
ڊسمبر مھيني جون پويون تاريخون هيون، سيءُ بہ چوي اڄ نہ پوان تہ ڪڏهن پوان! صبح کان ئي جهڙالو هو ۽ ٿڌيءَ هوا جا سوساٽ پئي پيا. ٻپھري لڙي تہ سيءُ ويتر وڌي ويو. شام جو علي اڪبر اچي گهر تي سڏ ڪيو. ٻاهر نڪتس تہ چيائين، تيار ٿي اچ تہ هوٽل تي هلي چانھ پيئنداسين ۽ ڳالھين جا چار چونڪ بہ ڪنداسين. آءٌ تيار ٿي آيس ۽ اسان ٻنھي ھوٽل ڏانھن رخ رکيو.
ٻاهر رستي تي، ماڻھو ڇڊا پاڊا هئا، باقي ٽانگا البت هليا پئي. اڃا اڌ رستي تي پھتاسين تہ ڀرسان هڪ ماڻھو، ديوانن وانگر رڙيون ڪندو، اڳتي ڊوڙندو ويو. هن جي سٿڻ ليڙون ليڙون هئي.
هو اڳڀرو ٿيو ئي ڪو نہ، تہ علي اڪبر چيو: ”اهو اٿئي مَڪُو مست، جو هر روز شام جو هن مھل، هن رستي تي ائين ڊوڙندو رهندو آهي!“
”مستن تي ڪھڙي ميار.. ھنن جي تہ دنيا ئي پنھنجي آھي.. نہ ڪا اڄ جي ڳڻتي، نڪو سڀاڻي جو فڪر.. پنھنجيءَ ۾ ئي پورا آھن.“ مون وارڻيو
اسان جي ڀرسان ٻہ ٽانگا ٺڪ ٺڪ ڪندا نڪري ويا، ۽ هو مڪو مست، دانھون ڪندو، ڊوڙندو، واپس وري رهيو هو. هو بلڪل اسان جي ڀرسان ڊوڙندو لنگهي ويو. هن جون ٽنگون گوڏن تائين اگهاڙيون، ڏاڙهي کنڊريل، ۽ مٿي جا وار بيڊولا، ۽ لڙاٽيل هئا. سندس اکيون ٽانڊن وانگي پئي چمڪيون، هن جي بي معنيٰ رڙين جا ڪي اکر – ”کڻي آئي! کڻي آئي!“ ۽ پوءِ ڪجهہ ٽھڪ مون ٻڌا. هو ايئن ڊوڙندو پئي ويو، ڄڻ ڪو بکايل شينھن اچي پٺيان پيو هجيس. سندس پير بہ تہ اگهاڙا هئا. مون ڪنڌ ورائي کيس جاچيو، تہ هو موٽي رهيو هو.
اسين اڳتي وڌياسين.
”ڇا تون هن کي سڃاڻين ٿو؟“ مون پنھنجي دوست کان سوال ڪيو
جنھن وراڻيو: ”نہ، مون کي هن جي ڪا خبر ڪانھي، باقي شام جو هو هتي هميشہ ڊوڙندو نظر ايندو آهي. ماڻھو کيس مڪو مست ڪري سڏيندا آهن.“
ايتري ۾ اسين هوٽل وٽ اچي پھتاسين، ۽ ڪنڊ واري پان ٻيڙيءَ واري دڪان تي سگريٽن وٺڻ لاءِ ترسياسين. سرد هوا جي لُري پئي لڳي. مڪو مست بہ اتي اچي پرڀرو بيٺو. هو سھڪي رهيو هو. هن کي ڪو تمام پراڻو ۽ ٻانھن کان ڦاٽل ڪوٽ پيل هو، هن جي قميص بلڪل ميري ۽ ٻيڙن کان سواءِ هئي، جنھن مان هن جو وارن ڀريو سينو پئي ڏٺو. شايد هو ٿڪجي پيو هو. پان ٻيڙيءَ واري اسان کي سگريٽ ڏنا، ۽ هن کي سڏ ڪري چيو. ”مڪو مست، هان، هيءُ سگريٽ وٺ.“ هن فقط زور سان ڪنڌ لوڏي انڪار ڪيو. هن جو منھن وارن سان ويڙهجي ويو. ٻِيڙين واري وري هڪ پان مٿي کڻي چيو، ”ڀلا پان تہ کاءُ!