملن ٿا. جيئن ته:
· ٻه ته ٻارھن.
· کوڙيءَ کي گھمرو آھي.
· ٺونٺ لڳي، ساھيڙپ ڀڳي.

ساڳئي وقت سنڌيءَ ۾ ڊگھا پھاڪا به آھن. جيڪي ٻن ٻن، ٽن ٽن سٽن تي ٻڌل آھن.
ڪلاسيڪي صوفي شاعرن، شاھ ڪريم، شاھ لطيف، سچل سرمست ۽ ٻين ڪيترن شاعرن جي ڪلام ۾ اسان کي پھاڪن جو گھڻو واھپو نظر اچي ٿو. خاص طور تي شاھ لطيف جي ڪلام ۾ ته بيتن جا بيت پھاڪن سان ڀريل آھن. ڪجھ مثال ھيٺ ڏجن ٿا.
اگھيو ڪائو ڪچ، ماڻڪن موٽ ٿي،
پلئه پايو سچ، آڇيندي لڄَ مران.
(شاھواڻي، غلام محمد، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان ۴، بيت ۱۴، ۲۰۰۵ع، ص ۱۷۶)
تانگھي ۾ تاڻي، ٻڌُ پنھنجو تُرھو،
اونھي ۾ آڻي، ڪو نه ڏيندءِ ڪو ٻيو.
(شيخ، ٻانھو خان، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان ۶، بيت ۱، ۲۰۰۰ع، ص ۱۶۹)
ٿورا نه ٿورا، مون سين ماروءَ جي ڪِئا،
ڀلائيءَ ڀيرا، ڳڻي ڳڻيان ڪيترا.
(بلوچ، نبي بخش، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان ۶، بيت ۱۹، ۲۰۰۹ع، ص ۳۶۴)
جي ليلائي نه لھين، ته پڻ ليلائيج،
آسر مَ لاھيج، سڄَڻُ ٻاجھيندڙُ گھڻُو.
(شاھواڻي، غلام محمد، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ليلان چنيسر، داستان ۲، بيت ۲۱، ۲۰۰۵ع، ص ۶۰۶)
ڏيکاريس ڏُکَنِ، گَسُ پريَنِ جو،
سونھائي سُورَنِ، ڪِي ھيڪاندي ھوت سين.
(شيخ، ٻانھو خان، ’شاھ جو رسالو‘ جلد ٻيو، سُر حسيني، داستان ۱۱، بيت ۱۴، ۲۰۱۲ع، ص ۳۳۷)
ويچارن جي گھرائي:
پھاڪن جي ٻي خاصيت، ويچارن جي گھرائي آھي. يعني ته ان جي خيالن، ويچارن ۾ ڪو خاص نُڪتو، سماجي مسئلو يا معاملو، جنھن جو آڌار وھنواري زندگيءَ تي ھجي، پھاڪا لساني سماجن ۾ صدين کان مروج آھن.
مثال طور:
· پنھنجي ڪئيءَ جو نڪو ويڄُ نڪو طبيب.
· ٻه شينھن ٻيلي ۾ نه ماپن.
· کوھ پيو ڏيرپو، جنھن وڃايو ڀيڻپو.

مٿيان ٽيئي پھاڪا وڏي معنيٰ وارا آھن، ۽ اسان جي سماج جي ڀرپور عڪاسي ڪن ٿا. انھن ۾ سماجي مسئلن ۽ روزمره جي زندگي جي فڪر جي گھرائي موجود آھي.
ٽئين ۽ آخري پھاڪي مان پروڙ پوي ٿي ته ڪوشش ڪري ھڪ ئي گھر ۾ ٻه ڌيئر پرڻائي نه ڏجن. ڇاڪاڻ ته ڏٺو ويو آھي ته ٻه ڀينر جڏھن ھڪ ئي ڪٽنب ۾ پرڻايون وڃن ڀيون تڏھن اھي ڀيڻ سان گڏ، ڏيرياڻيون به بڻجن ٿيون.
نئين رشتي جي قائم ٿيڻ سان انھن ۾ پھرين واري سڪ، پريت، ميٺ محبت قائم نٿي رھي. تنھن ڪري ڪنھن سياڻي صحيح چيو آھي ته اھو ڏيرپو ئي کڏ پوي جنھن سان ڀينرن جي وچ ۾ نفرت ۽ تڪرار واري صورتحال پيدا ٿئي، ۽ گھر ۾ جھيڙا جھٽا ٿيندا رھن.
سلوڻائي، ظرافت يا اظھار جو انوکو انداز:
ڪيترا ئي پھاڪا مٿين ٻن خاصيتن کان علاوه اھڙا به آھن، جيڪي سلوڻائيءَ چترائي اظھار جي انوکي انداز ۽ متاثر ڪندڙ عبارت سبب پڙھندڙن جي دل ۽ دماغ تي يڪدم اثر ڪن ٿا. اھڙا پھاڪا عوام ۾ جلد مقبول ٿين ٿا.
مثال طور
· مينھن پنھنجي ڪارنھن ڏسي ڪا نه، ڳئونءَ کي چوي، ھل ڙي پڇ ڪاري.
معنيٰ ماڻھو پنھنجا عيب ثواب، ھلت چلت ڏسڻ کان سواءِ ٻين جي عيبن ۽ ھلت چلت تي چٿر يا اعتراض ڪن، پر اھو ضروري ناھي ته ھر پھاڪي جي ٻولي ايتري سلوڻي، دلڪش ۽ اثرائتي ھجي.

