سنڌ جي ھيڻي حال جي ڪنھن کي ڏجي دانھنڙي! ؟

محمد خان دائود

اھو اسان نہ ٿا چئون، اھا سنڌ جي ٻولي ناھي.. اھا ان قاضي احمد جي بہ ٻولي ناھي، جتي جئيرا انسان مردن جا لاشا روڊن نہ ھُئڻ، روڊن جي ٽٽڻ، روڊن جي بري حالت ھُئڻ ۽ اھڙن روڊن ھُئڻ جن کي ڏسي حيرت ٿيندي ھُجي ۽ پنھنجي نصيب تي روئڻ ايندو ھُجي..
اھا ڳالھ اھو ٺٽو بہ نٿو چئي ، جنھن ٺٽي جي نصيب ۾ اھي اڳواڻ لکيل آھن، جن کي پنھنجي حال جي بہ خبر ناھي، جنھن ٽٺي جي روڊن تي غريبن مسڪينن، لاچارن جا لاشا ايمبولينس نہ ھُئڻ ڪري چنگ چي رڪشا ۾ ايئن کنيا وڃن ٿا، جيئن ڪراچي ۾ ڪي ايم سي وارا واڙن مان مُئل جانورن جي باقيات کڻندا آھن.
اھا ڳالھ نہ ڪشمور ٿو چئي، نہ لاڙ ۽ نہ اُھو ڪاڇو جتي تازو تمام گھڻي مينھن جي ڪري تمام گھڻي تباھي آئي آھي، جتي سنڌ سرڪار جو ڪو بہ عملدار ھن وقت تائين نہ پھتو آھي.
اھا ڳالھ نہ اھو بدين چئي رھيو آھي، جتي بلاول جي اچڻ تي جعلي ڪيمپ ٺاھيا وڃن ٿا، جيئن ئي بلاول ھيلي ڪاپٽر ۾ سوار ٿئي ٿو، غريب جي پڳ جيان اھي ڪيمپ اڇلايا وڃن ٿا!
۽ پوءِ باقي اتي ڪجھ بہ نہ ٿو رھي!
اھا ڳالھ سنڌ جي لبن تي تہ ھُئي ئي ڪونہ ۽ نہ سنڌ ۾ ايڏي جرئت ۽ طاقت آھي، جو سنڌ ڀوتارن جي نگريءَ ۾ اھڙي ڳالھ ڪري سگھي، پر اھا ڳالھ تہ ان چيف جسٽس ڪئي ھُئي، جنھن چيف چيو ھو تہ مان رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ ڊيمن جي چوڪيداري ڪندس.. ھاڻي تہ ان چيف کي خلق ڳولھي رھي آھي، اھو چيف جسٽس ھاڻي ڪٿي آھي؟ اسان جو موضوع اھو نہ آھي پر ان چيف جسٽس جيڪا ڳالھ سنڌ جي حوالي سان ڪئي ھُئي اھا ڳالھ ھاڻي تاريخ جو حصو ٿي وئي آھي
ان چيف جسٽس چيو ھو تہ
“ڏائڻ بہ سو گھر ڇڏي، پوءِ پنھنجو ڪم ڪندي آھي!“
اسان کي اھا خبر تہ ڪونھي، تہ سنڌ ۾ ڏائڻ ڪير آھي يا اڳوڻي چيف جسٽس جو ڪنھن ڏانهن اشارو ھو، پر چيف جي ڳالھ مان اھا پروڙ پئجي سگھي ٿي تہ سنڌ جي مڪمل تباھ ٿي چڪي آھي. ھاڻي سنڌ جي سِسيءَ ۾ ساھ نہ رھيو آھي، ھاڻي سنڌ مڪمل تباھي جي گھيري ۾ اچي چڪي آھي.. سنڌ جي روڊن رستن کان ويندي اسپتالن ۽ انھن ايمبولنس تائين ۽ پوليس موبائلن تائين جيڪي صاحب جي گھر جي سبزي وٺڻ لاءِ مارڪيٽ تائين تہ وينديون آهن، صاحبن جي ٻارن کي پڪنڪ ڪرائڻ لاءِ پڪنڪ پوائنٽن تائين تہ وينديون، صاحبن جي بيگمات کي شاپنگ ڪرائڻ لاءِ مارڪيٽ تائين تہ وينديون ، پر نہ ڪنھن غريب جا لاشي کي ڪنھن گھر تائين رسائينديون ۽ نہ ڪنھن ڏوھاري جي پويان وينديون، پر ڪنھن مسڪين ھاريءَ کي ان وقت ٻڌي اينديون جڏھن ان ڪجھ بہ نہ ڪيو ھوندو.. ان ھاريءَ جو بس اھو ڏوھ ھوندو آھي تہ ان جي گھر ۾ حسين زال ھوندي آھي، ان جي گھر ۾ تڪڙي جوان ٿيندڙ ڇوڪري ھوندي آھي، جيڪا خوبصورت بہ ھوندي آھي!