“ هن ڀيري مڪو مست جوش سان ويجهو ٿيندي، ٻئي ٻانھون کڻي هيٺ اڇلائيندي، رڙ ڪئي، ”نہ کپي! نہ کپي!“ هن پنھنجي منھن تان وار پري ڪيا. هن جو سڄو منھن پگهريل هو. هو يڪ ٽڪ پان واري ڏانھن گهورڻ لڳو. هن جون اکيون ڄڻ چڻنگن وانگر دکي رهيون هيون. هو اڃا ٿورو اڳتي، پان واري ڏانھن وڌيو، ۽ مون سمجهيو تہ بس، هاڻي خير ڪونھي. پان واري ٻيئي هٿ ٻڌندي چيو، ”مڪو بابا، معاف ڪريو! مڪو بابا معاف ڪريو!“ اهي لفظ ٻڌي، مڪو مست هڪ وڏو ۽ ڀيانڪ ٽھڪ ڏنو. خبر نہ آهي تہ هن جي جسم مان يا هن جي وات مان، هڪ بدبوءِ جو اٻارو آيو. هو زمين تي دڙها هڻي، خوفناڪ نموني، تڪڙو تڪڙو، ”ٻلي ٻچا کڻي آئي! ٻلي ٻچا کڻي آئي!“ چوندو، ڪوڪرا ڪندو، رستي تي ڊوڙندو هليو ويو.
علي اڪبر پان واري کان پڇيو. ”ڀائو، هن مست کي سڃاڻين؟“
”هائو سائين، هتي جو هر ڪو ماڻھو هن کي سڃاڻي. مون کي هن دڪان تي پورا پنج سال گذري ويا آهن، هو هر روز هن رستي تي ۽ هن ئي وقت ڪلاڪ ڏيڍ تائين پيو ڊوڙندو ۽ ڪوڪاريندو آهي. بس سائين، مست آهي، چريو، پر آزارَي ڪنھن کي ڪو نہ. هونئن تہ هن کي جيڪي ملندو آهي وٺندو آهي، پر هن مھل ڪنھن کان ڪجهہ ڪو نہ وٺي. اڄ آزمايومانس. خدا الائي جي ڪھڙين ڳالھين ۾ راضي آهي. درويش آهي، درويش!“
”ادا، هي ڪٿي رهندو آهي، ۽ ڪيئن چريو ٿيو؟“ پان واري کان وري مون ٻيو سوال ڪيو.
پان واري ٿڌو ساھ ڀريندي چيو، ”سائين، اها خبر مون کي بہ ڪانھي تہ ڪيئن چريو ٿيو. شل انسان جي ڪل نہ ٿڙڪي. سامھون بلڊنگ ڏسو ٿا نہ، هيءُ بہ انھيءَ ۾ رهندو آهي.“
مست وري موٽي رهيو هو، ۽ اسين هوٽل ۾ وڃي هڪڙي پاسي واريءَ ڪئبن ۾ ويھي رهاسين. هوٽل ۾ اندر فرحت لڳي پيئي هئي، پر آءٌ سوچڻ لڳيس، ’مڪو مست! خبر نہ آهي تہ هو ڪير آهي؟ هن جا بہ ڪي مٽ مائٽ هوندا. هو ڇو چريو ٿيو؟ ڇا هن جو علاج نہ ٿو ٿي سگهي؟ هيءُ بہ انسان آهي….. ڇا هيءَ بہ ڪا زندگي آهي!‘
بيري ميز تي چانھ اچي رکي. منھنجي دوست ڪٽليءَ ۾ کنڊ جو چمچو وجهي، ڍڪ ڏنو. اسان کان ٿورو پرڀرو هڪ ڪرڙوڍ شخص ڏسڻ ۾ آيو. هن جي اڳيان چانھ جو ڪوپ رکيو هو. هن بار بار علي اڪبر ڏانھن پئي ڏٺو. ”هو همراھہ تو ڏانھن هر هر پيو ڏسي،“ مون آهستي آهستي پنھنجي دوست کي ٻڌايو.
علي اڪبر هن ڏي ڏسندي ئي خوشيءَ مان چيو، ”چاچا حامد علي، هيڏانھن اچو نہ!“ ۽ هو ڪوپ کڻي اچي اسان سان گڏ ويٺو.
