محنتي ۽ فرض شناس استاد: سائين انور لغاري

عبدالستار لغاري

ھو وڏو ماڻھو نہ ھو ۽ نہ ئي ھن جي وڏن ماڻھن سان ياري ھئي، ھن پنھنجي مختصر زندگي ۾ ڀلي ڪي وڏا ڪارناما سرانجام نہ ڏنا ھجن پر ھو پنھنجي پسگردائي جي ماڻھن لاءِ گھڻو فڪرمند ھوندو ھو، فطرت جي رنگن سان بيحد محبت ڪندو ھو، وڻ پوکڻ ھن جو محبوب مشغلو ھوندو ھو. زندگي ھن سان وفا نہ ڪئي ۽ ھي جلدي پنھنجا ڪيترائي ڪم اڌ ۾ ڇڏي ھليو ويو. ھن جي زندگي جو ڏيئو ان بيماري اجھايو جيڪا قابل علاج آھي، پر اسان ٽئين دنيا جا ماڻھو قابلِ علاج بيمارين ۾ بہ سسڪي سسڪي ھڪ ڏينھن اونداھي وادي ۾ ھليا ويندا آھيون. اسان جو سماجي الميو اھو بہ آھي تہ اسان جا ماڻھو انفراديت تي اجتماعيت کي فوقيت ڏيندا آهن، جڏھن تہ ڪل جز کانسواءِ ڪجھ بہ ناھي، وڏا سمنڊ بہ قطرن مان ئي ٺھندا آھن، اڪثر ايئن بہ چيو ويندو آهي تہ ادا فلاڻي ماڻھو پنھنجو گھر ٺاھيو، پنھنجي خاندان کي سڌاريائين، سماج تي ڪھڙو احسان ڪيائين. اسان جي معاشري ۾ اڪثريت تنقيد ڪندڙن جي ھوندي آھي، ڪنھن دعوت تي ويندا تہ اتان بہ کائي پيئي چوندا تہ ڪھڙي دعوت ھئي، برياني ۾ گوشت صفا ٿورو ھو، اھڙي قسم جا ماڻھو چار خوبين کي نظرانداز ڪري ھڪ خامي کي پيا لوئيندا آھن. پھرين ڳالھ تہ ماڻھو مڪمل ٿي ئي نٿو سگھي، ھن ۾ خوبيون ھونديون تہ خاميون بہ لازمي ھونديون، ھونئن بہ چيو ويندو آھي تہ اڇي ڪپڙي تي ڪارو داغ چٽو ۽ واضح نظر ايندو آھي ۽ ماڻھن جي اڪثريت ڪاري داغ کي مٽائڻ بدران ڏند ٽيڙ ڪندي آهي. ھو اھڙن ماڻھن مان نہ ھو، ھو ڪاري داغ کي مٽائڻ جي ڪوشش ڪندو ھو، ھن جي نظر ڪلاس جي اڌ ڀريل تي پوندي ھئي، گلاس جي اڌ خالي کي نظرانداز ڪندو ھو. ھو ڌرتي جو ماڻھو ھو، انسان ھئڻ ناتي ھن ۾ بہ خاميون ھونديون، پر ھن جي پنجيتاليھ سالن جي مختصر زندگي ۾ پورھيو گھڻو شامل رھيو آھي. سائين انور علي لغاري تعلقي ماتلي جي ڳوٺ ولي محمد لغاري ۾ محمد شريف لغاري جي گھر ۾ 23 جولاءِ 1976ع ۾ جنم ورتو، سسئي ۽ سور پٽيندا ويا پاڻ جي مصداق سائين جي زندگي ۾ بہ شايد سور گھڻا ئي لکيل ھئا، سورن ھن سان زندگي جي آخري ھڏڪي تائين ساٿ نڀايو، ماءُ جي وفات کانپوءِ ننڍو ھوندي ئي ڀينرن ۽ ڀائرن جو وڏو ٿي ويو، پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ ھن پگھار تي ٻڪريون چارڻ شروع ڪيون. پڙھائي جي شوق جي ڪري ھن رازن سان بہ مزوري بہ ڪئي، ڪجھ پئسن عيوض ٻين شاگردن کي ڪاپيون بہ فيئر ڪري ڏيندو ھو. سائين انور لغاري ڳوٺ علي خان لغاري ۾ 20 سال مدرسي جي تعليم بہ ڏني، مدرسي ۾ پڙھائڻ سان گڏوگڏ مئٽرڪ، انٽر، بي اي ۽ ماسٽر بہ ڪيائين. 1992ع ۾ ٽنڊو غلام علي ھاءِ اسڪول مان مئٽرڪ ڪيائين، ھو رياضي جي مضمون ۾ گھڻو ڀڙ ھوندو ھو، پڙھائي دوران رياضي جي مضمون جي ٽيوشن بہ ڏيندو ھو، ھن مئٽرڪ جي امتحان ۾ رياضي جي مضمون ۾ 100 مان 99 مارڪون کنيائين. 1994ع ۾ انٽر ڪيائين. مئٽرڪ ۽ انٽر جي تعليم دوران ھن مدرسي ۾ بہ پڙھايو، 1998ع ۾ بي اي ڪيائين ۽ 2001ع ۾ مسلم ھسٽري ۾ ايم اي ڪيائين. 2003ع ۾ تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد ڀرتي ٿيو، سندس پھرين پوسٽنگ مير رانجھن ٽالپر پرائمري اسڪول ۾ ٿي، ايمانداري جي ڪري کيس تڪليفون بہ آيون، ايس ايم سي فنڊ جو ھڪ رپيو بہ نہ پاڻ کاڌئين ۽ نہ ٻي کي کائڻ ڏنائين، ان ڪري کيس تڪليفون پڻ ڏنيون ويون. 2006ع ۾ اسان جي ڳوٺ امير بخش لغاري ۾ بدلي ٿي آيو، جتي ھي 11 سال رھيو. منھنجي ڏاڏي سائين سان سندس گھڻي ويجھڙائپ ھوندي ھئي، ھن اسان جي ڳوٺ جي مسجد ۾ بہ ڪجھ سال قرآن مجيد جي تعليم ڏني. ايمانداري ۽ ٽائم جي پابندي جي ڪري منھنجو ڏاڏا سائين کيس اولاد وانگر ڀائيندو ھو. 2017 ۾ خبر ناھي کيس ڪھڙي ڏوھ جي سزا ڏني وئي، ھيڊ ماستر ھوندي بہ کيس ڳوٺ کان پري محمد خان رند پرائمري اسڪول ۾ بدلي ڪيو ويو، جتي ھي بيمار ھوندي بہ ايمانداري ۽ وقت جي پابندي سان ڊيوٽي ڪندو رھيو. گھڻي بيمار ٿيڻ کانپوءِ کٽ تي پئجي ويو ۽ پوءِ سندس پٽ ڊيوٽي ڏيندو رھيو. ھو تمام گھڻو مطالعو ڪندڙ ھو، کيس رياضي، انگريزي، مسلم ھسٽري، جنرل ھسٽري، تھذيبن ۽ ثقافتن جي تاريخ تي دسترس ھوندي ھئي، ھو شاھ جي رسالي جو پارکو ھو، سنڌ جي تاريخ ۽ تاريخي ڪردارن سان بہ بيحد محبت ڪندو ھو.

