ڪرڙ جو وڻ

شمس الدين زنئور

ڪرڙ جي وڻ کي انگريزي ۾ Caper tree ۽ ڏيلھن کي Caper fruit چئبو آهي. ڏيلھا ڪچا هوندا آھن تہ انهن کي ”ڏؤنرا“ چئبو آهي ۽ پچي ڳاڙها ٿيا تہ ”پڪا“ سڏبا آهن. ڏؤنرن مان سانڌاڻو ٺهندو آهي. پيرونء جي ابتڙ ڏيلها نہ ايترا مشھور آهن جو بازار ۾ ملن ۽ نہ ئي وري ان کي هر ماڻهو کائي سگهي ٿو، ڇو تہ ڏيلهي جي صرف ڳر مٺي آهي باقي ٻج سخت ڪوڙو آهي. ٿر جي ڏڪاريل جوء ۾ ڌنارن توڙي ڏاگهن جي ڌراڙن ۽ اوٺين جي مرغوب غذا آهي. ڏيلها سخت قبض بہ ڪندا آهن.

ڪرڙ جو ظاهر ٺوڙھو وڻ ڏاڍو گهاٽو ٿيندو آھي، تنھن ڪري پنن نہ ھوندي بہ ڇانوَ ڏيندو آھي. هي وڻ پري کان ائين نظر ايندو آهي ڄڻ ڪا زائفان وار کولي اوڪڙو ويٺي هجي. ھي وڻ ايترو تہ گهاٽو ٿئي ٿو جو پکي بہ مٿان ويھنس پر منجهس اندر وڃيو ڪونہ سگهن ڇو تہ سندس گهاٽين ڏانڊين ۾ ننڍا ڪنڊا بہ ٿين ٿا. ان ڪري ھن ۾ آکيرا پڻ گهٽ ڏسجن ٿا پر نوريئڙو سولائيءَ سان چڙھيو، اندر گهڙيو وڃي ۽ آکيرو بہ ٺاھي. پاڻمرادو ٿيندڙ ڪرڙ الاهي سخت جان وڻ آهي. هن ۾ پنن جي جڳھ تي ٽاريون، ڏانڊيون ۽ ڪنڊا ٿين ٿا.

ماروئڙا ھن جي پُسِيءَ (گلن) مان ٻوڙ رڌيندا آھي، جيڪو ڏاڍو مزيدار ٿيندو آھي. حڪيم ھن جو ڪاٺ ٻاري اتت يا باھ تي دوائن جو زھريلو اثر ماريندا آھن. ھن جي ڪاٺيءَ مان ٿاڌل گهوٽڻ جو ڏنڊو پڻ بي مثال ٺھي ٿو. هيء وڻ اڃ (تاس) جو ڏاڍو آھي، تنھن ڪري سخت سوڪھڙي ۾ بہ پنھنجي واڌ ويجهہ جاري رکندو آھي پر جيئن ٻيا وڻ گهٽجي ويا آھن، تيئن ھاڻ ھي وڻ بہ گهڻو گهٽجي ويو آھي.

ڏيلهي ۾ موجود ٻج ئي ڪرڙ جو تخم هوندو آهي. انسانن سان گڏ ڏيلهي کي جهرڪيون، بربلون، ٿاريلون، ملهالا، چيھا، وهيا ۽ ٻيا پکي به ٺونگاري مِٺي ڳر ڳڙڪائيندا ويندا آهن. ان ڳر سان گڏ ٻج بہ سندن گجين ۾ هليو ويندو آهي، پر اهو هنن جي ڳچين ۾ هضم نہ ٿيندو آهي ۽ وٺين لاهڻ سان سڄو سارو وڃي پٽ تي ڪِرندو آهي. ان ٻج جي سُڪي وڃڻ تي جڏهن بہ واءَ، واچوڙا ۽ جهڪون لڳنديون آهن تہ اهڙن ٻجن کي اُڏائي ڪٿي جو ڪٿي وڃي ڦٽو ڪنديون آهن، وري مٿان جڏهن مينهن ۽ برساتن جا وسڪارا ٿيندا آهن تہ ٻجن مان اول ڪرِڙيون پوءِ رفتہ رفتہ وڌي وڏا وڻ ٿين ٿا.

