ضلعي لسٻيلي جا قديم آثار-4

گل حسن ڪلمتي

سنڌ ۽ بلوچستان جي مختلف جاين تي پٿر ڇو کوڙيا ويا؟

مسافري روهي:
دريجي حب چوڪي روڊ کان عيسيٰ هوٽل، ۽ ان کانپوءِ سسئي پنهونءَ جي درگاهه لاءِ جيڪو رستو نڪري ٿو، اهو ڪچو رستو عباس اسٽاپ تائين ست ڪلوميٽر آهي. انهيءَ رستي سان عالم شاهه جي قبر کانپوءِ ڄڻن فوٽن جي هڪ روهي کُتل آهي. اها موضوع مسافريءَ ۾ هئڻ ڪري، اسان ان کي ”مسافري روهي“ جو نالو ڏنو. اها ٻين عام روهين وانگر آهي.

عباس اسٽاپ کان اڳتي پٻوڻي نئن جي ڪناري هڪ وڏي پٿر تي اٺن ۽ چپل (سواس) پاتل انساني پنڊپهڻ ٿيل پيرن جا نشان آهن، جن جو تفصيل سان ذڪر مون ۽ ڊاڪٽر رخمان گل پالاريءَ جي ايندڙ ڪتاب ”سسئي جي واٽ“ ۾ ڪيل آهي.
انهن کُتل پٿرن تي سنڌ ۾ بدر ابڙي شروعاتي ڪم ڪيو آهي. اهي وڏا اڪيلا ۽ دائري جي شڪل ۾ کُتل ڊگها پٿر حيرت ۾ وجهندڙ آهن. اهي قديم واٽن، ميداني علائقن ۽ جبلن ۾ لڳل آهن. ممڪن آهي ته انهن جو مقصد الڳ الڳ هجي، ۽ انهن مان ڪي پٿر تاريخي واقعن جي يادگار طور لڳايا ويا هجن. يادگار طور ”ماهيون“ ٺاهڻ جو رواج به الڳ سان موجود آهي.

کتل روھي (جڪين سنگ) موضع پڻيو

محققن موجب اهڙن کوڙيل ٿنڀن، پٿرن تي ۽ غارن ۾ اشوڪ جا فرمان لکيل مليا آهن. انهن تي اشوڪ جي دور ۽ ٻُڌمت بابت مواد ملي ٿو. اشوڪ؛ چندر گپت موريا جو پوٽو هو. سڪندراعطم کانپوءِ چندر گپت موريا، موريا خاندان جي حڪومت جو بنياد رکيو. هنگلاج ماتا مندر ڏانهن ويندي ڦور واري علائقي کانپوءِ سپت واري علائقي ۾ جيڪي ”بٽڻ“ آهن، انهن کي هندو ياتري ”چندر گپ“ (رام چندر جا کوهه) يا Mud volcano چون ٿا. انهن مان هڪ زمين کان چار سئو فوٽ مٿي آهي. بدر ابڙي جو خيال آهي ته، ”هي چندر گپت موريا جي نالي سان منسوب چندر گپت آهن، جنهن کي هاڻي ’چندر گپ‘ چيو وڃي ٿو.“

گپت واري علائقي ۾ چندر گپ (رام چندر کوھ)

اشوڪ ڪلنگا رياست کي تباهه ڪيو ۽ پوءِ ٻُڌمت اختيار ڪيو هئو. سنڌ ۽ بلوچستان جي انهن علائقن ۾ چندر گپت موريا ۽ اشوڪ جي اثرن ۽ ٻڌيه رياست ۾ انهن علائقن جي هجڻ ڪري، انهن کُتل پٿرن، جن ۾ گهڻائي ”اشوڪ جي ٿنڀن“ جي آهي، بابت انهن علائقن ۾ عام خيال آهي ته، ”جڏهن قبيلن ۽ رياست وچ ۾ جنگ لڳي، ته ان دوران ڪجهه قبيلن جي سردارن رياست جي هٿان پنهنجي شڪست يقيني ڏسي پنهنجو سمورو ڌن ۽ دولت زمين ۾ جنهن جاءِ تي پوريو، انهيءَ جاءِ تي نشانيءَ طور انهن اهو سوچي پٿر کوڙيو، ته جڏهن حالتون ٺيڪ ٿي وينديون ته، هو واپس اچي پنهنجي دولت ٻاهر ڪڍندا.“

انهيءَ ڪري مقامي ماڻهن ۾ جڏهن اها ڳالهه مشهور ٿي ته، انهن کُتل پٿرن جي هيٺان خزانو پوريل آهي، ته انهن دولت جي لالچ ۾ اچي اِنهن پٿرن کي ٽوڙي، ڪيرائي، ڪڍي تباهه ڪري ڇڏيو.

 

ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته، قبيلن ۽ رياستن ۾ جنهن جاءِ تي جنگ لڳي هئي، انهيءَ جاءِ تي جنگ جي يادگار طور اهي پٿر لڳايا ويا آهن. جنگي يادگار طور لڳل پٿرن کي بلوچيءَ ۾ ”چيدگ“ چون ٿا. اهڙن يادگارن کي Menhar چيو وڃي ٿو. پراڻن رستن سان لڳل انهن پٿرن جو مقصد اهو به ٿي سگهي ٿو ته، اهي انهن رستن تان ايندڙ قافلن جي ان ڄاڻ لاءِ لڳايا ويا هجن ته، جڏهن انهن رات پئي هجي يا انهن کي آرام ڪرڻو هجي ته اهڙن پٿرن لڳائڻ جو مقصد اهو هجي ته، رستي جي جنهن پاسي اهو پٿر لڳل آهي، انهيءَ پاسي ڪجهه پنڌ تي رهڻ ۽ پاڻيءَ جو بندوبست آهي.

