استاد، اديب ۽ شاعر: سائين ساوڻ سنڌي

عبدالستار لغاري

ماڻھو جي ڪيڏي بہ وڏي زندگي ڇو نہ ھجي پر نيٺ اھا ختم ٿيڻي آھي، موت ازل کان زندگي جي پٺيان ھوندو آھي، ھڪ سڦل ۽ بامعني زندگي بي معني واري طويل زندگي کان ھزار دفعا بھتر آھي، زندگي ڪنجھندي ۽ شڪايتون ڪندي بہ گذري وڃي ٿي پر امر ماڻھو اھي ھوندا آھن، جيڪي ھزارين تڪليفن ۽ شڪايتن باوجود زندگي کي معني ڏيئي پنھنجي پاڻ کي ھميشہ لاءِ امر ڪري ڇڏيندا آھن. امر زندگيون ڪڏھن بہ فنا ناھن ٿيڻيون، اھي پنھنجي ڪم جي ڪري ڪنھن نہ ڪنھن روپ ۾ زنده ھونديون آھن، ڪنھن ڏاھي چيو ھو تہ ماڻھو ۽ مرد مرندہ ئي ناھن، مردود مري ويندا آهن.

چٽي طرح ياد آهي گورنمينٽ بوائز ھاير سيڪنڊري اسڪول ۾ ستين ڪلاس ۾ پڙھندو ھئس، ھڪ ڏينھن اسڪول اسيمبلي ۾ ھيڊماستر سائين الله بخش لغاري ٻڌايو ھو تہ، اڄ اسان جي اسڪول جو وڏو نقصان ٿي ويو آهي، اسان جو پيارو دوست ۽ توھان جو مھربان ۽ شفيق استاد سائين ساوڻ سنڌي اسان جي وچ ۾ ناھي رھيو، ھو وفات ڪري ويو آھي، توھان سائين جي مغفرت لاءِ گھڻي دعا ڪجو. اھا جنوري جي چوٿين تاريخ ۽ سال 2003 ھو. سائين جي وفات جي خبر ٻڌي ان وقت ڏاڍو افسوس ٿيو ھو. سائين ساوڻ اسان کي ڇھين ڪلاس ۾ حساب پڙھايا ھئا ۽ ستين ڪلاس ۾ ڪجھ مھينا ڪلاس ٽيچر بہ رھيو ھو. سائين جي پڙھائڻ جو انداز بنھ مختلف ھوندو ھو، ھو ڪلاس ۾ پٺين سيٽن تي ويٺل شاگردن تي گھڻو ڌيان ڏيندو ھو، کين چرچا ھڻندو ھو، انھن سان ڪچھري بہ ڪندو ھو. سائين جي ڪلاس ۾ گھڻو سکندا ھئاسين، ھڪ ڏکيو سبجيڪٽ انتھائي آسان طريقي سان پڙھائيندو ھو، بادشاھن جون ڪھاڻيون ٻڌائيندو ھو، ھر شاگرد سان سندس نالو وٺي مخاطب ٿيندو ھو، ڪڏھن ڪڏھن مذاق ۾ ڀڳت، ٻوگلا بہ سڏيندو ھو. پٺين سيٽن تي ويٺل شاگردن کي بورڊ تي گھرائي کين ھٿ ۾ چاڪ ڏيئي چوندو ھو، ھي حساب حل ڪر، جيڪڏھن ڪو حساب نہ ڪري سگھندو ھو، ان کي چوندو هو ڀڳت تون ھتي پڙھڻ ناھين آيو، ھتي ماسي کان ڏڌ وٺڻ آيو آھين، پوءِ سڀني سان مخاطب ٿي چوندو ھو تہ توھان ھتي ڇا ڪرڻ آيا آھيو، اسان چوندا ھئاسين تہ سائين پڙھڻ آيا آھيون، چوندو ھو تہ نڪو توھان پڙھڻ ناھيو آيا، توھان ڏڌ وٺڻ آيا آھيو، ايئن چئي سائين ٻہ ٽي لطيفا ٻڌائيندو ھو، کلي کلي کيرا ٿيندا ھئاسين، پوءِ وري سنجيده ڳالھيون ٻڌائي موضوع ڏي وٺي ايندو ھو ۽ پوءِ حساب سمجھائيندو ھو، سائين جي انھي طريقي سان سڀني کي حساب سمجھ ۾ اچي ويندا ھئا. انھن ڏينھن ۾ سائين اسان ٻارن لاءِ سنڌي ٻارڙا مئگزين وٺي ايندو ھو ۽ ٻارن کي مئگزين ۾ لکڻ لاءِ اتساھيندو بہ ھو، ڪجھ ٻارن مئگزين لاءِ ڪھاڻيون، مضمون ۽ لطيفا لکيا ھئا، جن کي سائين سنواري سڌاري شايع ڪرايو ھو، مون بہ سائين کي مئگزين لاءِ اسڪول تي مضمون لکي ڏنو ھو، جنھن کي سائين سنواري سڌاري بلڪہ پنھنجي پاران لکي منھنجي نالي سان شايع ڪرايو ھو. منھنجي تصوير بہ مئگزين ۾ شايع ٿي ھئي. ان وقت ڏاڍي خوشي ٿي ھئي، ڄڻ تہ پر لڳي ويا ھئا، ڪيتري ئي عرصي تائين گھر ڀاتين ۽ ٻين ماڻھن کي ڏيکاري پيو گد گد ٿيندو ھئس. ۽ پوءِ ان وقت شايع ٿيندڙ ٻيا ٻارڙن جا رسالا ۽ مئگزين جھڙوڪ گل ڦل، ٻارن جي دنيا، گلڙا، خريد ڪري پڙھڻ لڳس، سمجھان ٿو تہ اڄ جڏھن ٿورو گھڻو ۽ ڪچو ڦڪو لکان ٿو، ان جي شروعات ۽ ادب ڏانھن مائل ڪرائڻ وارو سائين ساوڻ سنڌي ھو، آئون سمجھان ٿو، خوشنصيب آهن اھي شاگرد جن کي سائين ساوڻ سنڌي پڙھايو.