وڏي ۾ وڏي ڪرڙ جي وڻ جي ڊيگھ اٽڪل ڏهاڪو کن فوٽ ٿئي ٿي؛ پر ٿُڙ جي ٿلهائي يا موڪرائي جو گهيرو وٺڻ ڪاڻ ٻنهي هٿن جي پنجن کي ان جي گرد ڦيرائبو تہ پاڻ ۾ ملڻ کان انهن جي ڀڪوڙڻ جي وچ کان وڌيڪ هوندو آهي. وڇوٽيءَ ۾ مهمائڻ ۽ سمائجڻ کان وڌيڪ هوندو آهي.

ڪنڊيدار وڻ هئڻ ڪري ٻھراڙين جا ماڻهو پنھنجن گهرن، واڙن، وٿاڻن، کيتن ۽ پوکن کي ڪرڙن جي ڍنگهرن جا ٻيانن تي پور کڻي انهن جي بچاءَ ۽ حفاظت لاءِ چوڌاري لوڙها ڏيئي ڇڏيندا آهن. گهرن ڪاڻ، ڪرڙ وڻ جا ڏار، ٽار وڍي ڪپي انهن جي هيٺئين ۽ مٿئين پاسن جي ڇل وٺي جاءِ جي کڻن جيتري ماپ وٺي ٺاهين ٿا، انهن کي چون ’ڪايا‘. جاءِ جي ڀتين مٿان رکن ’داسا‘ انهن داسن مٿان ڇڊا ڇڊا رکن ڪام يا وري ڪرڙ جون سنهڙيون لامون. ٽاريون ۽ ڇانيون اڌوريون ڇانگي گڏ ڪن ٿا انهن کي چون جهڪ. اهو جهڪ ڪاين مٿان پکيڙين، مٿانئن وري بُھ گاري سان ڇت کي لنبي ڇڏين ٿا. انهيءَ واسطي سوگهي ۽ مضبوط گهر، واڙي، وٿاڻ جي لنگھ وٽ ٻيلنگھ يا ٻه منگها کوڙي ان کي چون کڙھ، ۽ رات جو ان مٿان ڍنگر رکي لنگھ بند ڪندا آهن.

ڪرڙ جي ڪاٺ مان هارپ، واسطي گُڏ واري رنبي جو ڳن، ڏاٽن جا ڳن، ڪوڏر ۽ ڪھاڙين، ڪھاڙن جا ڳن، هر جا مُٺيا، پاهوڙيون ڏانداريون پڻ ڪرڙ مان هونديون آهن. ٻيانيون جن سان ڍنگر کڻي لوڙها ڏين ٿا. هن جي ڪاٺ مان اٽِيون، گليون، بدوڙا ۽ ڏڪر، ڦرموٽيون، لاٽون، چڪريون، چوپڻ جون ساريون يا ڳوٽول گليلون، ڪوڙڪن جون ڪاٺيون ٺھن ٿيون جن سان بربليون ڦاسائين ٿا. ٻارن جي پنڌ سکڻ جو پڻ ٽہ ڦيٿيون ۔ ٽيڪڻيون ٻارن کي ويھاري ڇڪڻ وارا گاڏا، ليڪن ڪڍڻ وارا زول ۽ ٻيا سامان: سونگا جن ۾ زالون ڳھ ڳٺا وجهي رکن، ناس جون سونگيون دٻليون پڻ. هٿڻ، ٽوڙهيون، گهوٻاٽا، ڌڪا، لٺيون، بانٺا بہ پر اڄ انهي اسبابن جي ٺاهڻ وارا ڪاريگر ڄڻ آهين ئي ڪو نہ…
”ويچارا وليداد چئي، ولر ڪري ويا.“

گهر ڌڃاڻيون ڪرڙن جا ڏار نمائي پسي ڏؤنر پڪن جون جهون ڀري گهرن ۾ آڻي، پُسي سنڌڻيون بہ هيون تہ رڌنديون بہ هيون، ڏؤنرا بہ سنڌبا هئا، پر پڪن يا ڏيلهن جي ڳر ڪپڙي مان ڇاڻي رس ڪڍي اُن ۾ مٺو ڀت، تاهري رڌي کائين ٿا. جن جو پُٽاڻو اولاد نہ بچندو هو تہ اهي نئين ڄاول ٻار جو نالو ”ڪرڙ“ رکندا هئا تہ وڏي ڄمار ماڻيندو هيو.

ڀٽ ڌڻي جي سورمي مارئي جي تانگھ کي بيان ڪرڻ لاء لطيف سائين ڪرڙين جو استعمال ڪيو آهي:

عمر لانڍين ۽ لوڙهن سان نہ ماڙيون تو مٽائينديس
ليَن، لاڻين ۽ ڪرڙن ۾ پکا پنھنجا وسائينديس!

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close