سنڌي لوڪن جون ايجادون ۽ ڌارين قومن جون دعوائون

آصف رضا موريو​

هن وقت تائين ٿيندڙ تحقيق جي انوسار سنڌو دريا جي تهذيب پنهنجي هم عصر تهذيبن جھڙوڪ: ميسوپوٽاميا (موجوده عراق) جيڪا دجله ۽ فرات جي ارد گرد پروان چڙهي، نيل جي تهذيب يا وري هوانگ هُو دريا جي چيني تهذيب کان سماجي، سائنسي، ٽيڪنيڪي توڙي تمدني حوالن کان گهڻي بهتر، مهذب ۽ ترقي يافته ليکي وڃي ٿي.

هن عظيم آبي نظام جي وسيع زرخيز زمين وڏي پکيڙ ۾ شهري ۽ ڳوٺاڻي آبادين کي اڀرڻ ۽ اسري نروار ٿيڻ ۾ مدد ڏني. سفري چرپر سنڌو دريا جي لاءِ سهڪاري وهڪرن نه رڳو اندروني سرحدن منجهہ صنعت ۽ تجارت کي هٿي وٺرائي پر ان وقت جي ٻين سامونڊي سماجن سان ويجها تعلقات قائم رکڻ ۾ پڻ اهم بهرو ورتو. جيئن ته سنڌ سٻاجهن ماڻهن جي ڌرتي هئي جتي امن امان، رواداري ۽ اخلاقي سماجيات گھڻ رُخي پاسن کان موجود هوندي هئي؛ ان لاءِ سياح، سيلاني قومون، تجار، اميرالبحر ۽ مهم جُو لشڪر هتي ڪَھِي اچي پنهنجي جان، عيال ۽ مال کي محفوظ ڀائيندا هئا. ان لاءِ ماهرن جي ٻڌي راءِ آهي ته پکي پکڻ سان ٽٻٽار زمين جي هن خطي تي سنهري فصلن، زرخيز زمين، خوشبودار رنگ برنگي گلن، شاندار ٻوٽن ۽ مهذب و مهمان نواز آبادي جهڙا سبب ئي ڪارڻ بڻيا هوندا.

هن شاندار تهذيب جي ارتقا ۽ شاندار عروج جا هزارين شهرن، وستين ۽ واهڻن تي مشتمل هن تهذيب جا ٻه اهم دارلخلافه مڙايا ۽ مھين جو دڙو هئا جن مان مھين جو دڙو کي ٽامي جي دؤر جو ميٽرو پوليٽن شهر سڏيو وڃي ٿو. مھين جو دڙو جي کوٽاين مان نڪتل سامان پنهنجي مالڪن جي باري ۾ ٻڌائي ٿو، ته سندن رهڻي ڪهڻي سائنسي بنيادن تي ٻڌل ۽ خوشحال هوندي هئي. اهي عمارت سازي جا بهترين معمار ۽ منصوبه ساز هئا. سندن سماج ۾ عمده قسم جا سائنسدان، مجسمه ساز، رنگساز، مهم جُو، شڪاري، کلاڙي، سازندا، فنڪار، سونارا، لوهار، ڪنڀر، ويڙهاڪ، جنگجو، جادوگر، طبيب، ڪوري، موچي، تاجر وغيره موجود هوندا هئا.

جيئن ته سنڌو سڀيتا جا رهواسي جمھوريت پسند هوندا هئا، ان لاءِ انھن پنهنجي جمھوري سلطنت جوڙي هئي؛ جنهن جو بڻياد تھذيبي قدرن ۽ سماجي سھُولتن جي سڀ آبادين لاءِ ضروري هئڻ تي ٻڌل هوندو هو. انھن پنهنجا ترقياتي رابطا ۽ خارجي واسطا ويجهن ڏوراهن بادشاهتن سان قائم رکيا هئا. انهن ڳالهين مان چٽو پتو پوي ٿو ته سنڌي ماڻهن جي قديم دور ۾ به رهڻي ڪهڻي انتهائي بهتر ۽ آسودي هوندي هئي. جڏهن ته سماجي زندگي، واپار، مزدوري، آرٽ، فن، ڏڻن، هنرمندي ۽ راند روند جي طرف ڦرندي هئي، ساڳي پسمنظر ۾ انهن جي سماج ۾ قيمتي پٿرن مان مڻيا ٺاهيندڙ، مُهرون ٺاهيندڙ، زيور ساز، ٺڪر جا ٿانوَ ٿپا جوڙيندڙ پڻ گهڻائي ۾ موجود هوندا هئا. جڏهن ته قديم سنڌي سماج جون اهم ترين صنعتون، ٺڪرسازي، پٿر، مڻياسازي، ٽامي سازي، ڪيمياگري ۽ سون، ڪاج، فئانسي، وڏين مڇين جي هڏن مان مختلف شيون ٺاهڻ هيون.