سائين ساوڻ سنڌي جي وڇوڙي تي گورنمينٽ بوائز ھاير سيڪنڊري اسڪول گلاب لغاري جي استادن ۽ شاگردن پاران سائين جي شخصيت تي تاثر لکيا ويا ھئا، اسڪول جي ان وقت جي ھيڊماستر مرحوم سائين الھ بخش لغاري لکيو ھو: "سائين ھڪ مڪمل استاد ھو، شاگردن جو ڀلو چاھيندڙ ھو، ھن ھميشہ پنھنجو فرض ايمانداري سان پورو ڪيو، ڪڏھن بہ مون ھن کي ويٺي پڙھائيندي ڪونہ ڏٺو، بورڊ کي استعمال ڪرڻ ۾ کيس سڪون ملندو ھو.” سينيئر استاد سائين صيف الدين لغاري پنھنجي تاثرن ۾ لکيو ھو: "سائين جي بي وقتائتي موت اسان جي جيءَ کي جھوري وڌو آھي، سائين تمام شفيق، مھربان ۽ رھنما پڻ ھو، سندس خدمتون اسڪول، ڳوٺ خاص طور اسان استادن لاءِ ساراھ جوڳيون آهن.” سائين گل محمد زئور لکيو ھو: ھو منھنجو بھترين دوست ھو، انھي دوستي کان بہ وڌيڪ جن سان منھنجي مدتن کان شناسائي ھئي، اڄ ھن کانسواءِ نہ فقط ھڪ آئون بلڪہ پنھنجو سڄو اسڪول، استاد، شاگرد، شھري ۽ سڄو ماحول سوڳوار آهي، سندس اڻکٽ محبتون ياد رھنديون ۽ سندس بي وقت موت مونکي سڄي عمر ياد رھندي.” سائين محمد يوسف لنڊ پنھنجن تاثرن ۾ سائين کي ياد ڪندي لکيو ھو: ھن ڪوڙي دنيا ۾ اسان کي اھڙو نيڪ، باڪردار ھميشہ مسڪرائيندڙ چھرو ياد رھندو.” سائين علينواز خاصخيلي لکيو ھو: سائين ھوندو ھو تہ محفل ۾ رونق ھوندي ھئي، اڄ ھو اسان کان اھي رونقون کسي ھليو ويو آهي، ڪيترائي استاد پيا ايندا ۽ پيا ويندا پر ھي اسڪول سائين ساوڻ جو نعم البدل شايد مدتن تائين حاصل نہ ڪري سگھي.” ان وقت گورنمينٽ ھاير سيڪنڊري اسڪول چمبڙ ۾ يارھين ڪلاس ۾ پڙھندڙ ايڊووڪيٽ لال بخش لغاري پنھنجن تاثرن ۾ سائين کي ياد ڪندي لکيو ھو تہ: جڏھن آئون گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٽنڊو غلام علي ۾ اٺون ڪلاس ۾ پڙھندو ھئس تہ سائين جي ھڪ ڏينھن اسان جي ڪلاس ۾ انگيجميٽ لڳي، سائين جي اچڻ شرط مونکي ايئن لڳو تہ استاد نہ پر فرشتو آھي، سائين جي ڳالھائڻ سان محسوس ڪيم تہ استاد نہ پر ڪو مٽ مائٽ سٺو دوست پڙھائي رھيو آھي.” ان وقت گورنمينٽ ھاير سيڪنڊري اسڪول چمبڙ ۾ پڙھندڙ محمد اسلم لغاري پنھنجي تاثرن ۾ لکيو ھو: ڪيڏا نہ خوبصورت اھي ڏينھن ھئا، جڏھن سائين ساوڻ صاحب اسان جو ڪلاس ٽيچر ھو، سائين ساوڻ سنڌي جي انتقال جي دردناڪ خبر ٻڌيسين تہ ڄڻ ان ويل دل جي ڌڙڪڻ بيھي وئي ھجي، اھا گھڙي قيامت کان گھٽ نہ ھئي، اسان جون مرڪون سڏڪن ۾ بدلجي ويون، ايئن محسوس ٿيو ڄڻ سڄي دنيا اجڙي چڪي آهي.

