هو واقعي ڏاها ۽ باڪردار آهن!

حسام ميمڻ

مونکي Staying alive is not enough
وڻندو آهي،
اهو هڪ پيج آهي, جيڪو اهڙا جملا يا اهڙا لفظ يا اهڙا پيراگراف ڏيندو آهي،
جيڪي ڪڙا سچ هوندا آهن
پر سنجيدہ مشڪريءَ جي لبادي ۾!
هيءَ جيڪا تصوير آهي
مذاق آهي، مشڪري آهي
۽ ساڳي پيج جي آهي،
ان تي غور ڪيو،
ته ڇا ننڍڙو ڪتو ایئن ڪري سگهي ٿو
جيئن تصوير ۾ ڏيکاريل آهي؟
ٿي سگهي ٿو ائين ٿيو هجي
ائين ورلي ٿيندو بہ آهي
تہ ننڍڙي قد بت ۽ جسامت وارا
يا اهڙا جانار يا جيو
جيڪي ڪمزور سمجهيا ويندا آهن
اهي طاقتور تي حملو ڪندا آهن
ان جا ڪارڻ بک، بدحالي،
اندر جي ڪاوڙ
جيڪا پهاڙ ڪيرائي وجهي
يا اهڙي ڀاونا
يا ڪلپنا هوندي آهي
جيڪا طاقتور کي محسوس ناهي ٿيندي
ڇو تہ طاقتور هميشہ
ڪمزور کي ڪمزور ئي سمجهندو آهي،
ڇو تہ هو ٻين کي ڪمزور نہ ڪندو
ته پاڻ طاقتور ڪيئن ٿيندو يا سڏبو!؟
تہ ٿيڻ لاءِ هتي ڪجه بہ ٿي سگهي ٿو
موٽر وي تي ريپ
چار سالن جي ٻارڙيءَ سان ريپ
مِينهن جي ڪري خاندان ٻڏي وڃڻ
فيس بوڪ تي پاڻ کي فرشتو
ٻين کي گناهگار ڏيکارڻ…
ڪجهہ بہ ڪري سگهجي ٿو
۽ ڪرڻ وارا ڪن بہ ٿا
انهن سان ساٿ ڏيڻ وارا بہ گهٽ ناهن،
انهن جا بہ ڪي نہ ڪي مفاد هوندا
يا اهي نفسياتي طور هڪجهڙا هوندا
اصل ۾، ڪنهن جي اندر جو پتو ناهي
ڪنهن جي نيت جي خبر ناهي
تہ ڪير اصل ڇا سوچي رهيو آهي
ڪجهه ماڻهو چون ٿا تہ هو فرشتو آهي
”جنھن شخص جو دامن اھڙو ھجي
جنھن کي نپوڙجي تہ ملائڪ وضو ڪن“
تہ پوءِ اهو لکڻ مان مراد اها ٿي
ان وڌاءَ جو مطلب اهو آهي
ته اهو شخص فرشتن کان بہ وڌيڪ آهي..
ماڻهوءَ جي نفسيات آهي
هو وڌاءُ ڪندو آهي،
اجائي تعريف يا حد کان وڌ تعريف ان ڪري ڪئي ويندي آهي
جو ايئن ڪرڻ جو ڏيکاءُ ڪيو ويندو آهي
تہ فلاڻو هڪ اهڙو انسان آهي
جيڪو ڪا غلطي ڪري ئي نہ ٿو سگهي
ان ڪري فرشتا ان جي نپوڙيل پگهر مان وضو ٿا ڪن..
سولي سنڌيءَ ۾ چئجي تہ اها لٻاڙ آهي
۽ لٻاڙ  وڌاءَ کان سوا ڪجهه ناهي
جيڪا انساني ڪمزوري آهي
۽ اها لٻاڙ جڏهن ڪو ترقي پسند ماڻهو هڻي تہ
انڪري عجيب لڳندو آهي تہ
ترقي پسند، حقيقت پسند بہ هوندو آهي
هو دليل جو قائل هوندو آهي
اسان وٽ ترقي پسنديءَ جي چوغو پائي
ڪجهہ ماڻهو پنهنجا عيب لڪائڻ لاءِ چوندا آهن