علي اڪبر تعارف ڪرائيندي چيو، ”هي آهي چاچو حامد علي، هن ئي پاڙي جو ۽ هتي جو رهاڪو آهي.“
مون مشڪندي ساڻس هٿ ملايو.
چاچو حامد علي، علي اڪبر کان خبرون چارون وٺڻ لڳو. مون پاسي واريءَ دريءَ کان ٻاهر نھاريو. مڪو مست اڃا تائين ڊوڙي رهيو هو. ايتري ۾ چاچي حامد عليءَ مون ڏانھن نھاريندي چيو، ”ڪوئيٽا جي لھر آئي آهي. پر اوهين ڪھڙيءَ ٺپي ۾ پئجي ويا آهيو؟ ماڳھين کڻي ماٺ ڪئي اٿو!“
مون چيو، ”چاچا، اوهان ٻنھي پئي پنھنجون ڳالھيون ڪيون، تنھن ڪري گستاخي نہ ڪيم.“
منھنجو جواب ٻڌي. چاچي حامد عليءَ هڪ هلڪڙو ٽھڪ ڏنو. ايتري ۾ ٻاهران رڙيون ٿيون، ۽ هو مڪو مست رستي تان ڊوڙندو پئي ويو. علي اڪبر افسوس سان چيو: ”ويچارو مڪو مست!“
مون چيو ”شل نہ انسان ويچارو ٿئي!“
”جيڪي هن مست تي ٿي گذريو آهي، سو جيڪڏهن ڪنھن سياڻي سان ٿئي ها تہ ان جو هال هن کان بہ بدتر هجي هان..“ ائين چئي، هو خاموش ٿي ويو.
”چاچا“ علي اڪبر چيو، ”پر هن مست جي اوهان کي تہ سڄي خبر هوندي؟ اوهين تہ هن محلي ۾ ئي رهو ٿا. هي ڪيئن چريو ٿيو؟“ مون بہ بيتاب ٿي پڇيو.
چاچو حامد علي سگريٽ دکائي، هڪ ڊگهو سوٽو هڻي چوڻ لڳو: ”آءٌ هن مست کي سڃاڻان. هن جو نالو ’مڪو‘ نہ، پر ’مقبول مستري‘ آهي. هونئن تہ هر ڪنھن انسان جي زندگيءَ ۾ لاهيون چاڙهيون آيون آهن، پر مقبول رڳو ڏک ڏٺا آهن. هو چئن سالن جو هو تہ سندس ماءُ مري وئي. ڏهن سالن جو ٿيو تہ پڻس بہ مري ويو. پڻس جو هتي بازار ۾ لوھ جو دڪان هو. هو هڪ سيٺ هو پر ان جي مرڻ کان پوءِ مقبول جا چاچا ۽ ماما ملڪيت مٿان اکيون پوري، ڳجهن وانگر ڪري پيا. ويچارو مائٽن هوندي بہ ڇورو ڇنو ٿي پيو. کيس ڪنھن بہ نہ سنڀاليو. نيٺ پاڙي جي دين محمد مستريءَ کي خيال ٿيو، تنھن کيس پنھنجي گهر ۾ رهايو ۽ پنھنجي ڪارخاني تي ملازم ڪري رکيو…..“
”پوءِ ڇا ٿيو؟“ علي اڪبر چيو.
چاچي پنھنجي ڳالھ جاري رکندي ٻڌايو: ”ماڻھو چون ٿا تہ مقبول مستريءَ رستي تي پنھنجي ملڪيت پوري هئي، اها ڪير چورائي ويو. ڪي چون ٿا تہ هن کي ڪچي قلعي مان لڳت جو حساب ٿيو آهي. وري ڪن جو چوڻ آهي تہ هن کي ڪنھن پھتل شخص امانت ڏني آهي.. پر مون کي ذاتي خبر آهي تہ هن رستي ۾ پنھنجي دولت ڪا نہ پوري هئي، نڪو وري هن کي ڪنھن جو واسو آهي، ۽ نہ وري ڪنھن هن کي امانت ئي ڏني آهي. هائو، ڪي وري اهي ڳالھيون بہ ڪندا آهن تہ هن وٽ ڪيميا جو نسخو آهي، ۽ هيءُ رڳو ٻاهريون بيک ڪريو پيو ماڻھن کي ڀنڀلائي.. پر اهي سڀ ڪوڙيون ۽ غلط ڳالھيون آهن……“
”تہ پوءِ اصل ڳالھ ڪھڙي آهي؟“ مون پڇيو.
