خانچند شامداس درياڻيءَ جو سنڌي ناٽڪ کان ھندي سينيما تائين سفر

تحقيق ۽ ترتيب: آصف علي جوکيو

ھندي سينيما جي شروعاتي دور ۾ ٺھيل گونگين (خاموش) فلمن کان وٺي آواز واري فلمن ۽ بعد ۾ رنگين فلمن جي دور تائين ڪافي سنڌين ھدايتڪاري، پراڊڪشن ۽ اداڪاري ۾ لڳاتار محنت ۽ جذبي سان نالو ڪمايو. فلمي تاريخ ۾ ڏسون ٿا تہ ھندي فلمن جون ڪھاڻيون لکندڙن ۾ سرفھرست ھڪ سنڌي ملي ٿو، تنھن جو نالو خانچند شامداس درياڻي آھي، فلمي دنيا ۾ کيس ڪي ايس درياڻي جي نالي سان ڄاتو ۽ سڃاتو وڃي ٿو.

خانچند شامداس درياڻيءَ جو جنم 1899 ۾ سنڌ جي شھر حيدرآباد ۾ ٿيو، جتي ھن شروعاتي تعليم حاصل ڪئي. وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪراچي آيو ۽ 1915 ۾ ڊي جَي سنڌ ڪاليج ۾ داخلا ورتائين. خانچند شامداس درياڻي ايگريڪلچر ڊپارٽمينٽ ۾ انسپيڪٽر جي نوڪري بہ ڪئي ۽ ملير ۾ ’ھيرالڊ ماڊل فارم‘ به کوليو ھئس پر سنڌ ۾ ڊراما نويس طور وڌيڪ مشھور ٿيو. خانچند شامداس درياڻي پنھنجن ساٿين سان گڏجي 1923 ۾ ’رابندرناٿ لٽرري اينڊ ڊراما ڪلب حيدرآباد‘ ۽ ’رابندر ناٿ لٽرري اينڊ ڊراما ڪلب ڪراچي‘ جو بنياد وڌو، جتي سندس ڊراما بہ پيش ڪيا ويندا ھئا.

خانچند شامداس درياڻي ايگريڪلچر کاتي ۾ نوڪري تان استعيفا ڏئي 1933 ۾ وڃي ممبئي وسائِي، جتي ھن ’ايسٽرن آرٽس پروڊڪش‘ نالي سان فلم ڪمپني کولي، جنھن ۾ سندس ننڍو ڀاءُ رام درياڻي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر طور ڪم ڪندو ھو. مشھور ڪاميڊين اداڪار گوپ کي بہ حيدرآباد کان ممبئي وٺي ويندڙ خانچند شامداس درياڻي ھو، سندس صلاح تي گوپ پنھنجي والد کي مطمئن ڪري ممبئي وڃي فلمن ۾ اداڪاري شروع ڪئي.

خانچند شامداس درياڻي جي ايسٽرن آرٽس پراڊڪشن ھيٺ تقريبن 8 فلمون ٺھيل ملن ٿيون، تن ۾ پھرين فلم ’انسان يا شيطان‘ 1933 ۾ رليز ٿي، جيڪا سندس لکيل سنڌي ناٽڪ ’انسان ڪين شيطان‘ جو ھندي ۾ ترجمو ھئي. ٻئي فلم ’پريم پريڪشا‘ 1934 ۾ رليز ٿي ھئي، جيڪا پڻ سندس لکيل سنڌي ناٽڪ ’پريم پريڪشا‘ جو ھندي ۾ ترجمو ھئي. ٽين فلم بل ’ھتيا‘ (1935) جنھن جو ٻيو نالو ’خون ناحق‘ ۽ چوٿين فلم ’ڀارت ڪِي بيٽي‘ (1935) پڻ خانچند شامداس درياڻي جون لکيل ھيون. جڏھن تہ پنجين فلم ’ياسمين‘ جنھن جو ٻيو نالو ’بيوفا عاشق‘ (1935) ۽ ڇھين فلم ’ڌرم ڪي ديوي‘ (1935) جو ليکڪ گوري شنڪر لال ھو، ۽ ستين فلم ’شير ڪا پنجا‘ (1936) ۽ اٺين فلم ’پريم رتري‘ (1936) جي ڪھاڻين جو ليکڪ خود خانچند شامداس درياڻي ھو يا ٻيو ڪير ھو، ان بابت ڪا بہ ڄاڻ نٿي ملَي.

خانچند درياڻي ڪل 10 فلمن جو ليکڪ، 5 فلمن جو اسڪرين رائيٽر، 1 فلم جو ڊائريڪٽر ۽ 6 فلمن جو پروڊيوسر ھو، تن جا تفصيل ھيٺين ريت آھن.

1. فلم ’انسان يا شيطان‘ (1933) رام درياڻي جي فلم ڪمپني ’ايسٽرن آرٽس‘ جي بينر ھيٺ ٺھي. فلم جو ليکڪ ۽ پروڊيوسر خود خانچند شامداس درياڻي، ڊائريڪٽر موتي بي گدواڻي ۽ ميوزڪ ڪمپوزر چندي رام ھو. فلم جو ھيرو سندس دوست منگھا رام مالڪاڻي ھو ۽ ٻين اداڪارن ۾ گوپ، جدن ٻائي، ايريميلن، ڊڪشٽ، موھن ڀاوناڻي شامل ھئا.

