ڪوھستاني لوڪ ڏاھپ جا رواج: عورتن جي حمل جا حساب!

سنڌو سنڌي

اڄ جديد زماني ۾ عورتن کي پيٽ ٿيڻ کانپوءِ ٽي وي (الٽراسائونڊ) ذريعي به پورن ڏينھن جي حساب ڪتاب جي درست خبر اڪثر ناھي پوندي، جنھن لاءِ ڊاڪٽرياڻيون اڪثر ڌُڪا (مفروضا) ھڻنديون آھن. ھاڻي سوچيو ته قديم زماني ۾، جتي ٻارن جي ڄاپڻ جو تعداد اڄ کان ڪيئي ڀيرا وڌيڪ ھو، ته پيٽ جا اھي حساب ڪتاب ڪير ۽ ڪيئن ڪندو ھو؟ مون جڏھن ان بابت کوجنا ڪئي، ڪجھ عورتن سان ملياس ته ڏاڍي دلچسپ معلومات مليام، اچو ته سنڌي ادب ۾ اھو مڪمل طور نئون موضوع آھي، جنھن بابت پھرين ۽ بنيادي ڄاڻ لکون.

ڪوھستان جي ڳوٺ عبدالرئوف جوکئي ڀاڏ مڪان، ڳوٺ رئيس وليداد جوکئي سپر ھاءِ وي، ڳوٺ ڪاٺ پالاري ڪلي کوھر، ڳوٺ مريداڻي جوکيا ڪاٺوڙ، ڳوٺ بنديچا جوکيا گڏاپ، ڳوٺ علي خان کوسي ڄامشوري، ڳوٺ نبي بخش جوکئي کاريسير، ڳوٺ راسل جوکئي ڪي ڊي، ڳوٺ دريا خان جوکئي جنگشاھي، ڳوٺ ڄام ڪنڊي ملير، ڳوٺ ڄام مھر علي جوکئي درساڻي ڇني، ڳوٺ دولو جوکئي ڄامشوري ۽ ٻين وسندين ۾ ان سلسلي ۾ روبرو وياس ته ڳچ معلومات ملي ۽ خبر پئي ته ڪوھستان ۾ جيتونيڪ اڳي پڙھيل لکيل عورتون صفا نه ھجڻ برابر ھيون پر ان باوجود، عورتاڻا حساب ڪرڻ ۾ اڄوڪيون ڊجيٽل عورتون به سندن جُتيءَ ۾ پير بنھه وجھڻ جھڙيون ناھن!

ان سلسلي ۾ سمورن ڳوٺن مان ھڪ اھا ساڳي ڄاڻ ملي ته ڳوٺ ۾ ڪا ھڪ ٻه عورت ڀَڙُ (ذھين) ھوندي آھي ته انھن عورتاڻن حسابن ۾ کيس اڳواڻ چونڊي حال احوال سڀ مايون ساڻس ڪنديون آھن، ڇوته ھوءَ اھڙن حسابن کي دماغ ۾ جَھٽي رکيو ڇڏيندي آھي. ان ڏس ۾ اھڙي عورت جيڪو حساب ڪندي آھي، اھو قدرتي سرشتن جي بھتر عڪاسي ڪندڙ ”پورو پُنو“ حساب ٿئي ٿو. اھي ان حساب لاءِ اسلامي تاريخن جا حساب ڪنديون آھن، جن ۾ ”سج“ بدران ”چنڊ“ جي تاريخن تي حساب ٿيندو آھي. جڏھن ڪا شادي شده عورت ان حساب ڪندڙ عورت کي ٻڌائيندي آھي ته ھن مھيني مونکي ”مھينو“ (مطلب عورتن جو حيض) ناھي آيو ته فورن ھٿ جي آڱرين تي ان ڏينھن کانپوءِ پورن اٺ مھينن جو حساب ڪندي آھي. ھر مھيني چنڊ جي تاريخن جي گھٽ وڌائي کي ھو به اوترو ئي گھٽائين يا وڌائين.