عوامي مقبوليت:
پھاڪن جي چوٿين خوبي انھن جي عوام ۾ مقبوليت آھي. ڪي به ٻول يا چوڻيون جيتر عوام کي پسند نه اينديون، تيستائين انھن کي پھاڪي جو درجو حاصل ٿي نه سگھندو. ان ڪري اھڙن ٻولن جي عوامي مقبوليت ان کي پھاڪي جو درجو ڏياري سگھي ٿي. سنڌ ۾ ھر ايراضيءَ ۾ مختلف پھاڪن جو استعمال ٿئي ٿو. ھر لھجي ۾ مختلف نوعيت جا پھاڪا آھن.
محاورو يا اصطلاح:
ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي ’مروج استعمال‘ جي سري سان پھاڪن، محاورن ۽ ورجيس جي جيڪا درجه بندي ڪئي آھي، ان موجب محاورو به پھرئين قسم جي درجي ۾ اچي ٿو. يعني ٻي معنيٰ ڏيندڙ. ان حوالي سان جيڪڏھن محاوري جو اڀياس ڪجي ته اھا ڳالھ آڏو اچي ٿي ته محاورو اھو مروج استعمال آھي، جيڪو بيان يا لکيت ۾ ڪنھن جملي جو جزو ٿي ڪم ايندو آھي، ۽ اکري معنيٰ بدران ٻوليءَ جي رواج مطابق ٻي ڪا لڪل معنيٰ يا تشبيھ جي صورت ۾ ظاھر ٿيندو آھي. ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي موجب:
“محاورو يا اصطلاح ٻئي عربي ٻوليءَ جا لفظ آھن، جيڪي سنڌي کان سواءِ، فارسي، اردو، پنجابي ۽ ٻين ڪن ٻولين ۾ به مروج ٿي ويا آھن.
’محاورو‘ لفظ جو عربيءَ ۾ اچار آھي؛ محاورة اِھو ’حاور‘ يا ’حور‘ فعل مان نڪتو آھي. جنهن جو مطلب آھي؛ ’موٽائڻ، ورندي ڏيڻ‘. پلاٽس اِنهن لفظن جون اردو-ھندي ڊڪشنريءَ ۾ ھيٺيون معنائون ڏنيون آھن.
(١) گفتگو، ڳالھ ٻولھ، (٢) اصطلاح، لفظي ميڙ، عام ڳالھ ٻولھ جو طريقو، (٣) ٻوليءَ ۾ استعمال، (۴) روايت، پرمپرا، عادت.“ (۱۰)

’جامع سنڌي لغات ۾‘ محاورو لفظ جون معنائون ھن ريت ڏنل آھن:
محاورو؛ (ع- حَورَ = ھن ورائي چيو) گفتگو، ٻول چال، ڳالھ ٻولھ، سوال جواب. علم نحو موجب اھو جملو، جنهن جي لفظي معنيٰ ھڪڙي ھجي، ته ڪنايتًا معنيٰ ٻي ھجي. مثلًا: اکيون پورڻ، بي شرم ٿيڻ، مرڻ، وغيره. اصطلاح، ورجيس، استعمال، اڀياس، ساڌنا، مشق، آزمودو، تجربو. (۱۱)
ساڳيءَ ريت اصطلاح عربي لفظ آھي، جنهن جو بنياد آھي، صلح يعني موافق، سٺو يا وڻندڙ ٿيڻ. لفظي ميڙ، فقرو، محاورو، ٻوليءَ ۾ استعمال، ڪا مقبول معنيٰ.
’جامع سنڌي لغات‘ ۾ اصطلاح لفظ جي معنيٰ ھن ريت آھي.
”اصطلاح ڌنڌي يا فن جو لفظ ورجيس، ٻولي جي محاوري وارو لفظ، لفظن جو جوڙ.“ (۱۲)
’جامع سنڌي لغات‘ ۾ ڏنل اھا معنيٰ اڻپوري محسوس ٿئي ٿي.

ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي محاوري ۽ اصطلاح کي ھڪ ئي صنف جي دائري ۾ آندو آھي، ۽ پنھنجي ڪتاب ’سنڌي پھاڪا ۽ محاورا؛ ھڪ اڀياس‘ جي چوٿين باب کي عنوان ڏنو اٿس ’محاورو يا اصطلاح‘. سندس چواڻي اھي ٻئي عربي لفظ آھن، ۽ ٻئي ٻولي جي مروج استعمال ۾ ٻي معنيٰ ڏيندڙ آھن. جڏھن ته ورجيس کي اکري معنيٰ ڏيندڙ صنف ڪوٺيو آھي، ۽ ڌار صنف قرار ڏنو آھي.
ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي پنھنجي ڪتاب ’اصطلاحن جي اصليت‘ ۾ اصطلاح ۽ ورجيس کي ھڪ ئي صنف ڪري ڪوٺيو آھي. ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو:
”اصطلاح کي ورجيس به چوندا آھن. ورجيس سنسڪري (ورج) ڌاتو (بنياد) مان نڪتل آھي،، جنھن جي معنيٰ آھي: چونڊڻ، پسند ڪرڻ، ٻن معنائن مان ھڪ چونڊڻ.

اصطلاح ھر وقت ٻوليءَ ۾ ڪتب ايندا رھندا آھن. ڇاڪاڻ ته وقت جي نزاڪت خودبخود ئي عوام کي اصطلاحن چوڻ تي آماده ڪري ٿي. دنيا جي ڪا به زبان اصطلاحن کان خالي ڪانھي.“ (۱۳)

ٻن وڏن عالمن جن مان ھڪ ٻولي ۽ لسانيات جو عالم آھي ته ٻيو لغات ۽ لوڪ ادب جو ماھر آھي، انھن جي راءِ ۾ تضاد جو ھڪ سبب جيڪو مون کي سمجھ ۾ اچي ٿو، اُھو اِھو به ٿي سگھي ٿو ته پھاڪي کي انگريزي ۾ Proverb ڪوٺجي ٿو، پر انگريزي۾ ھڪ ٻيو اصطلاح Idioms آھي، جنھن جي معنيٰ؛ ”اڊيئم اسم، ۱- محاورو، اصطلاح، ورجيس لفظن جو ميڙ جي گڏيل معنيٰ، انھن جي انفرادي معنيٰ کان مختلف ھجي، (جيئن Over the moon دماغ آسمان تي، see the light مونجھارو ختم ٿيڻ). ۲- ڪنھن خاص طبقي يا ٽولي جي ٻولي. ۳- الف: ڪنھن ملڪ يا قوم جي ٻولي، ب: ان جي انفرادي خاصيت. ۴- موسيقي، ادب وغيره ۾ اظھار جو خاص طريقو.“ (۱۴)
فرھنگ آصفيه موجب: ”محاورو (ع) ھڪ ڪلامي، پاڻ ۾ گفتگو، ٻول چال، ڳالھ ٻولھ، سوال جواب، اصطلاح، عام روزمره. اھو جملو يا ڪلام جنھن کي ڪجھ ماڻھن (عتبار جوڳن) لغوي معنيٰ جي مناسبت سان يا غير مناسبت سان ڪنھن خاص معنيٰ لاءِ مختص ڪيو ھجي، جيئن حيوان مان مراد، ڪل جاندارلکيا وڃن، ۽ محاوري ۾ غير ذوالعقول تي ان جو اطلاق ٿئي. جڏھن ته انسان کي عقل وارو چئي، عادت، مھارت، مشق، ربط، اڀياس.“ (۱۵)
مٿين ٻن حوالن جو جيڪڏھن جائزو وٺجي ٿو ته انگريزي Idioms اوڪسفورڊ ڊڪشنري موجب، محاورو- اصطلاح ۽ ورجيس ھڪ ئي شيءِ جا مختلف نالا آھن، پوءِ ڀلي انھن جي چوڻ، يا ڳالھائڻ جي انداز ۾ فرق يا فني فرق ٿي سگھي ٿو.