2. فلم ’پريم پريڪشا‘ (1934) ۾ ’ايسٽرن آرٽس فلم ڪمپني‘ جي بينر ھيٺ ٺھي. فلم جو ليکڪ خانچند شامداس درياڻي ۽ ڊائريڪٽر جي آر سيٺي ھو. فلم جو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر خانچند جو ننڍو ڀاءُ رام درياڻي، ميوزڪ ڪمپوزر چندي رام ھئا. اداڪارن ۾ بابو رائو، ھري شودساڻي، جگاسيا، جدن ٻائي ۽ ٻيا شامل ھئا.

3. فلم بل ’ھتيا‘ (1935) جنھن جو ٻيو نالو ’خون ناحق‘ ھو، جيڪا ’ايسٽرن آرٽس‘ جي بينر ھيٺ رليز ٿي. فلم جي ڪھاڻي جو ليکڪ خود خانچند شامداس درياڻي ھو. فلم جو ڊائريڪٽر سندس ننڍو ڀاءُ رام درياڻي ۽ ميوزڪ ڪمپوزر ماسٽر مدھو لال ھو، جڏھن تہ اداڪارن ۾ فيروز دستور، گوپ، مس چندرا ۽ دادي ڀائي سرڪاري شامل ھئا.

4. ’ڀارت ڪي بيٽي‘ (1935) ’ايسٽرن آرٽس پروڊڪشن‘ جي بينر ھيٺ ٺھي. فلم جو ليکڪ خانچند شامداس درياڻي ھو. فلم ڊائريڪٽر پريمنڪر اٽارٿي، ميوزڪ ڪمپوزر انيل بسواس ۽ جھاندي خان ھئا. اداڪارن ۾ گل حامد، گوپ، ھري شودساڻي، رتن ٻائي، ياسمين شامل ھئا.

5. فلم ’سنگدل سماج‘ (1936) ’درياڻي فلمز‘ جي بينر ھيٺ ٺھي. فلم جو ليکڪ خانچند شامداس درياڻي، ڊائريڪٽر ۽ پروڊيوسر رام درياڻي ۽ ميوزڪ ڪمپوزر انيل بسواس ھو، جڏھن تہ اداڪارن ۾ نظير احمد، سردار اختر، ھري شودساڻي شامل ھئا.

6. فلم ’انصاف‘ (1937) ’درياڻي فلمز‘ جي بينر ھيٺ رليز ٿي. فلم جو ليکڪ خانچند شامداس درياڻي، فلم جو ڊائريڪٽر جي پي آڏواڻي ۽ فلم جو پروڊيوسر رام درياڻي ھو، جڏھن تہ ميوزڪ ڪمپوزر انيل بسواس ھو ۽ اداڪارن ۾ يوسف آفندي، اندوراني، ليلا، گوپ شامل ھئا.

7. فلم ’پريت‘ (1945) ’ڪرشن موويز ٽون‘ جي بينر ھيٺ رليز ٿي. فلم جو پروڊيوسر خانچند شامداس درياڻي، ڊائريڪٽر رام درياڻي ۽ ميوزڪ ڪمپوزر بلو سي راني ھو، جڏھن تہ اداڪارن ۾ سنيھا پرڀا، چندرا موھن، نظير ۽ گوپ شامل ھئا.

8. فلم ’سالگرہ‘ (1946) ’ڪرشن موويز ٽون‘ جي بينر ھيٺ رليز ٿي. فلم جو ڊائريڪٽر خانچند شامداس درياڻي، ميوزڪ ڪمپوزر بلو سي راڻي ھو. اداڪارن ۾ پيدي جيئراج، سنيھا پرڀا، ڪمار، پراميلا ۽ گوپ شامل ھئا.

9. فلم ’شراون ڪمار‘ (1946) ۾ ’مرلي موويز ٽون‘ جي بينر ھيٺ رليز ٿي. فلم جو اسٽوري ۽ اسڪرين ليکڪ خانچند شامداس درياڻي ھو. فلم جو ڊائريڪٽر رام درياڻي ۽ ميوزڪ ڪمپوزر بلو سي راني ھو، جڏھن تہ اداڪارن ۾ ممتاز شانتي، پھاڙي سنپال، ۽ گوپ شامل ھئا.

10. فلم ’دوسري شادي‘ (1947) ’ڪرشن موويز ٽون‘ جي بينر ھيٺ رليز ٿي. فلم جو اسڪرين ليکڪ خانچند شامداس درياڻي ھو. فلم جو ڊائريڪٽر رام درياڻي ۽ ميوزڪ ڪمپوزر گوبند رام ھو، جڏھن تہ اداڪارن ۾ ممتاز شانتي، رنجيت ڪماري، گوپ ۽ ڊيوڊ شامل ھئا.