اهو به امڪان آهي ته زمينن ۽ دنگن تي ٿيل لڙاين کانپوءِ ٿيل فيصلي بعد ”حدبندي“ لاءِ اهي پٿر لڳايا ويا هجن. اهو به آهي ته، متان قبيلن جي زمينن ۽ رياستن جي دنگ لاءِ به اهي پٿر لڳايا ويا هجن.

انهن پٿرن مان اڄ به گهڻا پٿر ”مقدس“ پٿر طور ياد ڪيا وڃن ٿا. اهي مقدس رسمن جي ادائيگيءَ لاءِ هوندا هئا. اهو به ٿي سگهي ٿو ته جنهن جاءِ تي اهي پٿر لڳل آهن، متان اها قربان گاهه هجي، تنهنڪري منهنجي خيال ۾ انهن مان گهڻا پٿر مذهبي رسمن ۽ انهن جي تعليم کي عام ڪرڻ لاءِ لڳايا ويا آهن.

انهن مان گهڻا دائري ۾ آهن، جن کي نمگو (Stonehenge) چيو وڃي ٿو. اهڙا دائري ۽ قطار وارا پٿر سنڌ ۽ بلوچستان ۾ وڏي تعداد ۾ موجود آهن. هاڻي ته انهن کي گهڻين جاين تي کروت (مسجد) ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. اهي پٿري دائره مقدس عبادتگاهه يا قربان گاهه ٿي سگهن ٿا. بدر ابڙو به انهن کي قربان گاهه يا نذرانو گاهه چوڻ جي حق ۾ آهي. اصل ۾ پٿري دائرا ۽ کُتل پٿر مذهبي ۽ ثقافتي رسمن جي ادائيگي لاءِ پراڻن وقتن ۾ جوڙيا ويا آهن.
ڪجهه پٿر لڙاين جي يادگار، زمينن جي حدبندين، تاريخي واقعن ۽ ڪنهن ماڳ جي نشاني طور به لڳايا ويا آهن.

 

انگريزن جڏهن زمين جي سروي جو ڪم شروع ڪيو ته، چوڪڙيءَ جي دنگ تي پٿر لڳايا ويا، جن کي ”ڌڙي“ چيو وڃي ٿو. اهي گهڻو ڪري گهڙيل، ٻن کان ٽن فوٽن تائين آهن، ۽ جن جي چئني پاسن کان زمين جي سروي جا نمبر به لکيل آهن.

اهڙن کُتل پٿرن بابت ڪٿي ڪٿي مختلف ڏندڪٿائون به مشهور آهن. گهڻو ڪري اهڙيون ڏندڪٿائون بزرگن ۽ الله جي ولين سان منسوب ڪيل آهي ته، اهي انهن پاران لڳايا ويا آهن. جيئن مِٽونگ سنگ بابت ڳوٺاڻن ٻڌايو ته، ”اها ڪنهن بزرگ جي لٺ هئي، جيڪا هن انهيءَ ٽڪريءَ تي لڳائي هئي. جڪين سنگ، ساڪران- حب روڊ جي لڳ جيڪا قبر آهي، ان لاءِ مشهور آهي ته اهو پٿر انهيءَ بزرگ هتي لڳايو هو. ڳوٺاڻن جو خيال آهي، اهڙن کُتل پٿرن لڳ رات جو الله جا ولي اچي ڪچهري ڪندا آهن.

قومون پنهنجي تاريخ، تاريخي اهڃاڻن ۽ ماڳن بابت فڪرمند هونديون آهن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته، انهن ماڳن ۽ تاريخي اهڃاڻن جي حفاظت ڪئي وڃي ۽ انهن بابت منجهائيندڙ سوالن جي حل لاءِ تحقيق ڪندڙن جي همت افزائي ڪئي وڃي. انهن کي حڪومت پاران اهڙيون سهولتون ملڻ گهرجن جو هو پنهنجي تحقيق جاري رکي سگهن. اهڙن ماڳن تي تحقيق ڪندڙ تَتل رڻ ۾ گرمي ۽ سرديءَ ۾ رُوح کي تڪليف ڏيندڙ رولاڪيون، پنهنجي خرچ تي ڪري تاريخ کي محفوظ ڪري رهيا آهن. اهڙي ڪٺن ڪم لاءِ حوصلي ۽ وقت جي ضرورت آهي. ان سلسلي ۾ حڪومت پاران ٺاهيل ادارن کي اڳتي اچڻ گهرجي. اهڙو تاريخي ڪم ڪندڙ فرد، ادارن جيتري اهميت رکن ٿا، تنهن ڪري ادارن کي انهن جي ڪم مان لاڀ حاصل ڪرڻ گهرجي.

(ڪاوش دنيا ميگزين ۽ ليکڪ جي ٿورن سان)



Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close