مٿيون سڀئي ڳالهيون اندازن ۽ ابهامن تي مشتمل نه پر حقيقت تي ٻڌل آهن، جيڪي دنيا جي ماهر دماغن سنڌو ماٿري جي قديم شهرن جي کوٽائي مان نڪتل شين جي جانچ ۽ پرک کان پوءِ ٻڌايون آهن. توڙي جو اڻ ڳڻين محققن ۽ مورخن واديءَ سنڌ جي سڀيتا کي ”پراسرار“ لکيو ۽ ڄاڻايو آهي، جنهن ۾ ”ڪوبه شڪ“ نه آهي، ڇو ته هن سڀيتا جي کوڙ سارن پاسن ڏانهن اسان جا کوجي رويا اڃان پڳا ئي ڪو نه آهن. جيئن اڃان تائين اسان ان دور جي لکت پڙهي يا سمجھي نه سگھيا آهيون يا جيئن اڃان ان تهذيب جي اهم شهر مھين جو دڙو جي کوٽائي مشڪل سان 10 کان 15 فيصد ڪري سگھيا آهيون وغيره وغيره، پر ڪجھ ڳالهين کي سامهون رکي سموري تهذيب کي پراسرار چوڻ عقلمندي نه ليکبي ڇو ته هتان هٿ آيل هزارين شيون پنهنجي سماج، دور، زندگي، وڻج واپار وغيره متعلق پنهنجا اسرار پاڻ کولي رهيون آهن. قديم سنڌي شهرن جي کوٽائي مان نڪتل شيون جيڪي دنيا ڀر جي ميوزمن ۾ رکيل آهن سي پڌري پٽ ٻڌائن ٿيون ته قديم دور ۾ سنڌي ماڻهن جا جوڙيل خاڪا ۽ ايجاد ڪيل شيون، ڊزائنون هن وقت جي جديد سماجن جي باشعور قومن تي ايتري قدر حاوي ۽ راڄ ڪندڙ آهن، جو اُهي پنھنجي ايماندار سماجي قدڪاٺ جي باوجود بي ايمانيون ڪري انهن ايجادن کي جيڪي سنڌي لوڪن جون آهن، پنهنجون هنرمنديون سڏائڻ تي مجبور آهن، ڇو ته کين معلوم آهي ته اهڙيون شيون نئين سر ٺاهڻ انھن جي سؤ فيصدي سائنسي ذهنن ۽ لاڙن لاءِ پڻ محال ٿيندو. ان پسمنظر ۾ اهو به چئي سگھجي ٿو ته قديم وقت کان جديد دؤر تائين تخليق ڪاري سان متعلق سنڌين جو انساني ذات جي ارتقائي تخليق ۾ اهم ڪردار رهيو آهي.

افسوس جو اسان ايتري قدر سائنسي، تهذيبي ۽ سماجي طور تي امير و ڪبير تهذيبي ورثو هوندي به اڃان تائين ڌارين ۽ خاص طور تي يورپي محققن جي ٿيل ۽ ٿيندڙ تحقيق تي ئي ڀاڙيون ويٺا آهيون ۽ نه رڳو واڇ پٽي انهن جي کوجي روين ڏانهن واجهائي رهيا آهيون بلڪ اکيون ٻُوٽي پنهنجي تهذيب تاريخ ۽ قدامت متعلق اهو سڀ ڪجهہ تسليم ڪري رهيا آهيون جيڪو هُو چئي رهيا آهن ۽ اهو سڀ سچ مڃي رهيا آهيون، جيڪو هُو اسان کي مڃائڻ چاهن ٿا. اهو ڄاڻندي به ته اسان کي ان سلسلي ۾ ڀلائڻ جا امڪان واضح آهن، پر جتي جتي اسان جي تهذيب، تاريخ ۽ آثار قديمہ متعلق يورپي محقق اصليت ۽ سچائي کان هٽيل آهن، اتي اتي اسان منجهان ٻُڙي فيصد محقق، لکاري يا پارکو به ان تحقيقي ڌانڌلي کي چئلينج ڪرڻ جي همٿ نه ٿا رکن.

