بُٺين کان بحريا

تنوير عالم جوکيو

ھيءَ ڪھاڻي آھي انھن بُٺين جي,
جتي مينھن پوڻ کان پوءِ ساوڪ ٿيندي ھئي، گاھ ڦُٽندا ھئا،.
لنڀ، مليرو، لُلر، ڏُونرا پچندا ھئا،
کونڀئيون پٽبيون ھيون،
مال ماڻھو سڀ ڍؤ ڪري ڪُڏندا ھئا،
پاڻي جا گرانڊا پلٽندا ھئا,
مٽيءَ جي ھُٻڪار ھوندي ھئي
روح کي فرحت ڏيندڙ سُرھال ورندي ھئي
مالوند ماڻھو مال ڪاھي بُٺين ڏانھن مُنھن ڪندا ھئا
رکون رکندا وٺندا ھئا،
کير جا ٿانوَ پُورا نہ پوندا ھئا..

قُدرت جا دلڪش نظارا،
وِک وِک تي پاڻي جا سَن او پيارا!
ڀُونگين، جُهڳين ۾ خوشحال مارُو دل وارا،
ڪارن ڪڪرن کان پوءِ انڊلٺ جا رنگ نيارا،
نئين ۽ ڍورا بس نہ ڪن، کيٽن جا ٻند چِڪار، ٻارن جا پُٺا اُگھاڙا ڊما ڍورو ڊما ڍورو……
ھر طرف مينھن جو مور نچي،
وَسي وَسي ڪڪر ڪن وسڪارا……..
اھڙو ديس ھو مانجو ملير پيارو……

پر

وقت اھڙو ڪو اڀاڳو کاڌو ڦيرو
بحريا ماريو ڍيرو
پوءِ رُڳو ڏوڪڙ پئسي جو وسڪارو،
نڪتا چور، ٻانڊا، لوسي، ڪوڙا، ٺڳ، لوفر، لُچا،
ڪو تَپي جو دار، تہ ڪو مُخ تيار،
رنگ رنگيلي ٽوپي ان جا رنگ ھزار،
اڇا ڪپڙا، ڪاري عينڪ، ڪاٽن جو ڦڙڪو،
بلڊوزرن جو بُٺين ۾ ڪڙڪو،
ماروئڙن کي دلالن جو ڌڙڪو،
ھر پاسي ھٽو بچو……
ڌرتي کپائي بحريا جا ٿيا ڀَڙوا،
مُئلَ قبرن ۾، ستون فارم بحريا جي ھٿن ۾،
ڪي ڦُرجي چريا ٿيا تہ ڪي ڦُري چريا ٿيا،
کوھ جو پاڻي ٿيو اڇوت،
پلاسٽڪ بوتل وارو پاڻي ٿيو پاڪ پوتر!
"چُشتي”، "عُثمانيہ” کان "جَده” تائين
بُٺين جا وارث ويندي مُول شريف تائين…….
نہ رھيون ٻُٺيون، نہ بُٺين وارا
بحريا جي بحر ۾ سردار، وڏيرو، ڪامورو، وردي وارو، لکڻ وارو ٻُڏو ھر غدار…..

پر افسوس…..:!

سُکيا ستابا ماڻھو اَڏا تَڏا ڏيڻ تي ٿيا مجبور، اُڃايل ڌرتيءَ اُڃايل ماروئڙا ڪنھن در دانھن ڏين؟
جيڏاھن ڪن منھن تيڏاھن ڪونہ ڪو دلال بيٺو آھي ڏند ڪڍيو: ھا ڏئين ٿو بُٺي؟
ماڻھن کان اباڻيون بُٺيون ويون،
گهر ويا، ڀُنگيون ويون
ڪک ويا، جُهڳيون ويون….
دلالن جا بنگلا جُڙيا،
زميندارن زمين تي اچي ڦھڪو ڪيو
تپيدار اڏاڻا اڀ ۾………..

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Check Also
Close
Back to top button
Close
Close