سائين انور لغاري جي گھڻو ويجھو رھندڙ منھنجو دوست پڦاٽ ايڊووڪيٽ لال بخش لغاري ٻڌايو تہ، سائين سان دوستي ۽ ڀائپي جو رشتو 97، 98ع کان رھيو، سائين جو ننڍو ڀاءُ بشير ۽ آئون پرائمري کان مئٽرڪ تائين گڏ پڙھياسين، بشير پڙھڻ سان گڏوگڏ مزدوري ڪندو ھو، بشير مزاحيہ ۽ خوش مزاج طبيعت جو مالڪ ھو، سندس موت ننڍي ڄمار ۾ نانگ جي ڪکجڻ جي ڪري ٿيو ھو، بشير سان دوستي ھجڻ ڪري سائين سان ويجھڙائپ ٿي. ايڊوڪيٽ لال بخش لغاري ٻڌايو تہ سائين انور کي وڪيل ٿيڻ جو شوق ھوندو ھو، پرائمري استاد ٿيڻ کان پھرين وڪالت ۾ داخلا ورتائين پر معاشي مجبورين جي ڪري وڪالت جي پڙھائي جاري نہ رکي سگھيو. نوڪري ملڻ کانپوءِ ھڪ دفعو ٻيھر جناح لا ڪاليج ۾ داخلا ورتائين، سائين کي روينيو سائيڊ جو وڪيل ٿيڻ جو شوق ھو، مونکي چوندو ھو، يار سنڌ ۾ ڪافي لاوارث، نڌڻڪا ماڻھو آھن، جن جي زمينن تي بااثرن جا قبضا آھن، وڪيل ٿي انھن جي مدد ڪبي. سائين جو ميرپور بٺوري وڃڻ ٿيندو رھندو ھو، جتي سائين جا ڪافي دوست ھوندا ھئا، اتي سائين جي ملاقات ھڪ مسڪين پورھيت عارب شوري سان ٿي، جنھن جي مائٽاڻي اڍائي ايڪڙ زمين تي قبضو ڪيو ويو ھو، سائين انور عارب جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو، ھن مونکي ڪيس وڙھڻ لاءِ چيو ۽ ان جو سڀ خرچ بہ پاڻ برداشت ڪيائين. انکانپوءِ اسان ڪيترائي دفعا ميرپور بٺورو ۽ سجاول وياسين. انھي دوران سائين جي طبيعت خراب ٿي، ھڪ دفعي ميرپور بٺوري وڃڻ دوران سائين ٻڌايو تہ کيس وات ۾ ڳوڙھي ٿي پئي آهي، ٽنڊو محمد خان جي سول اسپتال ۾ چيڪ اپ ڪرائينداسين، ڊاڪٽرن کيس بنا دير حيدرآباد مان ٽيسٽون ڪرائڻ لاءِ چيو. ٽيسٽون ڪرائڻ کانپوءِ کيس ڪئنسر ٻڌايو ويو. سائين انور ڪئنسر سان جھيڙيندي سخت تڪليف ۾ گذاريو. ۽ ايئن ھن عظيم استاد ۽ پنھنجي ڪم سان ڪميٽيڊ رھندڙ 3 سيپٽمبر 2021ع تي وفات ڪئي، ڳوٺ امير بخش لغاري جا رھواسي سندس تعليمي خدمتن کي ڪڏھن بہ فراموش نہ ڪري سگھندا.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close