هي موضوع تمام گهڻ رخي تحقيق طلب آهي، پر منھنجو هيءُ پتڪڙو مضمون سنڌ ڌرتي جي رهواسين متعلق حقيقي ڄاڻ ضرور ڏيندو، ته اُهي تاريخ جي طلوع کان به اڳ بيشمار علم و فنون سان گڏ کوڙ ساري ٽيڪنولوجين ۾ سائنسي طور تي ترقي يافته هئا. اهي تقريباً پنج ڏھ هزار اڳ واري ان دور ۾ پڪن ۽ ڪشادن گهرن ۾ رهندا هئا، جڏهن سمورو يورپي سماج تهذيبي طور تي انڌيرن ۾ ٻڏل هيو. قديم سنڌي وستين جا آثار ۽ انهن مان نڪتل شيون ان حقيقت جي مضبوط شهادت ڏيڻ لاءِ ڪافي آهن ته اتان جا باشندا سائنسي ۽ سماجي شعور رکندڙ هوندا هئا، جن انساني ترقي جا ڪيترائي اهڙا افق ان دور ۾ کوجي لڌا هئا، جيڪي هن وقت به جديد دنيا لاءِ عنقا آهن.

اڄ مان سنڌي هئڻ جي ناتي قديم سنڌي لوڪن جي ايجادن، ڊسڪورين، تحقيقاتن، کوجنائن، ارتقائي ترقين وغيره جي باري ۾ دعوا جي شروعات ڪيان ٿو، جيڪي اصلاً انهن قديم سنڌي ماڻهن سان تهذيبي ۽ تاريخي طور تي وابسته آهن، جڏهن ته انهن هزارين شين جي تخليق جون ڪوڙيون دعوائون ڪري، سماجي بد اخلاقي واپرائي غير سنڌي قومن پنھنجي کاتي چاڙهي ڇڏيا آهن.
مثال طور مان پنھنجي بيان جي سچائي ثابت ڪرڻ لاءِ مھين جي دڙي مان نڪتل ڪجھ خاص خيال، هنر، ٽيڪنيڪون، ماڊل ۽ ايجادون پيش ڪندس، جيڪي ايشيا ۽ عام طور تي دنيا ڀر ۾ اڄ به مروج آهن.

سڀ کان پهريون مان دنيا جي مشهور ترين راند شطرنج جو مثال ڏيندس، جنهن کي هن وقت دنيا ڀر ۾ 600 ملين کان به مٿي ماڻهو کيڏن ٿا. ان کي بادشاهن جي راند چيو ويندو آهي. محققن جي متفقه راءِ آهي، ته نه رڳو ان راند جي تياري ۽ کيڏ ۾ آرٽ ۽ سائنس جا ڪيئي گهڻ رخا پاسا موجود آهن، پر کيڏ جو طريقو پڻ کلاڙي جي ذهني طاقت ۽ عقلي ڪامناؤن وڌائڻ جو سبب بڻجي ٿو. هي راند هڪ چوڪنڊي بورڊ تي کيڏي ويندي آهي جنهن جي شروعات ۾ هر رانديگر (ڪاري ۽ اڇي رنگ جي) سورهن پيسن (Pieces) کي ڪنٽرول ڪندو آهي جن ۾ هڪ بادشاهه (King) هڪ راڻي (Queen) ٻه پهاڙيون (The Rocks) ٻه نواب (The Knights) ٻه پادري (Bishops) ۽ اٺ پيادا (Pawns) هوندا آهن. ان راند جو مقصد مخالف رانديگر جي بادشاھ کي گهيري ۾ آڻي حملو ڪرڻ (Check) آهي جنهن مان اهو بچي نه سگهي.

