
استاد پٺاڻي خان کي ڪٿي پروگرام ۾ دعوت ملندي ھئي تہ ڪلھي تي ھارمونيم لڙڪائي ھليو ويندو ھو، ھارمونيم سندس سڀ ڪجهہ ھو۔ ان سفر ۾ ياسين نالي ھڪ شخص سدائين ساڻ ھوندو ھئس. ياسين جي منھن تي داڻا، وار ڀورا ۽ اکيون سايون ھونديون ھيون، کيس سردين ۾ ھڪ پراڻو ڦاٽل ڪمبل ۽ گرمين ۾ ھڪ ميري چادر ھوندي ھئس، جنھن سان سڄي جسم کي ڍڪي ھلندو ھو. ھو تمام گهٽ ڳالھائيندو ھو، پٺاڻي خان جي پٺيان منھن لڪائي ايئن ويھندو ھو، ڄڻ ھجي ئي نہ.. سندس جهوليءَ ۾ ڪپڙي ۾ ويڙھيل ھڪ ڪاپي ھوندي ھئي، جيڪا ڪنھن کي بہ ڏسڻ ۾ نہ ايندي هئي، جڏھن پٺاڻي خان ڳائيندو ھو تہ پٺيان ويٺل ياسين کيس ڪاپيءَ مان پڙھي ٻڌائيندو ویندو ھو، اھو عمل ايڏي صفائي۽ لِڪ ڇپ ۾ ڪيو ويندو ھو، ڪڏھن ڪنھن کي خبر ئي نہ پئي تہ پٺاڻي خان جي پٺيان ويٺل ڪو شخص کيس ٻڌائي رھيو آھي. ھو ھر محفل ۾ ھوندي بہ ڄڻ نہ ھوندو ھو.
ياسين ڪير ھو، پٺاڻي خان جو دوست، ٻالڪو، شاگرد يا ٻيو ڪجهہ؟ ھن ھڪ دفعي ٻڌايو ھو، ”سرمد سائين، راجپوت آھيان، پڙھيل لکيل ۽ کاڌي پيتي گهراڻي سان تعلق آھي ۽ منھنجي شادي بہ ڌام ڌوم سان ٿي.“
”پوءِ؟“
”پوءِ وري ڇا، ھڪ ڏينھن پٺاڻي خان جو ڪلام ٻڌم تہ گهر ٻار ڇڏي سندس پٺيان لڳس ۽ ان کان پوءِ سڀ لڳ لاڳاپا لاهي ڇڏيا اٿم ۽ ڪڏھن پٺيان مڙي نہ ڏٺو اٿم.“
”اڇا… ڇو؟“
”ڪڏھن پٺيان مڙي ڏسڻ جي نوبت ئي ناھي آئي.“
ياسين نشو ڪندو ھو پر جڏھن ھن مون کي ٻڌايو تہ نشن جو مقابلو ڪندو آهيان تہ ڏاڍو حيران ٿيو ھئس. ھا سائين ملنگ نت نوان نشا ڪندا آهن ۽ ھڪٻئي سان مقابلا بہ ڪندا آهن. مون جڏھن ياسين کان انھن مقابلن جون ڪھاڻيون ٻڌيون تہ خبر پئي وڏا وڏا موالي بہ ياسين اڳيان زاري ڪري ويندا آهن. ياسين وٽ شايد اھڙو ڪو گر يا ڪرامت ھئي، جو کيس ڪجهہ نہ ٿيندو ھو. ھو ظاھري طور تي نھايت سادو سودو ۽ معصوم ڏسڻ ۾ ايندو هو، پر سندس اندر ۾ وڏي بيچيني ھئي، ڀنگ، چرس، آفيم ھن لاءِ صفا معمولي شيون ھيون، پنھنجي جسم ۾ نانگ پيو سرڪائيندو ھو، چوندو هو ”سائين ھي نانگ ويچارا ڪيڙا ماڪوڙا آھن، اسان کي ڇا ڪندا.“ ھن نشي جو مقابلو ڪنھن کان بہ نہ ھارايو ھو، شايد نشو کيس اثر نہ ڪندو ھو.