تہ هو پراڻو چپل پائي هلندا آهن
پر انهن لکين ماڻهن ڏي هنن جو ڌيان ناهي ويندو
جيڪي بنا چپل جي ريتيءَ تي ٻار هلن ٿا
عورتون هتان کان هتي
مينهن جي آيل پاڻيءَ جي ڪري
ٻار ڪڇ ۾ کڻي گهمن ٿيون
تہ ڪٿي ويهجي
ڪٿي پاڻ بچائجي!
پر هو جيڪو پراڻي چپل ۾ آهي
اهو عظيم آهي
لکڻ وارا تہ پوءِ انهن کان عظيم ٿيا
جن کي انهن جو ڏک آهي
جن کي هو فرشتن کان بہ وڌيڪ ٿا سمجهن
فليش بيڪ ۾ وڃڻ جي ضرورت ناهي
حال اسان جي اڳيان آهي
فرشتي کان وڌيڪ سمجهڻ وارن معافي ورتي
ڀلي اها معافي ڪنهن Cover جهڙي هجي
ڪور جي معنيٰ آهي روپ ڌارڻ
هن دور ۾ ڪير، ڪيترا روپ ٿو ڌاري
ڪنهن جا ڪيترا چھرا آهن
سمجهہ کان ٻاهر آهي
ڪنهن جي چهري جي پٺيان ڪنهن جو چهرو آهي
خبر ئي نٿي پوي،
ٽيڪنالوجيءَ جو دور آهي
ڊبل رول ان کان بہ پراڻو آهي!
مان سوچيان ٿو
پاڻ کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ
اسين ڪيتري حد تائين وڃي سگهون ٿا
سچ تہ لاحد آهي
حد پار ڪرڻ وارا Terms جوڙيا ٿا وڃن
جيئن ”فيس بوڪي جوڌا“
اچرج جهڙي ڳالھ آهي
تہ پاڻ بہ سي سڀ فيس بوڪي ئي آهن
فيس بوڪ تي ئي لکن ٿا
سندن تشھير ۽ عالمانہ ابلاغ جو ذريعو بہ فيس بوڪ ئي آهي..
مان سوچيندو آهيان
جن کي اسين نيوٽرل سمجهندا آهيون
اهي نيوٽرل هوندا بہ آهن يا نہ!؟
ڏسڻ ۾ اچي ٿو تہ نيوٽرل بہ ڪٿي نہ ڪٿي فيس سان ئي گڏجي آڳ لڳائيندا آهن
نيوٽرل کان بغير بہ ڪم هلندو آهي ڇا؟
مان سوچيان ٿو هي اهي ٽولا آهن
جيڪي پاڻ کي ترقي يافتہ
سائنسي سوچ رکندڙ
۽ سٺو سوچيندڙ سمجهندا آهن
پر حقيقت ۾ انتهائي جذباتي ٽولا آهن
جيڪي لکين ماڻهن جي دل تہ آزاريندا
۽ ان کي سمجهداري ۽ ڏاهپ سمجهندا
پر هڪ ماڻهوءَ جي حمايت ۾
لکين ماڻهن کي چنچل ۽ چريو چوندا!
پنهنجي راءِ جو برملا اظهار ڪندا
ٻئي جي راءِ جو ڪو آڌرڀاءُ نه ڪندا!
اهي آهن ڏاها،
اهي آهن فيلسوف،
اهي آهن سمجهدار،
باقي تہ ٻيا چريا آهن!
ڇا هنن کي احساس آهي
تہ هو پنهنجي نوجوان نسل سان
ڪهڙي راند ڪري رهيا آهن
لفظ، رڳو لفاظي، رڳو وڌاءُ
مان اهڙن ماڻهن کي ڪو عملي ڪم ڪندي ناهي ڏٺو
پوءِ بہ هو اعليٰ آهن،
پوءِ بہ هو باڪردار آهن،
پوءِ بہ هو مهان آهن!!!!!

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close