اسان جو اھو بہ سوال ناھي تہ سنڌ جي تمام گھڻي يا ٿوري تباھي ڪنھن ڪئي آھي؟ پر اسان کي اھا پڪي ڄاڻ آھي تہ ٻارنھن سالن کان سنڌ ۾ پي پي جي سرڪار آھي، جنھن سنڌ جا حال ئي ھيڻا ڪري ڇڏيا آھن.
اسان جو سوال اھو بہ ناھي تہ پي پي انھن ٻارنھن سالن ۾ سنڌ کي ڇا ڏنو ڇا ورتو؟
پر اسان کي اھا ڀلي ريت خبر آھي تہ ٿر کان ويندي ڪاڇي تائين سنڌ جي اھڙي حالت ڪئي وئي آھي، جنھن کي ڏسي اھو يقين ٿي وڃي ٿو تہ ڏائڻ ھُجي ھا تہ اھا بہ سئو گھر ڇڏي، پوءِ ان کي جيڪو ڪرڻو ھُجي ھا سو ڪري ھا!
اسان جو اھو سوال بہ ڪونھي تہ انھن ٻارنھن سالن ۾ پي پي سنڌ جي زخمن تي ڪيترا پھا رکيا يا انھن ٻارنھن سالن ۾ اگھي سنڌ ڪيتري سگھي ٿي؟
پر اسان اھوضرور ڏٺو آھي تہ پھرين ٿر ۾ بُک وگھي ٻارمرندا رھيا آھن ۽ ھاڻي سنڌ جي ننڍن وڏن ڳوٺن ۾ ڪتي چڪ سان بہ معصوم ٻار مري وڃن ٿا
پھرين سنڌي مائرون پاڻي نہ ھُئڻ سبب ماتم ڪنديون ھيون پر ھاڻي پاڻي جي ھجڻ جري ماتم ڪن ٿيون..
تڏھن پي پي جي نوجوان قائد جو اھو فرمان ڪنن ۾ گولو ٿي لڳي ٿو تہ
“مينھن ايندو تہ پاڻي ايندو
پر جي گھڻو منھن ايندو تہ گھڻو پاڻي ايندو!“
تڏھن ان بادشاھ کان ڪير بہ اھو سوال نٿو ڪري تہ
“مائي لارڊ!
اھو تہ اوھان شھرن جي صورتحال تي فرمايو ھو
پر سنڌ جي ڳوٺن جي باري ۾ اوھان جو ڪھڙو فرمان آھي؟ جيڪي وسندڙ مينھن ۾ ائين تري رھيا آھن جئين وسڪي جي گلاس ۾ برف جي ڏلي!”
اسان پي پي کان حساب يا احتساب نٿا وٺون
اھا سردارن، وڏيرن، ڀوتارن جي امير پارٽي آھي جنھن ۾ غريب ٻارڻ طور ڪم ايندا رھيا آھن
۽ جيئي ڀٽو کان ويندي ھڪ زرداري سڀ تي ڀاري جي نعري تائين يا دلان تير بجان جي ناچ تائين غريب ڪم تہ تمام گھڻو ايندا رھيا آھن، بلڪ مونکي اھو لکڻ گھرجي تہ جيالا ھن پارٽيءَ ۾ ٻارن طور ڪم ايندا رھيا آھن پر پي پي سنڌ کي تہ ڇا پر پنھنجي جيالن کي بہ جلا نہ بخشي ۽ اڄ سوين ڪارڪن مايوس ۽ اداس نظر اچن ٿا
پر اسان جو اھو بہ سوال ناھي!
اسان پي پي جي اعلي’ قيادت کان اھا پُڇڻ جي جسارت ڪيون ٿا تہ انھن سنڌ کي ڇا ڏنو آھي؟ اگر انھن سنڌ کي ڪجھ نہ ڏنو آھي تہ سنڌ پنھنجي ھيڻي حال جي ڪنھن کي دانھڙي ڏي؟

