انقلابي مزدور جو ووٽ! (ڪهاڻي)

عزيزالله خاصخيلي (ميرپورخاص)‎‎

آچر جي ڏينهن ڏهين بجي بابا تڪڙو تڪڙو گھر آيو. اچڻ سان ئي امان کي چيائين، مائي عابدہ پاڻيءَ جو گلاس پيار

امان ان وقت ڪومل جي وارن کي تيل لڳائي رهي هئي. امان ڪومل جي وارن کي اڌ ۾ ڇڏي بابا کي پاڻيءَ جو گلاس ڏيڻ وئي.

بابا ڏاڍو ٿڪل ٽٽل هو. پاڻيءَ جو گلاس پيئڻ کان پوءِ جيئن ليٽيو ته اک لڳي ويس. ڪجهہ دير کان پوءِ دروازي وڄڻ جو آواز ٿيو. بابا ڇرڪ ڀري ننڊ مان اٿي مونکي چيو، پٽ ڪفيل احمد ڏس دروازي تي ڪير آيو آهي.

بابا ڇرڪ ان ڪري ڀريو ته دروازي تي فقير گھڻا ايندا هئا، فقيرن کان سواءِ دوازي تي ڪير ڪڏهن ڪو قسمت سان سوڌي سامان وارو ايندو هو.

مون دروازو کولي ٻاهر ڏٺو ته ڪاڪو وساڻ رڪشي وارو بيٺو آهي. خبرچار پڇڻ تي ڪاڪي وساڻ وراڻيو ته ”مون کي وڏيري رٻڙ خان موڪليو آهي.. جلدي ڪريو ووٽ ڏيڻ هلو.“

مون اچي بابا کي چيو ته بابا ڪاڪو وساڻ آيو آهي چئي پيو تہ ”وڏي رٻڙ خان چيو آهي جلدي ڪريو ووٽ ڏيڻ هلو.“

بابا وراڻيو، ڪاڪي وساڻ کي چئو ته شام جو چار بجي کڻڻ اچي. ايتري ۾ امان بابا کي چيو ته پاڻ هيئر هلون ٿا ٻي صورت ۾ وڏيرو رٻڙ خان ناراض نه ٿي پوي!

بابا وراڻيو ته نه هيئر هلڻ مناسب ناهي. آئون ووٽن جي ڪري پنهنجي مزدوري ڇڏي ڪونه آيو آهيان بلڪي ڪومل جي ڪري جلدي گھر آيو آهيان.

امان پريشان ٿيندي، بابا کان سوال ڪندي چيو ته ڪومل جي ڪري ڇو ۽ ڇاجي لاءِ جلدي آيو آهين؟

بابا چيو ته احمد ۽ ان جي گھر وارا ڪومل کي ڏسڻ اچي رهيا آهن ان ڪري آئون جلدي آيو آهيان.

امان وراڻيو ته پر وڏيرو رٻڙ خان ڪاوڙجي پوندو!!!

بابا چيو ته ان ۾ ڪاوڙ جي ڪهڙي ڳالھ آهي، جيڪو وقت ڏنو آهي ان وقت تي هلي ووٽ ڪاسٽ ڪري اينداسين. آئون جنهن ڪم جي لاءِ پنهنجي مزدوري ڇڏي آيو آهيان اول اهو آهي ڇو ته مون احمد ۽ ان جي گھر وارن کي هڪ بجي جو وقت ڏنو آهي. ڪومل کا وڌيڪ مونکي ڪجهہ به ناهي. اسان مزدورن جي ملڪيت اسان جو جسم آهي. اسان جي خوشي اسان جا ٻچڙا آهن. هن معاشري مان اسان مزدور طبقي کي ٺڳي، رسوائي، دوکي ۽ غلامي کان سواءِ ڪجھ به ناهي مليو.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Check Also
Close
Back to top button
Close
Close