اھڙيءَ ريت فرھنگ آصفيه جيڪا اردو ٻولي جي مستند لغت آھي، اھا به محاوري ۽ اصطلاح، ٻنھي کي ھڪ ئي خاني ۾ ظاھر ڪري ٿي.
اعجاز احمد ميمڻ سُر پرڀاتي جي موضوع تي ڀٽ شاھ ۾ ۲۰۰۹ع ۾ ادبي ڪانفرنس جي موقعي تي پڙھيل پنھنجي مقالي ۾ ساڳي ريت بحث ڪندي لکي ٿو ته؛ ”اصطلاح ۽ محاوري ۾ يقينًا فرق آھي.“ (۱۶)
ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي پنھنجي ڪتاب ’سنڌي ورجيسي ٻولي‘ جي پيش لفظ جي شروعات ڪجھ ھن ريت ڪري ٿو:
”ورجيس جي علمي معنيٰ محاورو يا اصطلاح آھي. اھڙيءَ طرح ورجيسي ٻوليءَ جي معنيٰ آھي محاوراتي ٻولي. لغت جي روءِ کان ورجيس لفظ جي معنيٰ آھي، لباس پھريل ٻولي، ٺاھ ٺوھ واري ٻولي يا وري سينگاريل زبان. ڳالھ ٻولھ ۽ بيان ۾ ھر ڪو انسان پنھنجي مدعا کي مخثر طور ادا ڪرڻ لاءِ ٻوليءَ کي ٺاھي جوڙي استعمال ڪندو آھي. ان ڪري ورجيسي ٻولي اھا آھي، جيڪا عام ماڻھو پنھنجي ماحول ۽ آسپاس جي مشاھدي ۽ آزمودي جي بناءَ تي ٺاھين، جوڙين ۽ سينگارين ٿا.“ (۱۷)

ڊاڪٽر روي پرڪاش ٽيڪچنداڻي، پنھنجي ڪتاب ’سنڌي پھاڪا: لسانياتي ۽ سماجي-ثقافتي اڀياس‘ ۾ انھن ٽنھي صنفن ۾ فرق کي واضح ڪندي مثالن سان واضح ڪري ٿو:
”پھاڪي، محاوري ۽ ورجيس ۾ فرق:
پهاڪي ۽ محاوري جي شڪل ۽ خاصيتن تي اڃا تائين جيڪو ويچار ڪيو ويو آهي، انهيءَ مان ظاهر آهي ته پهاڪو ۽ محاورو ٻئي ٻوليءَ جا اهڙا ’سوُتر پريوگ‘ (مقرر ڪيل قاعدن موجب استعمال) آهن، جيڪي لفظي معنيٰ بدران ٻوليءَ جي رواج موجب ٻي گهربل معنيٰ ڏيندا آهن. اِنهن ٻنهي جي استعمال ڪرڻ سان ٻولي دلڪش، نزاڪت ڀري ۽ اثرائتي بڻجي پوي ٿي، پر ٻنهي جي وچ ۾ ڪيترين ئي ڳالهين ۾ فرق آهي، جيڪو ٿوري ۾ هيٺ ڄاڻائجي ٿو:
۱ . پهاڪو الڳ پورو جملو يا جملن جو ايڪو هوندو آهي، پر محاورو هميشه ڪنهن جملي جو جزو هوندو آهي، جيئن ته ’انڌن ۾ ڪاڻو راجا‘، ’مينهن پنهنجي ڪارنهن ڏسي ڪا نه، ڳئون کي چوي، هَل ڙي پُڇ ڪاري‘ پهاڪا آهن. پهرئين پهاڪي ۾ هڪ جملو آهي، ۽ ٻئي پهاڪي ۾ ٽي جملا آهن. ڪجھ مثال هن ريت آهن:
· ساهڙين جي واتان اها ڳالھ ٻُڌي ڪملا پاڻي پاڻي ٿي ويئي.
· رام داس اٿئي ٻگهُلو ڀڳت کانئس خبردار رهجانءِ.
انهن مثال ۾ ’پاڻي پاڻي ٿي ويئي‘ ۽ ’ٻگهلو ڀڳت‘ محاورا آهن، جيڪي جملن جو ئي هڪ حصو آهن.
۲ . پهاڪي ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه لفظ هوندا آهن، جيئن ته: قرض مرض، پر محاورو هڪ لفظ وارو به ٿي سگهي ٿو. جيئن ته ڪنهن ڇوڪري کي چئجي: ’گڏھ! هيڏانهن ڌيان ڏي.‘ ته هن جملي ۾ ’گڏھُ‘ لفظ محاورو آهي، جيڪو پنهنجي لفظي معنيٰ بدران ٻي معنيٰ ۾ ڪتب آيو آهي.“ (۱۸)