اسان جو ھي عظيم استاد تعلقي ماتلي جي ميراڻي شھر ٽنڊو غلام جي پاڙي سيد محلي، پورھيت مکي کمون ميگھواڙ جي گھر ۾ 5 فيبروري 1966ع تي جنم ورتو. سائين ساوڻ سنڌي پٽي، پرائمري ۽ مئٽرڪ تائين تعليم پنھنجي شھر مان ئي ورتي، ھاير سيڪنڊري تعليم ماتلي ڪاليج مان 1984ع ۾ پاس ڪيائين، بي ايس سي ۽ ايم اي سنڌي جون ڊگريون ٽنڊو محمد خان ڪاليج مان حاصل ڪيائين. شاعر ۽ اديب نبي بخش ناز لکي ٿو تہ:
” ساوڻ سان منھنجي سٻنڌ ننڍي ئي عمر ۾ تڏھن ٿيو، جڏھن مون 1978ع ۾ ڳوٺان پنج درجا پاس ڪري ڇھين ڪلاس لاءِ ھاء اسڪول ۾ داخلا ورتي، ان وقت کان اسان ايم اي تائين گڏجي پڙھياسين ۽ پنھنجي مستي ۾ مست دنيوي فڪراتن کان بي فڪر ٿي گھمياسين. ھاءِ اسڪول جي تعليم کانپوءِ ماتلي ڪاليج ۾ داخلا ورتيسين. ڪاليج جي آزاد ماحول ۾ پڙھندي ۽ آزاد ڏينھن گذاريندي دنيا کي اندر جي اکين سان ڏٺوسين ۽ من کي ماٺ ڪرائڻ لاءِ اندر ۾ پيدا ٿيل ولوڙ کي شعرن ۾ اوتيندي ساڳئي سال 1983ع کان باقاعدي شاعري جي شروعات ڪئيسين.”
(حوالو: ساوڻ آيو ساٺ ڪري، صفحو 10 )