پاڪستان جي صدر ضياءُ الحق طرفان چوڏھن آگسٽ جي تقريب ۾ ٻين فنڪارن سان گڏ پٺاڻَي خان کي بہ دعوت ڏني وئي. آئون تيرھن آگسٽ جي شام جو پٺاڻي خان کي ريلوي اسٽيشن تان وٺڻ ويس، مون سمجهو تقريب جي خوشي ۾ خان صاحب تيار ٿي آيو ھوندو پر ڏٺم اھي ئي مٽي ۾ ڀڀوت وار، وٽيل سٽيل ڪپڙا، ڪلھي ۾ ھارمونيم ۽ پٺيان ياسين ڦاٽل ۽ ميري چادر ۾ ٻانھن لوڏيندو اچي رھيو ھو.
اھا عجيب ۽ غريب رات ھئي، پٺاڻو خان اڄ ڳائي نہ رھيو ھو، لائونج ۾ آئون، پٺاڻو خان ۽ ياسين ھئاسين. پٺاڻو خان گهڻو بيچين ھو، کيس سڀاڻي جنرل ضياءُ الحق سان ملڻو ھو، ھو مون کي درخواست لکي ڏيڻ لاءِ منٿون ڪري رھيو ھو، جيڪا کيس جنرل ضياءُ کي ڏيڻي هئي. ڪاپي ۽ پينسل کڻي پٺاڻي خان جي سامھون ويٺس ۽ کيس چيم، ھا ٻڌا ڇا لکان، ان کان پھرين جو پٺاڻو خان ڪجهہ ٻڌائي ۽ لکان، ياسين ۾ جنبش پيدا ٿي، ھن پٺاڻي خان کي چيو، ”سائين تون بحري باز آھين، ڳِجهہ کان ڇا پيو وٺڻ وڃين.“ پٺاڻي خان تي ڪجهہ وقت لاءِ سڪتو طاري ٿي ويو، پوءِ ياسين کي نظرانداز ڪندي مون کان درخواست لکرائڻ لڳو، اھو ئي تہ کيس ٻارنهن ٻار آھن، ڏاڍو ڏکيو وقت پيو گذري، وظيفو مقرر ڪيو وڃي، سڄي زندگي بادشاھ کي دعائون ڏيندو رھندس.
درخواست لکڻ دوران ياسين ھڪ دفعو وري سس پس ڪئي: ”جيڪڏھن تون سچو عاشق آھين تہ عشق ڪر، عشق جو رستو سُئيءَ جو پاکو آھي، جيڪڏھن ڌاڳو آھين تہ گذري ويندين..
تنھنجو ظاھر پاڪ ۽ اندر پليت آھي ۽ پوءِ بہ تون پاڻ کي شيخ سمجهين ٿو.“
”ياسين، منھنجي جان چپ ڪر“ پٺاڻي خان ياسين کي پيار مان سمجهائيندي چيو.
”چپ ڇو ڪيان“ ياسين جي جهوليءَ ۾ پيل ڪاپي کلي چڪي ھئي، ھيءَ اھا ڪاپي ھئي جنھن ۾ شاھ حسين ۽ خواجہ فريد جو اھو ڪلام لکيل ھو، جيڪو پٺاڻو خان سڄي زندگي ڳائيندو رھيو. ”اسان کي ڪوڙي ڳالھ پسند ناھي، اسان تہ محبوب جي نالي جا گهورا آھيون.“
پٺاڻي خان کي ڪاوڙ اچي وئي، ”چوان ٿو ماٺ ڪر.“
ياسين کي مون ڪڏھن پٺاڻي خان اڳيان ڳالھائيندي نہ ٻڌو ھو، پر ھو اڄ ڳالھائي رھيو ھو، ياسين جي اندر مان ٻيو ڪو ياسين نڪري آيو ھو، ھو کليو ۽ چيائين، ”ميان سچ برداشت نٿو ٿئي، ڪيئن ٿيندو، بزدل ۽ بي ايمان سچ برداشت نہ ڪري سگهندا آھن.“
پٺاڻي خان کي گهڻي ڪاوڙ آئي پر خاموش رھيو، ھو ان وقت ڪجهہ چئي نہ پيو سگهي، ڇو تہ اھو آواز سندس ئي آواز جو پڙاڏو ھو.