ڊاڪٽر روي اڳتي وضاحت ڪندي لکي ٿو ته: ”پهاڪا، بيان ۾ ڪتب نه اچڻ تي به پنهنجي ليکي پوري معنيٰ جو اظهار ڪندا آهن. ٻئي طرف، محاورا گهڻو ڪري بيان ۾ استعمال ٿيڻ بعد پنهنجي گهربل معنيٰ ظاهر ڪن ٿا. جيئن ته: گڏھُ (بيوقوف، مورک)، مرڻ (فدا ٿيڻ) وغيره جڏهن بيان ۾ ڪتب آڻبا، تڏهن اُنهيءَ جي حوالي سان ٻڌائي سگهبو ته اِهي لفظي معنيٰ ۾ آهن يا اُنهن جي اصلاحي معنيٰ گهربل آهي.
پهاڪا گهڻو ڪري سياڻپ جا سُخن ۽ نصيحت ڀريا گُفتا آهن، جيڪي اِنسان جي زندگيءَ جي رهنمائي ڪن ٿا. ٻئي طرف، محاورا فقط ڪنهن ڪم جي هئڻ، ٿيڻ وغيره جو نرالي ۽ اثرائتي نموني بيان ڪن ٿا. اُنهن جو گهڻو واسطو ٻوليءَ جي عبارت سان آهي.
ورجيس به محاوري وانگر جملي جو هڪ جزو هوندو آهي، پر اُها لفظي معنيٰ ۾ ڪتب ايندي آهي. جيئن ته: ماستر، موهن کان سوال پڇيو ته هو اهڙو ڪُڇي جهڙو ڀت. ورجيس چوڻيءَ جي وڌيڪ ويجھو آهي، پر اُها لفظي معنيٰ ۾ ڪتب ايندي آهي. مثال طور: سوڪ جي ڪري ستال ماڻهن کي مدد ڪرڻي اٿيئي ته اُن ۾ دير نه وجھ. ’ترت دان، مهاپُڃ‘ هتي ’ترت پُڃَ‘ هڪ چوڻي آهي.
سنڌي ٻوليءَ ۾ عام طرح پهاڪي ۽ چوڻيءَ جي وچ ۾ تفاوت نه لکيو ويندو آهي، پر باريڪ نظر سان ڏسجي ته چاهي ٻئي پورا جملا آهن، پر پهاڪو اکري لفظي معنيٰ ۾ ئي ڪتب ايندو آهي.“ (۱۹)

نتيجو:
مٿين برک عالمن جي تضاد راءِ کان پوءِ آئون ان نتيجي تي پھتي آھيان ته لوڪ ادب، ادب جي انھن صنفن / اصطلاحن (Terms) تي ھڪ جامع کوجنا ٿيڻ گھرجي، ته جيئن انھن وصفن جي واھپي ۽ معنائن کي صحيح صورت ۽ وصف عطا ٿئي. ٻيو ته شھري ٻوليءَ ۾ انھن سڀني جو استعمال اڻلڀ ٿيندو پيو وڃي. جنھن لاءِ انھن موضوعن تي ڪانفرنسون ڪرائڻ گھرجن. انھن موضوعن تي سنڌي ٻولي اختيارين کي ڪتاب شايع ڪرائڻ گھرجي.
اسڪولن ۾ سنڌي پڙھائيندڙ استادن لاءِ پھاڪن، محاورن ۽ اصطلاحن جي واھپي لاءِ ورڪشاپ ڪوٺائڻ گھرجي. سنڌي نصاب ۾ ان موضوعن کي وڌ ۾ وڌ شامل ڪرڻ گھرجي.
يونورسٽي جي نصاب ۾ خاص طور تي مٿين ڪلاسن ۾ ھڪ ڌار ڪورس يا پيپر متعارف ڪرائڻ گھرجي.