سائين ساوڻ سنڌي تعليم کاتي ۾ جونيئر اسڪول ٽيچر طور ڀرتي ٿيا ۽ پوءِ سائنس ٽيچر طور مقرري ٿيس. سائين ٽنڊو غلام علي شھر ۾ ٽيوشن بہ پڙھائي، شھر ۾ ٿيندڙ فنڪشنن ۾ ڪمپيئرنگ بہ ڪندو ھو. سائين ساوڻ سنڌي پنھنجي سروس جو گھڻو وقت گورنمينٽ بوائز ھاير سيڪنڊري اسڪول ٽنڊو غلام علي ۽ گورنمينٽ بوائز ھاير سيڪنڊري اسڪول گلاب لغاري ۾ ڏنو، جتي سائين پنھنجا ھزارين شاگرد پيدا ڪيا.

سائين ساوڻ سنڌي استاد ھئڻ سان گڏ ھڪ بھترين مقرر، ڪمپيئر، شاعر ۽ اديب بہ ھو، ھن ٽنڊو غلام علي ۾ صوبر ٽيلر جي نالي سان سلائي سينٽر بہ ھلايو. سائين جي نيازمندي ۽ نھٺائي جي ڪري ھرڪو ساڻس محبت ڪندو ھو، محنتي ۽ جفاڪش ھئڻ ڪري کيس ٽنڊو غلام علي شھري اتحاد تنظيم جو جنرل سيڪريٽري بہ چونڊيو ويو. ناز سنائي سيپٽمبر 2002ع ۾ ڪينجھر رسالو ڳوٺ نمبر ڪڍيو ھو، جنھن۾ سائين پنھنجي ڳوٺ/ شھر ٽنڊو غلام علي تي لکيل مضمون کي مضمون نويسي جي مقابلي ۾ پوري سنڌ ۾ ٻيو نمبر قرار ڏنو ويو. سائين سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو غلام علي شاخ جو سرگرم اڳواڻ بہ ٿي رھيو. نبي بخش ناز لکي ٿو تہ: "ساس ٽنڊو غلام علي کي سائين واجد ۽ مشڪور ڦلڪارو جي پنھنجي منھن ٿي وڃڻ کانپوءِ ساوڻ ئي زندہ رکيو، ھو شعرن تي ڳالھائيندو ھو تہ لفظن جي درياءَ جو بند ٽٽي پوندو ھو، موجود سڀئي دوست تبصري جي سحر ۾ گم ٿي ويندا ھئا، سندس ڳالھائڻ جي منظر کي مختيار سھتو پنھنجي غزل جي بند ۾ ھيئن عڪس ڪيو آهي ته:
اکيون سڀ حيران، سحر طاري آ،
ساوڻ پيو ڳالھائي، ٽنڊي جي ساس ۾.”
(حوالو: ساوڻ آيو ساٺ ڪري صفحو 11)
سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو غلام علي شاخ پاران سائين جي شاعري جو مجموعو "ساوڻ آيو ساٺ ڪري” 2004ع ۾ شايع ڪرايو ويو، جنھن کي ساس ٽنڊو غلام علي شاخ جي ان وقت جي سيڪريٽري نبي بخش ناز پنھنجي دوستن امر سنڌي، خاڪي جاني ۽ مختيار سھتي جي ساٿ سان مرتب ڪيو. سائين ساوڻ جي شاعري ۾ ظالم لاءِ للڪار ۽ مظلومن کي ڏڍ ۽ حوصلو ملي ٿو، اديب جي حيثيت ۾ ھن ادب جي آبياري ڪئي آهي، سماجي برايون، ظالم مظلوم، وطن جي حب، وطن تي لڳندڙ ڌاڙا ۽ رومانس سندس شاعري جا محور آھن، اندر جي اڌمن ۽ احساسن جو اندازو سندس شاعري کي پڙھي لڳائي سگھجي ٿو. سائين ساوڻ سنڌي پنھنجي دور جو ھڪ ڪميٽيڊ، انسان دوست ۽ محب وطن شاعر، اديب ۽ استاد ھو، سندن خدمتن کي ھميشہ ياد رکيو ويندو. سندس ڇپيل مجموعي ساوڻ آيو ساٺ ڪري مان ڪجھ شاعري ڏجي ٿي.