اھا عجيب گهڙي ھئي. ھو شاھ حسین ۽ ماڌو لال کي سڃاڻي نہ رھيو ھو.
آئون پريشان ٿي ويس تہ ڇا ڪيان، پٺاڻي خان کي درخواست ڦاڙي اڇلي ڏيان يا ياسين سان گڏجي ويھي رھان، پر آئون نہ ياسين ھئس ۽ نہ ئي پٺاڻو خان، ھي عاشق ۽ معشوق جي گفتگو ھئي، ھي اھڙو مقام ھو، جنھن کي آئون ڏسي پئي سگهيس پر پھچي نہ پئي سگهيس.
ياسين پنھنجي وجد ۾ خواجہ فريد، شاھ حسين ۽ بلھا شاھ جو ڪلام پڙھندو پئي ويو، اھا رات ڏاڍي تڪليف واري ھئي، ياسين جو ورد جاري ھو، ھو شايد اچڻ وارو صبح ڏسڻ نہ چاھيندو ھو، اھو صبح جنھن ۾ سندس مرشد ڪنھن جي اڳيان ھٿ ٽنگي، ھو ان لمحي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. ھُو ان رات ڪلام نہ پڙھي رھيو ھو بلڪہ ايندڙ بلا کي ٽارڻ لاءِ ڦيڻو رکي رھيو ھو.
پٺاڻي خان کيس عاجزي مان چيو، ”ھاڻ ھلي سمھہ.“
ان کان پوءِ ياسين اٿيو، ڪنڍ ۾ وڃي چادر پائي سمھي رھيو.
ٻي ڏينھن صبح جو اٿيس ۽ حسب معمول لائونچ ويس تہ اتي ياسين ۽ پٺاڻو خان نہ ھئا، پٺاڻو خان تہ ايوانِ صدر درخواست ڏيڻ ويو ھوندو پر ياسين ڪيڏانھن ويو. نہ ڪجةہ کاڌائين نہ پيتائين، دعا سلام کان سواءِ ھليو ويو. مون سمجهو شام جو ٻَئي اچي ويندا ۽ پٺاڻي خان کان درخواست بابت بہ پڇا ڪندس، پر ان ڏينھن ٻنپھرن جو مون کي ڪنھن فون ڪئي ۽ اھا ڏکوئيندڙ خبر ٻڌائي تہ ياسين گذاري ويو آهي. پوءِ خبر پئي تہ جنھن وقت پٺاڻو خان ايوانِ صدر ويو، ان مھل ئي ياسين نشن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ موالين وٽ ھليو ويو ھو.
منھنجي ذھن ۾ يڪدم رات وارو منظر ڦرڻ لڳو، ياسين تہ مقابلي ۾ ڪڏھن ھارايو ئي ناھي، شايد ان ڏينھن ھن ڪو گر استعمال نہ ڪيو ھو، کيس پنھنجي مرشد جو ھٿ ڊگهيرڻ نہ وڻيو ۽ ھو مري ويو، پر ياسين جو موت ھڪ پاراتو ۽ پِٽ ھئي، ٺيڪ ٽن ڏينهن کان پوءِ جنرل ضياءُ جو جھاز ڪري تباھ ٿيو ھو.