انگريز ۽ ڪجھ ٻيون قومون شطرنج جي ان ايجاد متعلق دعويدار آهن جي سندن مشهور پبليڪيشن ۾ چند سو سالن جي چوڌاري ڦري ٿو. مثال طور انسائيڪلو وڪي پيڊيا ۾ لکيل آهي ته ”شطرنج جو موجوده نمونو پندرهين صدي عيسوي جي وچين دور ۾ ڏکڻ يورپ ۾ اڀريو“ شطرنج متعلق ساڳي قسم جون ڳالهيون ٻين بين الاقوامي پبليڪيشن ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، جيڪي حقيقت کان تمام گهڻو پري آهن، ڇو ته هن راند جو قديم ترين نمونو جيڪو جديد ترين شطرنج جهڙو ئي آهي، تنهن جو مڪمل فارم واديءَ سنڌ جي دارلخلافه شهر مُھين جو دڙو جي کوٽائي مان مليو آهي، جنهن جو ذڪر ۽ ڦوٽو نه رڳو انگريزي محققن جي ڪتابن ۾ موجود آهي، پر مھين جو دڙو جي ميوزيم ۾ ڏيکاءُ لاءِ پڻ رکيل آهي. انھن حقيقتن مان ثابت ٿئي ٿو ته شطرنج اصل ۾ پنج هزار سال قديم سنڌي راند آهي، جنهن جا مُوَجد مھين جي دڙي جا باشندا هئا.

يورپي هن راند کي Chess ڪوٺين ٿا پر هنڌ ۽ سنڌ ۾ ان کي شطرنج چيو وڃي ٿو. جيئن ته Chess لاءِ عربي، فارسي، ترڪي، يوناني، پرتگالي ۽ اسپيني لفظ قديم هندي لفظ چيتورنگا مان ورتل آهي جنهن جو مطلب آهي فوج جون چار ورهاستون (Divisions) يعني Infantry، Cavalry، Elephants ۽ Chariots

اها ڳالھ به غور طلب آهي ته جنگ جي تاريخ ۾ رڳو هند ۽ سنڌ ۾ سندن فوجي لشڪر ۾ ٽي جانور هاٿي، اٺ، ۽ گهوڙا استعمال ٿيندا رهيا آهن جن کي يورپين بعد ۾ Rock، Bishop ۽ Knight ۾ بدلائي ڇڏيو.

ان شطرنج جي بنيادي خيال کي سامھُون رکندي ئي هڪ ٻي راند تاس پڻ ايجاد ٿيل لڳي ٿي، ڇو ته ان جي کيڏڻ وارو طريقي ڪار ۽ بنيادي خيال پڻ هڪ جھڙو آهي. جڏهن ته انهن ۾ فرق صرف کيڏڻ جي طريقي ۾ آهي ڇو ته شطرنج بورڊ تي کيڏي وڃي ٿي ۽ تاس ڪاغذ جي ٺهيل پتن سان.. جيئن ته ان دور ۾ ڪاغذ ۽ پرنٽنگ جي دستيابي ڪو نه هئي، ان لاءِ ٿي سگھي ٿو ته تاس جي راند جي قديم نموني ۾ اها ڪنھن اڀريل تختي يا ڪاٺ ۽ چمڙي وغيره تي کيڏي ويندي هجي يا وري ڪنھن ڌاتو يا پٿر جي پليٽن وغيره تي. يا جيڪڏهن اهو تصور ڪيو وڃي ته تاس ان وقت به ڪاغذ تي کيڏي ويندي هجي ته پوءِ وري هڪ نئون خيال جنم وٺي ٿو ته ڇا ڪاغذ به قديم سنڌي ماڻهن جي ايجاد آهي؟

تاس متعلق منهنجو بيان کوڙ ساري ۽ گهڻ رخي تحقيق جو متقاضي آهي ۽ اها پڻ حقيقت آهي ته ڪاٺ، ڪاغذ ۽ چمڙي وغيره جهڙيون شيون جيڪي تاس ٺاهڻ لاءِ ممڪنہ طور تي استعمال ٿينديون هجن، سي پنهنجي آکاڻي ٻڌائڻ لاءِ قديم شهرن جي ڪلراٺي ڍيرن ۾ هزارين سالن تائين پنهنجو وجود برقرار نه ٿيون رکي سگھن، پر اها حقيقت بهرحال درست آهي ته جنهن قوم شطرنج ايجاد ڪئي هوندي، اها قوم ئي تاس جي موجد هوندي. ڇو ته ٻنهي جي کيڏڻ جو بنيادي خيال ساڳو آهي.