غزل
مينھن سمئہ مينگهواڙيون،
ڍنڍ مٿي جيئن آڙيون!
تنھنجي سونھن جي تہ ڪٿا،
گيتن ۾ ڪيئن واڙيون!
تنھنجا ٻول ٻريا پئي،
لفظن پاتيون ساڙھيون!
ڪينجھر ۽ مڪلي ائين،
جيئن ڪي ڀينر جاڙيون!
شاعر جي گھر جي مٿان،
روز کلن ٿيون ماڙيون!
سنڌ جي بس ڳالھ ڪري،
پوءِ پنھنجي ٿا ناڙيون!

غزل
رات ڪيڏي وڏي، صبح ٿيندو پرين!
سج ڪرڻا کڻي نيٺ ايندو پرين!
موٽ مھڻو آھي، ٽوٽ ڇاجو سڄڻ،
اوٽ تنھنجي اچي، ڪير ويندو پرين!
چاندي چؤطرف جڏھن چمڪا ڪري،
ڀاڪرن ۾ ڀري، مون کي نيندو پرين!
مون رکيو ساھ کي، آ سندء راھ تي،
ڪير ھن ڀروسي کي لوڏيندو پرين!
تون تہ ساوڻ آھين، ٿر آ تنھنجي ڳلي،
جي نہ ويندين ھلي، ڏوھ ڏيندو پرين!

نظم
برف جيان ٺري وڃون
يا ميڻ ٿي ڳري وڃون
۽ موت سان مري وڃون
ڪو ديپ ٿي ٻري وڃون!
اچو تہ گڏجي سوچيون، اچو تہ پيار پوکيون!
ٽٽي نہ تند تار جي،
گھٽي نہ رڙ ڪو ٻار جي،
چولي ڇڄي نہ نار جي
وڃي نہ ھانؤ ھارجي!
پنھنجي لوء لاءِ لوچيون، اچو تہ پيار پوکيون!
ڪو ڪنڌ ڪپي ڪمزور جو،
ڪو پر پٽي ڪنھن مور جو،
ڊھي جي گھر شھزور جو!
وري تہ ڀاڳ چور جو!!
اھڙو نظام روڪيون،
اچو تہ پيار پوکيون!
ڪا اک کڄي تہ ديس تي،
۽ کل ڪري ڪو ويس تي،
لنگي اجرڪ ۽ کيس تي
رھي نہ ڦورو ديس تي!
اھڙو تہ چنگ چوريون، اچو تہ پيار پوکيون!

آزاد نظم
ظالم
ماڻھو ڪيڏا نہ ظالم آھن
ٻن ساسين کي ويڙهائي
انھن کي
رت ۾ رڱندي ڏسي
پنھنجن جذبن ۽ تمنائن جو
پورائو ڪن ٿا.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close