ڪامريڊ دودو ڀيل کي ڀيٽا

ڊاڪٽر پون ارجن ميگهواڙ

ھو ھميشہ ’ڪاپڙي‘ ميگزين جا ڏھ پندرهن ڇاپا ھٿ ۾ کنيو شھر ۾ گهمندو ڦرندو شام ٽاڻي اسان جي دڪان تي اچي چانھ جي اڌڙي پيئندو ھو. آئون به ھائي اسڪول مان پڙهي منجهند جو سر ڀورو مل وٽ ٽيوشن پڙهي شام ويلي دڪان تي ايندو ھوس، بابا جي دڪان تي ڪجهہ ھٿ ونڊائڻ لاءِ شام جو وقت ئي ميسر ھوندو ھو.

اسان جي دڪان تي ڪرشن ۽ سڄڻ ڀيل نالي ٻئي ڀائر درزي ھوندا ھئا. سندس واسطو بابا سان پنجويھ سالن کان به مٿي ھو. درزيپي جي ڪم سان گڏ سياست ۾ به دلچسپي رکندڙ ھئا.
شام ويل ڪاپڙي ميگزين کڻي ايندڙ شخص محترم دودو ڀيل ايندو هو ۽ ھميشہ گفتگو ۾ نوان ۽ ڏکيا نالا پيو استعمال ڪندو ھو. انھي وقت اسان لاءِ سڀ ڪجهہ اوپرو ئي ھو، ھو ھميشه چي گويرا، لينن، مائوزي تنگ، عالمي سياست، پاڪستان ۾ ھلندڙ سياست تي ڪچھري پيو ڪندو هو.

اسان جي دڪان تي ڪچھري جو موقعو شام ويلي ھوندو ھو جڏھن سڀ اچي گڏ ٿيندا هئا، ڀلي کڻي ھو گهٽ پڙھيل لکيل هو پر ڄاڻ وسيع، صحت مند گفتگو ۽ ٺھڪندڙ بحث مباحثو ڪندو هو، اسان لاءِ اھي سڀ ڪچھريون ۽ انھن جا موضوع ڄمار جي حساب سان ھوا ۾ گذري ويندا ھئا.

يادگيريون ته ھڪ وشال ساگر آھن ڪنهن مھل ڪو پٿر اچي لڳي ٿو ته لھرن جي شڪل ۾ کوڙ سارا سنھري ڪردار لرزش ڪندا آهن، اڄ انھي لرزش ۾ محترم چاچا دودو ڀيل ياد آيو، جيڪا لرزش مون اڄ پراڻن ميگزينس کي پڙھندي ختم ڪئي.

دودو ڀيل محنتي، بي باڪ، ارڏو، ايماندار، علم سان چاھ رکندڙ، ھميشه گفتگو ۾ ھارين جي حقن جي ڳالھ ڪرڻ، انھن جي ظلم خلاف آواز اٿارڻ واريون ڳالهيون ڪندو هو، ھو رسول بخش پليجو صاحب جو سچو عاشق ۽ عوامي تحريڪ جو متحرڪ ۽ انمول ڪارڪن ھو، انھي شخص جي ھٿن جي رسالن کي ڏسندي ئي مون ۾ رسالن پڙهڻ جو شوق وڌو.

دودي ڀيل جا ٻه ڀائر جواھر لعل ڀيل ۽ ڇانگو ڀيل به منفرد ڪردار آھن، جواھر ڀيل تمام سٺو ليکڪ ۽ اديب آهي ۽ ڇانگو ڀيل زبردست آرٽسٽ آهي. نبيسر روڊ جي گهٽين ۾ ڪڏھن پاڻمرادو وڏو پٽڪو پائي "چل اڙ جا ري پنڇي” جي ڌن وڄائيندو آهي ته موسيقي ۽ سرن جا عاشق محو ٿي ويندا آهن، پر اھڙي ٽيلنٽ کي غربت سبب ڪڏھن به پليٽ فارم نٿو ملي. غربت به عجيب شئي آهي جيڪا انسان کي مفلوج ۽ مجبور بڻائي ڇڏي ٿي، جنهن سبب اسان پنھنجون خواھشون ۽ شوق ترڪ ڪري اٽي لٽي جي الڪي لاءِ جتن ڪيون ٿا.

حيدرآباد مان موڪلن سبب ڪنهن دفعي دڪان تي بابا سان ڳالھين ڳالهين ۾ دودي ڀيل جو پڇيم ته اچانڪ معلوم ٿيو ته دودو ھي جھان ڇڏي ھليو ويو آهي.. دماغ جي رڳ ڦاٽڻ سبب ھن موت کي اپنايو، بابا چئين ته سندس لاش کي عوامي تحريڪ جي جھنڊي سان سينگاري پوءِ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

پر اھڙن املھ ۽ قيمتي ڪردارن کي وري ڪڏھن به ڪنهن ميڙاڪي يا گڏجاڻي ۾ نه ئي ياد ڪيو ويو ۽ نه ئي ڪا تقريب ڪوٺائي ڀيٽا ڏني وئي، ھو پاڻ سان گڏ ڪيل پنهنجي علمي، سماجي ۽ ادبي پورهئي جا باب به بند ڪري ويو، اھا انتھائي افسوس جھڙي ڳالھ ئي چئبي ته اھڙن املھ ڪردارن کي سنھري لفظن ۾ ياد رکجي ھا ۽ ھڪ باوقار تقريب رکرائي جنهن ۾ ھڪ زبردست ڀيٽا پيش ڪجي ھا پر غربت جي لڪير ھيٺ اھڙا سوين منفرد ڪردار خاموش ٿي دٻجي ويندا آهن.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close