اهڙيءَ ريت ڇڪي، لُوڊو (Dice) جي ڪهاڻي به ساڳي آهي جنهن جي ايجاد متعلق يوناني دعويدار آهن ته اهو سندن ايجاد آهي، جيڪو پڻ غلط آهي. ڇو ته لوڊو جو مڪمل فارم جيڪو اڄ به جديد دنيا ۾ کيڏيو وڃي ٿو، سو واديءَ سنڌ جي شهر مُهين جي دڙي جي کوٽائي منجهان مليو آهي. يوناني ۽ سنڌي تهذيب جي جيڪڏهن ادواري ڀيٽا ڪجي، ته سنڌي تهذيب يوناني تهذيب کان هزارها سال قديم آهي. سنڌين وٽ اها لوڊو پنج کان نو هزار سال اڳ کيڏي ويندي هئي، جڏهن ته يونانين جي تهذيب چار هزار سالن جي چؤطرف ڀٽڪي ٿي ۽ ان کان اڳ سندن تاريخ تي انڌيرو تھہ چڙهيل آهي. اگر اسان اها ڳالھ تسليم به ڪيون ته انهن جي قديم ترين وستين (جي چار هزار سال اوائليون هيون) ۾ لوڊو جي راند کيڏي ويندي هئي، تڏهن به سنڌين وٽ ساڳي راند يونانين کان ڪيئي هزار سال اڳ موجود هوندي هئي. ان مان ثابت ٿئي ٿو ته لوڊو اصل ۾ سنڌي راند آهي ڇو ته ان جو قديم ترين نمونو مھين جي دڙي جي کوٽائي مان مليو آهي. جنهن کان پوءِ ٻيو قديم نمونو ايران جي قديم اجڙيل ۽ جليَل شهرن جي کوٽائي مان هٿ آيو هيو.

لوڊو کي سنڌي راند ثابت ڪرڻ لاءِ مان ڏکڻ ايشيا جي ڪجهہ قديم ڪتابن جو حوالو ڏيڻ به اهم سمجھان ٿو. ڇو ته ڇڪي (Dice) جو ذڪر رگ ويد ۽ اٿرا ويد ۾ پڻ ٿيل آهي. جڏهن ته گوتم ٻڌ جي پسنديده راندين (Budha Games) جي فهرست ۾ به ان راند جو ذڪر موجود آهي. هندستان جي عظيم رزميه داستان مهاڀارت ۾ پڻ ان راند ڏانهن اشارو موجود آهي ته يوڌسٿرا (Yudhisthira) ڪوروئن خلاف هستنوپور جي اترادي سلطنت کٽڻ لاءِ ڇڪي جي راند کيڏي هئي.

ان کان علاوه قديم سنڌي لوڪن ڌاتن متعلق ڪيتريون ٽيڪنيڪون ايجاد ڪيون. انهن ٽامي، ڪنجھي، ٽِين ۽ جست کي ڳولي انهن کي مختلف مهارتن ۾ استعمال ڪيو. انهن قديم سنڌين جون انجنيئرنگ منجهہ صلاحيتون شاندار هيون. خاص طور تي عمارتي ٻيڙا سازي ۾، جنهن لاءِ هو درياء ۽ سمنڊ جي لهرن ۽ ڇولين جو وڏي گهرائي سان مطالعو ڪندا هئا. قديم سنڌي بهترين سونارا ۽ جوهر ساز هوندا هئا. مھين جي دڙي مان سون کي پرکڻ وارو پٿر (Touch Stone) ۽ سون ۽ چاندي لاءِ ڪم ايندڙ تارازي پڻ لڌي آهي.