11. فلم ’گھر ڪي عزت‘ (1948) ’مرلي موويز ٽون‘ جي بينر ھيٺ رليز ٿي. فلم جو ليکڪ خانچند شامداس درياڻي ھو. فلم جو ڊائريڪٽر ۽ پروڊيوسر رام درياڻي، ميوزڪ ڪمپوزر گوبند رام ھو، جڏھن تہ اداڪارن ۾ دليپ ڪمار، ممتاز شانتي، منو راما، جيون ۽ گوپ شامل ھئا.

12. فلم ’ماں ڪا پيار‘ (1949) ’ڪرشن موويز ٽون‘ جي بينر ھيٺ رليز ٿي. فلم جو ليکڪ ۽ پروڊيوسر خانچند شامداس درياڻي ھو، ڊائريڪٽر رام درياڻي ۽ ميوزڪ ڪمپوزر پنڊت گوبند رام ھو، جڏھن تہ اداڪارن ۾ سلوچنا چيترجي، رنجيت ڪماري، منو راما، جيون ۽ گوپ شامل ھئا.

13. فلم ’ڀولي‘ (1949) ’مرلي موويز ٽون‘ جي بينر ھيٺ رليز ٿي. فلم جو اسڪرين ليکڪ خانچند شامداس درياڻي، ڊائريڪٽر ۽ پروڊيوسر رام درياڻي، ميوزڪ ڪمپوزر پنڊت گوبند رام ھو، جڏھن تہ اداڪارن ۾ گيتا بالي، پريم اديب، گوپ ۽ جيون شامل ھئا.

14. فلم ’ڀائي ڀھن‘ (1950) ’ڪرشن موويز ٽون‘ جي بينر ھيٺ رليز ٿي. فلم جو اسڪرين ليکڪ ۽ پروڊيوسر خانچند شامداس درياڻي، ڊائريڪٽر سندس ننڍو ڀاء رام درياڻي ھو، جڏھن تہ اداڪارن ۾ گيتا بالي، نيروپا روئي، پريم اديب، ڀارت ڀوشن، جيون ۽ گوپ شامل ھئا.

15. فلم ’ترانا‘ (1951) ’ڪرشن موويز ٽون‘ جي بينر ھيٺ رليز ٿي. فلم جو اسڪرين ليکڪ ۽ پروڊيوسر خانچند شامداس درياڻي، ڊائريڪٽر رام درياڻي ۽ ميوزڪ ڪمپوزر انيل بسواس ھو، جڏھن تہ اداڪارن ۾ دليپ ڪمار، مدھو بالا، گوپ ۽ جيون شامل ھئا.

16. فلم ’پھلي شادي‘ (1953) ’ڪرشن موويز ٽون‘ جي بينر ھيٺ رليز ٿي. فلم جو پروڊيوسر خانچند شامداس درياڻي، ڊائريڪٽر رام درياڻي ۽ ميوزڪ ڪمپوزر روبن چيترجي ھو، جڏھن تہ اداڪارن ۾ ڀارت ڀوشن، نرگس ۽ گوپ شامل ھئا.

17. فلم ’چاند ميري آجا‘ (1960) ’مرلي موويز ٽون‘ جي بينر ھيٺ رليز ٿي. فلم جو ليکڪ خانچند شامداس درياڻي، ڊائريڪٽر ۽ پروڊيوسر رام درياڻي ۽ ميوزڪ ڪمپوزر چترا گپتا ھو، جڏھن تہ اداڪارن ۾ ڀارت ڀوشن، نندا، لليتا پوار، وينا ۽ ماروتي شامل ھئا.

ڪھاڻيڪار شوڪت حسين شورو ۽ ڊاڪٽر قاسم راڄپر طرفان سنڌي ناٽڪ ۽ ھندي سينيما جي عظيم ليکڪ ۽ پروڊيوسر خانچند شامداس درياڻي جي ديھانت جو سال 1965 ڄاڻايو ويو آھي، سنڌيانا انسائڪلوڊپيڊيا تي سندس ديھانت جو سال 1962 ڄاڻايو ويو آھي پر اھي تاريخون درست ناھن. فلم ’چاند ميري آجا‘ 1960 ۾ رليز ٿي، فلم جي شروعات ۾ سندس نالي اڳيان فوت ٿيل لکيو ويو آھي، مطلب تہ ھو 1960 کان اڳ فوت ٿي چڪو ھو. ڪتاب ’ايميننٽ سنڌيز ان انڊيا‘ ۾ خانچند شامداس درياڻي جو ديھانت تاريخ 2 اپريل 1955 ۾ ممبئي ۾ ڄاڻايو ويو آھي، جيڪا درست تاريخ آھي.

حوالا ۽ سمجھاڻيون:
* imdb .com
* chiloka .com
* cinemazi .com
* cinestaan .com
* Encyclopedia of Hindi Cinema (Govind Nihalani).
* Khanchand Daryani Pioneer of Sindhi Realism Drama (linkedin Dr. Qasim Rajper).
* Eminent Sindhis in India.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close