حوالا:
۱ . سنديلو، عبدالڪريم؛ ’لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو‘، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄام شورو، ۱۹۸۶ع، ص: ۱.
۲ . جيٽلي، مرليڌر، ڊاڪٽر؛ ’سنڌي پھاڪا ۽ محاورا (ھڪ اڀياس)‘، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، ۱۹۹۶ع، ص: ۲۳ ۽ ۲۴.
۳ . بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر؛ ’جامع سنڌي لغات‘، جلد ٻيو، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، سنڌ، ۲۰۰۷ع، ص: ۲۵۷.
۴ . سنديلو، عبدالڪريم؛ ’تحقيق اللغات سنڌي‘، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، ڇاپو پھريون، ۱۹۵۵ع، ص: ۹۶.
۵ . قليچ بيگ، مرزا؛ ’سنڌي لغات قديمي‘، ڀرڳڙي سينٺل پريس، ۱۹۲۴ع، ص: ۲۶.
۶ . جيٽلي، مرليڌر، ڊاڪٽر؛ ’سنڌي پھاڪا ۽ محاورا (ھڪ اڀياس)‘، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، ۱۹۹۶ع، ص: ۳۱.
۷ . ٽيڪچنداڻي، روي پرڪاش، ڊاڪٽر؛ ’سنڌي پھاڪا: لسانياتي ۽ سماجي-ثقافتي اڀياس‘، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، ۲۰۱۰ع، ص: ۵۳.
۸ . جيٽلي، مرليڌر، ڊاڪٽر؛ ’سنڌي پھاڪا ۽ محاورا (ھڪ اڀياس)‘، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، ۱۹۹۶ع، ص: ۴۲.
۹ . جيٽلي، مرليڌر، ڊاڪٽر؛ ’سنڌي پھاڪا ۽ محاورا (ھڪ اڀياس)‘، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، ۱۹۹۶ع، ص: ۴۳، ۴۴.
۱۰ . جيٽلي، مرليڌر، ڊاڪٽر؛ ’سنڌي پھاڪا ۽ محاورا (ھڪ اڀياس)‘، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، ۱۹۹۶ع، ص: ۵۴.
۱۱ . بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر؛ ’جامع سنڌي لغات‘، جلد ٻيو، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، سنڌ، ۲۰۰۷ع، ص: ۲۹۰.
۱۲ . بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر؛ ’جامع سنڌي لغات‘، جلد ٻيو، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، سنڌ، ۲۰۰۷ع، ص: ۱۸۱.
۱۳ . سنديلو، عبدالڪريم، ڊاڪٽر؛ ’اصطلاحن جي اصليت‘، (ٻه اکر)، اسلم پبليڪيشن پاور ھائوس لاڙڪاڻو، ص: ۳.
۱۴ . اوڪسفورڊ انگريزي-سنڌي ڊڪشنري، پھريون ڇاپو، اوڪسفورڊ يونيورسٽي پريس ڪراچي، ۲۰۱۰ع، ص: ۸۷۱.
۱۵ . دھلوي، سيد احمد؛ ’مولوي فرھنگ آصفيه‘، (جلد چھارم)، سنگ ميل پبليڪيشن، لاھور، ص: ۳۰۳.
۱۶ . ميمڻ، اعجاز احمد، مقالو: ’پرڀاتي جي اصطلاحي ٻولي‘، ’سُر پرڀاتي‘ مرتب: محمد علي مانجھي، ثقافت ۽ سياحت کاتو، حڪومت سنڌ، ۲۰۱۰ع، ص: ۲۳۷.
۱۷ . عرساڻي، شمس الدين؛ ’سنڌي ورجيسي ٻولي‘، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، ۱۹۹۷ع، ص: ۱۳.
۱۸ . ٽيڪچنداڻي، روي پرڪاش، ڊاڪٽر؛ ’سنڌي پھاڪا: لسانياتي ۽ سماجي-ثقافتي اڀياس‘، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، ۲۰۱۰ع، ص: ۸۷.
۱۹ . ٽيڪچنداڻي، روي پرڪاش، ڊاڪٽر؛ ’سنڌي پھاڪا: لسانياتي ۽ سماجي-ثقافتي اڀياس‘، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، ۲۰۱۰ع، ص: ۸۹.

(ڪلاچي تحقيقي جرنل، ڇھ-ماھي، جون ۲۰۱۹ع، شاھ عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، ڪراچي تان، اداري جي ٿورن سان کنيل)

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close