ٻيا کوڙ سارا هنر، فن ۽ ٽيڪنيڪون جيئن چيني جي ٿانون جوڙڻ ۽ سامان جو ڪم، مڇي جي هڏي مان زيور، جاميٽري جا نشان، ڪڙا ڪولابا ٺاهڻ. بيشمار قيمتي ۽ نيم قيمتي پٿرن جون منڊيون، هار، بندا، والا وغيره، جن جو استعمال سنڌ جي قديم شهرن ۾ عام هيو. ميڪ اپ ۽ باٿ روم ۾ استعمال ٿيندڙ بيشمار شيون به واديء سنڌ جي شهرن جي کوٽائي مان جام مليون آهن. هڪ خاص قسم جي ڏندي (ڦڻي) پڻ مھين جي دڙي جي کوٽائي مان ملي آهي. عام خيال آهي ته سرمو حضرت موسيٰ عليه السلام ، طُورِ سينا ۽ رب پاڪ جي تجلي سان منسلڪ آهي، جڏهن تہ مھين جي دڙي مان سرمي داڻي جو ملڻ ثابت ڪري ٿو ته اسان وٽ سرمي جو استعمال حضرت موسيٰ عليه السلام جي دور کان به ڏيڍ ٻه هزار سال اڳ ٿيندو هيو ۽ واضح رهي ته هن وقت به سنڌ ۾ جيڪو سرمو اکين ۾ پاتو وڃي ٿو اهو سنڌ جي کيرٿر واري علائقي جي پهاڙي سلسلن مان نڪري ٿو.

مهين جي دڙي مان هٿ آيل عورتن جي ڪجھ مجسمن جي مٿي جي وارن جي وچ ۾ ڳاڙهي لڪير جهڙي رسم اڄ هندستان ڀر جي عورتن ۾ ”مانگ“ جي صورت ۾ رائج آهي جيڪا شادي شده هئڻ جي علامت ليکي ويندي آهي.

مهين جي دڙي جي کوٽائي مان هزارن جي تعداد ۾ مھرون (Stamps) مليون آهن جن تي ڪا نه ڪا تصوير ٺهيل آهي، جنهن جي مٿان وري هڪ تحرير پڻ لکيل ملي ٿي. انهن مهرن مان هڪ يوگا جي نموني ڪو يوگي ويٺل ملي ٿو. جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته گوتم جي پيدائش کان سورهن سؤ سال اڳ سنڌين وٽ يوگا جهڙي ورزش ڪئي ويندي هئي. اهڙي طرح هڪ مورتي نماز جي نموني ويٺل آهي، جيڪا کوجي جو ڌيان ان طرف کڻي وڃي ٿي، ته مھين جو دڙو جي پنجاھ هزار آبادي واري شهر ۾ به ممڪن آ خدا جا ڪي نبي يا اوتار آيا هجن جن کين نماز يا رڪوع ۽ قيام جو طريقو ڏسيو هجي يا وري سر جان مارشل جي بيان چواڻي ته ”حضرت ابراهيم عليه السلام مهين جي دڙي واري شهر ۾ پيدا ٿيو هيو.“ اگر اسان اهو بيان تسليم نه به ڪيون تڏهن به اها حقيقت آهي، ته جڏهن حضرت ابراهيم عليه السلام مسيوپوٽاميا جي شهر ”اُر“ ۾ پيدا ٿيو، تڏهن مھين جي دڙي وارو شهر پنهنجي عروج تي هيو ۽ اتان جي باشندن جا هڪ ٻئي سان وڻج واپار جا تعلقات به هئا، ته پوءِ پيغمبر جي ديس سان عقيدن جي ڏي وٺ پڻ لازمي امر هيو.

مھين جو دڙو مان نڪتل مهرن منجهان هڪ مُهر تي سواستيڪا (Swastica) جو نشان پڻ اڪريل مليو آهي، جيڪو قديم دور جي مذهبي عقيدن ۽ ڪٿائن سان وابسته رهيو آهي. اهو سواستيڪا هٽلر جي حڪومت جو سرڪاري نشان پڻ رهيو آهي. هڪ ٻي مهر تي هڪ سنڌي ساز چنگ جهڙي شي ٺهيل آهي. واضح رهي ته اهي مهرون پڻ دنيا جون قديم ترين مهرون، ٺپا يا Stamps آهن.

قديم سنڌي لوڪ وقت، ڊيگھ ۽ ويڪر جي مڪمل ۽ پوري پوري ماپ جا انتهائي ماهر هئا. عاج جي هڪ پڙ تي گھٽ ترين ماپ جڙيل ملي آهي جيڪا 1.704 ملي ميٽر جي مساوي هئڻ ڪري ٽامي جي دور جي ننڍي ۾ ننڍي ورهاست آهي.