چاچي حامد علي ٻِيڙي دکائيندي چيو: ”دين محمد مستري، شاھ ڪاريگر هو. هن مقبول کي هر طرح جي مشينريءَ جو ڪم سيکاريو. مقبول اهڙو تہ ايماندار ۽ سعادت مند ثابت ٿيو جو دين محمد پنھنجي ڌيءَ کڻي پرڻايس. پوءِ تہ هيءُ جوان نالو ڪڍي آسمان تي چڙهي ويو. هن اسان جي گهر جي سامھون بلڊنگ ۾ هڪ جاءِ مسواڙ تي ورتي ۽ زال سان اتي جدا رهڻ لڳو.“
اسان ٽنھي سگريٽ دکايا ۽ وري چانھ جو آرڊر ڏنوسين، تہ چاچا حامد عليءَ وري ڳالھ کنئي: ”مقبول جي شاديءَ کي ٻہ ٽي سال گذري ويا، پر کيس اولاد ڪو نہ ٿيو. هن جي زال هڪ ننڍي اڇي ٻلي پالي هئي. ٻلي وڏي ٿي ۽ ٻچا ڪيا تہ مقبول کي بہ هڪ سھڻو پٽ ڄائو. ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ، هڪ شام جو انھيءَ بلڊنگ کي اچي باھ لڳي. بجليءَ جون تارون هيون پراڻيون ۽ خراب، مالڪ خرچ جي بچاءَ کان مڙيئي ٽيڪر سيڪڙ ڪريو پيو ڪم هلائيندو هو. پر نيٺ انھيءَ ڏينھن اوچتو باھ لڳي پئي. خبر تڏهن پئي، جڏهن باھ سڄي بلڊنگ کي وڪوڙي وئي. فائربرگيڊ جون سڀئي لاريون باھ وسائڻ لاءِ آيون، پر انھن پھريائين مالڪ جي رهڻ واري پاسي کان باھ وسائڻ شروع ڪئي.“
ايتري ۾ بيرو چانھ کڻي آيو، ۽ اسين گرم گرم چانھ لاهي پيئڻ لڳاسين.
علي اڪبر چيو، ”هائو چاچا باھ لڳي، پو؟“
چاچي حامد عليءَ چيو: ”اها باھ، باھ تہ نہ هئي نہ! ان جا شعلا آسمان تائين ٿي ويا. هزارن جو سامان رک ۽ ڇار ٿي ويو. انھيءَ رات، ڄڻ دوزخ زمين تي لھي آيو هو. رڳو مالڪ جي رهڻ واري جاءِ بچي، چوڌاري واويلا پئجي ويئي.. هر ڪنھن کي پنھنجي سر سان لڳل هئي. بلڊنگ جو هر ڪو رهاڪو حيران ۽ پريشان هو. مقبول مستريءَ پنھنجي زال ۽ پٽ کي بچائڻ لاءِ هزارين حيلا هلايا. هن جي زال ۽ پٽ جڏهن ٻاهر ڪڍي آندا ويا، تہ اهي ٻيئي ڄڻا هن جي سامھون ئي لڇي لڇي مري ويا. عين انھيءَ وقت، مقبول جي ڀرسان اها سندس زال واري پاليل ٻلي، خبر نہ آهي تہ ڪيئن ۽ ڪٿان، پنھنجن پلونگڙن سميت، اچي ’ميائو ميائو‘ ڪري هن جي پيرن ۾ پيئي، مقبول مستريءَ، ٻليءَ کي ڏسي وٺي چرين وانگر رڙيون ڪيون، ۽ ڊوڙندي ڊوڙندي چوڻ لڳو: ’ٻلي ٻچا کڻي آئي! ٻلي ٻچا کڻي آئي!‘ ۽ پوءِ، چرين وانگر ڊوڙي ڊوڙي، مورڇا ٿي ڪري پيو. انھيءَ حادثي کي پورا پندرهن سال ٿي چڪا آهن.. ان ڏينھن کان وٺي مقبول مستري، اهو مڪو مست، ھر روز باھ لڳڻ واري وقت، ھتي ھن ئي رستي تي، ساڳيءَ مھل، سيارو ھجي توڙي اونھارو، لڇندو رڙيون ڪندو ۽ ڊوڙندو وتندو آهي..“