اسان پي پي سرڪار کان اھو بہ نٿا پُڇون تہ ان جا نامزد ڪيل اميدوار تڪڙو امير ڪيئن ٿي ويا، جڏھن تہ سنڌ انھن جي حال کان واقف آھي
پر اسان پي پي جي اعلي’ قيادت کان اھو تہ ضرور پُڇڻ جي جسارت ڪنداسين تہ
“قبلا سنڌ ۾ ڪتي چڪ سان معصوم ٻار ائين ئي مرندا رھندا يا انھن تي ضابطو بہ ايندو؟!“

اسان پي پي سرڪار کان اھيو بہ نٿا پُڇون تہ سائين اوھان مائي باپ آھيو جيئن وڻي تيئن ڪريو
پر اسان پي پي سرڪار کان اھو تہ پُڇي سگھون ٿا نہ، تہ سائين سنڌ جي ٻھراڙيءَ جا اٻوجھ ماڻھون آخر ڪيسيتائين پنھنجي پيارن جا لاش واٽر ڪورسن تي پلون نہ ھُئڻ جي ڪري پاڻيءَ ۾ لھي تاريندا رھندا!؟

اسان پي پي سرڪار کان اھيو بہ نٿا پُڇون تہ ايندڙ اليڪشن ۾ بلاول ڀٽو زرداري لياري جي تڪ تان اليڪشن وڙھندو يا لاڙڪاڻي تان؟
پر اسان پي پي سرڪار کان اھو تہ پُڇي سگھون ٿا تہ اڳوڻي ضلعي نواب شاھ ھاڻوڪي بيظير آباد جي قسمت ڪيئن ۽ ڪڏھن کلندي؟!
اھوبينظير آباد جيڪو آصف زرداريءَ جو بہ پنھنجو اباڻو ضلعو ۽ تڪ آھي، جنھن کي صدر ٿيڻ کان پوءِ صدارتي ھائوس جو بہ درجو مليو ھو ۽ زرداري صدر ٿيڻ کان پوءِ ان ضلعي جو نالو بي بي جي نالي تي رکيو ھو
پر تڏھن بہ ان ضلع جي قسمت نہ جاڳي تہ نہ جاڳي!
نواب شاھ جتي جا نہ روڊ نواب آھن نہ خلق
پر اگر ڪوئي نواب آھي تہ اھي چونڊيل نمائندا يا ٿاڦيل نمائندا جيڪي نہ انھن ڳوٺن ۾ رھن ٿا نہ انھن روڊن تان گزرن تان ۽ نہ ئي انھن کي اھو اندازو آھي تہ ھتي جا ڳوٺاڻا ڪھڙي عذاب ۾ آھن؟

اسان نٿا پُڇي سگھون، اسان ۾ ايتري ھمت ناھي، پر بلاول ڀٽو زرداري تہ پنھنجي اميدوارن کان اھو پُڇي سگھي ٿو تہ انھن روڊن ھا اھڙا ھيڻا حال ڇو آھن؟

نواب شاھ، جتي نمائندا تہ چونڊجن ٿا، پر رھن ڪھڙي آسمان تي ٿا، ان جي اسان کي بہ خبر ناھي.. انھن نمائندن کان اھي فرشتا تہ پُڇي سگھن ٿا نہ تہ ائين ڇو آھي؟ پر اھي فرشتا انھن نمائندن کان ڪڏھن پُڇندا، اھا بہ اسان کي خبر ناھي!
اوھان بس نواب شاھ جي قاضي احمد جي ڳوٺن جو چڪر ھڻو، اوھان کي سڀ خبر پئجي ويندي تہ اتي جي روڊن جو ڪھڙو حال آھي!
قاضي احمد جي ڳوٺن سونا خان ڀٽي، علي خان وٽو، نبي بخش ڏاھري، محمد صالح چانديو، ملان شير محمد ڏاھري کي هر دور ۾ نظر انداز ڪيو ويو آھي، جڏهن تہ قاضي احمد مان جيڪي نمائندا چونڊجندا رھيا آھن، اڳوڻو ايم پي اي سيد علي احمد شاھ، ايم اين اي سيد غلام مصطفي شاھ، ايم پي اي سيد فصيح احمد شاھ، ۽ ھاڻوڪو ايم پي اي سردار خان محمد ڏاھري ۽ ايم اين اي سيد غلام مصطفي شاھ، سڀ هتان جا ئي آهن، تڏھن بہ قاضي احمد جي ڳوٺن جي اھڙي ئي حالت آھي، جھڙي حالت بلاول ڀٽي زرداري جي اردو جي آھي!
تہ ڀلا اھڙي حالت ۾ قاضي احمد جي ڳوٺن جي درد جي ڪنھن کي دانھڙي ڏجي!!؟

اسان پي پي کان نہ اڳوڻو نہ ھاڻوڪو حساب پڇون ٿا، پر اسان پي پي سرڪار ۽ مراد علي شاھ کان اھيو تہ ضرور پڇنداسين تہ سائين سنڌ جي ٻڏل ميڙي ڪڏھن ترندي؟ جنھن ٻيڙي ۾ سنڌ جو مستقبل سوار آھي، جيڪو مستقبل اڳتي ايندو ۽ سنڌ جي ڳالھ ڪندو ۽ سنڌ جي بقا لاءِ اٽل بيٺو ھوندو، جيڪڏھن اسان اھو بہ پي پي سرڪار ۽ مراد علي شاھ کان نہ پڇون تہ پوءِ ڪنھن کان پڇون!؟

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close