ان حساب ڪرڻ لاءِ اھي جيڪي شيون استعمال ۾ آڻين انھن ۾؛ ڄار جي وڻن تي نشان ڪن، يا جبل ۾ ڪنھن ڪُنڊ پاسي وڃي اھڙو ڪو نشان ھڻن جيڪو صرف اھا عورت ئي سمجھي. نشان ڪرڻ لاءِ اڇو پٿر، اڱيارو (ڪارو پٿر)، سڙيل ڪاٺ، اُلو، ڪوئلو، وڻ جي ڏانڊي جيڪا رس ڇڏي پر اھو گھڻي دير تائين ڇپيل ھجي ۽ ڊھي نه پوي، وغيره استعمال ڪنديون آھن. انھن مان ڪنھن به ھڪ سان اھي جبلن، غارن، گھرن آڏو موريل ڄار، بڙ ۽ اھڙن ڇانو ڪندڙ وڻن تي ٽن ڪنڊن واريون شڪليون ٺاھينديون آھن، مطلب ھڪڙا ٽي مھينا پورا ٿيا ته ھڪ ٽڪنڊو، ٻيا ٽي مھينا پورا ٿيا ته ان پاسي تان ٻيو ٽڪنڊو ۽ ان کانپوءِ ان پاسي ۾ ننڍڙا ننڍڙا گول نشان ھنن جيڪي ھفتي جي پنجن ڏينھن کي ظاھر ڪن، جيڪي ھڪ مھيني ۾ ڇھ، ٻن مھينن ۾ ٻارنھن ۽ ٽن مھينن ۾ ارڙنھن ٿين ٿا پر ھو اھڙي ريت اھي نشان لڳائينديون آھن جو چنڊ جي تاريخ گھٽ وڌ ٿيڻ تي به نشان برابر لڳيو وڃن يعني ٻار پورن ارڙنھن نشانن تي ڄاپندو آھي. مون تمام گھڻو مٿو ھنيو پر اھي نشان نه سمجھي سگھياس، نيٺ وڏي مشڪل کانپوءِ لکي نوٽ ڪيم. ياد رھي ته اھي حساب ڪرڻ جا اھڙيءَ ريت جا رواج ھاڻي يا ته مڪمل طور ماضيءَ جو قصو بنجي ختم ٿي ويا آھن يا نه ھجڻ برابر ڪِن ڳوٺن ۾ اڃا به ڪي عورتون اھڙي طريقي سان حساب ڪن ٿيون.

ھڪ ٻيو طريقو به معلوم ٿيو ته جنھن عورت کي پيٽ ٿئي، ان کي اسلامي يارنھين تاريخ جو حساب ياد ڪرائينديون آھن، يعني مڪمل ٻار ڄڻڻ تائين اھا عورت پنھنجي وس آھر خير خيرات ڪندي رھندي آھي، جنھن کي بادشاھ پِير جي يارنھين چون. ٻار ڄاپڻ تائين ھڪ بيبي سڳوريءَ جي ماني، ڪل چار ڀيرا يارنھيون (مطلب اھي ڪل ڇھ مھينا ٿيا) خير خيرات ڪن، ۽ باقي ٽي مھينن مان ھڪ مھينو پئسه گڏ ڪري ٻار جي ڇٽيءَ لاءِ سودو خريد ڪن، ھڪ مھينو ٻار جي باس باسين ۽ آخري مھيني تنجڻ جا بندوبست ڪن. اھڙي ريت ٻار ڄاپي ته وڌيڪ رواج ڪن. انھن رواجن مان ھر ڳوٺ ۾ ٿورو گھڻو فرق موجود آھي، ڪي ته ماڳھين ڪن ئي ڪونه!

ان کان علاوه ھڪ عورت کان اھا ڄاڻ ملي ته ڪنھن الڀڻي (دادلي) ٻار جي ڄمڻ تي ”حساب ڪندڙ عورت“ کي ٻار جا مائٽ، سٺو ڏِيَپ (تحفو) ڏيندا آھن. خود منھنجي امڙ مدينت ٻائي پڻ ھڪ اھڙي ئي ذھين عورت ھئي، جنھن سدائين اھي حساب پڪا ۽ پورا ڪيا. ان کان علاوه مالماڙيءَ ۾ ڏاڏي عائشه ٻائي، ڏاڏي ڪريمان، خاتون ٻائي، عزت ٻائي، شير خاتون ۽ عليم خاتون وغيرہ اھي عورتن جا نالا آھن، جيڪي ان سلسلي ۾ عورتن جون رھنما طور ليکيون وڃن ٿيون. ھاڻي الٽراسائونڊ ذريعي ٻار جي جسامت ۽ بناوت کي ڏِسي ڪري عورتن جي حمل جا حساب ٿين پيا ۽ پراڻا حساب ڪرڻ جا منفرد طريقا ختم ٿي، گم ٿي رھيا آھن. انڪري ھن موضوع تي لکڻ ضروري سمجھيم.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close