قديم سنڌي انجنيئرن ڊيسي مل جي ورهاست جا تمام اصول بشمول Mass جو تور استعمال ڪندڙ هئا. تمام سنڌي آبادين ۾ ان وقت ماپ ۽ تور جا ترقي يافته نمونا رائج هوندا هئا، چاهي اهي ڪيوبيڪل هجن يا سلينڊريڪل يا وري Binary تور جو نظام، اهي تور جا وَٽ ڪنهن ٿورڙي تفاوت جي گنجائش به نه رکندا هئا ۽ انهن جو Ratio 1-2-4 جي حساب سان 1.2.5, 10, 20, 50, 100, 200, 5000.05, 0.1, 0.2, 0.5, يونٽن جي حساب سان مُرَوج هوندو هيو. هر يونٽ تقريباً 28 گرام جو هوندو هيو، جيڪو اڄ جي انگريزي Ounce يا يوناين جي Unical وانگر ئي هيو. جڏهن ته ننڍڙيون شيون 0.871 يونٽن جي تناسب سان توريون وينديون هيون.

ماپ ۽ تور جا طريقا جيڪي بعد ۾ چوٿين صدي عيسوي ڌاري ڪوٽليا ارٿ شترا Kutilias Arthushtra ۾ استعمال ڪيا، سي پڻ ساڳيا ئي هئا، جيڪي قديم دور جي سنڌي وستين ۾ استعمال ٿيندا هئا.

چمچا (Spoons, Tippers, Ladles) پڻ سنڌي تخليقات آهن. جيڪي خاص طور تي مڇي جي هڏن يا کوپن (Shells) مان ٺاهيا ويندا هئا. اهي روزمره جي استعمال کان علاوه خاص قسم جي ريتن ۽ رسمن لاءِ پڻ ٺاهيا ۽ استعمال ڪيا ويندا هئا، جن سان پاڪ پاڻي يا تيل استعمال ڪيو ويندو هيو. يا وري ٿي سگھي ٿو ته مريضن يا ننڍڙن ٻارن کي کير يا دوا پيارڻ لاءِ استعمال ڪيا ويندا هجن.

قديم سنڌ سماج ۾ ماسڪ (Mask) جو استعال پڻ عام هوندو هيو جنهن ۾ خاص طور تي گهريلو ديوتائن جا ماسڪ، مختلف جانورن جا ماسڪ عام هوندا هئا ته اهڙي قسم جا ماسڪ راند روند کان علاوه تفريحي مقصدن لاءِ پڻ واپرايا ويندا هئا.

ان کان علاوه مختلف رنگن جا ڇمڪڻا بال، جانورن جا اندران پَورا رانديڪا، پکين جا نمونا جيڪي ڦوڪ ڏيڻ تي سيٽي وڄائن، پڻ قديم سنڌي سماج ۾ عام هيون. بيشڪ سنڌي لوڪ ڄاڻايل شين جي بانيڪار هئڻ جا دعويدار سڏائي سگھن ٿا. ان کان علاوه قديم سنڌي شهري بيشمار قديم انڊسٽرين، ايجادن، ڊسڪورين، ۽ خيالن جا پڻ بانيڪار هئا، مثال طور چِدي راند، سومنگ پول، ڦيٿو، علامتي نظام، اُڪَرَ جي فن، ڦيٿي جي کيڏوڻي، ڊرينيج نظام، ٺپي سازي، مختلف ماپن جا بال ٺاهڻ، جَنڊُ، ڪيليگرافي، تحرير، اوڏاڻي، شيل انڊسٽري، ٽائيل سازي، عاج، ٽامي جي انڊسٽري، اسپئر ٿروئنگ، ڪڙا ڪولابا ٺاهڻ، کائڻ لاءِ سَيُون ۽ ڪيڪ ٺاهڻ، تصويري پليٽون، گُندِيُون، ڪُونَرَ، ڊرلنگ جو فن، شين جي مٽاسٽا جو نظام، ڪرنسي يونٽن جو نظام، جيوميٽري جا نشان، ڪپڙِي سازي جي صنعت، رلي جو فن، اجرڪ ٺاهڻ، مڇي جا ڪلوئڙا، زراعت لاءِ هَرُ، پاڃاري، گهوٻا، مجسمه سازي، کوھ کوٽائڻ، هٿرادو دستيابي پاڻي جو نظام وغيره وغيره جا باني پڻ آهن.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close